Menu
Подробнее на сайте: https://newsentire.ruhttps://principalnews.ruhttps://newsfire.ruhttps://mirrornews.ruhttps://foremostnews.ruhttps://newsdeliver.ru https://newsplain.ru https://allnightnews.ruhttps://newscatch.ru https://hundrednews.ruhttps://stacknews.ruhttps://dashnews.ru https://newsdone.ru https://bundlenews.ruGo to top of page https://unonews.ru

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو ڪالم

قلمي پورهئي جي قدرداني ۽ اثرپذيري

روزاني هلالِ پاڪستان

9   - فيبروري 1991 ع

پهرين ڪالم ۾ آڻ مڃيندي مون اهو لکيو هو ته اسان جو قلمي پورهيو معاشري ۾ مثبت تبديلي آڻڻ کان قاصر رهيو آهي . مون کي پڪ آهي ته منهنجي ساٿين مان ڪيترن کي اها ڳالهه ڪانه وڻي هوندي . جيئن ادبي تنقيد ۽ فلسفي ۾ صدين کان وٺي به متضاد نظريا هڪ ٻئي خلاف مهاڏو اٽڪائي بيٺا آهن ۽ انسان جا هڪڙا نقاد “ادب برائي ادب” جا حامي ۽ ٻيا “ادب برائي زندگي” جا قائل نظر اچن ٿا ، تيئن ادبي افاديت ۽ اثر پذيريءَ بابت به هن وقت به نظريا ڪر کڻي پاڻ اڳيان بيٺا آهن . اسان مان قلمي پورهين جي اڪثريت جو خيال آهي ته سنڌ ۾ قلمي پورهئي پنهنجو رنگ ڏيکاريو آهي ، ذهنن کي بدلايو آهي ۽ معاشري کي بدلائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي . ليڪن عرصي کان وٺي آئون انهيءَ راءِ جي مخالفت ڪندو آيو آهيان . منهنجو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اسان جي ادبي عمل کي ماحول ۽ موقعن جي آزادي ۽ فراواني ميسر هجي ها ، جيڪڏهن اسان وٽ “تنقيد” جي عمل کي تقدس جي نظرن سان ڏٺو وڃي ها ، جيڪڏهن اسان جي ادبي دنيا جي ذريعن ۽ وسيلن تي گروهي رنگ وارا قبضا نه هجن ها ته پوءِ اسان جو قلمي پورهيو ضرور پنهنجو اثر ڏيکاري ها . جڏهن آئون اهو چوان ٿو ته اسان جي قلمي پورهئي ڪوبه اثر نه ڏيکاريو آهي ته منهنجو مقصد اصل ادبي عمل ۽ قلمي پورهئي تي اکيون ٻوٽي منڌيئڙو ڏيڻ ڪونه آهي ، پر ان جي مجبورين طرف توجھ ڇڪرائڻ آهي . جيڪڏهن اسان اديب ۽ شاعر ، ليکڪ ۽ صحافي انهيءَ ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌي بهي رهون ته اسان ذهني ۽ فڪري انقلاب ۾ ڪامياب ويا آهيون ته وقت جون حالتون انهيءَ دعويٰ جي تصديق نه ٿيون ڪن . ها ، البت اهو چئي سگهون ٿا ته اسان ذهني ۽ فڪري انقلاب جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن ۾ اڃا تائين ڪامياب ڪونه ويا آهيون .

ادب ۽ ادبي پورهئي جي افاديت الڳ ڳالهه آهي ۽ ان جي اثر پذيري الڳ ڳالهه آهي ، اسان پنهنجي قلمي پورهئي جي افاديت کان انڪار ڪري نه ٿا سگهون ، ليڪن ان جي اثر پذيريءَ تي به خوش ٿي نه ٿا سگهون . جيڪڏهن  اسان پنهنجي ادبي پورهئي جي اثرپذيريءَ جي اجائي وڪالت ڪريون ٿا ته پوءِ ان جو مقصد اهو ٿيو ته اسان “پاڻ مڃائڻ ۽ پاڻ مڙهڻ” واري وهنوار ۽ واپار ۾ مصروف آهيون . جيئن ڪوبه ماڻهو پاڻ کي متقي سڏائي متقي ٿي نه ٿو سگهي  جيئن ڪو به ماڻهو پاڻ کي ڏاهو سڏائي ڏاهو ٿي نه ٿو سگهي بشرطيڪ باقي دنيا انهن کي اهڙين حيثيتن ۾ پاڻ قبول ڪري .اهڙيءَ طرح جيڪڏهن اسان جا عالم ۽ اديب ، شاعر ۽ صحافي پنهنجي قلمي پورهئي جي اثرپذيري جي پاڻ دعويٰ ڪندا ته انهيءَ سان ڪجهه به ٿي نه ٿو سگهي . اهو سڀ ڪجهه پاڻ کي خوش ڪرڻ برابر آهي .

پر جيئن مون عرض ڪيو ته تاريخ ۽ حالتون اسان جي دعويٰ جي تصديق نه ٿيون ڪن . مثال طور ٻوليءَ جي مسئلي کي وٺو . پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ اسان جي وڏڙن سوچيو ته منزل ماڻي ورتي اٿئون ۽ هاڻي اسان جا سماجي ، اقتصادي، معاشي ، ادبي ، ثقافتي ۽ ٻيا مسئلا پاڻ هرتو حل ٿي ويندا ، پر اسان انهن جي نشاندهي ڪندا وڃون . سو هنن “سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي” بنائڻ جو آواز بلند ڪيو . پر ڪنهن جي به دال ڪانه ڳري . انتظار ڪرڻ ويٺا ته ملڪ جو آئين ٺهندو ته ان مسئلي جو حل ملي ويندو . پاڪستان جو پهريون آئين ٺهيو ۽ ان کانپوءِ ون يونٽ مڙهيو ويو ، ليڪن ڪنهن به اسان جي ٻوليءَ جي سار سنڀال نه لڌي . “سنڌي ادبي سنگت” ٻوليءَ جي مسئلي کي هٿ ۾ کنيو ۽ 1956 ۾ اها تحريڪ هلائي ته “سنڌي ٻوليءَ کي مغربي پاڪستان جي سرڪاري ٻولي” بڻايو وڃي . “سنڌي ادبي سنگت” سڄي سنڌ ۾ تحريڪ هلائي ۽ مطالبي جي ڇپيل متن تي هزارين ماڻهن کان دستخط ڪرايا . تاريخي اهيمت واري انهي مواد جو اسان اهو قدر ڪيو آهي جو اهو دستخط ٿيل متن سنڌالاجيءَ جهڙي اداري ۾ ڳوڻن ۾ بند بي توجهي جو شڪار ٿيو پيو آهي . تنهن وقت جي سرڪار اسان جو اهو مطالبو ته نه مڃيو ، پر ان جي برعڪس مٿان جو آئي ايوب شاهي ،  تنهن وري سنڌي ٻوليءَ کي تعليم جي ذريعي هئڻ واري حيثيت کان به ڪيرائڻ جون ڳالهيون ڪيون ، سنڌ جي سمورين علم ، ادبي ، صحافتي ۽ ثقافتي جماعتن حل هچ ڪري انهي ڪاپاري ڌڪ کان ٻوليءَ کي ته بچائي ورتو ، ليڪن پوءِ به “سنڌي فائنل” واري مثالي تعليمي رسم ۽ روايت جو خاتمو ٿي ويو . 1973 ۾ پاڪستان جو آئين جڙيو ۽ ان جي روشنيءَ ۾ پنهنجي سياسي مقصدن ۽ ٻوليءَ جي مفاد کي ڌيان ۾ رکندي تڏهوڪي حڪومت سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٻوليءَ جو بل پاس ڪيو ، جنهن کي اسان جي مهربانن ۽ قدردانن گهٽين ۽ رستن ۾ رد ڪري ڇڏيو . ان کانپوءِ سابق مارشل لا جي دور ۾ هڪ ڳجهو سرڪيولر ڪڍيو ويو ته سنڌ ۾ اردو ٻولي کي سرڪاري ۽ دفتري ٻوليءَ طور نافذ ڪرڻو  آهي ، ٻڌايو ته ان جو ڪهڙو رد عمل نڪرندو . انهي سرڪيولر جي اسان جي اهم علم ۽ تحقيقي ادارن مان اها موٽ ملي ته خير جي ڪمن ۾ دير ٿيڻ نه گهرجي ليڪن مون کي ياد آهي ته غلام مصطفيٰ شاه ، علي احمد بروهي ، محمد ابراهيم جويو ، ڊاڪٽر اياز قادري ، بدرالدين اڄڻ ، ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ، ۽ آئون وفد جي صورت ۾ سرڪار نامدار سان مليا هئاسين ۽ کين لکت ۾ انتباھ ڪيو هوسين ته سنڌ ۾ جيڪڏهن سنڌي ٻولي جي مفادن کي ڇيهو رسيو ته ان جو سخت رد عمل ظاهر ٿيندو . في الحال ته اهو خطرو به ٽري ويو ، پر اڄ به جڏهن ڪٿي ڪا تعليمي ڪمشن ويهي ٿي ته نعرو اهو هڻي اٿي ٿي ته “قومي زبان” کي تعليم جو ذريعو بڻايو وڃي . اهڙيون ڳالهيون روزبروز ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون ، ليڪن اسان جي ڪنهن به اخبار ۽ ڪنهن به فنڪشن ۾ انهي انوکي ڳالهه تي ٽيڪاٽپڻي نه ٿي ٿئي !

سو اها هئي  اسان جي پنهنجي ٻوليءَ کي قومي ٻولي بنائڻ جي تحريڪ جي ڪهاڻي ! هليا هئاسين ٻولي کي “قومي ٻولي” بنائڻ ۽ هاڻي اچي ڦاٿا آهيون ته شهرن ۾ سنڌي ميڊيم اسڪول ڪيئن بچائجن ۽ سنڌي کي ذريعه تعليم واري حيثيت کان ڪيرائڻ واري هر ڪوشش کي ڪيئن ناڪام بڻائجي !

هرڪا علمي ، ادبي ۽ ثقافتي تحريڪ اهو ثابت ڪري ٿي ته جڏهن قلم . ڌڻي پنهنجي قلمي پورهئي جو قدر ڪندي پاڻ اڳتي قدم وڌايو آهي . جڏهن اسان جي عالم ۽ اديب ، شاعر ۽ صحافي پنهنجي قلم ، علم ۽ عمل کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو آهي ۽ جڏهن اسان جو دانشور پنهنجي شخصيت ۽ ڪردار کي هڪ ڪري عوام اڳيا آيو آهي ته پوءِ اسان جي قلمي پورهئي پنهنجو اثر ڏيکاريو آهي . يعني ته قلمي پورهئي جي اثرپذيري قلمي پورهيت جي عمل ، شخصيت ۽ ڪردار سان مشروط آهي ، هو پاڻ جيڪڏهن پنهنجي لکڻين تي عمل نه ڪندو ته عوام ۾ يقين ، اُميد ۽ آسري جي قوت ئي پيدا ڪانه ٿيندي . پر اڄ اسان جو حال ڪهڙو آهي ؟ ڪڏهن اسان پنهنجي ناميارن اديبن ۽ دانشورن جي لسٽ ٺاهي ، انهيءَ کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ڪهڙا ۽ ڪيترا ڪهڙن ڪهڙن رتبن ۽ عهدن تي براجمان آهن ۽ ڪهڙن ڪهڙن کي عهدن ۽ رتبن جي جستجو ۽ تلاش آهي .

اصل ڳالهه اها نه آهي ته اسان ۽ اسان جي قلمي پورهئي کي ڪو عملدار رعيت آزار ڪيئن ٿو ڏسي .ڪو ڌن-ڌڻي ڊيڪوريشن پيس طور ڪم ڪيئن ٿو آڻي . ڪنهن اخبار ۽ رسالي جو  مالڪ عوام تائين پهچائڻ جا ڪهڙا ۽ ڪيترا ذريعا ، وسيلا ۽ موقعا فراهم ڪري ٿو . پر مسئلو اهو آهي ته قلمي پورهيت پنهنجي قلمي پورهئي جي قدرداني ڪيئن ٿو ڪري . ڇا هو حق ، سچ ۽ سونهن جون ڳالهيون ڪري ٻين کي عمل ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو يا اڳ ۾ پاڻ انهن تي عمل ڪري ٿو . جڏهن چريو به ڳڙ لڪائي کائيندو آهي ته پوءِ اسان جو قلمي پورهيت حق ، سچ ۽ سونهن کي پهريون پنهنجي عمل سان پاڻ ڇو نه ٿو ماڻي  ؟

   

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو ڪالم

وڍيل ٿي وايون ڪري ...

روزاني هلالِ پاڪستان

ڇنڇر 18- مئي 1991ع

ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ  ڌڻين جي ڪن سٻاجهن خير خواهن جو خيال آهي ته زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ وسيع تراتحاد ۽ اتفاق ٿيڻ گهرجي ، اديبن کي ادب جي دنيا ۾ ويڇا وسارڻ گهرجن ، سياستدانن کي قوم جي مفاد ۾ هڪ ٿيڻ گهرجي ۽ سماجي ڪارڪنن کي ڀلائي جي ڪمن ۾ هڪ ٻئي سان ٻانهن ٻيلي ٿيڻ گهرجي . اهڙي خواهش رکندڙ هرڪو حساس ماڻهو جذبن جي سادگيءَ تي کيرون لهڻي ۽ سندن وات گلاب . پر اهڙي خواهش اسان جي حالتن ۾ انهيءَ سهڻي خواب برابر آهي ، جنهن جو ڪوبه تعبير ڪون ٿيندو آهي . جيڪڏهن عملي ۽ نظري طور تي اها خواهش ڪو روپ وٺڻ جهڙي هجي ها ته پوءِ  “سنڌ قومي اتحاد” جو ههڙو حشر نه ٿئي ها ۽ اسان جا ڏاها رڳو ٽيبل ٽاڪ ذريعي پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن جا جوهر ڏيکارڻ تائين محدود نه رهن ها.

