Menu

شخصيت

ڀڳت ڪنور رام : هڪ انسان دوست فنڪار

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

27-06-1996

          امر ڀڳت ڪنور رام جي مرتبي کي اڌ صديءَ کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي . هن سنگيتڪارن جي سردار تي انهي عرصي دوران ايترو نه لکيو ويو آهي ، جيترو غالباََ سنڌ ۽ هند جي ٻئي ڪنهن سنگيت ڪار تي لکيو ويو آهي . شري شامداس پهريون ليکڪ هو جنهن 1941 ع ۾ ڪتاب لکيو ،1957 ع ۾ تيرٿ بنست ۽ 1964 ع ۾ تلسيداس تلريجا جن معياري ڪتاب لکيا . تازو ڪنيا لعل تلريجا جيڪو قلمي پورهيو ڪيو آهي ، ان جو ته مثال ئي ڪونهي .

ڀڳت ڪنور رام 1885 ۾ ڄائو ۽ نومبر 1939 ع ۾ ، 54 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين .1939 ع کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين مٿس ڪيترا مقالا لکيا ويا ،

اخبارن رسالن ايڊيٽوريل لکيا ۽ شاعرن ڪلام چيا . سندس سوانح نگارن هن جي حياتي جي هر روپ تي لکيو آهي ، بلڪ خوب لکيو آهي . انهيءَ تي مواد اٿلائڻ مان هر ڪو آساني سان اندازو لڳائي سگهي ٿو ته ڀڳت ڪنور رام اهو امر انسان هو ، جنهن کي جيڪڏهن سنڌي ماڻهپي جو مظهر رکي انسانن جو دلدار سچو سنت ۽ ڀلارو ڀڳت چئجي ته ڪو به وڌاءُ ڪونه ٿيندو . راءِ ڏياچ ساز ، سر ۽ آواز تي سر ڏنو پر ڀڳت ڪنور رام ساز وڄائي ۽ سر ٻڌائي پاڻ سر ڏنو هو . يعني راءِ ڏياج به پاڻ ٿيو ته منڱتو به پاڻ ٿيو.

ڀڳت ڪنور رام جي درويشي ۽ انساني دوستي جون ڳالهيون اڄ به ماڻهو وڏي واڪ ٻڌائن ٿا . هو ذات پات جي مت ڀيد کان تمام گهڻو مٿي هئو . هو انسان دوست هئو ، ان ڪري دين ڌرم جا ويڇا وساري ڇڏيا هيائين . مسلمانن جي مدد ڪرڻ ۾ به گهڻن مسلمانن کان اڳرو هو . هو عجيب انسان هو ، جڏهن به ڪنهن ڏانهن چٺي چپاٽي لکندو هو ته نالي کان اڳ “اوهان جو داس” ضرور لکندو هو . دنيا کان اهڙي ته دل کنيل هئس جو شادي جي موقعي تي جيڪي لٽا ڪپڙا تحفي ۾ مليس سي ڏياريءَ جي ڏينهن تي غريبن کي ڏئي ڇڏيائين . ڪو سوالي وڙهي پوندو هئس ته پرڀاتي پل ڀريندو هئس . هن سادي ۽ سچي ماڻهو پاڻ کي اهڙي طرح ته عام ماڻهن جهڙو ڪيو ، جو اڪثر ڪري اوپرا ۽ اڻ ڏٺل ماڻهو کيس سڃاڻي به ڪونه سگهندا هئا ۽ کانئس اچي پڇندا هئا ته ڀڳت ڪنور رام ڪٿي آهي ؟

ساڻس ملڻو آهي .

حقيقت اها آهي ته اوپرا ماڻهو ته ڇا پر کيس پنهنجن به ڪونه سڃاتو . سچ پچ ته سنڌين کيس ڪونه سڃاتو. جي سڃاڻنس  ها ته ائين نه ماريو وڃي ها . منهنجي خيال ۾ امر ڀڳت انهن عظيم انسانن مان هڪ هئو ، جيڪي پاڻ ماري کي زندھ ڪندا آهن ، جيڪي قوم مان هوندا  آهن ، قوم لاءِ هوندا آهن ، پر قوم  هنن جي ويري بڻجي پوندي آهي . اهو انساني تاريخ الميو رهيو آهي .

ڀڳت ڪنور رام جي حياتي ۽ خدمتن تي لکڻ ۽ ڳالهائڻ کان علاوھ هڪ اهم موضوع ٻيو آهي ، جنهن تي گهٽ لکيو ۽ ڳالهايو ويو آهي . اهو موضوع ۽ مسئلو هي آهي ته ڀڳت ڪنور رام ڇو ماريو ويو ۽ سندس ڏوھ ڪهڙو  هو؟

حقيقت هي آهي ته سنڌ ۾ هندو ۽ مسلمان جڏهن جڏهن هڪ سڪي  جا ٻه پاسا ٿي رهيا تڏهن دنيا وارن سنڌ ۽ سنڌين کي کوٽو سڪو ڪو نه ڄاتو . مذهبي رواداري ۽ انسان دوستي سنڌ جو خمير ۽ ضمير رهيو آهي . هن ڌرتي تي هندو ۽ مسلمان جڏهن به کير کنڊ ٿي رهيا آهن تڏهن دنيا سندن قدر ڪيو آهي .

انگريزن جي ابتدائي دور بلڪ خلافت تحريڪ جي خاتمي تائين سنڌ جي سمورن سپوتن ايڪي ۽ اتحاد پيار ۽ ڀائيچاري جا مثال قائم ڪيا . انگريزن جي چرچ تي تنهن زماني ۾  چرچ مشن

 سوسائٽي اسلام خلاف ڪتاب ڇپرائڻ شروع ڪيا ته هندن به هن ناپاڪ تحريڪ جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو. شري لالچند امر ڏني مل انهي ڪري ئي “ محمَد  رسو ل الله صه” نالي ڪتاب لکيو . سنڌ جي ڪيترن غير مسلم ليکڪن جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا ، جن اسلام ، اسلامي تعليم ۽ تاريخ تي  مثالي ڪم ڪيو . ليلارام وطڻمل کان وٺي ڊاڪٽر گربخشاڻي تائين ليکڪن جا اڻ ڳڻيا ڪتاب موجود آهن جن ۾ قرآن حديث ۽ تصوف تي بهتر نموني سان لکيو ويو آهي . سنڌ جي ڪيترن مسلمان ليکڪن اهڙي ريت هندو ڌرم ۽ ان جي پوئلڳن جي حق ۾ لکيو آهي .صدين کان وٺي سنڌ جي هندو  توڙي مسلمانن جا زيارت گاھ ۽ احترام جون گاديون ساڳيون رهيو آهن ، مذهبي ڪٽر پڻو هتان ڪڏهن به نه گذريو آهي .

انگريز سرڪار نه فقط سنڌ جي مذهبي رواداري ۽ انسان دوستي جي روايتن کي پنهنجي لاءِ ڪنڊو  ڄاتو ، پر هي ڳالهه به نوٽ ڪيائون ته ننڍي کنڊ جي سموري سياست جو ذهن سنڌ مان فراهم ٿئي ٿو . جڏهن ڪانگريس ٿي جُڙي ته ان جي پهرين گڏجاڻي ۾ سنڌي موجود آهن ، جيڪڏهن مسلم ليگ قائم ٿئي ته به اڳواڻي سنڌين کي ملي ٿي .هنن جتي سيٺ هرچند راءِ  وشنداس کي ڏٺو اتي رئيس غلام محمد ڀرڳڙي به نظرآين . انگريزن ڏٺو ته جليانه والا باغ جو ڪيس ٿيو ته سنڌ جا هندو توڙي مسلمان اسپيشل ٽرين ڪرائي پنجابين جي دلداري ۽ مدد ڪرڻ ويا . انگريزن ڏٺو ته سندن سرڪار  خلاف پهريون عدم تعاون نالي فيصلو سنڌ ۾ ٿيو ، نه فقط فيصلو ٿيو ، پر سنڌين انهي تي عمل به ڪري ڏيکاريو . خلافت تحريڪ ، هجرت تحريڪ ۽ عدم تعاون واري تحريڪ ۾ هندو مسلم اتفاق ۽ اتحاد ڏسي انگريزن جون ننڊون ڦٽي ويون . پوِءِ اسان کي انهن جي نظر کائي وئي. هنن“ ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو” واري حڪمت عملي اختيار ڪئي . اسان جي وڏڙن مان ڪيترا هندو توڙي مسلمان هنن جي  ڳالهين ۾ اچي ويا . ڏسندي ڏسندي رهبري ۽ رهنمائي ڪندڙ قوم پاڻ کي ٻين جو مريد بڻائي ويٺي . اسان جي وڏڙن پنهنجون ڏاڙهيون ۽ چوٽيون ٻين جي هٿن ۾ ڏنيون ، پنهنجا ۽ پنهنجي گهر جا مسئلا ٻين کي نبيرڻ لاءِ ڏنا . سنڌ جي بمبئي کان علحدگي جو  مسئلو هجي يا سنڌ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي ڳالهه هجي ، هر موقعي تي اسان جي وڏڙن ڌارين کي پڪاريو ۽ ٻين کان مدد پني ۽ غيرن کي گهر جا اڱڻ ڏيکاريا  . نتيجو اهو نڪتو ته سنڌ سياسي تجربيگاھ جي صورت اختيار ڪئي ۽ اسان جا اڳواڻ سنڌ ۽ سنڌين جي آواز بدران ٻين جي زبان بڻجي ويا . هنن ٻين لاءِ ٻوليو ۽ ٻين هنن کي پنهنجي مطلبن لاءِ اشارن تي نچايو . تنهن دور جي هندو توڙي مسلمانن اهڙي ئي ناعاقبت انديشي جو مظاهرو ڪيو .

سنڌ جي تاريخ انهيءَ ڳالهه جي شاهدي ڏئي ٿي ته نه ته شُڌي تحريڪ سنڌ جي سرزمين جي پيداوار هئي ۽ زمين نه وري انجمن حمايت الا سلام جي بنياد ئي ڪو سنڌ ۾ پيو . سنڌين پنهنجي عقل تي پاڻ پٽيون ٻڌي الائي ڪيترن مذهبي ۽ سياسي تنظيمن جون شاخون سنڌ ۾ کوليون . سنڌ ۾ انهن جون شاخون کليون ، ڄڻ پوٽيون ڏاڏين کي ماري ويون . ڏاچي هڻي ڏھ ته توڏو هڻي تيرهن واري ڳالهه ٿي پئي . ننڍي کنڊ ۾ هندن ۽ مسلمانن جتي پاڻ ۾ ڄنڊا پٽ شروع ڪئي ، اسان جي وڏڙن اکيون ٻوٽي ان جو ٻوٽو سنڌ ۾ پوکيو .

