اسان مان هر ڪو هٽ لسٽ تي آهي

 

جيئن جيئن دنيا جهان اسان خلاف اکيون ڦوٽاريندو رهي ٿو ۽ جيئن جيئن خارجي قوتون واڳونءَ جيان وات ڦاڙي اسان کي ڳڙڪائڻ لاءِ آتيون ٿي وڃن ٿيون ، تيئن تيئن اسان ۾ پاڻ کي ۽ هڪ ٻئي کي موت ڏيڻ لاءِ من ۾ مانڌاڻ پيدا ٿي وڃي ٿو.اسان جيڪڏهن هڪ ٻئي سان دشمني نه ٿا ڪيون ته آرام ڪو نه ٿو اچي. اسان جيڪڏهن ڪنهن جون پاڙون ڪونه ٿا پٽيون ته سڪون نه ٿو ملي. وڏي عرصي کان وٺي اسان جو معمول اهو ئي رهيو آهي. ايئن ٿو لڳي ڄڻ اسان ڄاوا ئي پنهنجن جا ترا ڪڍڻ لاءِ آهيون.

انوکي ڳالهه اها آهي ته هڪ ٻئي سان دشمني ڪرڻ لاءِ اسان کي ڪنهن جواز ۽ سبب جي ضرورت ڪانه پوندي آهي. بس اسان کي هڪ ٻئي سان دشمني ڪرڻي هوندي آهي. ايئن هر ڪو هڪ ٻئي جو دشمن لڳو پيو آهي . پوءِ ڀلي ته ڪنهن جي فرشتن کي به خبر نه هجي، بلڪ ڪوئي پاڻ به نه ڄاڻندو هجي. خبر تڏهن پوندس جڏهن پيرن هيٺان ڌرتي ڇڏائي ويندس.

اسان مان هر ڪو هڪ ٻئي جي هٽ لسٽ تي ڇو آهي؟ اهو اسان جي قومي نفسيات سان لاڳاپيل اهم سوال آهي. انهيءَ سوال جي جواب تلاش ڪرڻ کان سواءِ ڪوبه علمي، ادبي، نظرياتي، مذهبي ۽ سياسي اڳواڻ قوم کي پاڻ سان گڏ ڪري ۽ گڏ کڻي منزل طرف گامزن ٿي نه ٿو سگهي.

اسان جو پنهنجن سان نه راهه مولا ۽ نه وري راهه رسول دشمني ڪندا آهيون ، ان جو هڪ بنيادي ڪارڻ هي آهي ته اسان ڪنهن کي لئه ڪرڻ ڪونه ڏيندا آهيون . ڪو جيڪڏهن قلم کڻي قوم جي خدمت ڪندو آهي.ڪو جيڪڏهن ترَ جي پير يا امير جي اجائي حاضري نه ڀريندو آهي. ڪو جڏهن عوامي ڀلائيءَ جي ڳالهه ڪندو آهي ته اسان مٿس اهو الزام هڻندا آهيون ته ” همراهه هٿن کان نڪتو پيو وڃي.“ انڪري ان جي آڪڙ لاهڻ گهرجي. اهڙيءَ ريت شل ڪو غريب اڇا ڪپڙا پائي نه هلي ۽ ڪنهن نه ڪنهن ڳڻ ڪارڻ سندس عزت ۽ احترام نه ٿيڻ لڳي . اسان مٿس بهتان هڻڻ لڳنداسين ته ”همراهه مفت ۾ پيو لئه ڪري.“ پوءِ هن جي لئه ڊاهڻ جو جوڳو بندوبست ڪنداسين ۽ هن جا اهڙا ته دشمن ٿي پوندا سين جو پيو ڏينهن جا تارا ڏسندو .

اسان پنهنجي چوگرد نظر ڦيرايون . اسان کي هر انهيءَ ماڻهوءَ خلاف نفرت جا طوفان نظر ايندا، جيڪو ناجائز طريقي سان ڪنهن جا انگل پورا نه ٿو ڪري، اسان کي هنڌين ماڳين اهو ماڻهو بدنام ٻڌايو ويندو جيڪو هزارين چڱايون ڪندي ڪنهن سان ڪنهن لاچاريءَ ۽ مجبوريءَ سبب ڪو هڪ دفعو چڱائي ڪري نه سگهيو هوندو .