اسان انهن حالتن مان گذري رهيا آهيون ، جن جي ڪک مان اڻ ڳڻيا تضاد پيدا ٿي رهيا آهن . هن  موڙ تي تضادن کي نظر انداز ڪري اتحاد اتفاق جي ڳالهه ڪرڻ ائين آهي جئين مرض جي نشانين کي نظرانداز ڪري مريض کي خوش ڪرڻ لاءِ اکيون ٻوٽي ٽڪين ڦوٽن جي لپ ڀري کارائڻ ، ارتقاءِ جي عمل جي تقاضا هيءَ آهي ته انهن تضادن کي ختم ڪرڻ بدران وڌڻ ۽ ويجهڻ ڏجي ته جيئن هو پنهنجي پنهنجي رخ ۾ مڪمل رنگ ۽ روپ  وٺي بيهن . اهڙين حالتن ۾ ئي عوام پنهنجي “حال” ۽ “مستقبل” جي مفاد وٽان ڪن تضادن کي پنهنجو ڪندو ۽ ڪن تضادن کي سهڻو ٽوھ ڄاڻي ڦٽو ڪري ڇڏيندو .

ڏک جي ڳالهه اها آهي جو اسان کي هرڪا تعليم اڌوري ۽ اڻ پوري ملندي آهي . پوءِ اها عام تعليم هجي ، عملي تعليم هجي يا نظرياتي تعليم . صدين کان وٺي اسان کي “محنت” جي ڳڻن ، “اتحاد” جي فائدن ۽ “زندگي” جي حقيقتن کان ته باخبر رکيو ويو آهي ، ليڪن اها تعليم “نفرت” جي نڙيءَ تي لت ڏئي . “اختلاف”  جو ن اکيون ڪڍي ۽ “موت” کي مروٽي سروٽي ڏني وئي آهي . اسان کي جهڙوڪ انهن امر جذبن “نفرت” ۽ عملن – “اختلاف” ۽ “موت” جي افاديت ، اهميت ۽ عظميت کان بي خبر رکيو ويو آهي . حالانڪ “محبت” جيان “نفرت” به عظيم جذبو آهي . “اتحاد” جيان “اختلاف” به وڏي وٿ آهي ۽ “زندگي” جيان “موت” به برابريءَ واري حيثيت رکي ٿو . اسان کي انهن کان اجايو ۽ ائين ڊڄڻ نه گهرجي . کين دل جي گهراين سان پنهنجي پنهنجي حيثيت ڏيڻ گهرجي . ائين ڪونه آهي ته “اتحاد” کي اسان اڄ جي حالتن ۾ اکيون ٻوٽي نظرانداز ڪري ڇڏيون ۽ ڪو “اتحاد” اسان جي دور ۾ بيڪار ، بي سود ۽ بي  معنيٰ عمل آهي . ليڪن مسئلو هي آهي ته “اتحاد” زندگيءَ جي ڪهڙن ڪهڙن شعبن ۾ ممڪن ٿي سگهي ٿو ۽ اسان کي پنهنجين ڪهڙين صفن ۾ “اتحاد” پيدا ڪرڻ گهرجي ؟

اديبن جي دنيا ۾ ان ڪري “اتحاد” پيدا ٿيڻو ڪونهي جو هيءَ دنيا اڄ ڪيترين نظرياتي ڪئمپن ۾ ورهائجي وئي آهي . ڪن جو خيال آهي ته “ادب سماجي ڪارج” رکي ٿو ۽ ڪن جو خيال آهي ته “ادب اديب يا شاعر جي فني يا فڪري صلاحيتن جو تابع ۽ ترجمان آهي .” ڪي اديب “ترقي پسند” آهن “ ڪي وطن دوست” آهن ۽ ڪي پاڻ کي “ادب دوست ” سڏائين ٿا . انهن نظرياتي اختلافن سبب سمورن اديبن ۾  “اتحاد” پيدا ڪرڻ جو هرڪو سعيو اجايو ثابت ٿيندو . اهو حشر ۽ حال اسان جي “سياست” جي شعبي جو پڻ آهي . سنڌ ۾ اديبن جون ايتريون تنظيمون ۽ جماعتون ڪين آهن جيتريون سياسي پارٽيون آهن .

ارتقاءِ جي هن موڙ تي “اتحاد” ته رهيو پنهنجي ماڳ ۽ پري جا ڳالهه پر اسان نه به چاهيون ، ان هوندي به تنظيمن ، تحريڪن ۽ نظرياتي ڪئمپن کي اڃا ڀور ڀور ٿيڻو آهي . ڇو ته انهن ۾ “اجتماعي مفاد”، “جذبي سان سچائي،”  “قرباني ۽ ايثار” ۽ “مسلسل جدو جهد” جي جذبن ۽ عملن جي اڻ هوند آهي . تنظيمون ، تحريڪون ۽ نظرياتي ڪئمپون جڏهن اغوال  اساس ۽ بنياد تان هٽي وڃي “پاڻ چمڪائڻ” ذاتي مفادن حاصل ڪرڻ،” “ٻين جي اشارن تي نچڻ” ۽ “پنهنجن ئي ڪارڪنن کي پاڻ جهڙو نه ڄاڻڻ” جو ذريعو بڻجي وينديون آهن ته انهن جو حشر ۽ حال ٽٽڻ ، ڀرڻ ۽ پاش پاش ٿيڻ هوندو  آهي .

ڪنهن به تنظيم جي ٽٽڻ ۽ ڪنهن تحريڪ جي ڀرڻ جو اندازو لڳائڻ بنهه آسان ۽ ممڪن هوندو آهي . ان لاءِ ڪي پارسيون پڙهڻيون ڪونه پونديون آهن . اسان جيڪڏهن پنهنجي ڀرپاسي ، پنهنجي ڌرتيءَ تي يا پنهنجي وجود ۾ جهاتي پائي ڏسنداسين ته ارتقاءِ جو هي عمل بنهه ظاهر ۽ نمايان ٿي اسان جي اڳيان ايندو .

اجتماعي مفادن ۽ مقصد ڏانهن وڌندڙ ڪنهن به تحريڪ يا تنظيم جو منطقي عمل ۽ ان جو نتيجو هيءَ هوندو  آهي ته ان ۾ وقت گذرڻ سان گڏ نوان ساٿي ، نئون خون ۽ نئون روح ڦوڪبو ويندو آهي ، ان جي انفرادي قوت ۾ اضافو ٿيندو ويندو آهي . ذريعا ۽ وسيلا ان لاءِ ارزان ٿيندا ويندا  آهن ، شهرت ۽ نيڪ نامي ان جا پير چمڻ لڳندي آهي ۽ “منزل” مهينن بدران ڏينهن تي  نظر ايندي آهي . اهي ڳالهيون بدقسمتيءَ سان اسان جي علمي ، ادبي ، سماجي ، ثقافتي ته ڇا پر سياسي تنظيمن ۽ جماعتن ۾ به ڏسڻ ۾ ڪونه ٿيون اچن . ان جي برعڪس اسان جون وڏي کان وڏيون پارٽيون ۽ تنظيمون پنهنجي اندروني خلفشار ، ڄنڊا پٽ ۽ ڀڃ ڊاھ جو شڪار آهن . ڪيتريون تنظيمون پنهنجي صفن ۾ نون ساٿين شامل ڪرڻ بدران پنهنجن کي پراڻن ، پر خلوص ۽ انيڪ قربانيون ڏيندڙ وفادار ساٿين کي تنظيم نيڪاليءَ جون تحريڪون هلائي رهيون آهن . اسان جي علمي ، ادبي ، ثقافتي ، سماجي ، مذهبي ۽ سياسي تنظيمن جو فطري ۽ وقت خواھ حالتن جي مطابق آهي . ڇو ته اسان جاگيردارنه ۽ وڏيرانه ماحول ۾ رهون ٿا ، ان ڪري اسان مان هرڪو پرخلوص ۽ بي لوث ڪارڪن ٿيڻ بدران “وڏيري،” “چوڌري” ۽ “هٿ ٺوڪيئي معتبر” ٿيڻ جي خفت ۾ هوندا آهيون . اسان جي نظرياتي تربيت نالي ماتر به ٿيل نه هوندي آهي ان ڪري اجتماعي ۽ قومي مفاد بدران ذاتي ۽ گروهي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪندا آهيون . سچن ماڻهن کان صفائي حاصل ڪرڻ واري تحريڪ اڪثر ڪري انهن حالتن ۾ هلائي ويندي آهي ، جڏهن پرخلوص ، وفادار ۽ مقصدن سان سچا ڪارڪن ، پنهنجي ئي تنظيم جي کڙپيل ، استحصالي سوچ رکندڙ ، شهرت ۽ دولت جي عاشق اڳواڻن جي هٿن ۾ کيڏي ، سندن آڱرين جي اشارن تي نچي تنظيم يا تحريڪ جي نالي اهڙيون ۽ ايتريون ته مثالي خدمتون سرانجام ڏيندا آهن ، جن مان ناقابليت انديش اڳواڻن کي ته دولت ، شهرت ۽ عظمت جا انبار ملي ويندا آهن ،  ليڪن قرباني ڏيندڙ پرخلوص ڪارڪن شاندار عمارت جي پيڙھ جي پٿر جيان اوجهل يا گمنام ٿيندا ويندا آهن . ڪي اڳواڻ سندن گمناميءَ جو فائدو وٺي کين آسانيءَ سان عمل جي ميدان مان ڪڍي ڇڏيندا آهن ، ڪي اڳواڻ وري اهڙن ڪارڪنن کي ڪنهن ڪنهن اڻ وڻندڙ عمل ۾ ملوث ڪري سڄي ڄمار بليڪ ميل ڪندا آهن پر جيڪو ڪارڪن پنهنجي سگهاري جذبي ۽ مقصد جي سچائي ڪري بليڪ ميل ٿي نه ٿو سگهي ، يا هو پنهنجي صحيح يا غلط عمل کي تنظيم جو تابع “اجتماعي عمل” سمجهن ۽ ثابت ڪن ٿا ته پوءِ انهن خلاف اهڙيون تحريڪون هلايون وينديون آهن ، اڪثر ڪري ايشيا ۽ ٿرڊ ورلڊ ملڪن جي سياست ۾ اهڙي عمل کي پسنديده چال ڄاتو ويندو آهي .

شهرت دولت ۽ حيثيت ۾ شريڪ نه ڪرڻ جي شوق ۾ يا ڪنهن ڳجهي هٿ جي حرڪت ۾ اچڻ ڪري پنهنجن کي ائين ڇني ڌار ڪرڻ  مان جيڪي منفي اثر ظاهر ٿين ٿا ،اهي تحريڪن ۽ تنظيمن جي تباهيءَ جو ڪارڻ ٿيندا آهن . ڇو ته هڪ طرف عوام اندروني خلفشار جي شڪار اهڙين تنظيمن کي ڦڏئي ، مقصد کان خالي ، دولت ۽ شهرت جو گهوارو ڄاڻي منهن موڙڻ لڳندو  آهي ۽ ٻئي طرف ڇني ڌار ڪيل ڪارڪن نظرياتي پختگيءَ نه هئڻ واري صورت ۾ پنهنجي زندگي انهيءَ تحريڪ يا تنطيم کي تباھ ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيندا آهن . جيئن ته اهي عمل جن ڪري کين پنهنجي تنطيمن ، تحريڪن ۽ جماعتن مان خارج ڪيو وڃي ٿو ، سي خارج ٿيل ڪارڪنن جا “ ذاتي عمل” نه هوندا آهن ، بلڪ حقيقت ۾ ان پارٽيءَ جي حڪمن ۽ اصولن جا تابع ۽ سموري تنظيم جا “گڏيل عمل” هوندا آهن . ان ڪري اهي ماڻهو جيڪي پنهنجن ڪارڪنن کي بليڪ ميل ۽ بدنام ڪري پنهنجن تنظيمن مان خارج ڪن ٿا ، سي اڳتي هلي ساڳين عملن جي ڏوھ ۾ پنهنجن خواھ پراون هٿان بليڪ ميل ٿيندا رهن ٿا . اهڙيءَ ريت اهڙن اڳواڻن تي ٻڌل هرڪا تحريڪ ، تنظيم ۽ پارٽي پاڻ – هرتو تباھ ۽ ختم ٿي وڃي ٿي .

 

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو ڪالم

“وڏا وڻ وڻڪار جا ...”

روزاني هلالِ پاڪستان

ڇنڇر 9 مارچ 1991 ع

اسان جي نئين نسل لاءِ معاشرو جيڪي رايا رکي ٿو ، انهن کان “ آئيندي جا ابا ” به  واقف آهن ۽ دانشور باخبر آهن . هن ئي ڪالم ذريعي . اڳ ۾ اسان اهو ٻڌائي چڪا آهيون ته اسان جي نوجوان ۽ شاگرد لاءِ سندس هن  ئي ڄمار ۾  ڪهڙي نه باھ ٻري پئي آهي . هڪ طرف ڪيترا استاد ته ٻئي طرف ڪيترا والدين نوجوانن کي فوٽ بال سمجهي پنهنجي نفرتن جي پيرن سان ٺوڪرون هڻي رهيا آهن . کين ڪهڙي خبر نه هنن ويچارن لاءِ اڳتي ڪهڙي پسي پئي آهي !

شاگردي واري زماني ۾ نوجوان پنهنجي والدين جي ڪلهن تي هوندو آهي . کيس ڪهڙي خبر ته هن کي کيسي جي خرچي ڏيڻ لاءِ ڪيترا والدين کي پنهنجي وات تان گرھ موٽائڻا پون ٿا . مسڪين مارو پنهنجا پيٽ بکيا رکي به شاگردن جي ڪتابن جو خرچ برداشت ڪن ٿا . والدين في ڀرڻ لاءِ ڪيئن قرضي ٿين ٿا ؟ اها نوجوان کي ڪهڙي خبر !