سنڌ جي هندو توڙي مسلمانن جڏهن اڳواڻي ڇڏي پوئلڳي اختيار ڪئي ته اسان جي سياست مذهب ۾ بدلجي وئي ۽ مذهب خواھ ڌرم ڪٽرپڻي جو نالو ٿي پيو . ان کانپوءِ انيڪ قهري ڪيس ٿيا ، قدرن کي پائمال ڪيو ويو  ، اصولن جون اکيون ڪڍيون ۽ نظرين کي پيرن هيٺان لتاڙيو ويو . صديون اڳ سنڌ ۾ وحشتپڻي جو اهڙو دور آيو ته مسلمانن قرآن شريف وچ تي آڻي ٺاھ ڪري شاھ عنايت کي شهيد ڪيو . انگريزن جي دور ۾ وحشتپڻي جو اهو دور آيو جو ڀڳت ڪنور رام  جهڙا ڪونڌر ڪٺا ويا ۽ سنڌ ۾ هندو مسلم فساد ٿيا .     

   ڀڳت ڪنور رام کانپوءِ هاسارام پمناڻي ۽ الله بخش سومري جي شهادت ٽيئي سياسي قتل هئا . آڱرين تي ڳڻڻ جيترن سنڌ جي باشعور هندو توڙي مسلمانن هنن حادثن ۽ سانحن کان سنڌ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر وقت جي وير وهي چڪي هئي . ماڻهن جي اکين ۽ عقل تي پٽيون ٻڌجي چڪيون هيون .

ان دور جي هڪ هندو شاعر کيئلداس فاني جون دانهون ته ٻڌو ! چئي ٿو مسلمان توکي نبي جو قسم ، نبي پاڪ جي بندگي جو قسم

هندو توکي راڌا پتي جو قسم ، اکنڊ آرتي استتي جو قسم

سڄڻ ساڻ رھ سڪ سلوڪت رکي ، نه ڪر درشٽ کي پرشٽ غيرت رکي .”

اهڙي ريت ان دور جي هڪ مسلمان شاعر جو آواز ٻڌو . چئي ٿو :

وطن آھ مشڪل ۾ مشڪل کي ٽار ، مسلمان هندو جو ويڇو وسار،

سدا ديس جو گهڻگهرو ٿي گذار ، مسلمان هندو جو ويڇو وسار.”

ڀڳت ڪنور رام نالي ڀڳت ۽ ٺلهو سنت ڪونه هو . هو صحيح معنيٰ ۾ انسان دوست ديش ڀڳت هو . هن هندو ۽ مسلمان کي هڪ نظر سان ڏٺو . هر ڪنهن سان ڳالهايائين ته هٿ جوڙي . هن ۾ ماڻهپو ته هو پر وڏائي ڪانه هئي . هو محسوس ڪري چڪو هو ته جنهن انسان جي هو خدمت ڪري رهيو آهي ان جي حيثيت ۽ عظميت خطري ۾ آهي . هو جنهن امن ۽ سڪون قائم ڪرڻ جا جتن ڪري رهيو آهي انهي خلا ف ڪات ڪهاڙا کنيا پيا وڃن .

هن عظيم انسان جو روح تڙپڻ لڳو هو . هو هنڌين ماڳين ڳائيندو رهيو ته ڪيئن پرچايان توکي ، ڇير چمڪايان يا گهنگهرو پايان .” پر تنهن دور جا هندو توڙي مسلمان پرچڻ وارا ته هئائي ڪٿي !

شايد اهو محسوس ڪندي سندس اندر واري انسان ڪانگن کان پڇڻ شروع ڪيو:“ آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه ، مون سان پنهنجي ماروئڙن جي” پر مارو ته ٻين جي ڏٽن تي لڳي چڪا هئا . هنن اهي ڪن ئي ڪپائي ڇڏيان هئا .جن سان حق ۽ سچ ٻڌي سگهبو آهي . 11 آڪٽوبر 1937 ع تي سکر ۾ ظفر علي خان تقرير ڪري ٿو ۽ ٻاهران اچي سکر واسي مسلمانن کي ٻڌائي ٿو وڃي ته مسجد منزل گاھ مسلمانن کي ملڻ گهرجي نه ته ٻي صورت ۾ تحريڪ هلائجي . ان کان پوءِ اها تحريڪ هلي ٿي . ساڳيو ئي قربدار سنڌ کان ٻاهر انهي سلسلي ۾ وڏا جلسا ڪندو رهي ٿو ۽ هندستان جي ڏھ ڪروڙ مسلمان کي هن مسئلي تي سول نافرماني ڪرڻ جي تائيد ڪندو رهيو . سنڌ پراونشل مسلم ليگ ڪانفرنس جي موقعي تي شير بنگال فضل الحق تي ظاهر ڪيو ويو ته سنڌ جا هندو اسان وٽ ذمي طور آهن . جيڪڏهن مسلمانن سان ٻين پرڳين ۾ هندن چڱو برتاءُ نه ڪيو ته اسين سنڌ جي هندن کي ستائينداسين “ اهڙي ريت هندو سڀا ۽ ڊاڪٽر ملجئي سکر جي هندن کي چيو ته اوهان سان جيڪي اهنج آهن تن جي ياداشت ڏيو ته اسين مسلمانن کان هندو گهڻائي وارن پرڳڻين ۾ وير وٺون .”

ايئن اهڙي ريت سنڌ ۽ ماڻهپي کي قرباني جو ٻڪر ٻڻايو ويو . ان لاءِ سکر جي چونڊ ڪئي وئي ۽ مسجد منزل گاھ جو مسئلو اڀاريو ويو . 18 آگسٽ 1939 ع تي سڄي سنڌ ۾ “يوم منزل گاھ مسجد” ملهايو ويو ساڳئي عرصي دوران مولوي عبدالرحيم کي ماريو ويو . حالتن جي ستم ظريفي هن کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته مسجد منزل گاھ واري ستياگرھ ۽ ڀڳت ڪنور رام جي شهادت جا ٻئي واقعا ساڳئي ڏينهن تي ٿيا . ان کان پوءِ هن تحريڪ 141 مسلمانن کي اجل جو شڪار بڻايو . 164 گهر سڙيا ۽ 467 گهر لٽيا ويا . ڀڳت ڪنور رام  ان کانپوءِ نفرتن جي ان باھ جو شڪار ٿي ويو . هن مسڪين فنڪار سنت ۽ انسان دوست انسان کي تعصب جي اڏيءَ تي قتل ڪيو ويو . ڀڳت ڪنور رام جو رت اڄ به سندس ڳايل گيتن مان ٻاهر اچي ٿو ۽ باشعور ماڻهن جي روح ڏانهن ريلو ڪري ٿو.

 

سنڌ جي ڳچيءَ ۾ ون يونٽ جو وبال وجهندڙن جو وچور

 

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

خلافت تحريڪ کانپوءِ سنڌ ۾ جيڪا وڏي پئماني تي عوامي تحريڪ هلي ، اها ون يونٽ خلاف تحريڪ هئي . هن تحريڪ تي سائين جي ايم سيد کان سواءِ ڪنهن ٻئي سياستدان محقق قلم کڻڻ گوارا نه ڪيو ، ڇو ته اهي ئي پنهنجي پيرن تي ڪهاڙي هڻڻ وارا هئا ۽ پوءِ ڪيئن پنهنجي ڪارنامن تان پڙدو کڻن ها ؟! ون يونٽ ٺاهڻ جو آڳاٽو سرڪاري بيان 22 نومبر 1954 ع تي ، تڏهوڪي ملڪي وزير اعظم ڏنو هو ، ان کانپوءِ سمورين اسيمبلين کان پهرين پنجاب صوبي جي اسيمبليءَ 30 نومبر 1954 ع تي  ٺهراءُ پاس ڪري ، ون يونٽ جي حمايت ڪئي ، ان کانپوءِ 11 ڊسمبر 1954 ع تي سنڌ اسيمبليءَ پير تي دونڪو هڻي ون يونٽ جي نه فقط حمايت ڪئي ، پر سنڌ لاءِ ان کي ترقيءَ ۽ خوشحالي جي بند ٿيل دروازن کولڻ جي ڪنجي قرار ڏنو . 11 ڊسمبر 1954 ع تي اسان جي سياستدانن سنڌي قوم تي ڪهڙا قرب ڪيا ؟ ان کان اڳ ضروري آهي ته پاڪستان ڪانسٽيٽيوئنٽ اسيمبليءَ ۽ مغربي پاڪستان جي اسيمبليءَ جي ڪن ڪاررواين ۽ فيصلن جي به نشاندهي ڪريون . ته جيئن هن موضوع تي وڌيڪ تحقيق ڪندڙن کي اهو مواد ڌيان ۾ رهي ، جيڪو شايد سندن خيال ۾ تڪڙو نه به اچي .

·      20 ڊسمبر 1955 ع تي ڪانسٽيٽيوئنٽ اسيمبليءَ ۾ ون يونٽ تي بحث ڪرڻ دوران سردار عبدالرشيد مطالبو ڪيو هو ته قلم ۽ قانون سان “ون يونٽ” مڙهڻ بدران ريفرينڊم  يا ٻئي ذريعي سان عوامي راءِ معلوم ڪئي وڃي .

·      23 سيپٽمبر 1955 ع تي انهيءَ اسيمبليءَ پاڪستان جي گورنر جنرل کي ون يونٽ جي حوالي سان مڪمل اختيار ڏنا.

·      30 ڊسمبر 1955 ع تي ساڳي اسيمبليءَ ون يونٽ بل پاس ڪيو . بل جي حق ۾ 43 ووٽ ۽ مخالفت ۾ 13 ووٽ پيا .

·      آڪٽوبر 1955 ع ۾ ون يونٽ نافذ ڪيو ويو ۽ مشتاق گورماڻي کي پهريون مغربي پاڪستان جو گورنر ۽ ڊاڪٽر خانصاحب کي پهريون وڏو وزير مقرر ڪيو ويو .

·      18 ڊسمبر 1957 ع تي مغربي پاڪستان جي اسيمبلي نيشنل عوامي پارٽيءَ جو اهو ٺهراءُ منظور ڪيو ، جنهن ۾ ون يونٽ ٽوڙڻ لاءِ چيو ويو هو ،

·      24 ڊسمبر 1957 ع تي مغربي پاڪستان جي وزارت فيصلو ڪيو ته “ون يونٽ” بدران صوبن جي فيڊريشن قائم ڪئي وڃي .

·      25 سيپٽمبر 1957 ع تي مرڪزي سرڪار منجهي پئي ته ون يونٽ ٽوڙجي يا نه ؟

·      28 سيپٽمبر 1957 ع تي دستاويز پڌرا ڪيا ويا ، جن ۾ اهو ڄاڻايو ويو ته مسلم ليگ جماعت جي ڪهڙن اڳواڻن ون يونٽ جي مخالفت ڪئي ۽ ڪهڙن حمايت ڪئي ؟

·      28 نومبر 1969 ع تي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ صدر جنرل يحيٰ واعدو ڪيو ته هو ون يونٽ کي ٽوڙيندو.

هنن اشارن ۽ حوالن ڏيڻ جو مقصد اهو هو ته ون يونٽ جي حق ۽ مخالفت ۾ جيڪا صورت حال سنڌ کان ٻاهر سرجي رهي هئي . اها به اسان کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي .

سنڌ جي پهرين اسيمبلي اپريل 1937 ع ۾ وجود ۾  آئي ۽ هن وقت اسان تيرهن اسيمبليءَ جي ڇانو ۾ وسرام ڪري رهيا آهيون ، جيڪا 18 فيبروري 2008 ع تي قائم ٿي هئي . جنهن اسيمبليءَ  اسان تي ون يونٽ مڙهڻ جا قهري قرب ڪيا ، انهيءَ 12 سيپٽمبر 1953 ع تي جنم ورتو ۽ 14 آڪٽوبر 1955 ع تي موڪلائي وئي. ان سلسلي ۾ اها اسان جي چوٿون نمبر اسيمبلي هئي . هن اسيمبليءَ ۾ جملي 112 ميمبر هئا ، ان جي حياتيءَ ۾ پهريون پيرزادو عبدالستار وڏو وزير ٿيو ، جنهنجي وزارت کي ان ڪري ڊاهيو ويو ته جيئن مرڪزي سرڪار کي اسيمبليءَ مان يونٽ جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪرائڻ ۾ آساني ٿئي . هن کان پوءِ خان بهادر محمد ايوب کهڙو وڏو وزير ٿيو ، جنهن جي وڏ وزارت 9 نومبر 1954 ع کان وٺي 13 آڪٽوبر 1955 ع تائين هلي . سندس ئي ايامڪاريءَ ۾ اسان جي وڏڙن سندس سرپرستيءَ  ۾ ون يونٽ جو ڳٽ ڳچيءَ ۾ وجهڻ قبول ڪيو . خانبهادر محمد ايوب کهڙو ، اهو ارڏو سياستدان هو ، جنهن ڪراچيءَ کي وفاق حوالي ڪرڻ واري مسئلي تي بهادريءَ سان جهيڙو جوٽيو ۽ انهيءَ حوالي سان لياقت علي خان کي اهو چئي ڏنو ته جيڪڏهن اسان کي خبر هجي ها ته پاڪستان ٺاهڻ جي اسان کي ايڏي وڏي سزا ڏني ويندي ۽ سنڌ جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪئي ويندي ته شايد اسان ٻيو ڪُجهه سوچيون ها . انهيءَ ارڏي ماڻهوءَ ڌڙ ڏيڻ تي ته جهيڙو ڪيو ، پر سڄي سنڌ کي ون يونٽ جو ويس پهرائي ٻين جي حوالي ڪيو ، ليڊر آف دي هائوس جي حيثيت ۾هن جيڪا ايوان ۾ تفصيلي تقرير ڪئي ، ان ۾ پنجاب جا ڳڻ ڳائيندي چيو ته ، “پنجابي آدم شماريءَ ۾ اسان کان گهڻا آهن ، پر هنن جي اها مهرباني چئبي ته 60 سيڪڙي جي حق بدران فقط اهي 40 سيڪڙو مغربي پاڪستان اسيمبلي ۽ اختيار ۾ حصو وٺندا ” سندس اها تاريخي تقرير ٻيهر ڇپجڻ جي لائق آهي . هن سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت لاءِ فرمايو ته انهن کي ڪوبه خطرو ناهي . ان جي برعڪس سنڌي ٻولي پاڪستان سڄي جي ٻولي بڻبي .

اسيمبليءَ مان ون يونٽ جي حق ۾ بل پاس ٿيو . ان ڏينهنن تي هڪ ميمبر شفقت حسين موسوي موڪل تي هو . 98 ميمبرن حق ۾ ۽ چئن ميمبرن بل جي خلاف ووٽ ڏنو . مخالفت ۾ ووٽ ڏيندڙ هئا . عبدالمجيد جتوئي ، غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي ، پير الاهي بخش ۽ خورشيد احمد شيخ جن “ محسنن ۽ مهربانن” دل کولي خوشيءَ خوشيءَ سان ون يونٽ جي حق ۾ ووٽ ڏنو . اهي هي هئا : عبدالله مهيسر ، عبدالفتاح  ميمڻ ، عبدالمجيد جتوئي ، قاضي عبدالمنان ، ڄام بشير احمد ، احمد خان ٽالپر ، احمد خان راڄپر ، احمد خان ڀٽو، مير احمد خان ، عائشه بيگم ، علي اصغر شيرازي ، مير علي احمد ، نبي بخش ٽالپر ، علي بلاول خان ڊومڪي ، سردار علي گوهر مهر ، علي گوهر کهڙو ، علي حسن  منگي ، پير علي محمد شاھ راشدي ، علي نواز ڌاريجو ، مير علي نواز ٽالپر ، پير علي شاھ ، مير الله بچايو  ٽالپر ، علڻ خان لغاري ، امير بخش مهر ، ڄام امير علي ، آغا بدرالدين ، مير بندھ علي خان ، ڌرمداس موٽومل ، فيض محمد صندل  ، فقير محمد انڙ ، فضل محمد لغاري ، حاجي غلام علي ميمڻ ، حاجي ڄام جان محمد ، غلام حيدر شاھ ولد حاجي پير شاھ ، غلام حيدر نواب شاھ ، حاجي غلام قادر ناريجو ، حاجي غلام نبي ڏهراج ، حاجي غلام رسول جتوئي ، پير سيد غلام رسول شاھ ، غلام رسول ڪيهر ، گل  محمد شاھ ، حاجي گل محمد کيڙو ، گل جي رتن جي مينگهواڙ ، حامد حسين فاروقي ، مير امام بخش ، مير جعفر خان جمالي ، جان محمد خان ، قادر بخش تنيو ، آندل شاھ عرف قرار و شاھ ، موسيٰ  خان ٻگهيو ، حاجي مولا بخش ، سومرو، سيد مبارڪ علي شاھ ، محمد اڪبر ، سردار محمد علي شاھ ، محمد اشفاق صديقي ، ميرمحمد بخش ٽالپر ، محمد بخش سرڪي ، حاجي پير محمد حسن ، محمد حسن اميد علي شاھ ، حاجي محمد حيات جوڻيجو ، سردار محمد جعفر بليدي ، محمد مهدي شاھ ، محمد يوسف چانڊيو ، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ، محمد زمان شاھ ، حاجي نجم الدين لغاري ، نصير محمد منڌواڻي ، نور محمد بجاراڻي ، نور محمد راهمون ، سيد نور محمد شاھ ، رحيم بخش سومرو ، رسول بخش جوڻيجو ، روپچند چيلارام ، روپچند لهاڻو ، ڊاڪٽر سعيد الدين صالح ، سيف الله مگسي  ، پير سيد صالح شاھ ، شنڀو مل لوهاڻ ، سوائي سنگهه سوڍو ، شاهنواز  پيرزادو ، نظر حسين شاھ ، شاهل خان کوسو ، سڪندر خان حملاڻي ، سيرو مل ڪرپالداس ، سلطان احمد چانڊيو ، سندر خان سندراڻي ، طاهره آغا ٽيڻو مل نثر مل ، مير محمد توڳاچي ، حاجي عثمان خان ملڪاڻي ، نواب زاهد علي ولد لياقت علي خان ، قاضي فضل الله ۽ عبدالستار پيرزادو غير حاضر رهيا ،ڪاروائي ڊپٽي اسپيڪر هلائي ، ڇو ته اسپيڪر کي اٺن تي چاڙهي ٿراماڻيو ويو هو . ان ڪري هن اسيمبليءَ ۾ پهچڻ ناممڪن هو . ان ڏينهن جي اسيمبليءَ جي ڪارروائي کي ڏسو ته معلوم ٿو ٿئي ته جملي ستن ميمبرن بحث ۾ حصو ورتو ، جيڪي هئا ليڊر آف دي هائوس ، پير علي محمد شاھ راشدي ، پير الاهي بخش ، شاهنواز پيرزادو  سيرومل ڪرپالداس ، محمد اشفاق صديقي ۽ جي ايم ڀرڳڙي ، وقت جي حوالي سان سرڪاري ڌر کي گهڻو  وقت ڏنو ويو ، ان هوندي به ون يونٽ جي مخالفت ڪندڙن ٿورو ڳالهايو ،  پر اهو مقصد جي حساب سان گهڻي کان گهڻو هو . جي ايم ڀرڳڙي ون يونٽ ٺهراءُ جي مخالفت ڪندي چيو ته ، “آنريبل ليڊر آف ڊي هائوس پنهنجي تقرير ۾ چيو آهي ته ون يونٽ اسڪيم ۾ سنڌ جا حق سلامت رهندا . سنڌين لاءِ وڌيڪ نوڪرين ۽ زمين جي اميد ٿيندي ، انهن انجامن کان پوءِ سنڌين جا خطرا ۽ شڪ شبها دور ٿي ويندا انهيءَ لاءِ منهنجو آنريبل هائوس کي عرض آهي ته سنڌ ئي نه رهندي ته پوءِ نوڪرين  ۽ زمينن بابت انجام ڪنهن لاءِ ؟ ستن سالن ۾  ڪهڙا واعدا پورا ڪيا ويا آهن ، جو هاڻي اسان اعتبار ڪريون ؟ ” ڀرڳڙيءَ جي تقرير پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ سان ٿيل ويساھ گهاتين جوهڪ تاريخي دستاويز آهي . هن هر هڪ زيادتيءَ جو مثالن سان ذڪر ڪيو آهي ، پير علي محمد شاھ راشديءَ جي تقرير به سنڌ جي هڪ پير ۽ وڏيري جي نفسيات جي جهلڪ برابر هئي . سندس چوڻ هو ته اسان راضي ٿيون يا ناراض ، پر ون يونٽ هر حالت ۾ ٺاهيو ويندو ، ان ڪري اسان کي ڏٺي ٿيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي . هن جو خيال هو ته هن وقت جيڪي ون يونٽ جا مخالف جيلن ۾ آهن يا وزارتون وڃائي ويٺا آهن ، انهن کان ڪير پڇڻ وارو آهي ؟

نيٺ گهڻائي ، لٺ ۽ چٺ جي بنياد تي هي ٺهراءُ پا س ٿيو ، خانبهادر محمد ايوب کهڙي ۽ پير علي محمد شاھ راشديءَ ان ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو ۽ قاضي فضل الله پاڻ ته غير حاضر رهيو ، پر سندس ڀائٽي قاضي عبدالمنان ون يونٽ جي حق ۾ ووٽ ڏنو ۽ اهو ووٽ قاضي فضل الله جي رضا منديءَ کان سواءِ ڏيڻ ناممڪن هو . انهيءَ گروھ جو  واسطو لاڙڪاڻي سان هو ۽ ان جا دور رس نتيجا اهي نڪتا جو سالن تائين قاضي – کهڙو هاءِ ! هاءَ “ جا نعرا لاڙڪاڻي ۾ گونجندا رهيا ۽ سياسي حوالي سان انهن ٻنهيءَ پير علي محمد شاھ راشديءَ جي لاڙڪاڻي جي سياست مان تڏا ويڙھ ٿي وئي ، ذوالفقار علي ڀٽي ون يونٽ جي خلاف ڪم ڪيو ۽ هن انهيءَ حوالي سان پذيرائي ورتي ڏسندي ئي ڏسندي لاڙڪاڻي جي سياست تي ڀٽي خاندان جي ڇاپ لڳڻ شروع ٿي ،