اسان جو عوام نه ڪيل گناهن جون سزائون ڀوڳيندو رهي ٿو. اهو ماڻهو قرار ۾ ڪونهي جنهن جا لٽا ڪپڙا اڇا آهن ۽ جيڪو جهوپڙيءَ بدران ڪنهن ڪچي جاءِ ۾ رهي ٿو.جيڪو اکيون ٻوٽي ڪنهن جي حڪم جي پيروي نه ٿو ڪري، جيڪو ڀلي ۽ بري جي تميز رکي ٿو ۽ جيڪو پنهنجو ۽ قوم جو استحصال ڪرڻ نه ٿو ڏئي ۽ جيڪو ڏوهه کي ڏوهه ۽ چڱائي کي چڱائي چئي ٿو. اسان جيڪڏهن ڪنهن کي فڪري آزادي ڏيڻ لاءِ تيار ڪونه آهيون.اسان جڏهن پنهنجن کي اختلاف جو حق ڏيڻ لاءِ تيار ڪونه آهيون.اسان جيڪڏهن ڪنهن کي جائز لئه ڪرڻ جي اجازت ڏئي نه ٿا سگهون، اسان جڏهن ڪنهن کي ”مادي ترقي“ ڪندي ڏسي برداشت ڪري نه ٿا سگهون ته پوءِ قومي ڀلائي جي نالي ۾ اسان جي جاکوڙ ڇاجي لاءِ آهي؟ ۽ ڪنهن جي لاءِ آهي؟ پوءِ اديب جيڪڏهن ڪتاب لکي ته هن رنڍا نه روڙيا ته ٻيو ڇا ڪيو؟ پوءِ جيڪڏهن سماجي ڪارڪن ڪٿي اکين جي ڪئمپ هڻائي ته ڇا ٿيو؟ پوءِ جيڪڏهن ڪنهن سياستدان قوم جي سورن تي ڳوڙها وهايا ته ڇا ٿي پيو؟

اهڙيءَصورتحال ۾ اسان جو هر قلم ڌڻي ، هر ڪو سماجي ڪارڪن۽ هر ڪو سياستدان ايئن ڪري رهيو آهي، ڄڻ کوهه ۾ مئل ٻلو موجود آهي ۽ هو ٻه ٽي سو باٽليون پاڻيءَ جون ڪڍي دل ئي دل ۾ خوش ٿي رهيو آهي ته ايئن ڪرڻ سان هو کوهه کي پاڪ ڪري ڇڏيندو.

اسان جي اديبن، سماجي ڪارڪنن ۽ سياستدانن جو انهيءَ ڪري دڪو داخل نه ٿو ٿئي ۽ هنن جي ڳالهه ۾ ان ڪري اثر پيدا نه ٿو ٿئي جو هو سماج جي داخلي خلفشارڏي توجهه نه ٿا ڏين. اسان مان هرڪو جو هينئن اهڙي عذاب جي اوڙاهه ۾ رجهي رهيو آهي ، ۽ اسان جو هنئن هڪ ٻئي جون ٽنگون ٻانهون ۽ سسيون لڻي رهيا آهيون ته ڪنهن به اسان کي هن آپگهاتي عمل کان روڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. اسان جهڙوڪ ايئن پيا ڪيون ته ڪو غير اسان کي نه ماري باقي اسان هڪ ٻئي کي ڀلي ته گجر جيان ڪٽيندا رهون.

ڪنهن خارجي مثبت تبديلي آڻڻ يا ان لاءِ ڪوشش ڪرڻ کان اڳ ”داخلي تبديلي“ نهايت ضروري ۽ اهم آهي. اسان جي سماج جي وجود کي اندران ئي اندران داخلي خلفشار، اجائي اختلاف ۽ بنا سبب دشمنيءَ واري ٽي بي وڪوڙي چڪي آهي ، ۽ اسان جو زور وري انهيءَ مريض جي هٿ منهن ڌوئڻ تي رهيو آهي. هي اسان جي عوام دوست ۽ ڌرتيءَ دوست ساٿين لاءِ هڪ اهم ايجنڊا آهي، انهيءَ کي نظر انداز ڪرڻ اسان سمورن جي ناقابل تلافي غلطي ٿيندي. اسان پنهنجي گهر ۾ موجود نانگ کي کير پيئاري، گهر ۽ در کان ٻاهر نانگ کي مارڻ سان بچي نه ٿا سگهون. ان ڪري اسان کي اڳ ۾ اها هٽ لسٽ ڦاڙڻي پوندي، جنهن ۾ هر ڪنهن جو نالو لکيل آهي، جيڪا اسان پاڻ ٺاهي آهي.

(ڪالم ”ڌرتي - ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ، تاريخ : 04.04.1995)

 

 

 

 

Good Wishes