ان کان وڌيڪ اسان جي نوجوان کي ڪهڙي خبر ته هو جڏهن ڊگرين جا انبار کڻي نوڪري تلاش ڪندو ته مٿس ڇا ڇا گذرندي . هن کي اڳتي هلي اهڙي معاشري ۾ قدم رکڻو آهي ، جنهن کي پنهنجي به خبر ڪانهي . معاشرو هجي ماڻهپي ۾ ته اڳ ئي پلاننگ ڪري ڇڏي ته هر ڪنهن کي سک ۽ سڪون جي حياتي گذارڻ وارن موقعن فراهم ڪرڻ لاءِ پاڻ کي جي ڪاروبار ۽ وهنوار کي رنگ ۽ ڍنگ سان هلائڻ ، معاشري کي هر سال ڪيترا ڊاڪٽر ، انجنيئر ، استاد ، پائلٽ ، واپاري ۽ ڪامورا گهرجن . ٻين ملڪن ۾ ٻار پڙهڻ ويهندو ته هن جي لاڙن ، صلاحيتن ۽ لياقتن جو اندازو لڳائي سندس رهبري ڪندا ته تون هي يا هو ٿي سگهين ٿو . مثال طور ڪنهن ۾ استاد ٿيڻ جي سگهه هوندي نه حڪومت اڳ ئي اندازو لڳائي ويٺي هوندي ته فلاڻو ماڻهو جڏهن استاد ٿيندو ته ملڪ ۾ ڪيترا اسڪول هوندا ۽ انهن اسڪولن ۾ ڪيترا شاگرد پڙهندا . ٻين ملڪن ، معاشري ۽ حڪومتن وٽ اهڙو انتظام ۽ حساب ڪتاب آهي ته کيس ڪهڙي ڪهڙي شعبي ۾ ڪيتري افرادي قوت گهرجي . اسان وانگر اکيون ٻوٽي ڪنهن هڪ شعبي جا دروازا کولي نه ويهندا آهن . ان ڪري اتي ڪنهن جي عزت نفس کي ڇيهو نه ٿو رسي . اتي اسان جيان هرڪو ٺوڪرون نه ٿو کائي .

نوجوان جڏهن تعليم مڪمل ڪري عمل جي دنيا ۾ قد م رکي ٿو ته هن اڳيان اهو معاشرو هوندو آهي ، جنهن ۾ هڪ جهڙائي جي حق جو هوڪو کڻڻ گناھ برابر هوندو آهي . نوجوان جنهن معاشري جو فرد بڻجي ٿو ، ان کي ذات پات ، زنگ نسل جو رنگ صدين کان وٺي کائي چڪو هوندو آهي . نوجوان کي انهي دنيا ۾ اچڻو پئي ٿو ، جنهن ۾ صلاحيتن بدران ساٿ ۽ سنگت جي زور تي انسان عهدا ۽ رتبا ماڻيندو آهي . اسان جي آئيندي جو ابو ڪائنات جي انهيءَ ڇيڙي تي پهچي ٿو جتي پرماريت ، ٺڳي ۽ فريب جو سڪو هلندو آهي . اسان جو شاگرد جڏهن اسڪول ۽ اداري جي چوديواري ڇڏي ٿو ته هن لاءِ پوري معاشري ۾ مسئلا ، مونجهارا ۽ عذاب سندس اڳ تي بيٺا هوندا آهن . هيءَ اها دنيا آهي  جنهن ۾ قدر رکڻ کانپوءِ ڪيتريون ئي قداور شخصيتون ڄامڙ بڻجي وڃن ٿيون . ڪٿي آهن اسان جي اهي انسان جيڪڏهن ادارن ۾ اڳواڻ ڄاتا ويندا هئا ۽ تحريڪن جي اڳواڻي ڪندا هئا ؟ عمل جي دنيا الائي ڪيترن انسانن کي لوڙهي وڃي اوڙاھ ۾ اڇلائي گم ڪري ڇڏي ٿي .

اسان جي معاشري ۾ ان کانسواءِ ٻيو به ته گهڻو ڪجهه وجود آهي ! تضاد جي هن دنيا ۾ اهو ڪهڙو موڙ آهي جنهن کانپوءِ رستي روڪ  نه ٿي ٿئي . پنهنجا ۽ پراوا اکيون ڦوٽاري نه ڏسن ته پوءِ هيءَ دنيا ڪهڙي چئبي ؟

ڀلي ڪو پنهنجي محنت سان ترقي ڪري ، پر پنهنجائي هن جا تختا نه ڪڍن ته پوءِ “پنهنجا” ڪهڙا چئبا ؟

اسان ڌرتي جي اڃا بک ۽ بيروزگاري آهي ، غربت ۽ افلاس آهي ، جهالت ۽ بيماري آهي . اسان جا مارو اڃا ڪکائن گهرن ۾ رهن ٿا . پوري انسانيت امن ۽ سڪون جي تلاش ۾  آهي . ڪير آهي جو جتان ڪٿان جنگ جا ناد نه ٿو  ٻڌي ؟

اهڙي دنيا ۽ اهڙي معاشري لاءِ اسان جي نوجوان ڪهڙي تياري ڪئي آهي ؟ ڇا هو ڪاپي ڪري  ڊگري وٺڻ سان قوم ، ڪائنات ۽ پنهنجا مسئلا حل ڪري سگهي ٿو ؟ هو پاڻ ۾ جيڪڏهن محنت جو  مادو پيدا نه ڪندا ته اڳتي هلي ڪهڙا ڪک ڀڃي ٻيڻا ڪندو ؟ ڪير ٿو چئي ته اسان جو نوجوان ڪتابي ڪيڙو ٿي پنهنجي اکين تي ٻٽيون عينڪون چاڙهي . پرکيس ايترو علم ته ضرور هئڻ گهرجي جيئن ڪنهن ٻئي جو محتاج نه ٿئي . علم ۽ قلم ميرا ڪپڙا ته ڪونه آهن جن کي حياتيءَ جي جسم تان لاهي ڦٽي ڪري ڇڏجي .

ائين ڇو ٿيو آهي ته اسان موهن جي دڙي واري ڍڳي گاڏي ۾ به ڪا تبديلي آڻي نه سگهيا آهيون ؟ ائين ڇو آهي جو اسان صدين کان وٺي پنهنجي سماج کي بدلائي نه سگهيا آهيون . فقط ۽ فقط ان ڪري ۽ ان لاءِ جو هردور جي نئين نسل پاڻ کي “آئيندي جو ابو ” سڏائيندي به ايندڙ دور جي تياري نه ڪئي آهي . يا جهڙوڪ هن سان ڌوڪو ڪيو ويو هجي ته جيئن هو ڪامل ۽ مڪمل انسان ٿيڻ کان رهجي وڃي . ڪهڙي دور ۾ اسان جي نئي نسل کي ٻڌايو ويو ته هن کي ايندڙ دور ۾ ڪهڙا خطرا، مسئلا ۽ مونجهارا درپيش آهن ڪٿي آهي اسان جي  تعليمي نظام ۾ اهڙي گنجائش جنهن ۾ علم جي رد عمل کي پرکي سگهجي ۽ ڏسي سگهجي ته اسان جي تعليم  شاگرد جي شخصيت ۽ ڪردار جي تعمير ۽ تڪميل ڪئي يا نه ؟ اسان جو تعليمي نظام ته فقط ڊگرين ڏيڻ جو چئنل آهي ۽ اسان جي تعليمي ادارن ۾ ڪٿي به انسان سازيءَ جو عمل نه ٿو ٿئي .

اهڙين حالتن ۾ اسان جي نوجوان ۽ شاگردن کي فقط حال ۾ بي حال ٿيڻو ڪونهي ، پر آئيندي لاءِ به سوچڻو آهي بلڪ پاڻ کي تيار ڪرڻو آهي . ان لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجي شخصيت ۽ ڪردار جي تعمير ۽ تڪميل لاءِ پاڻ پروگرام ۽ ٽائم ٽيبل ٺاهي . رانديون ڪرڻ هن جو حق آهي ،  سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ هن جو حق آهي ، سياست ۾ قربانيءَ جي ٻڪري نه ٿيڻ جي حد تائين حصي وٺڻ کان کيس ڪوبه روڪي نه ٿو سگهي پر شخصيت جي سمورن پهلوئن کي کيس برابري ۽ هم آهنگي جي بنياد تي اڀارڻو ۽ اجاگر ڪرڻو آهي . اهڙي ريت جو هو جڏهن عمل جي دنيا ۾ قدم رکي ته پاڻ کي سگهارو ۽ لائق سمجهي اڄ جي نوجوان جيڪڏهن ائين نه ڪيو ته پوءِ تاريخ کيس به اسان وانگر ڏوهي قرار ڏيندي ته هن معاشري کي تبديل ڪرڻ ۽ سڌارڻ جو افعال ڪونهي . پوءِ معاشري ۾ ڪابه مثبت تبديلي ڪانه ايندي ۽ اسان وانگر اڄ جو نوجوان به اجايون دانهون ۽ ڪوڪون ڪندو رهندو .

 

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو ڪالم

“تاريخي تقاضائون ۽ اسان جا رويا ”

روزاني هلالِ پاڪستان

ڇنڇر 4 مئي 1991 ع

هن ئي ڪالم ذريعي اسان  اهي شڪايتون ۽ حڪايتون ڪري چڪا آهيون ته ڪنهن به سرڪار اسان جي تاريخ ۽ تاريخي تقاضائن کي پوري ڪرڻ لاءِ سنجيدگيءَ سان ڪو مثبت قدم نه کنيو آهي . پاڻ هڪ کان وڌيڪ دفعا اهو به چئي چڪا آهيون ته اسان جا ادارا الله کي پيارا ٿي چڪا آهن . ادارن جو اهو حشر وڃي ٿيو آهي ته جيڪڏهن مکيه ادارن جي ڊائريڪٽر صاحبان کي هفتو اڳ ۾ اهو ٻڌايو وڃي ته کانئن اُٺ تي انگريزيءَ ۾ مضمون لکرايو ويندو ته يقين سان چئي سگهجي ٿو ته پوءِ به هو اهڙي مضمون جو اَٺ ڏھ سٽون لکي نه سگهندا . جتي وڏن وڏن ادارن جا وڏا وڏا صاحب فقط پنهنجون صحيحون ڪري ڄاڻن ، انهن کي ڪهڙي خبر ته اسان جي ڪا به تاريخ اهي ۽ ان جون به ڪي تقاضائون ٿي سگهن ٿيون .

اهڙين حالتن ۾ تاريخ ۽ تاريخي تقاضائن ڏانهن ڪير توجھ ڏئي ؟ ممڪن جواب هي ٿي سگهي ٿو ته جو “ڄڻي سونپائي.”  يعني جنهن طبقي کي قوم جي ماضي ، حال ۽ مستقبل سان محبت ٿئي ٿي . اهو ئي هن طرف توجھ ڏئي سگهي ٿو . اها اسان سمورن کي خبر آهي ته دانشور ۽ مدبرئي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن سان محبت ڪندا آهن ۽ سندن خدمت جي دعويٰ ڪندا  آهن .

انگريزن جي دور ۾ جيڪي به سياسي پارٽيون ۽ پريشر گروپ سرگرم عمل هئا ، اهي وقت به وقت پنهنجي خدمتن ، سرگرمين ۽ ڪارگذارين بابت رپورٽون شايع ڪندا هئا ، مثال طور “خلافت ڪاميٽي” جون ساليانون رپورٽون شايع ٿينديون هيون . جيڪا پارٽي قائم ڪئي ويندي هئي ، ان جو مينيفيسٽون اڳواٽ ئي شايع ٿيندو هو ، جيڪي ڪانفرنسون ٿينديون هيون ، انهن جون تفصيلي رپورٽون هرحالت ۾ پڌريون ڪيون وينديون هيون . اخبارن ۾ سياسي لٽريچر گهٽ شايع ٿيندو هو ، ليڪن هرهڪ جماعت طرفان چڱا خاصا ڪتاب ، ڪتابڙا ۽ ٻيو مواد شايع ٿيندو هو .

اڄ ، اسان جي دور ۾ حالتون ان جي برعڪس آهن . سياسي پارٽين طرفان سياسي لٽريچر جهڙوڪ شايع ئي نه ٿو ٿئي . انهن جو زور ۽ بار اخبارن ۽ رسالن تي آهي . اسان وٽ فقط سياسي پارٽيون ڪونه آهن ، بلڪ انهن جا ذيلي شعبا به ٿين ٿا . هرهڪ پارٽي ٻارن ، شاگردن ، پورهيتن ۽ عورتن ۾ به تنظيم سازي ڪئي آهي . اخبارن ۾ جڏهن به ڪنهن پارٽي يا ان جي ڪنهن شعبي جو بيان شايع ٿئي ٿو ته اخبارون وارا کين خوش ڪرڻ لاءِ يا هو پنهنجي نالي شايع ٿيڻ جي شوق ۾ سمورن عهديدارن جا عهدا ۽ نالا ڏين ٿا . اهي سياسي بيان پڙهڻ کان اڳ هردفعي تي جهڙوڪ پيڊ تي ڇپيل سمورا نالا به پرهڻا پوندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن نالن جي لسٽ ايتري ته طويل ٿي ويندي آهي جو پڙهندڙ جو اصلي بيان يا خبر تان توجھ ئي هٽي ويندو آهي . اسان هروز هرهڪ اخبار جو چوٿون پنجون حصو اهڙن سياسي بيانن ۽ خبرن سان ڀريل ڏسون ٿا ، ليڪن انهن  مان تاريخ ۽ تاريخ نويسيءَ لاءِ مواد اٽي ۾ لوڻ برابر ملي ٿو . ڇو ته اخباري دنيا جون پنهنجون مجبوريون ، ضرورتون ، اوليتون ۽ ترجيحون ٿين ٿيون . ان ڪري انهن ۾ سنجيدي قسم جو سياسي لٽريچر شايع نه ٿو ٿئي ، جنهن مان ڪنهن ٻه پارٽيءَ جي ڪارڪردگيءَ جو صحيح صحيح اندازو لڳائي سگهجي .

ساڳيو حشر ۽ حال اسان جي ادبي دنيا جو پڻ آهي . اسان جي ادبي دنيا ۾ ڪارڪردگيءَ جي رپورٽ جاري ڪرڻ کي ڪڏهن به اهميت نه ڏني وئي  آهي . حالتن جي ستم ظريفي اها آهي ته هرڪو تخليقڪار پنهنجي  پنهنجي قلمي پورهئي جي حفاظت لاءِ پاڻ کي ذميوار نه ٿو ڄاڻي ۽ اسان جي قلمي پورهيتن جي وڏي ڪثرت وٽ پنهنجي خدمتن ۽ سرگرمين جا انگ اکر گڏ ٿيل ڪونه آهن !

انهن ئي ڳالهين کي ڳڻيندي مون سنڌالاجيءَ ۾ “ڏات – ڌڻين جي رٿا ” وارو ڪم هٿ  ۾کنيو هو ته جيئن گهٽ ۾ گهٽ علم ادب جي دنيا سان لاڳاپيل شخصيتن جي خدمتن ۽ جماعتن جي سرگرمين جا انگ اکر گڏ ڪيا وڃن ۽ اڳتي هلي انهن کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو وڃي . ڇرڪائيندڙ ڳالهه اها آهي ته هن پراجيڪٽ جي مخالفت اسان جي ادبي دنيا جي نهايت قداور شخصيتن ڪئي . هڪ مهربان جيڪو سدائين پاڻ کي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو فدائي لکندو ۽ چوائيندو آهي ، تنهن اسلام آباد مان فون ڪري چيو هو ته “ اسان اديبن ۽ شاعرن جا سپرهاءِ وي تي بوٽ لهرائيندا هئاسين ۽ تون هليو آهين سندن هٿ منهن ڌورائڻ ۽ سندن ڪارا ڪاڳر ميڙڻ . اها رٿا بند ڪر نه ته بڇڙو ڪري ڪڍرائينداسون .”