سنڌ اسيمبليءَ هن وقت تائين ٽي اهڙا فيصلا ڪيا آهن ، جن جو اثر صدين تائين قائم رهندو . اهي آهن پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ ، ون يونٽ ۾ شامل ٿيڻ ۽ تازو ٻٽي مڪاني نظام وارو فيصلو تاريخ ۽ تحقيق جي تقاضاآهي ته انهن فيصلن سان لاڳاپيل سنڌ اسيمبليءَ جون ڪارروايون ، انهن جي پس منظر ۾ پيش منظر سميت وضاحتي ۽ تحقيقي حوالن سان ترتيب ڏئي ڪتابن جي صورت ۾ شايع ڪرايون وڃن . آخر ۾ هتي اها ڳالهه سلڻ  مناسب ٿيندي ته  ان کان وڌيڪ اگر فيصلا ايندڙ دور ۾ ٿي سگهن ٿا ، جنهن جو وڏو ڪارڻ اهو آهي ته سنڌ جا مخصوص خاندان آهن ، جيڪي نسل در نسل اسيبمليءَ جا ميمبر ٿيندا اچن ٿا ۽ انهن جو نعم البدل ، مٽ يا ثاني سنڌ واسي پيدا نه ڪري سگهيا آهن ، ان ڪري جيڪو اهڙو ميمبر ٿيندو يا ايندو . اهو پنهنجي وڏڙن جي روايتن جي پوئواري ضرور ڪندو .

 

ماندي ٿيءُ نه مارئي

 

ڊاڪٽر در  محمد پٺاڻ

26 آڪٽوبر 1991ع

جن حالتن مان پاڻ گذري رهيا آهيون ، اهي بلاشڪ تشويشناڪ آهن ، شانداز ماضيءَ کي اسان پاڻ وساري ويٺا آهيون . روشن آئيندي جو وري ايترو اونو اٿئون جو زندگيءَ جي ڪنهن به شعبي لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه آهيون . امتحان ڏيون ته ڪاپي ڪري ، نوڪريون وٺون ته ڏوڪڙ ڏئي ، صنعت ۽ تجارت سان لڳي ئي ڪانه ، ثقافت سان فقط نعري بازيءَ جي عشق اٿئون . پنهنجن اهڙن پرڪارن جي باھ تي حالتن وري گاسليٽ جو ڪم ڏيکاريو آهي . شهرن ۾ دهشتگرديءَ ۽ ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن نڪ ۾ دم ڏئي ڇڏيو آهي . هڪ طرف باھ آهي ته ٻئي طرف پاڻي . ڪنهن کي ڪا واٽ نٿي ملي . هر ڪنهن جون متيون ئي منهجي پيون آهن . سياسي ڪارڪن پنهنجي قدبت وڌائڻ ۾ مصروف آهن . ملڪ جا مدبر الائي ڪهڙي سياست ۾ مصروف آهن . دانشورن کي دنيا پنهنجو مڃڻ ۽ پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار ڪانهي .

اهڙين سنگين حالتن کان وڌ ۾ وڌ متاثر ٻهراڙيءَ جو معصوم ، سٻاجهو ۽ سڌو سنئون اهو عوام آهي ،

 جيڪو آباديءَ جي لحاظ کان اڪثريت ۾ آهي . جنهن کي اسان پنهنجي معيشت جو ابو چئون ٿا ۽ جنهن کي اسان جا مدبر قوت جو سرچشمو چون ٿا . بلاشڪ شهرن ۾ رهندڙ عوام به آزار ۾  آهي ، پر دکن ۽ دردن ، سورن ۽ عذابن ۾ ٻهراڙيءَ وارا پنهنجو مٽ پاڻ آهن . سندن سورن جي مذڪور جو اندازو هڪ مثال مان ئي لڳائي سگهجي ٿو ته آئون جنهن ٻهراڙيءَ جي ڳوٺ ۾ رهان ٿو ، اهو ڌاڙيلن جي دهشتگردي جو ڇهه دفعا نشانو بڻجي چڪو آهي ۽ هر دفعي ڌاڙيل  پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي موٽيا آهن . ٻه دفعا هنن پوليس پارٽين کي نشانو بڻايو ۽ چار دفعا هو ماڻهن کي اغوا ڪري ويا . اغوائن جي وارداتن عوام جي سوچن ۽ لوچن کي ايترو ته متاثر ڪيو آهي جو ٻهراڙيءَ جو ڪوبه ماڻهو پنهنجي جان ، مال ۽ عزت کي محفوظ نٿو ڄاڻي . بيحسي ۽ بي همتيءَ جو اهو عالم نظر اچي ٿو ته ڪا سرڻ ڪنهن ڪڪڙ جا چوزا کڻڻ اچي ٿي ته ڪڪڙ ان سان وڙهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ، پر جڏهن ڌاڙيل ڪنهن گهر ۾ گهڙي ڪو ٻار ٻڍو اغوا ڪرڻ گهرن ٿا ته گهر ڌڻي ڪڇي ، پڇي ۽ لڇي نٿا سگهن . لوڪ ڪهاڻين ۾ پڙهيو اٿئون ته ڪنهن بادشاهيءَ ۾ راڪاس بڙ ۾ باڪاس انساني آبادين کي تباھ ڪري ڇڏيو ۽ روزانو ڪيترا ماڻهو کڻي کائي ويندو هو . پوءِ بادشاھ فرمان جاري ڪيو ته هر ڪو گهر واري وٽيءَ سان پنهنجي رضا خوشيءَ سان راڪاس کي ماڻهو ڏئي .

لڳي ٿو ته جيڪڏهن حالتون اڃا به ابتر ٿيون ته پوءِ ٻهراڙيءَ جو عوام به اهائي واٽ وٺندو ۽ واري وٽيءَ  سان پاڻ کي اغوا لاءِ پيش ڪندو . اغوائن جي انهيءَ عالم ۾ ٻهراڙيون خالي ٿيڻ لڳيون آهن . ماڻهو محفوظ هنڌن ڏانهن لڏي رهيا آهن. ڌن – ڌڻين جي دولت “ڪاري ناڻي ” ۾ تبديل ٿي رهي آهي . هن موڙ تي ۽ هنن حالتن ۾ جيڪڏهن لطيف سائين ٻيو جنم وٺي پنهنجي ڌرتي ڏسي ها تي وري کيس ساڳيو سٽون ورجائڻيون پون ها ته “ڏسو بازاريون هينئڙو مون لوڻ ٿئي .” انهن حالتن ۾ ڪوبه عوام جو ڀر جهلو ڪونهي . ڪوبه کين آٿت نٿو ڏئي . ڪوبه کين دڳ نٿو لائي . جڏهن وقت جي اها تقاضا آهي ته کين پيغام ڏنو وڃي ته “ماندي ٿيءُ نه مارئي” تنهنجو الله ڀي آهي . ”

جيڪڏهن اڄ جي حالتن ۾ عوام پنهنجي ئي رنگ نسل بلڪ پنهنجي ئي ڌاڙيلن جي ڏاڍ ڏمر جو نشانو بڻيو آهي ته اها تڪليف ڏيندڙ هئڻ باوجود نئين ڳالهه ڪانهي ، ڇو ته عوام ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ساڳئي صورتحال کي صدين کان  وٺي منهن ڏيندو آيو آهي ، مٿس ڪنهن ڪنهن ڌاڙا نه هنيا آهن ، سياستدانن جي اڪثريت سندس ويساھ ۽ عقيدت تي ڌاڙا هنيا. عملدارن رعيت آزارن سندس حقن تي ڌاڙا هنيا . واپاري هن جو رت چوسيو ، سماجي ۽ سياسي ڪارڪنن هن جا کيسا خالي ڪيا ، ملان کس نفرت جي نگاهن سان ڏٺو . سندس چڱي مڙس کيس پنهنجي کٽ تي ويهارڻ به پسند نه ڪيو . هو عزت جي زندگي گذارڻ لاءِ صدين کان وٺي آتو آهي . نه کيس تعليم ملي ، نه کيس تربيت ملي . هو عرصي کان وٺي اڪيلو ۽ ڇورو ڇنو آهي ، بي بس ۽ مجبور آهي . انهيءَ عوام تي جڏهن آزارن مٿان آزار ٿين ٿا ۽ عذابن مٿان عذاب اچن ٿا ته ڏک وچان سندس اکيون ڀرجي اچن ٿيون ، جڏهن به اکين ۾ڳوڙها اچي ويندا آهن ، تڏهن ڪابه شئي چٽي ۽ صاف نظر نه ايندي آهي . ڳوڙهن سان ڀريل اکين واري انسان جي هٿ ۾ جڏهن لٺ ، باٺو ، بندوق ۽ ڪلاشنڪوف اچي وڃي ٿي ته پوءِ ائين ئي ٿئي ٿو ، جيئن هاڻي ٿي رهيو آهي . هاڻي ڇا ٿي رهيو آهي ؟ مختصر جواب اهو آهي ته مظلوم ، مظلوم کي نشانو بڻائي رهيو آهي . نشاني بڻائڻ جي شدت ظالمن جي ظلم کان به وڌيڪ گهري ٿئي ٿي.

هنن حالتن ۾ عوام کي فقط اهو احساس ڏيڻو آهي ته انسان اٽل ۽ اڏول ٿئي ٿو ، حالتون ۽ حادثا ، زلزلا ۽ طوفان ، وبائون ۽ جنگيون ، ڌاڙا ۽ اغوائون اسان جي تاريخ جو بدقسمتيءَ سان اڻمٽ رنگ بڻجي چڪيون آهن . ڪنهن دور  ۾ عوام تي قهر نه ٿيا ؟ ڪن اسان جي وڏڙن کي جيئري گڏھ جي پيٽ ۾ وڌو ته ڪن سندن کلون لهرايون ، ڪن کين گهاڻن ۾ پينهرايو ته ڪن تتل ڪڙاهن ۾   وڌو ، پوءِ به اسان جو نسل ختم ڪونه ٿيو ، پوءِ به اسان جا وڏڙا حياتيءَ کان مايوس نه ٿيا . بلڪ هنن موت جي بازار ۾ زندگيءَ جو رقص ڪري ڏيکاريو . ڏکن جا ڏونگر ڏاري ڏيکاريا ، تڪليفن جا آسمان سر تي کڻي پنهنجي منزل طرف وڌي ڏيکاريو ، ان ڪري مايوس ٿيڻ جي ڳالهه ڪانهي . ليڪن تدبر ۽ تحمل سان ، بردباريءَ  ۽ بهادريءَ سان حالتن کي بدلائڻو آهي . جيڪڏهن عوام ڪجهه به نه ڪري ته به زندھ رهي سگهي ٿو ۽ دنيا جي ڪابه قوت کيس ختم ڪري نٿي سگهي ، پر جيڪڏهن هن ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪيو ، هن حالتن جي پس منظر ۽ پيش منظر کي پرکيو ، ڌاڙيلن پيدا ٿيڻ ۽ ڌاڙيلن پيدا ڪرڻ جون حالتون بدلائي ورتيون ، رٺلن کي پرچائي ورتو ۽ پرتلن کي پنهنجو ڪري ورتو ته اسان جا هن ڏکيا ڏينهن ختم ٿي سگهن ٿا . ٻنهي صورتن ۾  عوام اڳرو ٿيندو ۽ اڳرو آهي . نه فقط ايترو  پرعوام اڏو ل آهي ، ۽ عظيم آهي . کيس نه ته مايوس ٿيڻ جي ضرورت آهي ۽ نه وري خوف ۽ دهشت جي احساس جو  ٻل ٿيڻو آهي .