اهڙين حالتن ۾ هڪ نيم سرڪاري اداري ۾ سياسي لٽريچر جي ميڙي چونڊي ڪرڻ ته ناممڪن هو ، ليڪن پنهنجي دور جي علمي ، ادبي ۽ ثقافتي اهميت وارو مواد ميڙڻ به مشڪل هو ، پر جا ڳالهه شروع کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين کنکدي رهندي آهي ، اها هيءَ آهي ته اسان جو دانشور ۽ مدبر انهي خيال جو آهي ته هن جيڪڏهن پنهنجي خدمتن ۽ سرگرمين جا انگ اکر ڪنهن اداري ۾ محفوظ ڪرايا ته سندن مخالف ڌر يا ڪا سرڪارانهن جو غلط استعمال ڪري سگهي ٿي .

پهرين ڳالهه هيءَ آهي ته سرڪار يا ڪنهن دلچسپي رکندڙ سرڪاري اداري وٽ اڳ ئي ڪنهن دانشور ۽ مدبر بابت اهڙي ۽ ايتري معلومات هوندي آهي ، جيڪا مالڪ وٽ به موجود ڪانه هوندي آهي . ٻي ڳالهه هيءَ آهي ته انسان اهڙا عمل ڪري ڇو جنهن جي سزا ۽ جزا کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه آهي ۽ جن کي سڀني کان لڪائيندو  ٿو رهي ، دراصل ڳالهه ڪاٺ پوڻ يا تڪليف ۾ اچڻ جي ڪانهي ، پر اسان جا ڪيترا دانشور ۽ مدبر پنهنجي غيراھ  ۽ غيرمعمولي سرگرمين خواھ خدمتن جو وچور ڏسڻ نه ٿا گهرن . هو  ڄاڻن ٿا ته جيڪڏهن سندن خدمتن ۽ سرگرمين جو رڪارڊ مرتب ڪيو ويندو ته انهيءَ ۾ ڪيترن کي پنهنجو ڪوبه ڪارنامو نظر نه ايندو ، سياستدانن جي سرگرمين جو اهڙو وچور ٺهندو ته ڪيترن جا فقط بيان ئي بيان نظر ايندا ، پارٽيون بدلائڻ جو اندازو ٿيندو ، ۽ بس ! اهڙيءَ ريت وقت ۽ حالتن مطابق قدرن ، نظرين ۽ اصولن جي تشريح ڪندڙ دانشورن کي پنهنجي ئي سرگرمين جي وچور ۾ پنهنجي ٻٽي تصوير نظر ايندي .

اسان جي دانشور ۽ مدبر کي ڪنهن جاسوس کاتي ، پنهنجي اندر واري انسان ۽ عوام جي پڇا ڳڇا واري ڊپ کان آجو ٿي پنهنجي خدمتن ۽ سرگرمين جو رڪارڊ پاڻ مرتب ڪري عوام ۽ تاريخ اڳيان آڻڻ گهرجي . عوام اڳيان ان لاءِ ته جيئن هو ان ۾ چڱيون ڳالهيون ڏسي انهن تي عمل ڪري ۽ خراب ڳالهيون ڏسي انهن کان پاسو ڪري . تاريخ اڳيان ان لاءِ آڻڻ گهرجي ته جيئن پنهنجا تجربا ۽ مشاهدا ايندڙ نسلن تائين پهچائي سگهجن .

 

 

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو ڪالم

 “ ڇا کي وڃيو ڇو ، ٻيلي رهين ٻين جو ”

هلالِ پاڪستان

 ڇنڇر 30 مارچ 1991 ع

دانهن مٿان دانهون ۽ ڪوڪن مٿان ڪوڪون ٿيون پون ته سماج کي بدلايو ، ظلم لڳو پيو آهي . انسان ذات پات جي زنگ ۾ وٺجي ويو آهي ، غربت جي غار جو منهن اڃا بند نه ٿيو آهي ، جهالت روز بروز وڌندي پئي وڃي ، ڏاڍ ۽ ڏمر جا ڏينهن ئي نه ٿا کٽن . پرماريت پنهنجا پر پکيڙي ويٺي آهي ، ڪٿ به امن ۽ سڪون جو نالو نشان نه ٿو نظر اچي ، لافاني قدر ختم ٿيندا پيا وڃن ،  غربت جو اوهي واهي ڪونهي ، ڏاڍي لٺ کي ساڳيائي ٻه مٿان آهن ، وغيره وغيره .

سوال ٿو پيدا ٿئي ته اهي حالتون ڇو نه ٿيون بدلجن ۽ آخرڪار اهي ڪڏهن بدلبيون ؟ انساني تاريخ اهو ٻڌائي ٿي ته اهڙو ڪو سوال ئي ڪونه ٿيندو آهي جنهن جو جواب موجود نه هجي . هر سوال جو جواب ٿيندو آهي ته پوءِ هن سوال جو به جواب هئڻ گهرجي ، جيڪو واقعي آهي به .

حالتن جي بدلائڻ ۾ ڪنهن کي عمل دخل حاصل آهي ؟ انهيءَ مسئلي ته اسان جي معاشري ۾ اڻ ڳڻيا اختلاف موجود آهن . هڪڙن جو خيال آهي ته حالتن کي انسان بدلائي ٿو ۽ ٻين جو خيال آهي ته حالتون انسان کي بدلائين ٿيون ، ان ڪري انسان حالتن اڳيان بي بس ، مجبور ۽ لاچار آهي . جيڪي چون ٿا ته حالتن کي انسان بدلائي ٿو ، انهن جو خيال آهي ته جيڪڏهن انسان هٿ ٻڌي حالتن جي تبديليءَ جو انتظا ڪندو ته ان جي معنيٰ اها ٿي ته هو هڪ بي جان شئي آهي ، جنهن حالتن جي وهندڙ درياھ ۾ پاڻ کي درياھ جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي ، دنيا ۾ جيڪي به انقلاب آيا آهن ، انهن پٺيان شعوري ڪوشش موجود هوندي آهي ، انهي قوم جا ڏاها انسان پهريون ذهني ۽ فڪري انقلاب آڻيندا آهن ۽ ان جي نتيجي ۾ پوءِ ٻي تبديلي ايندي آهي .

جيڪڏهن ڏاهن انسانن جي شعوري ڪوشش ڪا تبديلي آڻڻ جو واحد ذريعو هجي ها ته پوءِ لاکيڻي لطيف جي پيغام جي موجودگيءَ باوجود اسان جو ههڙو حشر ڇو ٿيو آهي جو پيرن هيٺيان شهرن جي ڌرتي ڇڏائيندي وڃي ، وات مان زبان سسندي وڃي ٿي ۽ راتين مان ننڊ خواھ ڏينهن جو سڪون تباھ ٿيندو وڃي ٿو . هي سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي جو لطيف سائين ته اسان سان سچو رهيو ، ليڪن اسان ساڻس ۽ سندس پيغام سان سچا نه رهيا آهيون . اسان لطيف سائين جو نالو روڊن ۽ ريلن ، هوٽلن ۽ هاسٽلن ، ڪارخانن ۽ ڪتاب گهرن ، جماعتن ۽ ادارن تي ته رکيو آهي ليڪن سندس پيغام کي سمجهي ان تي عمل نه ڪيو آهي . لطيف سائين اسان جي ثقافتي چرپر ۽ هلچل جو اهڃاڻ ته وڃي رهيو آهي ، ليڪن اسان کانئس قومي ، انقلابي ۽ عالمي شاعر هئڻ واري حيثيت کسي ورتي آهي . کانئس اها حيثيت ڪنهن کسي  آهي ؟ قوم ؟ نه ، ڪڏهن به ، بلڪ اسان پارن سفيد پوش ٻه اکر پڙهيل ڪڙهيل ، پاڻ کي سيبتن ، ڏاهن ۽ سياڻن سڏائيندڙ انسانن ! جيڪي قوم جي دک درد رکڻ جي دعويٰ ڪيون ٿا ، جيڪي قوم جي  روشن آئيندي جي خوابن ڏسڻ لاءِ پيٽ ڀري کائي سمهون ٿا .

هن جو اهو مطلب ٿيو ته واقعي ڪا شخصيت ۽ سندس شعوري ڪوشش حالتن جي بدلائڻ جو اڪيلو ذريعو نٿي ٿئي . بلڪ حالتن بدلائڻ ۾ ڪي ٻئي محرڪات ، ڪارڻ ۽ سبب به ٿين ٿا ، پر اها دعويٰ ۽ اها ڳالهه اسان جي معاشري ۾ قبول ڪرڻ جوڳي ناهي . اسان پنهنجي معاشري ۾ اهو تڪڙو مڃرائي نٿا سگهون ته حالتن بدلائڻ ۾ شخصيت کي ثانوي حيثيت حاصل هوندي آهي . اهو مثال به سمجهائي نٿا سگهون ته ماڻهو وڻ مان انب تڏهن ئي پٽي سگهندو ، جڏهن وڻ ۾ انب هوندا ، حالتون تبديل تڏهن ڪري سگهيون جڏهن حالتون سازگار هونديو .

اسان جو معاشرو “آدرش پرست ” ۽  “آدرش پسند ” معاشرو آهي ، انهيءَ سوچ اسان جي عوام ۽ ان جي علمي ، ادبي ، ثقافتي ۽ سياسي اڳواڻن جي فطرت کي پڻ متاثر ڪيو آهي . عوام جو  خيال آهي ته اديب ۽ شاعر جي قلم کي جنبش ايندي ته ذهني ۽ فڪري انقلاب ايندا . ڪو قومي اڳواڻ زبان کوليندو ته ظلم جا زنجير ٽٽي پوندا . اهڙيءَ ريت اسان جو علمي ، ادبي ۽ سياسي اڳواڻ به پاڻ کي انقلاب آڻيندڙ ۽ نجات ڏيندڙ ڄاڻي ٿو .

هاڻي جيڪڏهن سنڌ صدين کان وٺي مردم خيز مٽي رهي آهي ۽ هن ڌرتيءَ علم ادب خواھ سياست جي ميدان ۾ املهه ماڻڪ ماڻهو پيدا ڪيا آهن ته پوءِ به ڪا تبديلي ڇو نه آئي آهي ۽ اسان دانهون ۽ ڪوڪون ڇو ٿا ڪريون . يا ته اسان جون دانهون ڪوڪون اجايون آهن يا وري انهن املهه ماڻڪ ماڻهون ڪو ٻوٽو ڪونه ٻاريو آهي .

اسان جي دانهن ۽ ڪوڪن ۾ ته وزن آهي ، البت انهيءَ ڳالهه تي سوچي سگهجي ٿو ته اسان جي علمي ، ادبي ، ثقافتي ۽ سياسي آدرشن ڪيتري قدر ٻوٽو باريو آهي . ڪنهن اجائي اينگهه ڪرڻ بدران ٿورن لفظن ۾ ائين چوڻ ڪافي ٿيندو ته ٻوٽي ٻارڻ جو مقصد آهي ته پنهنجي قول ۽ فعل ، شخصيت ۽ ڪردار کي ملائي ، بي لوث بڻجي پنهنجي منزل طرف انتهائي خلوص ۽ پڪي ارادي سان اڳتي وڌڻ ۽ بس . هاڻي انهيءَ ڪسوٽيءَ کي اڳيان رکي اچو ته اسان پنهنجي پنهنجي آدرش جي ڪارنامن جو جائزو وٺون . ائين ڪرڻ سان پاڻ ئي اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا ۽ اهو احساس ٿيڻ لڳندو ته اسان کي پنهنجي آدرش دوستي ، آدرش پرستي ۽ آدرش پسندي واري نظرئي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي .

جڏهن اسان چئون ٿا ته حالتون نه بدليون آهن ۽ اسان اهي حالتون بدلائڻ گهرون ٿا ته ان جو هي مطلب پڻ آهي ته اسان هر انهيءَ آدرش کي نه ٿا مڃون ، جنهن جي دعويٰ آهي ته هو حالتن بدلائڻ جي ڪوشش ڪندو آيو آهي . جڏهن اسان موجوده حالتن کي قبول نه ٿا ڪيون ته لاشعوري طور تي پنهنجي آدرشن کي قبول نه ٿا ڪريون ، پر جڏهن شعوري طور تي حالتن ۽ آدرش کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪنداسين ته پوءِ جهڙوڪ دنيا جي سمورن انقلابن ۽ تبديلين جي پهرين مڃيل اصول کي پنهنجو ڪري ورتوسين ، ۽ اهو اصول آهي “نفي کان اثبات” طرف وڌڻ .

هي ڳالهه جيڪڏهن اسلامي تاريخ ۽ دين مان مثال ڏئي ڪجي ته مناسب ٿيندو . اهو ماڻهو ان وقت تائين مسلمان ٿي نه ٿو سگهي ، جيستائين ڪلمو نه ٿو پڙهي . اهو ماڻهو ان وقت الله کي نه ٿو مڃي ، جيستائين سندس مڃتا کان اڳ اڻ ڳڻيا الله مڃڻ کان انڪار نه ٿو ڪري . يعني ته پهريون هر شئي ۽ هر الله کان انڪار ڪري ٿو ۽ پوءِ حقيقي الله جو اقرار ڪري ٿو . اهڙي ريت جيستائين اسان اڻ ڳڻين آدرشن جي مڃتا جا  منڪر نٿا ٿيون ، ان وقت تائين حقيقي آدرش جي مڃتا ڪري نه ٿا سگهون . اهو حقيقي آدرش ڪير آهي ۽ ڪٿي آهي ؟ انهيءَ جو جواب تلاش ڪرڻ کان اڳ ضروري آهي ته هو پنهنجو پاڻ کي آزاد ڪري اهو علان ڪري ته  جيئن آئون هنن حالتن مان خوش نه آهيان ، تئين انهن حالتن پيدا ڪندڙن ۽ حالتن بدلائڻ وارن دعويدارن کان به خوش نه آهيان ، ان ڪري نه ته حالتن کي مڃان ٿو ۽ نه وري انهن آدرشن کي مڃان ٿو .

 

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو ڪالم

جيڪس هيس ڌاري....

روزاني هلالِ پاڪستان

ڇنڇر 6- اپريل 1991ع

ڪتابن جا ورق ورائي ڏسبا ، اخبارن جا صفحا اٿلائي ڏسبا ۽ ٽي . وي يا ريڊيو جو  سئچ آن ڪري ٻڌبو ته جتان ڪٿان اهي دانهون ۽ ڪوڪون ٻڌڻ ۾ اينديون ته ڪنهن کي ويچاري قوم جو ڏک آهي ، سڀني جو هنيان ٿو پيو  ڦاٽي، جيڪڏهن اهو حشر ۽ حال ٻه اڍائي سال اڃا رهيو ته قوم جي هڏ ڏوکين جو ماس ته ڇا پر هڏا به ڳري ويندا.

قلم ڌڻين وٺي قلمي ڪات ڪهاڙا کنيا آهن ته ستل قوم کي هر صورت ۾ اٿاريو ۽ جاڳايو وڃي . اخبارن جا سينا “هوشيار ، خبردار” جي قلمي آوازن ڦاڙي وڌا آهن . ٻن ٽن مهينن جي اخبارن کي اڳيان رکي ڏسبو ته اسان جي ليکڪن گهڻي کان گهڻو جنهن موضوع تي لکيو آهي ، اهو موضوع آهي “قوم جي بيداري” ! پر ، ڪو ويچارن ليکڪن کان اهو به پڇي ته ڀائرو اوهان جنهن مجبور ، مفلس ۽ مظلوم قوم لاءِ جاڳرتا جي باھ ٻاري ڏني آهي ، اها ستي ڪٿي آهي ؟ ان کي آرام  ڪڏهن نصيب ٿيو آهي؟ اوهان ڇو اچي هن جي پٺيان پيا آهيو ، گهٽ ۾ گهٽ اوهان ته کيس ٿورو آرام ڪرڻ ڏيو . کيس آرام جي ضرورت آهي . ڇڏيوس ته اها پنهنجي ذهن ۽ دماغ کي تازو ڪري وٺي .

آئون پنهنجي اديبن ۽ ليکڪن جي انهي ڳالهه سان اتفاق ڪونه ڪندس ته ڪو اسان جي قوم غفلت جي ننڊ ۾ آهي . ان جي برعڪس ويچاري قوم جو آرام ئي ڦٽل آهي . جيڪڏهن ڪنهن کي اعتبار نه اچي ته هو پنهنجي دل تي هٿ رکي پاڻ کان پڇي ته ڪيترا سال ٿيا آهن جو هن قرار سان ننڊ ڪئي آهي ؟ هن جون راتيون ڪيئن گذرن ٿيون ؟ ۽ هن جا ڏينهن ڪيئن گذرن ٿا ؟ جڏهن اسان مان به ڪو اهو نه ٿو مڃي ته هن کي آرام جي ننڊ نصيب آهي ته پوءِ قوم ڪيئن ستل چئبي . ها، قوم ستل ڪانه آهي ، بلڪ اسان جي قوم ڇٻر مثال آهي ، جيئن ڇٻر کي گڏھ ۽ گهوڙو به کائي ، ڍور ۽ ڍڳو به کائي پر پوءِ به اها پاڻ – هرتو ڦٽي پئي ۽ کُٽي ئي ڪونه . اسان جي قوم کي ڪنهن ڪنهن نه کاڌو ، لٽيو ۽ ڦريو آهي ؟  عملدارن رعيت آزارن سان ملي ڏسو ته جهڙوڪ مڏي ڪاتي وهائڻ کان به ڪين ٿا مڙن .ڪنهن “چڱي مڙس” ڏي وڃو ، پٽڪو ٻڌي ته مٿي سان وڃبو پر موٽ تي اهو چيلهه سان ٻڌل هوندو ، ڪنهن اقتدار واري اڳواڻ ڏي پنڌ ڪبو ته وعدن ۽ دلاسن سان ڪنڌ ئي ڀڄي پوندو ، بي اختيار بادشاهن سان ملبو ته “نيٺ ته صبح ٿيندو” جي نيرن ڪرائي تڪڙو روانو ڪري ڇڏيندا قوم جي ڪنهن به فرد کي ڪٿي به سهارو ملي، سا ڳالهه اسان وٽ ٿيڻِي ئي ڪانهي !

پر، جيڪا ويڌن هر ڪو قوم سان ڪري ٿو ، اها ڏسي پٿرل دل انسان به روئي پئي . آئون جڏهن اليڪشن کان اڳ ۽ پوءِ واري عرصي جي انهن بيانن کي اڳيان رکي پڙهڻ ويٺو آهيان ته ڇرڪ نڪتا ٿا وڃن . هي ڌرتي ۽ هي قوم جيڪڏهن واقعي اسان جي اڳواڻن ، رهبرن ۽ مدبرن جي هجي ها ته هوند ان جي ايتري توهين نه ڪئي وڃي ها ، ڪن قدردانن اهو چيو آهي ته هن دفعي قوم سوچ کان ڪم نه ورتو ته کيس پڇتائڻو پوندو ، ڪن اهو  فرمايو آهي ته قوم پنهنجي غلطي جو ازالو ڪيو آهي ، ڪي وري اڃا تائين اهو فرمائي رهيا آهن ته هي قوم سڌرڻي ئي ڪانهي !

اڙي بابا ! هي ويچاري قوم ڪنهن ڏانهن قرآن شريف کڻي ڪونه وئي آهي ته اوهان ان جا اڳواڻ ٿيو ، رهبر ٿيو ۽ اقتدار يا ايوان  ۾ ويهي ، هن جي خدمت ڪيو ، خدمت فقط سياست ، محلن ، ماڙين ۽ بنگلن ذريعي ڪانه ٿيندي آهي . جيڪڏهن قوم جي ڪو خدمت ڪري ٿو ته اهو هاري ڪري ٿو ، جيڪو اونداهي رات ۾ لنڊيون لتاڙي گرمي ، سردي ۾ ڌرتي مان اَن اپائي ٿو ، جيڪڏهن قوم جي ڪو خدمت ڪري ٿو ته اهو اديب ، شاعر ۽ صحافي ڪري ٿو ، جيڪو پنهنجون ننڊيون ڦٽائي قوم لاءِ لکي ٿو ۽ پنهنجي ٻچڙن جي وات جي گرھ کسي پنهنجي ئي پئسن مان پنهنجون لکڻيون شايع ڪرائي ٿو ، جيڪڏهن قوم جي خدمت ڪري ٿو ته اهو معصوم ۽ مظلوم شاگرد ڪري ٿو ، جنهن کي جوڀن ۽ جوانيءَ تي پهچڻ کان اڳ ڪانه ڪا ڌر سندس انسان دوستي يا وطن دوستي جي جذبن جو استحصال ڪري کيس قرباني جو ٻڪرو بڻائي ٿي ، جيڪڏهن قوم جي ڪو خدمت ڪري ٿو ته اهو چونڪ تي بيٺل بوٽ پالش ڪندڙ ٻالڪ ڪري ٿو  ، جنهن پنهنجي عمل سان “محنت جي عظمت” کي پئي ثابت ڪيو آهي . باقي اقتدار ۾ رهي ڪري به قوم کي معاف نه ڪرڻ ۽ اقتدار کان ٻاهر رهي به قوم جي لاک لاهڻ نه خدمت آهي ، نه محنت آهي ۽ نه وري عظمت آهي .

چيو ويندو آهي ته “جنهن جو کائجي ، تنهنجو ڳائجي” . اسان جنهن جو کائون ٿا ، تنهن جو جيڪڏهن ڳائي نه ٿا سگهون يا ان کي ڪجهه ڏئي نه ٿا سگهون ته ڏکوئيون ته نه . ڪيڏي نه ڏک جي ڳالهه آهي جو لطيف سائين فرمائي ته “جيها تيها ، مون مارو مڃيا” ، پر اسان انهن مارن تي ميارن رکڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه ڪم نه ٿا ڪريون . اسان ڪا تحريڪ ته گوليون کائي اها ئي قوم ، جيل ڀري اها ئي قوم ۽ رت جي هولين مان گذري ته اها قوم . پوءِ به اها قوم غافل ! پوءِ به اها قوم غلطين جو مجسمو !

پوءِ به اها قوم جاهل ۽ بي سمجهه !!!

ڌڻي تعاليٰ جڏهن آدم کي خلقڻ جو ارادو فرمايو ته ملائڪن هن تخليق جي مخالفت ڪئي ۽ عرض ڪيو ته اهو زمين تي فساد ڪندو ۽ رت وهائيندو . ڇا ، اها ڌڻي کي خبر نه هئي ته آدم جو اولاد دنيا ۾ وڃي ڇا ڪندو ؟ بلاشڪ کيس اها خبر هئي ، پر پوءِ به رب ڪريم جو انسانذات تي اعتماد ته ڏسو جو فرمايائين ته آئون پنهنجو خليفو پيدا ڪري رهيو آهيان . مٽي مان ٺاهيل پنهنجي انهي خليفي کي باھ مان جوڙيلن کان سجدا ڪرايائين! جنهن “آدم” کي مڃڻ ، سڃاڻڻ ۽ سندس حيثيت کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ، اهو تڙيو ويو .

هن دنيا ۾ اهي ئي روايتون باقي آهن ۽ باقي رهنديون ، هڪڙا ماڻهو الله جي روايتن ۽ خواهشن کي مان ڏيندي آدم ۽ آدم جي اولاد کي عزت ۽ احترام ڏيندا آهن ، ۽ ٻيا انسان اشرف المخلوقات ۽ الله جي خليفي کي پنهنجي پيرن جي پڻي ڄاڻيندا آهن . اها ڪسوٽي ئي ڪنهن جي عظمت ۽ حيثيت کي مڃائي به ٿي ته مقرر به ڪري ٿي . جڏهن عام انسان ۽ آدم جي اولاد جو به اسان کي ايترو احترام ڪرڻو آهي ته پوءِ پنهنجي قوم سان ته انهي کان وڌيڪ عزت ۽ احترام سان پير کڻڻو پوندو آهي ڇو ته فرد قوم جي ڪري ئي ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو ۽ قوم کانسواءِ فرد جو وجود بي معنيٰ هوندو آهي . انسان قوم جي ڇپر ۽ ڇانو ۾ رهي ڏونگر به ڏاري سگهي ٿو ۽ پنهنجو مستقبل به سڌاري سگهي ٿو . هن جي بقاءِ هن جو وجود قوم جي صدقي ٿئي ٿو ، پرائين لڳي ٿو ته اسان جي قوم جهڙوڪ ڌارين جي قوم آهي ان ڪري ساڻس اهو ۽ اهڙو رويو رکيو پيو وڃي .

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو ڪالم

ڪوڙو تون ڪفر سين ...

روزاني هلالِ پاڪستان

 ڇنڇر 11- مئي 1991 ع

اسان جي قوم جي سڌاري ۽ واڌاري جو اونو جيترو اديب ۽ سياستدان کي آهي ، شايد ئي اهڙي ڳڻتي ڪنهن ٻئي طبقي کي هجي . اسان جا دانشور ۽ مدبر اهائي دعويٰ ڪندا رهن ٿا ته سندن زندگيءَ جو مقصد ئي آهي قومي خدمت  محبت ۽ بس !

اخبارن ۽ رسالن جا ورق ورائي ڏسبا ۽ روزبروز شايع ٿيندڙ ڪتاب ڳڻي ڏسبا ته اهو معلوم ٿيندو ته اسان جي  آباديءَ جو چڱو خاصو حصو لکڻ پڙهڻ وارن جو آهي . اهڙيءَ ريت اڻ ڳڻين سياسي پارٽين ، انهن جي شاخن ۽ يونٽن ، سندن شاگردن ، بالڪن پورهيتن ۽ عورتن جي تنظيمي شعبن جي فقط عهديدارن جو وچور ٺاهبو ته انهن جو تعداد پڻ هر حالت ۾ پنهنجي آبادي جي چڱي خاصي پتي والاري بيهندو . اسان جي قوم ۾ اديب به اڻ ڳڻيا آهن ته سياستدان به ڳڻڻ کان مٿي آهن . پوءِ به يار به چاڪي سينڌ به اڻڀي وارو حشر لڳو پيو آهي اسان جا اديب جيترو ٿا  “بيداري” آڻڻ جي ڪوشش ڪن ، اوتري ٿي “بيزاري” پيدا ٿئي ۽ اسان جا سياستدان جيترو ٿا “حقن” جون ڳالهيون ڪن ، اوترا ٿا اسان سان “ناحق” ٿين ! ائين ڇو آهي ؟

ائين ڇو آهي ته اسان جي معاشري ۾ اديب کي هوائي ڳالهيون چوندڙ ۽ سياستدان کي سبز باغ ڏيکاريندڙ چيو وڃي ٿو . ائين ڇو آهي ته ڪنهن جهيڙي ۽ اختلاف وقت ٺڳي ۽ منافقي ڪندڙ ماڻهو لاءِ چيو ويندو آهي ته “هو سياست ڪري ويو ، يا سياست ڪري رهيو آهي . “ائين ڇو آهي ته هر ڪنهن اديب ۽ شاعر کي حساس ، جذباتي ۽ زندگيءَ جي سچائين خواھ حقيقتن کان  منهن موڙيندڙ ڄاتو ۽ چيو ويندو آهي . علم ادب جا انبار ۽ سياست جون سرگرميون اسان جي سوچ ۽ مقدر کي بدلائڻ ۾ ڇو ناڪام ويون آهن ؟

اديب ۽ سياستدان جو معاشرو ان ڪري به مخالفت ڪري ٿو جو اهي ٻئي طبقا انهيءَ معاشري ۽ سماج کي بدلائڻ گهرن ٿا . اهڙيءَ داخلي مخالفت کان سواءِ کين خارجي مخالفت جو نشانو به ٿيڻو پئي ٿو . جڏهن سياستدان عوام جي حقن جي ڳالهه ڪندو ته کيس رڳو اڪ جي ماکي ته لاهڻي ڪانه پوندي . اهڙي ريت اديب ۽ شاعر ظلم ، جهالت ۽ غربت خلاف جهاد ڪندو ته ان لاءِ فقط سندس قلم جو رت ئي ته قبول نه پوندو . ان ڪري ٻنهي کي مضبوط ۽ منظم ڏاڍ جي مخالفت به برداشت ڪرڻي پوندي .