 

ڌرتي -   ڌرتتي...

“مفروضن جا ماريل ماڻهو”

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 

1994/9/27

حيلا ، وسيلا ۽ ذريعا انسان کي پنهنجين لياقتن ۽ صلاحيتن کي اڀارڻ ۽ اجاگر ڪرڻ ۾ وڏي مدد فراهم ڪندا آهن . اياز ٻڪرار هئو ، پر جڏهن کيس محمود جي روپ ۾ حيلا وسيلا ۽ ذريعا ملي ويا ته وڏو ماڻهو بڻجي ويو ۽ هن جون ذاتي صلاحيتون نکري بيٺيون.

سنڌ ل ۽ سنڌواسين جي نصيب ۾ حيلن ، وسيلن ۽ ذريعن جي کوٽ رهي آهي ۽ ڪنهن  قوم جو اهڙو حشر ٿيندو آهي  يا ڪيو ويندو آهي ته پوءِ اها قوم اڻ ڏٺين قوتن ۽ معجزن ۾ ايمان رکڻ شروع ڪندي آهي . هن جي لوچ گهٽجي ويندي آهي ۽ سوچ ۾ اضافو  اچي ويندو آهي  ، پر انهيءَ سوچ جو بنياد وهم  ۽ وسوسا بڻجي پوندا آهن ۽ هر ڪنهن فرد جي بصيرت مفروضن تائين محدود ٿي ويندي آهي . اسان جو اهوئي حشر آهي ۽ اسان  انهيءَ موڙ تي پهچي چڪا آهيون .

مفروضا ، وسوسا ۽ وهم اسان جي زندگيءَ جي هر هڪ شعبي ۾ واهيرا ڪري ويٺا آهن . ان ڪري اسان حالتن ، واقعن ۽ فردن جي جاچ پڙتال سائنسي بنيادن تي ڪري نه ٿا سگهون ، پر ان جي برعڪس انهن بابت پاڻ ڪو مفروضو ٺاهي ، انهيءَ تي ڳنڍ ٻڌي بيهي رهون ٿا .

تاريخ ۽ تحقيق جي صحت ۽ سند اسان جي انهيءَ مفروضا تي سوچ مرجهائي ڇڏي آهي . سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد اسان انهن مفروضن جو نشانو بڻائي ڇڏيو . اسان جي انهيءَ مفروضاتي سوچ جو اهو عالم آهي جو سابق وزيراعظم پاڪستان ذوالفقار علي ڀٽي کان زندھ رهڻ جو حق کسيو ويو ، سندس مزار جڙي وئي ، پر ڪيترا ماڻهو اڄ ڏينهن تائين اهو مڃڻ لاءِ تيار ڪونه آهن ته ڪو سابق وزيراعظم هاڻي هن دنيا ۾ ڪونه رهيو آهي . ڌاڙيل پرو چاندئي تي مئي کان پوءِ پڙ پون ٿا ۽ هن جي حياتيءَ تي فلم ٺهي ٿي . اهو سڀ ڪجهه اسان جي مفروضا تي سوچ جو نتيجو آهي . اسان جي انهيءَ سوچ الائي ڪيترن آدرشي انسانن کي سٽي معمولي انسان بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ڪيترن ڏوهارين کي متقي ماڻهن کان به مٿانهون ماڻهو ڪري ڇڏيو آهي .

پڙهيل هجي يا اڻ پڙهيل ، ٻئي اهڙي سوچ رکن ٿا ۽ انهيءَ سوچ جي بنياد تي قائم ڪيل نظرين ، قدرن ۽ اصولن لاءِ وڏيون وڏيون قربانيون ڏين ۽ وٺن ٿا . ڪن حالتن ۾ ته ڳالهه ويڙھ ۽ ڄنڊا پٽ تي به پهچي وڃي ٿي .

مفروضا تي سوچ رکڻ اسان جي ڄاڻ سڃاڻ ٿي پئي ، بلڪ اسان انهيءَ سوچ جا غلام بڻجي چڪا آهيون . اهوئي سبب آهي جو ڪنهن ڳالهه جو آڳو پيڇو ڪونه ٿا جاچيون ۽ عقل جون اکيون ٻوٽي ويهي ٿا پاڻ مرادو ان جا روحاني راز ڳولهيون . اسان ڪنهن ماڻهو کي ڏسڻ کانسواءِ ۽ ملڻ کانسواءِ هن سان انتها درجي جي محبت يا نفرت ڪيون ٿا . اسان انهيءَ موڙ تي اچي پهتا آهيون . جو هاڻي عقل به اسان تي ماتم ڪري ٿو.

هن عذاب مان جند ڇڏائڻ کانسواءِ اسان انفرادي ۽ اجتماعي طور تي ڪنهن به قسم جي ترقي ڪري نه ٿا سگهون ۽ ڪنهن به صورت ۾ سچ ۽ ڪوڙ ، حق ۽ ناحق ، ظلم ۽ رحم بلڪ تضادن جي تميز ڪري نه ٿا سگهون . اسان کي اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻي آهي ته پاڻ کي ئي اڻ هوند مان هوند ڪرڻي آهي ، ۽ پاڻ کي ئي پنهنجو محتسب ٿي جيءَ ۾ جهاتي پائي ڏسڻو آهي . اسان کي پنهنجي سوچ ۽ لوچ ۾ توازن پيدا ڪرڻو آهي . پاڻ کي فقط ۽ فقط سوچڻ تي ئي سندرو ٻڌڻو ڪونهي ، بلڪ ان کان ٻيڻو ٽيڻو لوچڻو آهي . اسان جيترو  کي مصروف رکنداسين ، اوتروئي مفروضي تي ٻڌل سوچ جو معيار  ۽ انداز گهٽبو ويندو . بلڪ اهڙيءَ صورت ۾ اسان پنهنجي ڏاهن ، مدبرن ۽ مفڪرن کي به ٻڌڻ ۽ سمجهڻ شروع ڪنداسين . هاڻي ته هرڪو پاڻ کي  عقل جو اڪابر بلڪ “عقل ڪل” ڄاڻي ٿو ۽ ڪنهن جي ڪا چڱي ڳالهه ، صلاح ۽ نصيحت ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونهي .

مغربي ملڪن ۾ صلاح مشورو ئي زندگيءَ جي هر ڪنهن شعبي ۾ بنيادي حيثيت کي ٿو ، وڏا  وڏا سرمائيندا. عملدار ۽ سياستدان قانوني ، سياسيءَ اقتصادي ماهرن کان مشورا وٺندا آهن . اهي ڪي ايڏا بي وقوف ڪونه آهن ۽ نه وري سندن عقل تي تالا لڳل آهن . هنن وٽ ڏاهپ ۽ عقلمنديءَ جو قدر آهي ۽ پاڻ کي  “عقل ڪل” نه ٿا ڄاڻن . اسان جيڪي پاڻ کي عقل جا اڪابر ڄاڻو ٿا ڪنهن کي ٻه ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونه آهيو ، مغربي ماڻهن جي ڀيٽ ۾ اسان زندگيءَ جي هر هڪ شعبي ۾ پٺتي آهيون ، بلڪ مغرب وارن جا پوئلڳ بڻجي چڪا آهيون .

اسان جو ڇوٽڪارو انهيءَ ۾ آهي ته اسان جنهن شعبي ۾ آهيون ، فقط انهيءَ شعبي جي دائري تائين سوچون ۽ ٻئي شعبي ۾ ڄنگهه نه اٽڪايون . اسان جيڪڏهن شاگرد آهيون ته پنهنجون سوچون به شاگرديءَ جي حدن تائين محدود هجن . اسان جيڪڏهن استاد آهيون ته اسان جون سوچون به انهيءَ رنگ جون هجن .

لطيف سائين جي ڏوراپي “جي ڪوڙو تون ڪفرسين ته ڪافر ڪيو سڏاءِ ” کان بچڻ لاءِ اسان پنهنجي قول ، فعل ۽ ڪردار ۾ اهي نظر اچون ، جيڪي آهيون . اهڙيءَ ئي صورت ۾ اسان ٻهروپي ۽ ڏهروپي ٿيڻ کان بچي وينداسين ۽ اسان جي شخصيت اڌ ڪاٺ جي اڌ لوھ جي نظر نه ايندي . ائين ڪرڻ سان اسان نه فقط مفروضاتي سوچ رکندڙ شخصيت ٿيڻ کان بچي پونداسين ، بلڪ حقدار کي حق به ڏينداسين . اهو هن روپ ۾ ته استاد کي استاد ڄاڻينداسين ،  والدين کي والدين تسليم ڪنداسين ، سياستدان کي سياست ڪرڻ ڏينداسين ۽ ڏاهي کي ڏاهو ڄاڻينداسين . پاڻ .“عقل ڪل” جي عذاب کان بچي وينداسين ۽ هڪ اڌوري اڻپوري وجود ۾ اڻ ڳڻين شخصيتن کي جن جيان واسو ڪرڻ نه ڏاينداسين .

 

ڌرتي- ڌرتتي...

اچو ته کوھ مان ٻلو ڪڍئون

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

جاڳو : 1994/10/11

هن دور ۾ جيڪا تعليمي ترقي ٿي آهي ۽ تعليم يا فتن جو تعداد وڌي ويو آهي ، ان جو مثال ملڻ  مشڪل آهي . پر پوءِ به هر ڪنهن جي وات اهائي وائي آهي ته اسان ۾ “لکيل پڙهيل جاهلن” جو طبقو وڃي ٿو مضبوط ۽ منظم ٿيندو . سنڌ ۽ سنڌ واسين جيڪي به سور ڏٺا ۽ سٺا آهن ، اهي کيس لکيل پڙهيل جاهل طبقي ئي ڏٺا آهن . ڪنهن اڻپڙهئي غريب هاريءَ  ۽ مسڪين ڪڏهن به سنڌ لاءِ ڪو مامرو پيدا نه ڪيو آهي . هرڪا مصيبت هٿ ٺوڪئي معتبر ۽ بي عمل ڊگري يافته ماڻهن جي غلط ڪارين جو نتيجو ٿئي ٿي.