اسان جي اديبن ۽ سياستدانن جو پر خلوص طبقو اها پلصراط به ٽپندو رهي ٿو ۽ اڪثر ڪري وقت خواھ حالتن جي بي رحم هٿن جو نشانو به ٿيندو  رهي ٿو . پر پوءِ به تريءَ ئي تيل نه ٿو لڳي ، ان جو ڪهڙو سبب آهي؟

 ان جو ممڪن جواب هي پڻ ٿي سگهي ٿو ته جيڪڏهن ڏهن جريبن جي ايراصيءَ ۾ جتي هڪڙو گل ۽ باقي ڪرڙ ۽ ڪنڊا ڦٽل هجن ته اهو اڪيلو گل سموري ايراضيءَ کي ته پنهنجي خوشبوءِ سان واسي نه ٿو سگهي . بلاشڪ اسان جي اديبن خواھ سياستدانن ۾ پرخلوص بي لوث انسانن جي اڻاٺ ڪانهي ، پر اهي پرخلوص فرد اقليت ۾ آهن ان ڪري سندن قربانيون ۽ ڪوششون اڪيلي گل جي خوشبوءِ جيان وڏي ايراضي ، يعني سموري ادبي يا سياسي ماحول تي اثر انداز نه ٿيو ٿين .

آڱرين تي ڳڻجڻ جيترن انهن پرخلوص اديبن ۽ سياستدانن کي ڇڏي باقي علم ادب ۽ سياست جي افرادي قوت کي ڏسبو ته اکين مان پاڻي نه ايندو ته ٻيو ڇا ٿيندو ؟ پرخلوص ، بي لوث ۽ سچن انسانن کان سواءِ باقي اديبن جو علم ادب سان ۽ سياستدانن جو  سياست سان جهڙوڪ واسطو ئي ڪونهي . جيڪڏهن سندن ڪو زندگيءَ جو مقصد آهي ته ذاتي يا گروهي مفاد ۽ بس !

اسان جي علم ادب جي دنيا هجي يا سياست جو رنگ محل ، ڪهڙي هنڌ تي پرخلوص ، بيلوث ،  محنتي ۽ ايماندار ماڻهوءَ ڪي ميدان مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش نه ٿي ڪئي وڃي ؟ ڪهڙيءَ دنيا ۾ پنهنجي معمولي قربانيءَ کي غير معمولي ڪارنامو قرار ڏئي ٻين تي پنهنجي وڏ ماڻهائپ مڙهي نه ٿي وڃي . اها ڪهڙي ڪنڊ آهي جتي  پنهنجي شخصيت کي مڙهيو  نه ٿو وڃي ۽ اهو ڪهڙو پاسو آهي جتي پنهنجي خلاف ڪا ڳالهه ٻولهه ٻڌي سگهجي ٿي . ڪير آهي جو تنقيد برداشت ڪري ٿو . ڪير آهي جو ايمانداري ۽ خلوص سان لياقت يا صلاحيت کي مڃتا ڏئي ٿو . ادبي هجي يا سياسي ، ڪهڙي تنظيم  ۾ بي ٽيم جي قيام لاءِ ماحول يا گنجائش موجود آهي ؟ اها ڪهڙي تنظيم آهي يا اهو ڪهڙو ادارو آهي ، جنهن ۾ لائقن ۽ نالائقن ، باصلاحت ۽ جاهلن ، مفادپرستن ۽ پرخلوصن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ جنگ جاري ڪانهي ؟ ڪا ڪانفرنس ٿئي ، ميلو يا ملاکڙو ٿئي ، مشاعرو يا محفل ٿئي ، سالن کان وٺي ساڳيا چهرا پيا اڳيان ڦرندا . اهڙيءَ ريت ادارن جي اڳواڻي به مخصوص ماڻهن لاءِ مخصوص هوندي ۽ تنظيمن جي قيادت به جن ويچارن جي ڪلهن تي آئي ، اهي جيستائين مرندا ڪونه تيستائين تنظيم جي جند آزاد نه ٿيندي .

در اصل علم ادب ۽ سياست چند گروهن ۽ فردن لاءِ عزت ، شهرت ، دولت ۽ رتبي جا حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻجي چڪا آهن . ان ڪري انهن ٻنهي شعبن مان خدمت ۽ محبت جي خوشبوءِ ئي موڪلائي وئي آهي . بلڪ ان جي ڀيٽ ۾ اهي ٻئي شعبا ڪيترن لاءِ امن امان ۽ پناھ جي جاءِ بڻجي چڪا آهن . جيڪڏهن ڪو قوم جو  وڪرو ڪري ، جيڪڏهن ڪو قوم جي ٻولي ، ثقافت ۽ تاريخ جو مذاق اڏائي ، ته انهن ٻنهي شعبن سان لاڳاپي هئڻ واري نسبت سبب سندس وار به ونگو ڪونه ٿيندو . اهڙا ماڻهو جيل ۾ هجن يا ريل ۾ سندن صحت تي ڪوبه اثر نه ٿو پئي . پر ٻنهي شعبن سان لاڳاپيل ڪو پرخلوص ، بي لوث ۽ سچو انسان ڪنهن جي ور چڙهيو ته ڇٺيءَ جو کير ياد اچي ويندس .

اهڙيءَ ريت جڏهن علم ادب جو شعبو ڌرتيءَ جو ۽ سياست جو شعبو آسمان جو پڙ بڻجي پون ته پوءِ ويچاري عوام جو ڪهڙو حال ٿيندو ؟  سندس خدمت بدران حجامت نه ٿيندي ته ٻيو ڇا ٿيندو . ڪاش اهي انسان جيڪي پاڻ کي علم دوست سڏائي انسان دشمنيءَ جو واپار ڪن ۽ عوام دوستيءَ جي دعويٰ ڪري ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن سان دوکو ڪن ، سي پاڻ کي اديب يا سياستدان سڏائڻ بدران پاڻ کي ڪنهن ٻئي نالي سان سڏائن ته جيئن علم ادب ۽ سياست جا مقدس شعبا عوام جو اعتماد برقرار رکي سگهن .

 

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو ڪالم

“استحصالي معاشري ۾ آدرشن جو حشر”

روزاني هلالِ پاڪستان

ڇنڇر 13- اپريل 1991 ع

چيو ويندو آهي ته “پاٽ ۾ اهوئي پوندو ، جيڪو ڪُني ۾ هوندو ” اهڙيءَ ريت جهڙا هوندا انسان جا نظريا ، قدر ۽ اصول اهڙو هوندو سندس عمل ۽ ردعمل . جيئن ڀت آري تي ويندي آهي ، تيئن انسان به پنهنجي معاشري جهڙو ٿي پوندو آهي . اسان جي معاشري جو بنياد ئي رکيل آهي پرماريت ۽ استحصال تي ، ان ڪري اسان پڻ استحصال پسند ٿي پيا آهيون ، بلڪ استحصال ڪرڻ اسان جي زندگيءَ جي ڪاميابيءَ جو نشان ۽ حق بڻجي ويو آهي . اهوئي سبب آهي جو مڙس کڻي ڪک جهڙو هجي پر سندس زال کي کيس لک جهڙو سمجهڻو  آهي ،کيس سندس غير مشروط خدمت ڪرڻي  آهي ۽ هن اڳيان ويچاريءَ کي اکيون ٻوٽي ڪنڌ جهڪائڻو آهي . اهڙيءَ ريت ٻارو والدين اڳيان ، شاگرد استاد اڳيان ، هاري زميندار اڳيان ، زميندار ڪاموري اڳيان ، ڪامورو حڪمران ڪا اهميت ، معنيٰ ۽ حيثيت نه ٿو رکي . جهڙوڪ هڪ طبقو حاڪم آهي ۽ ٻيو طبقو محڪوم آهي .

ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته صدين جي غلامي انساني ذهن تي گهرا اثر ڇڏي ٿي ، پوءِ به انسان فطري طور تي آزادي پسند ٿئي ٿو ۽ هو غلاميءَ ۾ رهي به آزاديءَ لاءِ جاکوڙ ڪري ٿو . سندس اها جاکوڙ جيڪڏهن انسان دوستي، وطن جي حب ۽ لافاني قدرن جي اثر واري تربيت مطابق نه ٿي ٿئي ته هو پاڻ به پنهنجي  آزادي ۽ حيثيت جي تلاش لاءِ غلط طريقا اختيار ڪري ٿو ، جيئن اسان جي معاشري جي ڪن طبقن ۽ گروهن آپ – گهاتي طريقا اختيار ڪيا آهن .

اسان جو معاشرو پاڻ کي “ مذهبي معاشرو” سڏائي ٿو ان جي اها دعويٰ مذهب پسند مطابق نه پر استحصال مفادن تي ٻڌل آهي . ڇو ته عملي طور تي ان مذهب سان تر جيترو به واسطو ڪونهي . اهوئي سبب آهي جو نماز روزو ۽  حج ته رهيو پنهنجي ماڳ پر زڪوات به اسان جا ماڻهو بينڪن ۾ رکيل ڌراوتن جي وياج مان ڏئي خوش ٿيندا ته هنن مذهب جو وڏو فرض ادا ڪيو . اسان جا حڪمران اڄ جي حضرت ابوبڪر رضه ٿيڻ جي شوق ۾ اهڙي ريت زڪوات جي ڪٽوتي پيا ڪرائيندا جو کين اها خبر به نه هوندي ته ڪهڙي ڪهڙي ماڻهوءَ تي زڪوات فرض ٿيندي . ويچارو عوام ٿيو ته قربانيءَ جو ٻڪرو ۽ جنهن کي وڻندو سو سندس ڪنڌ ڪٽيندو ، پر جس لهڻي اسان جي مذهبي عالمن جن زڪوات جي اهڙي نظام تي ڪوبه اعتراض نه ڪيو ، جنهن ۾ زڪوات وٺندڙ پڻ زڪوات ڏيندڙن جي صف ۾ شامل ٿي وڃي ٿو .

هن هڪڙي مثال مان ئي اهو ثابت ٿئي ٿو ته اسان استحصالي معاشري خلاف آواز بلند نه ٿا ڪريون ، بلڪ ان جي برعڪس معاشري کي وڌيڪ استحصالي بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو ٿا . اسان مان جن وٽ اختيار آهي ، اهي انهيءَ اختيار کي ۽ جن وٽ موقعا آهن ، اهي انهن موقعن کي استحصالي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم آڻين ٿا .

اسان جي انهيءَ استحصالي سوچ جيڪو آردشن ، قدرن ، نظرين ۽ اصولن جو حشر ڪيو آهي ، اهو ڏسڻ وٽان آهي . مذهبي ميدان ۾ قرآن اسان لاءِ مقدس ڪتاب آهي ، ليڪن پڙهي عمل ڪرڻ لاءِ نه ، بلڪ پوتين ۾ ويڙهي چمڻ لاءِ جهڳڙن ۽ فيصلن وقت قسم کڻڻ لاءِ ۽ چوري ٿيڻ جي صورت ۾ مٿي تي رکي ميڙ منٿ ڪرڻ لاء!

ڀلي ته ڪو سياست جو سائين اغوائون ڪرائي ، ڌاڙا هڻائي ڪتن ۽ ڪڪڙن جون ويڙهون ڪرائي پر ووٽ وٺڻ وقت عوام اڳيان ائين ايندو جهڙوڪ هاڻي مراقبي مان اٿي آيو هجي ، مذهب ۽ انسانيت جون اهڙيون ڳالهيون ڪندو ، جو ٻڌندڙ جي اکين ۾ لڙڪ تري ايندا . ويچارو ووٽر ائين سوچيندو ته جيڪڏهن هن کي ووٽ نه مليو ته ڪفر اچي اسان جا ڪلها وٺندو ۽ اسان جي قيامت ئي ڪاري ٿي ويندي!!

سياستدان ئي فقط ائين مذهب کي پنهنجي استحصال مفادن خاطر استعمال ڪندا رهن ٿا ، بلڪ هاڻي ته دين جا خادم ۽ ديني تعليم جا پرچارڪ به پنهنجي پيٽ ڀرڻ ۽ سماجي حيثيت وٺڻ لاءِ ڪوڙ کان وٺي ڪفر جي هرڪا حد لتاڙڻ لاءِ تيار ٿي چڪا آهن ، مثال طور حڪومت طرفان دين دوستيءَ يا مخصوص مفادن جي حصول خاطر ڪيترن مدرسن کي مالي مدد ڏيندي آهي . مدرسن جا مالڪ انهيءَ مالي مدد وٺڻ ۽ خرچ پکي جي حساب ڪتاب چڪاس ڪرائڻ وقت جيئن ڪوڙا ڪاڳر ۽ ڪوڙا انگ پيش ڪن ٿا يا رشوتن ڏيڻ وٺڻ جي راويت قائم ڪن ٿا ، انهيءَ کي ڏسي ارمان ٿيڻ لڳي ٿو ته اسان دنيا ڪارڻ دين تان به  آسانيءَ سان هٿ کڻي سگهون ٿا

مذهب کي ڇڏي اسان جڏهن پنهنجي تاريخ ، علم ادب ۽ عملي سياست جي شعبن ڏانهن نظر ڦيرايون ٿا ته اتي به استحصال جا انيڪ مثال ملن ٿا . شايد دودي ۽ دولهه ، هيمون ۽ هوشو جا روح به ڌڻي در دانهين هوندا ته رب تعاليٰ کين ڪهڙي قوم ۾ پيدا ڪيو جو ڏينهن رات سندن نالو وٺي ماڻهو پنهنجا قد بت وڌائي رهيا آهن . اهڙيءَ ريت لطيف سائين جيڪو اسان کي پيغام ڏنو ، ان تي عمل ڪن اسان جا دشمن . اسان ته فقط لطيف سائين جي حيثيت ۽ اهميت مان پنهنجي ذاتي ، گروهي ۽ تجارتي مفادن ۽ شهرت کي وڌائينداسين . اهو ئي سبب آهي جو لطيف سائين اسان کي ڪنهن به فرد جي شخصيت ۽ ڪردار ته نظر ڪونه ايندو ، ليڪن “ڀٽائي آٽوز” ، “ڀٽائي فليٽس”، “ڀٽائي ڪتاب گهر ، “ڀٽائي هيئر ڪٽنگ سيلون” ۽ “ڀٽائي مٺائي گهر” وغيره جي روپ ۾ جت ڪٿ نظر ايندو .

اسان ماضيءَ جي انهن عظيم آدرشن کي ته پنهنجي قد بت وڌائڻ ۽ پنهنجي عمل خواھ ڪردار جي شاهدي ۾ ئي فقط ڪم نه آڻيندا آهيون ، پر پنهنجي زنده آدرشن کي به ڪونه بخشيندا آهيون . اسان جي زندگيءَ جو ڪهڙو به شعبو هجي ، ليڪن انسان لاڳاپو رکندڙ هرڪو آدرش اسان وٽ يرغمال آهي . ڀلي ته اسان جا اهي آدرش خوش فهميءَ ۾ مبتلا هجن ته هو معجزن جو واپار ڪري رهيا آهن ۽ قوم جي تقدير بدلائي رهيا آهن . ليڪن کين چاهيندڙن جو ٽولو پنهنجي مرضيءَ مطابق ۽ پنهنجن مفادن خاطر انهن آدرشن جي حيثيت ، نالي ۽ شهرت کي پيو ڪم آڻيندو . اهو ئي سبب آهي جو اسان جي هرڪا مکيه سياسي تنظيم پنهنجي قائد ۽ اڳواڻ جي موجودگيءَ ۾ به ڌڙن ۽ گروهن ۾ ورهايل ٿئي ٿي ۽ اسان پنهنجي رهبرن جي حياتيءَ ۾ به سندن پيغام  ۽ گاديءَ جي وارث ٿيڻ جي لالچ ۾پنهنجي هڪ سر جي مسيت الڳ ٺاهيون ٿا . اهوئي سبب آهي جو اسان مان جيڪڏهن ڪنهنجي پسند جي پارٽي اقتدار ۾ اچي ٿي ته جهنڊائي فقير بڻجي ٻنهي هٿن ۾ جهنڊا کڻي ڪنهن روڪ ٽوڪ کانسواءِ ريل ۾ ، هوٽل ۾ ، آفيس ۾ يا ڪنهن خالي پيل ميدان خواھ پلاٽ ۾ پنهنجي جاءِ وٺي ۽ جوڙي سگهون ٿا .

اسان آدرشن ، نظرين ، قدرن ۽ اصولن جي استحصال ۾ اهڙا ته ماهر ٿي ويا آهيون ، جو هاڻي اجتماعي ۽ خانداني روپ ۾ انهن جو اڳ وٺڻ شروع ڪيو آهي ته جيئن انهن مان به ڪوبه اسان کان بچي نه سگهي . مثال طور سياست جي شعبي کي ئي ڌيان ۾ رکو ۽ سنڌ جي مڇي مانيءَ لائق خاندانن جو جائزو وٺو . اوهان ڏسندا ته هڪ ئي خاندان جا جيترا فرد هوندا ، اهي اٿڻ ويهڻ ، کائڻ پيئڻ ۾ ته گڏ هوندا ، ليڪن هر ڪنهن جو واسطو مختلف پارٽين سان هوندو . انهيءَ ڪري نه ته هو سياسي ۽ نظرياتي اختلاف ۽ شعور جو مان مٿي ڪن ٿا ، بلڪ انهيءَ لاءِ ته جيئن هو ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ هر دور ۾ اقتدار ۽ اختيار جي ويجهو رهن .

جنهن معاشري ۾ آدرشن ۽ اصولن ، قدرن ۽ نظرين ، سياست ۽ مذهب جو ائين استحصال ٿيندو ، اتي ارتقاءِ جي عمل بدران جمود نه هوندو ته ٻيو ڇا هوندو ، محبت بدران نفرت نه هوندي ته ٻيو ڇا هوندو ، رحم بدران ظلم نه هوندو ته ٻيو ڇا هوندو ، لياقت بدران سفارش ۽ لاڳاپو نه هوندو ته ڇا هوندو ، ترقيءَ بدران تنزل نه هوندو ته ٻيو ڇا هوندو ؟

 

 

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو ڪالم

اِيءَ نه مارن ريت

روزاني هلالِ پاڪستان

ڇنڇر 27 اپريل 1991 ع

لکڻ پڙهڻ ۽ ڏسڻ وائسڻ جي ڄمار کي پهتاسين ته ڪراچيءَ جو ماحول پڙ پيو ٺيٺ ٻهراڙيءَ جو انسان جڏهن اوج ۽ عروج تي پهتل شهر ۾ ايندو ته ماحول جي اهڙي مٽ اوس ئي سندس سوچ ۽ لوچ تي اثرانداز ٿيندي . هن شهر ۾ پاڻ کي نه فقط پنهنجي ۽ پرائي ڪلچر جو فرق نظر آيو بلڪ سرمائيدارنه نظم ۽ سماج کي به ويجهڙائي سان ڏسڻ پرکڻ جو موقعو مليو . هنن حالتن لطيف سائين جي ڏسيل راھ ته “جيها جي تيها ” سي مونو مارون مڃيا ” جي موڙ تي آڻي بيهاريو ۽ اهڙيءَ ريت ٿي پنهنجي شخصيت خواھ ڪردار جي تمير جا نت نوان موقعا مليا . ليڪن “اِي نه مان ريت ” جي صدا بلند ڪرڻ جو حوصلو ۽ همت تڏهن ملي ، جڏهن ڪراچي ڇڏي اچي ڄام  شوري ۾ پهتاسين . هتي خبر پئي ته اسان پنهنجي قدرن ، نظرين ۽ اصولن جو استحصال ڪيئن ڪري رهيا آهيون ، ڪهڙي ريت پنهنجي ادارن جي پاڻ ٻيڙي ٻوڙي رهيا آهيون ۽ ڪيئن نه پنهنجي ذاتي خواھ گروهي مفادن خاطر قومي ۽ اجتماعي مفادن  جي مقدس مينارن کي پاڻ ٽوڙي رهيا آهيون . زندگيءَ جو  شايد ئي ڪو اهڙو شعبو هجي ، جنهن سان لاڳاپيل وڏين شخصيتن سان ملڻ ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو ميسر نه ٿيو هجي . دانشورن کان وٺي اديبن تائين ، پروفيسرن کان وٺي ويندي شاگردن تائين ، سياستدانن کان وٺي ويندي مدبرن تائين اڻ ڳڻين ماڻهن سان ملڻ ٿيو ۽ انهن جي اندر وارن ننڍن خواھ وڏن انسانن کي ڏسڻ جو موقعو مليو .انهن ڏهاڙن ۾ آئون جڏهن ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي ماحول ۾  حالتن جو موازنو ڪندو هئس ته مون کي ائين لڳندو هو ته ظالم ۽ ذيادتن جا اسان تي تهن مٿان تهه چرهيا پيا آهن . ٻاهرين تهه اسان سمورن کي هڪ جهڙو ۽ هڪ جيترو نشانو بڻايو آهي ۽ ٻيو تهه اسان پاڻ پيدا ڪيو آهي جنهن وسيلي اسان مان پاڻ جهڙا پنهنجن جوئي استحصال ڪن ٿا .ليڪن اهو استحصال گروھ بنديءَ جي بنياد تي ڪيو وڃي ٿو . اهو ئي سبب آهي جو  ڀلي ڪوبه قول ۽ فعل ۾ سچو ۽ پڪو سنڌي هجي پر سندس سنڌيت ، لياقت ۽ صلاحيت کي ههڙي ماحول ۾ نظرانداز ڪيو ويندو . ڀلي ڪوته علم ۾ اعليٰ درجو رکندڙ هجي ۽ عقل جو اڪابر هجي پر ڪنهن به يونيورسٽي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ته ڇا پر عزت سان ڊيپوٽيشن جو وقت به گذاري نه ٿو سگهجي . ساڻس اهڙو رويو رکيو ويندو ڄڻ ته هو اسرائيل کان آيو هجي ! اهڙيءَ ريت ڪو استادن تي تنقيد ڪري ڏسي ، شاگرد برادري کي صلاحون ڏئي ڏسي ۽ ادب جي نالي ۾ ٿيندڙ استحصال طرف  اديبن جو توجھ ڇڪرائي ڏسي يا ڪنهن ادبي ، سماجي ، ثقافتي ۽ سياسي جماعت جي تنظيم سازي يا تنظيمي جهولن ٿي ٽيڪا ٽپڻي ڪري ڏسي . حشر اهڙو ٿيندس جو ڏيهن کي ڏس ڏيندو !!

ڪراچيءَ جي ماحول اهو سبق ڏنو ته “ڪونه پڇي ٿو ذات،  جو آيو سو اگهيو” مصداق اسان جي سمورن گروهن ، طبقن ۽ فردن جو استحصال ٿئي ٿو . اهڙي ريت ڄام شوري ۽ حيدرآباد جي ماحول مان اهو پتو پيو ته اسان پاڻ اندروني طور تي گروهي بنيادن تي ايڪو ۽ اتحاد قائم ڪري “گرهي مفادن” جي نالي ۾ پنهنجن جوئي استحصال ڪندا رهون ٿا .

هاڻي هن وقت آئون اندروني سنڌ ۾ آهيان ، بنهه ٻهراڙيءَ جو ماحول آهي .هن ماحول کي ڏسي پڻ ڏندين آڱريون اچي جن ٿيون . جيڪو ڪجهه ڏسڻ ٻڌڻ لاءِ ملي ٿو ، اهو هر دفعي تي دل مان دانهن ڪڍي ٿو ته “ اِيءَ نه مارن ريت .”

سنڌ جي ٻهراڙين جو ماحول وڏيرا شاهيءَ نظام جو پڙاڏو آهي . ان ڪري امير کان وٺي غريب اهو ئي سوچي ٿو ته جيڪا شئي کيس وڻي ٿي سائي سندس قبضي ۾ هجي . پوءِ اها پنهنجي يا پرائي ٻني هجي يا وني هجي ، مال هجي يا ملڪيت ، عزت هجي يا دولت هجي ، شهرت هجي يا خاصيت هجي .

هتي ڪنهن جو محبوب ڪنهن ٻئي سان ڳالهائيندو ته پنهنجو ڪنڌ وڍرائيندو ! هتي ڪوئي اڇو ۽ صاف سٺو لباس پائي هلندو ته پنهنجي پڳ لهرائيدنو!! گهر ٺهرائيندو ته ڪکن ۾ رهندو !!! هي اهو ماحول آهي ۽ هي اها منزل آهي ، جنهن لاءِ لطيف سائين فرمايو آهي ته “ ڏکي ڏونگر پاڻ ۾ ٻئي ويٺا رون .” ڏونگر جيڪو ڏکيءَ جي ڏکن ۾ ويتر اضافو ڪري ، سو به پاڻ کي مظلوم ڄاڻي دانهون ۽ ڪوڪون ڪري ۽ جنهن ڏکي کي ڏک ڏسڻا پون ، سا به آهون ۽ دانهون ڪري !!!

ائين ٿو لڳي ڄڻ وڻن تان جهيڙا لاهڻ ۽ ڪنهن سبب کانسواءِ دشمني ڪرڻ اسان جو شيوءِ بڻجي چڪو آهي . مساهپ جو مرض پاڻ کي وڪوڙي ويو آهي ۽ هڪ ٻئي پٺيان ڪات ڪهاڙا کڻڻ اسان جي ڪرت بڻجي چڪي آهي . اسان جون ٻهراڙيون انهيءَ موڙ تي اچي پهتيون آهن ، جتي لطيف سائين نشاندهي ڪندي فرمائي ٿو ته “اوڳڻ رسي سڀڪو ، ڳڻين پرين رٺام!” يعني جنهن ۾ ڳڻ هوندو ، جنهن ۾ چڱائي هوندي ، جنهن ۾ خوبي ۽ سچائي هوندي ، اهوئي اسان جي دشمنين ۽ ڪدورتن جو نشانو ٿيندو . اسان جهڙوڪ مڪي جا اهي عرب بڻجي چڪا آهيون ، جن کي نيڪي ۽ ڀلائي جي بتليغ ڪندڙ سان نفرت هئي . اسان کي پڻ انهن عربن جيان تيستائين چين ۽ قرار نه ٿو اچي جيستائين ڪنهن چڱائي چوندڙ ۽ چڱائيءَ جون پنهنجي ڳوٺ مان پاڙون نه ٿا پٽيون ، ٻهراڙين جو اهو ماحول ٿي چڪو آهي جو هتي “مِٺي به ماٺ ۽ مُٺي به ماٺ”جي اصول مطابق ئي زندگي گذاري سگهجي ٿي . ٻئي صورت ۾ حشر اهو ٿيڻو آهي جنهن لاءِ لطيف سائين فرمايو آهي ته “جنين لاءِ مياس” سي ڪانڌي ئي نه ٿيا .”

وڏن شهرن ۾  جتي ثقافتن جي بنياد تي ڌرتيءَ ڌڻين سان نفرت ڪئي وڃي . وچٿرن شهرن ۾ گروهن جي بنياد تي ڌرتي ڌڻي پنهنجن جوئي استحصال ڪن ۽ ٻهراڙين ۾ وري ڪنهن سبب ۽ جواز کانسواءِ مظلوم مظلوم جو ويري ٿي پئي ته پوءِ فقط ۽ فقط اهو ڏوراپو ئي ڏئي سگهجي ٿو ته “ايءَ نه مارن ريت” ۽ بس!

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو ڪالم

“ڪنهن ٻوڙي ؟ خواجا خضر ٻوڙي !”

روزاني هلالِ پاڪستان

 ڇنڇر 6- فيبروري 1991

هن وقت جو اسين حالتن هٿان بي درديءَ سان مار کائي رهيا آهيون . ان لاءِ ڏوهي ڪير آهي ؟ پراون کان اهوئي پڄي سگهي ٿو ته اهي اسان جي وجود وڻ کي پاڙئون پٽي اڇلائي ڇڏين . اهي پنهنجو ڪم انتهائي ايمانداريءَ سان ڪري رهيا آهن ، ليڪن اسين پاڻ ڇا پيا ڪريون ؟ لڳي ائين ٿو  ڄڻ انهن جي ئي  پيروي ڪري رهيا آهيون . جيڪي اسان جي وجود جا ويري آهن ڀل ته اسان جي رهبرن جي روح کي به رهنڊون پون . پر حقيقت هي آهي ته اسان جي ڪنهن ٻوڙي ، جي خواجا خضر ٻوڙي . اسان پنهنجا خواجا خضر پاڻ آهيون ۽ پنهنجي ٻيڙي پاڻ ٻوڙي اٿئون . زندگيءَ جو شايد ئي ڪو اهڙو شعبو هجي ، جنهن ۾ اسان پنهنجي تباهي ۽ بربادي جا رڪارڊ قائم نه ڪيا هجن .