اسان اٺ ڪتابن جا ته پڙهي ويا آهيون ، پر حاصل ڪيل علم کي پنهنجي عمل تي اثر انداز ٿيڻ نه ڏنو آهي . ويتر علم کي اوٽ بنائي پنهنجي مفاد پرستيءَ ، استحصالي حرفت ۽ دوکي بازيءَ جي اوڳڻن کي انوکو روپ ڏنو آهي . چيو ويندو آهي ته بارش جا ڦڙا جڏهن سمنڊ جي سِپِ ۾ پوندا آهن ته موتي بڻجي  پوندا آهن ۽ اهي جڏهن ڪنهن برپٽ بيابان جي سِپِ  (نانگ) جي منهن ۾ پوندا آهن ته زهر بڻجي پوندا آهن . علم جي بارش به اسان تي ايئن اثر انداز ٿي آهي . اسان جي اڪثريت رڻ پٽ جي انهن نانگن برابر آهي ، جن علم جي قطرن مان زهر ٺاهڻ کي ئي سڀ ڪجهه ڄاتو آهي .

ملان کي ٻه اکر اچن ٿا ته هو دعا ڦيڻي ذريعي پنهنجي معجزن جو واپار ڪري ٿو . وڪيل کي ٻه اکر اچن ٿا ته هو ڏوڪڙن جي ڪمائي ۽ پيشوارانه مجبوريءَ جو بهانو ڏئي انهيءَ ماڻهوءَ جو به ڪيس وڙهڻ ۽ کڻڻ لاءِ تيار ٿي ويندو ، جنهن سندس ئي پٽ کي اغوا ڪيو هجي يا سندس ئي گهر کي کاٽ هڻڻ واري ڏوھ ۾ عدالت تائين پهتو هجي . استاد کي ٻه اکر اچن ٿا ته هو ڪلاس روم ۾ علم کي عام ڪرڻ بدران ٽيوشن تي مارو ڪري ٿو . مطلب ته زندگيءَ جي هر هڪ شعبي ۾ اهڙن ماڻهن جي ڪابه ڪمي ڪانهي ، جيڪي پنهنجي علم کي پنهنجي مفادن ، استحصالي حرفت ۽ دوکي بازيءَ لاءِ ڪم نه آڻيندا هجن .

اسان پڙهيو آهي ته ”سچ ته بيٺو نچ” پر پاڻ اهڙو سچ چونداسين جو پاڻ بدران ٻين کي نچائينداسين . علم سيکاريو ته حق جي واٽ وٺو ، پر اسان انهيءَ سنگلاخ ۽ پر خطر رستي تي هلڻ لاءِ ڪڏهن به تيار ڪونه ٿينداسين . ان جي برعڪس حق ٻڌائڻ ۽ حق بچائڻ بدران پاڻ بچائڻ تي زور ڏينداسين . اسان علم کي فقط پڙهڻ تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي . انهيءَ علم جو اسان جي عمل ۽ عملي زندگيءَ سان تر جيترو به تعلق ڪونهي . اسان علم ٻين لاءِ حاصل ڪندا آهيون ۽ ٻين کي پنهنجي احترام ڪرڻ ۽ علم تي عمل ڪرڻ جو تاڪيد ڪندا آهيون .  علم اسان کي بدلائي نه سگهيو آهي . اسان انهيءَ کوھ جي مثال آهيون ، جنهن ۾ ٻلو ڪري پيو هجي . اسان انهيءَ کوھ مان ٻه ٽي سئو دلا پاڻيءَ جا ڪڍي ، اهو ڄاڻي ويٺا هجون ته کوھ پاڪ ٿي ويو ، پر انهيءَ کوھ ۾ ٻلو ساڳيوئي موجود هجي ۽ اسان ان کي ٻاهر نه ڪڍون ته کوھ پاڪ ڪونه ٿيندو . اسان ڪانه ڪا ڊگري وٺي کوھ مان پاڻي ڪڍڻ وارو ڪم ته پورو ڪيون ٿا . پر پنهنجي اندر واري گند غير کي ٻاهر نه ٿا ڪڍون . اهوئي سبب  آهي جو  علم اسان کي ۽ اسان جي اندر کي اجاري نه ٿو سگهي . اسان اوڳڻ نه فقط اپنايون ٿا ، پر اوڳڻائپ کي پنهنجو بنيادي حق ڄاڻو ن ٿا .

جيڪڏهن علم اسان تي تر جو به اثر ڇڏيو هجي ها ته هوند پنهنجي اولاد ۽ شاگردن کي ڪاپي ڪلچر جو غلام نه بڻايون ها . جيڪڏهن علم اسان تي اثر انداز ٿيو هجي ها اسان پارت ۽ سفارش تي ڪن نه ڏيون ها . جيڪڏهن علم کي اسان دل و جان سان قبول ڪيون ها ته پوءِ رشوت نه وٺون ها .جيڪڏهن اسان علم ٽين اک طور قبول ڪيون ها ته ذات پات جا زنجير پائي ننڍ وڏائي جي بتن کي سجدا نه ڪيون ها . جيڪڏهن علم اسان لاءِ ڪا اهميت رکي ها ته اسان پنهنجي ماروئڙن سان غير مشروط پيار ڪيون ها . جيڪڏهن ڪو رسي پئي ها ته هن کي پاڻ وڃي پرچايون ها . پنهنجي وطن کي “ڌرتي ماتا” سمجهون ها . جيڪڏهن علم اسان لاءِ معنيٰ رکندو هجي ها ته پنهنجي عالمن ۽ دانشورن جو قدر ڪيون ها. اسان ته پنهنجو قدر پاڻ به ڪونه ٿا ڪيون . جيڪڏهن پنهنجو قدر ڪرڻ اچي ها ته .اوڳڻن کان پاسو ڪيون ها. اسان جي عمل ، زبان ۽ هٿ کان ٻيو محفوظ هجي ها ، پر حقيقت ائين ڪونه  آهي . اسان کان ڪير به محفوظ ڪونهي ، بلڪ اسان پاڻ به پاڻ کان محفوظ ڪونه آهيون .

علم انسان کي بي حس ۽ بي وس نه بڻائيندو آهي .علم انسان جي نفرت ، چڙ ، ڏمر ۽ ارڏائپ کي ختم نه ڪندو آهي بلڪ انهن کي مثبت موڙ ڏيندو آهي . علم اسان کي ناحق سان نفرت ڪرڻ جو حوصلو ڏئي ٿو ، پنهنجي اوڳڻن تي چڙهڻ سيکاري ٿو ، ظلم تي ڏمر ڪرڻ جو تاڪيد ڪري ٿو ۽ ڏاڍ سان ارڏائپ ڪرڻ جي سگهه ڏئي ٿو . پر انهيءَ صورت ۾ جڏهن اسان پنهنجي عمل کي حاصل ڪيل علم سان ملايون . اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو ، جڏهن پهريون پنهنجي وجود واري کوھ مان مئل ٻلو ٻاهر ڪڍون ۽ پوءِ ان کي پاڪ ڪرڻ لاءِ ٻه ٽي سئو دلا پاڻيءَ جا ڪڍون . پر جيڪڏهن ٻلو کوھ ۾ پيو هوندو ته سڄي کوھ خالي ڪرڻ سان به کوھ پاڪ نه ٿيندو.

ڌرتي– ڌرتتي...

قومي آسمان جي اوزون تهه بچايو

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

جاڳو  1994/7/12

ڌرتي جي آسمان سان جيڪا زيادتي ترقي يافته ملڪن ڪئي آهي ، آسمان وارا ان جو بدلو اسان جي ايندڙ نسلن کان وٺندا . سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ترقي يافته ملڪن جي ڪارخانن جي دونهين ، ايٽمي تجربن ۽ بارود جي استعمال جي اثر ، آلودگي ۽ ٻين سببن ڪري اوزون جو تهه ڦاٽي رهيو آهي . هي تهه صدين کان وٺي انسان ذات ۽ ٻئي مخلوق جي صحت ۽ سونهن جو ضامن پئي رهيو آهي .

جيڪڏهن هن تهه کي وڌيڪ ڇيهو رسيو ته پوءِ انسان جي سونهن ۽ سندرتا ختم تي ويندي .اوزون جو تهه سج جي روشني ۽ گرميءَ کي روڪي نه سگهندو . پوءِ نتيجي ۾ ايتري گرمي وڌي ويندي جو هر ڪنهن کي يقين ٿي ويندو ته سج نيزي پاند اچي ويوآهي .

 پوءِ چمڙيءَ جون بيماريون عام ٿي وينديون اڳتي هلي انسان جي چمڙي جانورن جي چمڙي کان به وڌيڪ سخت ۽ کهري ٿي پوندي . پوءِ ايندڙ دور جا شاعر اسان وانگر پنهنجي محبوب کي ڪنهن گل سان تشبيهه نه ڏيندا . ڪنهن جا ڳل بخمل جهڙا نرم نه هوندا . ايندڙ دور جا شاعر وڏي فخر سان چوندا ته منهنجي محبوب جي کل اهڙي نرم آهي جهڙي ڪنهن هاٿي يا گڏھ جي کل نرم آهي . سچ پچ ته آڱرين تي ڳڻجڻ جيترا ترقي يافته ملڪ انسان ذات جي وڏي انگ جي مستقبل ، سونهن ۽ خوشين جا ويري آهن . هو اوزون جي تهه کي نقصان پهچائي ، جهڙوڪ اڀ کي ڦاڙي رهيا آهن ۽ باقي قومون ڦاٽي اڀ کي ٽوپا ڏئي نه ٿيون سگهن .

بنهه اهڙيءَ ريت هر قوم جي هر ڪنهن شعبي ۾ به ڪي آڱرين تي ڳڻجڻ جيترا فرد ٿيندا  آهن ، جيڪي وري پنهنجي قول ۽ فعل ۽ فطرت ۽ ذهنيت شخصيت ۽ ڪردار سان قومي اتحاد ، ترقي ۽ خوشحالي واري آسمان جي اوزون وارن تهن کي نقصان رسائيندا آهن . سندن ڪرتوتن جو به قوم جي آئيندي تي اهڙو غلط اثر پئي ٿو . جهڙو آسمان جي اوزون واري تهه ڦاٽڻ سبب انسانن تي اثر پوندو . هن ڪري قومي ڪردار جي چمڙي کي بيماريون وڪوڙي وينديون آهن . قدرن ۽ نظرن جي سونهن متاثر ٿيندي آهي . سوچن مان سرهاڻ ختم ٿيڻ لڳندي آهي . لوچن جي رفتار سست ٿي ويندي آهي .

قومون جيڪڏهن اجتماعي طور تي غلط فيصلو ڪن ته ڊڄڻ جي ڳالهه ڪانهي ڇو ته تاريخ ٻڌائي ٿي ته اهڙين قومن ۾ جيڪڏهن پاڻ کي ۽ پنهنجي عمل کي درست ڪرڻ جي ساڃاھ آئي ته اهي مثالي قومون بڻجي ويون . چيني قوم اجتماعي غلطي ڪري پاڻ کي آفيمي قوم بڻائي ڇڏيو . هيءَ قوم سالن جا سال انهيءَ آپگهاتي وهنوار ۾ مصروف رهي . تباهي جي انهيءَ عاشق قوم کي جڏهن عزت ڀريئي انداز سان زندھ رهڻ جو احساس ٿيو ، تڏهن هرڪو بدلجي ويو ۽  هر ڪا شيءَ بدلائي ڏيکاريائون .

پر تاريخ جا ورق انهيءَ ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا ته جڏهن به ڪنهن قوم جي مختلف شعبن ۾ ڪي آڱرين تي ڳڻجڻ جيترا فرد ڪاريون رڍون بڻجي پيون ۽ پنهنجي غلط سوچ ۽ لوچ سان قومي آسمان جي اوزون واري تهه کي ڇيهو رسائڻ شروع ڪيو ته نتيجي ۾ قوم جو اجتماعي سڌارو ناممڪن ٿي پيو .

آسمان جي اوزون وارو تهه سج جي گرمي کي روڪي ٿو ۽ ڌرتي تائين اوتري گرمي پهچائي ٿو ، جنهن جي ڌرتي ۽ ان تي پلجندڙ جيوت کي ضرورت ٿئي ٿي . اهڙي نموني ۾ آدرش ، آدرشي شخصيتون ، آدرشي اصولن ، نظرين ۽ قدرن جا پرچاري قومي آسمان جي اوزون جي حيثيت رکن ٿا . جيڪڏهن ڪنهن قوم جي آدرش ، آدرشي شخصيتن ۽ انهن جي مبلغن خلاف رڻ ٻاريو ويو ته ان قوم کي وقت ۽ حالتن جي سج واري گرمي کان ڪير به بچائي نه سگهندو .

اسان پڻ بنهه اهڙين حالتن مان گذري رهيا آهيون . اسان جا آدرشي انسان ، اسان جا آدرشي قدر ، نظريا ۽ اصول ، انهن جي پرچار ڪندڙ علم ڌڻي ۽ قلم ڌڻي ۽ انهن جا مرڪز يعني ادارا هاڻي اوزون جي تهه وانگر تباھ ڪيا پيا وڃن . اهو ڪو سموري قوم جو گڏيل فيصلو ڪونهي . انهن کي تباھ ڪندڙ ڪا آسماني مخلوق به ڪانهي . نه وري ڪو ڌاري ۽ دشمن قوم جي اها سازش آهي . پر آڱرين تي ڳڻجڻ جيترن هٿ ٺوڪين قومي هڏ ڏوکين ، نام نهاد ڏات ڌڻين ۽ مفاد پرست نقلي باشعورن جو ڪم آهي . اهي ياجوج  ماجوج جيان اسان جي قومي آسمان جي اوزون واري تهه کي چٽي رهيا آهن . اهي اسان جي آدرشن جا دشمن ، ادارن جا ويري ۽ اديبن خواھ شاعرن جا مخالف آهن .

اديبن جي مخالفت کان ڪير ٿو ڪنهن کي روڪي؟ اديب ۽ شاعر جڏهن واري جا ڪوٽ بڻجي ۽ حالتن جي تيز رفتار درياھ کان جيڪڏهن پنهنجو پاڻ ، قوم  ۽ قومي قدر بچائي نه سگهن ته پوءِ واريءَ جا اهڙا ڪوٽ ڪهڙي ڪم جا ؟قوم کي اعتماد ۾ وٺي ، بلڪ قوم کي ساڻ کڻي انهن خلاف “اجتماعي تحريڪ” هلائڻ وقت جي ضرورت بڻجي پوندي آهي . اهڙي نموني سان ادارا جڏهن الله کي پيارا ٿي وڃن يا ڪيا وڃن ته انهن خلاف به اهڙي طريقي ڪار سان تحريڪ هلائي سگهجي ٿي .

پر جڏهن ذاتي گروهي مفادن کي آڏو رکي ڪنهن اداري آدرشي اصولن يا شخصيت خلاف تحريڪ هلي ته ان  کي اسرڻ کان اڳ وائکو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اهڙي تحريڪ اسان جي آسمان واري اوزون جي تهه کي ڇيهو رسائيندي .

ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان جي سچن ڏات ڌڻين کي ڪوئي ڌاريو لٺ ۽ چٺ سان جهڪائي نه سگهيو کين ڪنهن عهدي ۽ رتبي جي پنجوڙ  ۾ ڪونه ڦاسايو . هنن ڪنهن کان ڪجهه ورتو به ڪونه مگر ان جي برعڪس قوم کي ڏنو هن پنهنجي حياتي جي خوشيءَ ،  ذريعن ۽ وسيلن کي ميڙي چونڊي قوم کي واپس ڏني . انهن خلاف هاڻي نقلي دانشورن کي ئي ڪم  آندو پيو وڃي .

اڄ ڪلهه اسان وٽ اهڙيون ئي تحريڪون هلي رهيون آهن . اسان کي ادارا بچائڻا ڪونهن پر ڦٽائڻا آهن . ان ڪري اهڙي تحريڪ هلندي ، جهڙي “سنڌي ادبي بورڊ” لاءِ هلائي سُون . آهي ڪو انهي تحريڪ هلائڻ وارن کان پڇڻ  وارو ته “سنڌي ادبي بورڊ” جو هن وقت ڪهڙو حشر ۽ حال آهي ؟ هن وقت “سنڌي ادبي بورڊ” نه تعليم کاتي ۾ آهي ۽ نه وري “ثقافت کاتي” ۾  سيڪريٽري جو منهن هڪ طرف آهي ته بورڊ جي ميمبرن جو منهن ٻئي طرف آهي . “مهراڻ ” رسالي جا ڪيترا پرچا ڇپيا آهن ۽ ڪهڙا ڪتاب ڇپيا آهن ڪوئي آهي جو انهن سوالن جا جواب ڏئي ؟

اهڙي ريت اسان خلاف جيڪا تحريڪ هلي ٿي ، يا جئين تحريڪ هلي ٿي ، اها اجتماعي نوعيت جي نه انهن ياجوجن ماجوجن جي هلايل تحريڪ آهي . ڇا اسان جا اهي آڱرين تي ڳڻجڻ جيترا فرد قومي آسمان واري اوزون جي تهه کي ائين ڇيهي رسائڻ بدران قومي جرڳا سڏائي ادارن ۽ فردن خلاف ڪيس هلا ئي نه ٿا سگهن ؟ ڀلي ڪو ٻيو انهن کي اهڙي آڇ نه ڏئي ، پر آئون پاڻ کي “قومي جرڳي” اڳيان پيش ٿي آڇ ڏيان ٿو . ان لاءِ ته اهي ياجوج ماجوج ڪنهن سان دشمني دڳ ، طريقي ۽ اصول واري ڪرڻ سکن .

 

سنڌ ۾ فڪري ۽ نظرياتي ارتقا جو گهوٽالو

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

برسات : سومر پهرين مئي 1995

پنهنجي دور تي جهُلون ڪرڻ ، ڪج بحثيءَ تي سندرو ٻڌي هر ڳالهه مان وڏون ڪڍڻ ۽ هر ڳالهه کان منڪر ٿيڻ ، پنهنجي ئي عقل جي ڏيوالي ڪڍڻ برابر ٿيندو آهي . پر پنهنجي دور جي دک ۽ درد ۾ شريڪ ٿي ، ڪن ٺوس ويچارن کي آڏو رکي . سڄي دور سان مهاڏو اٽڪائڻ به ڪا بري ڳالهه ڪانهي . تاريخ جي هر دور ۾ قومن کي جهُلون به سهڻيون پونديون آهن ۽ ڪن اٽل انسانن جو مهاڏو به برداشت ڪرڻو پوندو آهي . تاريخ جو تيز وهڪرو پوءِ بنا روڪ ٽوڪ جي اڳتي وهي ويندو آهي . اهو ڪنهن جو انتظار نه ڪندو آهي . پر اڪيلن ۽ اٽل انسانن جا مهاڏا صدين تائين ياد ڪيا ويندا آهن .

سقراط اڪيلي سر پنهنجي دور سان مهاڏو اٽڪايو . هن  کي ڪنهن به نه ٻڌو ، تاريخ جو وهڪرو به اڳي جيان تيزيءَ سان وهندو ويو . ڪنهن به سقراط جو انتظار نه ڪيو ، خود سقراط به وقت ۽ حالتن کي روڪي نه سگهيو ، ليڪن تاريخ اهو فيصلو ڏنو ته سقراط سچ تي هو . انساني تاريخ نئين سج نوان سقراط پيدا ڪندي رهي آهي . مذهب ، سياست ، ادب ۽ زندگي جي هرهڪ شعبي ۾ روزبروز اڪيلا ، اٽل ۽ مهاڏو اٽڪائيندڙ انسان پيدا ٿيندا رهن ٿا ۽ اسان ملي جلي سندن موت آڻيندا رهون ٿا ، پر جيڪڏهن ٻڌو وڃي ، دوست ۽ دشمن جي ڳالهه کي هنئين سان هنڊايو وڃي ته هوند هڪ طرف اسان جي ڊڪشنري مان ڪج بحثي جو خاتمو ٿي وڃي ۽ ٻئي طرف پاڻ کي ڏسڻ پرکڻ جو به موقعو ملي وڃي.

تنقيد ۽ مخالفت ڀلي ته سچ تي مبني نه هجي ،  بي شڪ فقط سچ ئي ڪوڙو نه ٿيندو آهي .  تنقيد ۽ مخالفت ۾ به زهر جهڙي ڪڙاڻ ٿئي ٿي . پر اها به اڪارتي ڪونه ٿيندي آهي . ڇو ته دوست سدائين عيبن تي پڙدو وجهندا آهن . پر دشمن کي سدائين غلطين ، ڪمزورين ۽ براين جي تلاش هوندي آهي .ا هوئي ته پنهنجي تنقيد ۽ مخالفت جي آرسي ڏيکاري ، اسان کي پنهنجي اوڳڻن ، عيبن ، غلطين ۽ ڪمزورين کان باخبر ڪندو آهي . واقعي اهي انسان بدنصيب هوندا آهن ، جن کي ڪڏهن به دشمن نه ٿا ملن، مخالفت مان ئي ته “وجود” ۽ “حيثيت” جي شاهدي ۽ تصديق ٿيندي آهي . “ڪارو” نه هجي ته “اڇي” کي ڪير سڃاڻي ؟ “تنقيد” ۽ “مخالفت” نه هجي ته پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائڻ  جو موقعو ئي ڪونه ملي .

آئون ڪنهن ڪج بحثي جو آغاز ڪرڻ نه ٿو گهران ، نه وري پاڻ کي پنهنجي دور جو اڪيلو ۽ اٽل انسان ڄاڻي پوري دور سان مهاڏو اٽڪايان ٿو ، نه وري دشمن ۽ ڌاريي جو ڪردار ادا ڪري ، اجايو وڏن ڪڍڻ تي سندرو ٻڌان ٿو.

نه رڳو ايترو ، پر اهو به ايمان اٿم ته هن دور هزارها مصيبتن ،  مشڪلاتن ، مسئلن  ۽ مجبورين باوجود حق ۽ سچ جون انيڪ روايتون قائم ڪيون آهن ، ڪيترين نظرياتي ڳالهين ۾ پيش رفت ڪئي آهي . سوچ جا نت نوان زاويا ڳولهي لڌا آهن . ذهني ۽ فڪري ارتقا جو سفر جاري آهي . هن دور جو هراول دستو پنهنجي پنهنجي منزل طرف اڳتي وڌي رهيو آهي . پر موجودھ حالتن جو جائزو ڪنهن ٻئي رخ کان به وٺي سگهجي ٿو .جيڪڏهن ارتقا جي هن سفر جو ڪو  مسافر اهو  سوال ڪري  ته “اسان جي رفتار ڪهڙي آهي  ۽ اسان ڪنهن طرف پيا وڃون ؟”  ته هن تي ميار رکي نه ٿي سگهجي . ڇو ته هن کي “ڄاڻ حاصل ڪرڻ ” جو فطري حق حاصل آهي . هن کي جيڪڏهن ڪو خدشو ، وهم يا غلط فهمي ٿي پئي آهي ته اهي ڳالهيون پڻ عين انساني فطرت جي مطابق آهن . ان ڪري هن کي اطمينان بخش جواب نه ڏيڻ سان نه ته ارتقا جو سفر رڪجي ويندو ۽ نه وري ڪنهن سرواڻ جي صحت يا  حيثيت تي اثر پوندو . پر جيڪڏهن اختلاف يا سوال ڪندڙ جو خدشو ڪن ٺوس شاهدين ، حقيقتن ۽ بنيادن تي ٻڌل آهي ته پوءِ ٻڌي اڻ ٻڌي ڪرڻ “اجتماعي آپگهات” ڪرڻ برابر ٿيندو .

مفروضو:

اسان موجوده دور ۾ جيڪا نظرياتي ترقي ڪئي آهي، ان ته فقط ڳاٽ اوچي ڪرڻ سان ڳالهه نٿي جــُڙي ، انهي ڪاميابي جي جائزي وٺڻ لاءِ هيئن به مفروضو قائم ڪري سگهجي ٿو ته اسان جو دور نظرياتي گهوٽالي جو شڪار آهي .

اسان نظرياتي طور ترقي ڪرڻ بدران تنزل طرف وڌي رهيا آهيون . اسان جي ذهني ، فڪري ۽ نظرياتي ارتقا جو عمل ته جاري آهي . پر ان جو رخ  صحيح طرف ڏانهن ڪونهي . ان ڪري انديشو آهي ته اسان اهي “گڏيل مقصد” ماڻي نه سگهو ن ، جنهن لاءِ هر ڪو لکيو پڙهيو ، با شعور ۽ “روشن آئيندي جومتوالو” ڪوشش ڪري رهيو آهي .

منهنجي خيال ۾ نظرياتي ارتقا جي سفر ۾ اقتدار ۾ آيل سياستدان ، حڪومت ، اقتدار کان ٻاهر سياستدان ، استاد ، شاگرد ۽ قلم ڪار اهم ڪردار ادا ڪندا آهن . اهي به شڪ نظرين جا محرڪ ڪونهن پر نظرياتي سفر ۾ پنهنجي پنهنجي حيثيت رکن ٿا . هو مختلف يا ڪن حالتن ۾ متضاد محاذن جا سرواڻ ٿيندا آهن.

 

سنڌ ۾ فڪري ۽ نظرياتي ارتقا جو گهوٽالو

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

انهن سرواڻن مان اسان هتي فقط اديب ، ليکڪ ، شاعر ، محقق ۽ صحافي جي ڪردار ۽ خدمتن جي حوالي سان پنهنجي مفروضي کي پرکڻ جي ڪوشش ڪنداسين . اسان جي انهي مفروضي جي ٻيو جز  هي آهي ته “سنڌ ۾ نظرياتي گهوٽالي” جو اهم ڪارڻ اسان جا اهي قلم ڌڻي ، ادبي دنيا ۽ انهن جا صول آهن . اسان وٽ جيترو نظرياتي ڪم ٿيو آهي . ان جا بهتر نتيجا نڪري ٿي سگهيا ، پر جيڪڏهن اسان جي قلم ڌڻين باهمي افهام تفهيم ۽ سهڪار کان ڪم ورتو هجي ها ۽ انهن اوڻاين کي پنهنجي نگريءَ مان خارج ڪيو هجي ها ، جن جو مختصر ذڪر هنن ئي ورقن ۾ ڪيو ويندو .

ائين ڪو نه آهي ته هن قلمي ڪوشش ذريعي ڪو قلم ڌڻين خلاف ڪات ڪهاڙا استعمال ڪيا ويا آهن ، پر هي مطالعو نظرياتي گهوٽالي وارين حالتن ۾ سندن ڪردار ، مجبورين ۽ مسئلن کي به سمجهڻ ۾ مدد ڏيندو .

گهوٽالي جا اهڃاڻ:

تضادن جي هن دنيا ۾ اسان جي قوم پاڻ کي ستن نظرياتي ڪئمپن ۾ ورهايل نظر اچي ٿي . اهي آهن، مذهب پسند ، قوم پرست ، ترقي پسند ، موقعي پرست، مايوس ، غير جانبدار ۽ غير نظرياتي ڪئمپون . انهن ڪئمپن مان ٽن جي حيثيت مختلف ۽ متضاد مڪتب فڪرن جي آهي . جيڪي آهن . مذهب پسند ، ترقي پسند ، ۽ قوم پرست . اهي ٽئي مڪتب فڪر پنهنجي پنهنجي حساب ۽ طريقي سان سنڌ ۾ نظرياتي تبليغ ۾ مصروف آهن ۽ قوم جي لکيل پڙهيل طبقي جي اڪثريت انهن مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل آهي . اهي ٽئي مڪتبهءِ فڪر پنهنجي پنهنجي طريقي ڪار ، رنگ ڍنگ ۽ آئيندي جي منصوبن جي حوالي سان ايترا ته پڌرا ، چٽا ۽ واضح آهن ، جو  هرڪو ماڻهو آسانيءَ سان  انهن جو خاڪو چٽي سگهي  ٿو  . باقي چار ڪئمپون وضاحت طلب آهن . “موقعي پرستن” مان منهنجي مراد انهن ماڻهن جي آهي ، جيڪي پنهنجي ذاتي مفادن خاطر وقت ۽ حالتن سان گڏ سانڊي جيان رنگ بدلائي سگهندا آهن . “موقعي پرستي” اڄوڪي دنيا ۾ پڻ هڪ مقبول نظريي جو روپ وٺندي پئي وڃي . “موقعي پرست ، زندگي جي ڪنهن مخصوص مڪتب فڪر سان واسطو نه ٿا رکن . پر هر هنڌ ۽ هر شعبي ۾ موجود آهن . انهن جي ڄاڻ سڃاڻ اها ئي آهي ته کين ڪڏهن به ڪوسو واءُ نه لڳندو  آهي . مادي طور تي هو روز بروز وڌندا  ويندا آهن . انا ، عزت نفس ، اصل ۽ نظريو هنن لاءِ  بي معنيٰ ڳالهيون هونديون آهن . هنن جي نظر فقط ۽ فقط ڌن ، عهدي يا رتبي تي هوندي آهي .

“مايوسي جي ڪئمپ” وري اهڙن ماڻهن جي پناھ جي جاءِ هوندي آهي ، جيڪي “قدرت” کي اٽل ڄاڻيندي ، انسان کي فرشتو سمجهي ويهندا آهن . هو پنهنجي شخصيت جي تعمير اخلاقي يا مذهبي قدرن مطابق ڪندا آهن . يقين ، ڀروسي ، وفاداري ۽ بي لوثي کي ئي سڀ ڪجهه ڄاڻندا آهن . پر ان سان گڏ اميدن ۽ آسرن مان به جان آجي نه ڪري سگهندا آهن . انساني فطرت ۾ سمايل خاميون جهڙوڪ : دوکو ۽ مطلب پرستي کي وساري ويهندا آهن ، پر انهن اوڳڻن جو  نشانو بڻجي مايوس ٿي ويندا آهن . “غير جانبدار” ۽ “مايوس”  ۾ اهو فرق آهي ته “غير جانبدار ” انسان کي انسان ڪري سمجهندو آهي . پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن جي بنيادن تي امد ۽ آسري تي گهٽ ڀاڙيندو آهي .

هو جتي ٻين جي چڱائي جو منڪر نه ٿو ٿئي ، اتي اهو به ڌيان ۾ رکي ٿو ته ساڳيو انسان مدائي به ڪري سگهي ٿو . مطلب ته تصوير جا ٻئي رخ هن اڳيان هوندا آهن . هو ڪنهن به ڳالهه کي اکيون ٻوٽي قبول نه ڪندو آهي . پنهنجو پير ڇنڊي ڦوڪي کڻندو آهي . توازن قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ، پر اها غير جانبداري ويڙهاند وارين حالتن ۾ کيس ڳچي ۾ پوندي آهي . ڇو  ته ڪوبه هن کي پنهنجو ڪونه ڄاڻندو آهي . بلڪ متضاد گروهن جي عذاب ۽ عتاب جو پهريو نشانو هي بڻبو آهي . امن وارين حالتن ۾ پڻ ٻئي ڌريون کيس نظر انداز ڪنديون رهنديون آهن . هو نظرياتي تبليغ ۽ تحريڪ ۾ سڌو سنئون ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ بدران نقاد جو ڪردار ادا ڪندو آهي .

“غير نظرياتي ڪئمپ” ۾ وري اهي ماڻهو اچي وڃن ٿا ، جيڪي وقت ۽ حالتن تي نظر نه ٿا رکن يا ته هو معاشي طور تي پاڻ هرتو زندھ رهي سگهن ٿا ، يا وري معاشي طور تي ايترو ته ڪنگال آهن جو نظرين ، قدرن ۽ اصولن بدران نعرن ۽ وعدن پٽاندڙ پنهنجون وفاداريون بدلائيندا رهندا آهن ۽ هنن جو نظرياتي بنياد مطالعو يا مشاهدو نه هوندو آهي . البت سندن فطرت ۾ طبقاتي شعور جو دٻيل يا دٻايل احساس ضرور موجود هوندو آهي . ان ڪري سنجيدھ فڪري ۽ نظرياتي تربيت کين غير نظرياتي ڪئمپ کان ٻاهر ڪڍي سگهندي آهي .

 

اسان جي ڌرتيءَ جا ٽئي مکيه مڪتب فڪر ، يعني “قوم پرست” مذهب پرست” ۽ “ترقي پسند” انهيءَ حقيقت کي مڃن يا نه مڃن ، پر سنڌ ۾ اهي باقي چار نظرياتي ڪئمپون هر حالت ۾ موجود آهن . بلڪ نظرين جي اها ست رنگي انڊلٺ ، نه رڳو هرهڪ مڪتب فڪر ۾ موجود آهي . پر اسان جي معاشري جو هرهڪ فرد پنهنجي زندگي جي مختلف موڙن تي انهن متضاد نظرين جي پلصراط تان به گذري ٿو. 

Menu
Go to top