اسان سچ جا ويري بڻجي چڪا  آهيون . پاڻ کي مرچ به مٺا لڳندا ، ليڪن سچ سڀ کان وڌيڪ کٽو ڪوڙو لڳندو . ڪنهن سچ چيو ڄڻ اسان کي ٽئي ۾ وجهي باھ ڏنائين . ڪنهن تنقيد ڪئي ته ڄڻ پاڻ لئي وھ جا وٽا ڀري رکيائين ، ڪنهن چڱائي چئي ڄڻ اسان کي کڏن کوٽڻ جي دعوت ڏنائين ، اسان کي اهڙن افعالن ۽ پرڪارن زندگي جي راند ۾ فالوآن ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي .

جيئن ته اسان اهي ڪن ئي وڍائي ڇڏيا آهن جن سان کڻي سچ ٻڌون ۽ انهن اکين تي پٽيون ٻڌي ڇڏيو آهن جن سان سچ پڙهون . ان ڪري عالم سچ چوڻ بدران خوش ڪرڻ لاءِ چپ چورڻ تي مجبور ٿين ٿا ۽ اديب اديب ، شاعر يا صحافي سچ کانسواءِ ٻيو سڀ ڪجهه لکڻ ۾ پنهنجي خيريت ڀانئن ٿا ، پر پوءِ به سچ سختين ۽ سمجهوتن جي سخت جبل  کي لائو بڻجي چيري ٻاهر نڪري اچي ٿو .

ڪو مڃي نه مڃي پر اهو سچ آهي ته تعليم جو ٻيڙو اڄڪلهه استادن جي هٿان به ٻڏي رهيو آهي اڄ ڪلهه استاد  ۽ رجعت پسند ملان جو فرق مٽجي رهيو آهي . ملان پاڻ – هرتو ايجنٽ بڻجي جنت ۽ دوزخ جا سرٽيفڪيٽ ورهائي ٿو ته استادن جي اڪثريت وري اهڙي نموني ايجنسيون کولي شاگردن کي پاس ۽ ناپاس ڪرائڻ جي وهنوار ۽ واپار ۾ مصروف ٿي ويا آهن .

ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۾ پاڙهڻ وقت اسان استادن جي انهن ڪوششن ۽ خدمتن کي به ڏٺو ، جن ٿورن سالن جي اندر اهڙي نئين نسل جي ذهني ۽ فڪري تربيت ڪئي ، جيڪو اڄڪلهه پنهنجا رنگ ڏيکاري رهيو  آهي ، پنج سال پاڙهڻ کان پري رهي ، اڄ جڏهن پنهنجن سان گڏ درس وتدريس جي ڪم کي لڳو آهيان . ته پيرن هيٺان ڌرتي ئي ڇڏائي وئي آهي .

امتحان کي اکين سان مرڪزن ۾ پنهنجي موت مرندي ڏٺم . ڪاپي جي فن ۾ اسان جي قوم ايڏا ته ڪارناما ڪري چڪي آهي جو هاڻي عالمي رڪارڊ ٽٽي چڪا آهن مجال جو هن شعبي ۾ اسان کان ڪو اڳ ڪڍي وڃي . بورڊ ۽ يونيورسٽي ۾ پيپر پهچندائي مس ته سامي سفر هلڻ جو تياريون ڪندا . ٻين ڏي ته ڏوھ ڪونهي پر اسان جا استاد به پوءِ پرچن جو ائين پيرو کڻندا جيئن پيري چور جو پيرو کڻي . استاد برادريءَ جا اهي ڏينهن ڏسڻ جهڙا هوندا آهن . سک ۽ سڪون جي انهيءَ سيزن ۾ سندن پنجئي آڱريون گيهه ۾ هونديون ۽ پير ڪنهن جيپ يا ڪار کان ٻاهر نڪرندائي ڪونه . ابن بطوطه جا ڪيترا ساٿي ائين سموري سنڌ جو سير ڪري پوءِ سک جو ساھ کڻندا .

بورڊ وارا ڀلي تي ڪاپين تي ڪوڊ نمبر هڻن ۽ يونيورسٽي وارا ڇو نه رازل دل ۾ رکن ، پر اسان جا ڀائر اڏندي پکي جا به پر ڳڻي وڃن ٿا ۽ کين اها خبر پئجي وڃي ٿي ڪهڙو پير ڪنهن کي مليو ۽ ڪهڙي ماڻهوءَ لاءِ ڪهڙي پڙي ڪم ايندي . ائين امتحان ۽ امتحانن کانپوءِ تعليم جي تباهيءَ جو جيڪو طوفان برپا ٿئي ٿو . ان ۾ استاد به وڏڦڙي مينهن جي حيثيت ۾ شامل ٿي وڃن ٿا . ائين ٿو لڳي ته امتحان شاگردن جو نه پر سندن مائٽن ۽ استادن جو هوندو آهي ، اها ڪرپشن ايتري ته وڏي وڻ ٿي چڪي آهي جو هاڻي جيڪڏهن پڙهايو شاگردن کي وڃي ۽ امتحان سندن مائٽن کان ورتو وڃي ته به انهي ڪرپشن جو ڪنڌ ڀڃي نه ٿو سگهجي .

ڪاپي ۽ ڪرپشن جو اهو وهنوار ۽ واپار نائين جماعت کان وٺي انٽر تائين عام ۽ جام ٿئي ٿو . انهن ئي چئن سالن ۾ والدين ۽ استاد پنهنجي شاگردن جي مدد ڪرڻ جي نالي ۾ ڪاپي ۽ ڪرپشن جي همت افزائي ڪن ٿا . پوءِ شاگرد انهي مشاهدي تي اڳتي هلي تجربا ڪري ٿو ۽ ڪاپي کي پنهنجو تعليمي حق ڄاڻڻ لڳي ٿو .

اسان جو معاشرو عقل جي اها ڊوڙ ان ڪري ٿو ڪري ته جيئن مارڪن جو سيڪڙو وڌائي اڳتي هلي ٽيڪنيڪل ۽ ميڊيڪل ادارن ۾ آساني سان داخلا وٺي سگهي . داخلا وٺڻ جي شوق ۾ ائين اسان تعليم ۽ تعليمي معيار جي ٻيڙي ٻوڙي رهيا آهيون . ان ڪري جيڪڏهن فني ، هنري ، طبي ۽ زرعي تعليم ڏيندڙ ادارن ۾ داخلا واري حڪمت عملي بدلائي وڃي ته شايد پاڻ کي پنهنجي هرهڪ نئين نسل کي ، تعليم کي ۽ پوري قوم کي تباهي کان ڪي قدر بچائي سگهون ٿا .

اها تبديلي فقط تڏهن ئي اچي سگهي ٿي  . جڏهن اسان جا ڪرتا ڌرتا ڪامورڪي ڪرت ۽ حاڪمانه ذهنيت کي عوامي ۽ انساني بڻائن .اڳ ئي اسان عوام کي عام اسڪولن ۾ معززين کي ڪيڊٽ ڪاليجن ، پبلڪ اسڪولن ۽ گرامر اسڪولن ۾ تعليم ڏئي معاشري کي ٻن گروهن ۾ ورهائيندا رهيا  آهيون ۽ ائين اڪثريت کي اڻپوري اڌوري ۽ ناقص تعليم ڏيندا رهيا آهيون پوءِ جيڪڏهن عام اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڪاپي  ۽ ڪرپشن کي ٻنجو نه ڏنوسين ته ٻڏل ٻيڙي جون هيريڙون به هڙ پلئه ڪونه پونديون .ا ن ڪري اچو ته دعا ڪريون ته جيئن اسان جي عملدارن کي عقل اچي ۽ اهي گهٽ ۾ گهٽ فني ، هنري ، طبي ۽ زرعي ادارن ۾ داخلا جي طريقه ڪار  کي بدلائين . ٻئي صورت ۾ اسان والدين جي ذهنيت کي بدلائي نه ٿا سگهون . شاگردن جي سهل پسندي کي ڦيرائي نه ٿا سگهون ۽ استاد برادري کي قومي ڏوھ ۾ شريڪ ٿيڻ کان بڇائي نه ٿا سگهون .


ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو ڪالم

عشق ڪري ته  اللهُ

روزاني هلالِ پاڪستان

16- فيبروري 1991

ڪو مڃي نه مڃي ، پر اها حقيقت آهي ته دنيا آهستي آهستي ٻن ڪئمپن ۾ روهائبي پئي وڃي . هڪڙي ڪئمپ ايمان ٿي رکي ته هيءَ دنيا ڪنهن حادثي جو نه ، پر رب جي سوچيل مرضيءَ جو نتيجو آهي . دنيا هڪ وڏي مقصد لاءِ جوڙي ويئي آهي . ۽ انسان کي ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻو آهي . ٻي ڪئمپ ۽ ڌر جو خيال ان جي برعڪس آهي . اها ڪئمپ نه ته ڌڻيءَ کي مڃي ۽ نه وري اهوئي تسليم ٿي ڪري ته هن دنيا جو ڪو مقصد آهي . انهيءَ ڌر جو خيال آهي ته زندگي هڪ دفعو ملي آهي . ۽ ان کي ڪنهن اجائي آسري تي بي رنگ بنائڻ نه گهرجي .

اسان جي مذهبي عالم انهيءَ ٻي ڌر لاءِ ٻه رايا رکن ٿا . هڪڙا عالم سڳورا ته اهو مڃڻ لاءِ ئي تيار ڪونه آهن ته هن دنيا ۾ ڪي اهڙا ماڻهو به ٿي سگهن ٿا . جيڪي پنهنجي ڌڻي . خالق ۽ مالڪ کي نه مڃيندا هجن . ٻيا عالم اهو تسليم ڪن ٿا ته هن دنيا ۾ واقعي اهڙا ماڻهو آهن . پر پوءِ اسان جا اهي عالم سڳورا اهڙن ماڻهن کي ملحد ، پليد ۽ الائي ڇا مان ڇا چئي سندن ويجهو به نٿا وڃن . عالم سڳورا نه رڳو اهڙن ماڻهن سان مڪمل بائيڪاٽ ڪندا آهن . پر کين نفرت جي نگاھ سان به ڏسندا آهن ۽ هنن جي ويجهو وڃڻ کي گناھ سمجهندا آهن .

اسان جا اهي عالم سڳورا جيڪي انهيءَ خوشفهميءَ ۾ مبتلا آهن ته اهڙا ماڻهو ٿي ئي نٿا سگهن . جيڪي ڌڻيءَ کي نه مڃيندا هوندا . تن لاءِ عرض آهي ته توبهه نعوذباالله جيڪڏهن الله تعاليٰ اهو ريفرينڊم ڪرائي ته ڪير کيس مڃي ٿو ۽ ڪير کيس نٿو مڃي ته رب ڪفر کان بچائي ، الله تعاليٰ کي به اڄڪلهه جي ريفرينڊمن وانگر ڪوڙا ووٽ پنهنجي بيلٽ باڪسن ۾ وجھرائڻا پون . چين ۽ روس کيس ووٽ ڪري ئي ڪونه پر اسان وٽان به کيس ڳپل ووٽ ڪونه ملن ، ائين ڄڻ دنيا جي اڌ آدمشماري کيس ووٽ نه ڏئي !

جيڪڏهن حالتون اهڙيون سنگين آهن ته پوءِ ان لاءِ ذميوار ڪير آهي . اهو ڪهڙو طبقو آهي جنهن الله تعاليٰ جا ايترا ووٽ کاريا . اهي ڪهڙا ماڻهو آهن جن الله ۽ بندي جي وچ ۾ ايڏا اختلاف پيدا ڪيا آهن . جو اڄ جو انسان اللهُ تعاليٰ سان جهيڙوجوٽي بيٺو آهي . کيس مڃي ئي ڪونه ٿو . جيڪڏهن مڃي ٿو ته سندس ڏسيل راھ تي هلڻ لاءِ تيار ئي ڪونهي .

جيڪڏهن اسان جا ديني عالم سڳورا ناراض نه ٿين ته پوءِ کين اهو مڃڻو پوندو ته انهن حالتن لاءِ هوئي ذميوار آهن . ڌڻي ۽ بندي جي وچ ۾ انهن ئي ويڇا وڌا آهن . هوئي حقيقت ۾ ٻئي ڌر لاءِ ڪم ڪندا رهن ٿا . هو بندي کي گندو ڪري ڄاڻن . پر کيس الله جي خليفي ٿيڻ لاءِ ڪو دڳُ نٿا ڏسن .

سڀ کان ڏکوئيندڙ ۽ مايوس ڪندڙ صورتحال اها آهي جو اسان جو عالم سڳورو ڪنهن نشئي ، مذهب کان ٿڙيل ، ڏاڙهي ڪوڙ انسان کي ڏسندو ته کڻي پنهنجي نڪ ۽ اکين تي هٿ رکندو . پر زبان ائين هلندس ڄڻ راڪيٽ هلندو هجي . ڪوبه اهڙو لفظ سندس زبان مبارڪ مان نه نڪرندو . جيڪو ڏاڙهي ڪوڙ ، مذهب کان ڦريل ملحد يا ڪافر جي دل تي ٿڌي ڇنڊي جو ڪم ڪري . هو ڄڻ ته هٿن کان وٺي هڪ بندي کي ٻئي ڌر جي حوالي ڪن ٿا . هنن جي نفرت ، حقارت ۽ عداوت کي ڏسي بي عقل انسان به اها ڳالهه سمجهي وڃي ٿو ته هتان مون کي سچ ، حق ، سونهن ۽ محبت جا موتي ملي نٿا سگهن . اسان جي عالمن سڳورن جي اهڙي سيرت ۽ اهڙو ڪردار ڏسي ، ماڻهو خود مذهب کان ئي متنفر ٿيڻ لڳن ٿا ، ۽ غلط فهمي جو شڪار ٿين ٿا . جيڪڏهن مذهب انسان کي فقط ڪوڙو گهمنڊ ، آنا ، نفرت ، حقارت ۽ عداوت ڏئي ٿو ته ان کان بس ڀلي آهي .

سيرت ۽ ڪردار جي انهيءَ جهول اسان جي ديني عالمن ۽ عوام جي وچ ۾ ويڇو وجهي ڇڏيو آهي . اسان جا عالم سڳورا پنهنجي ايمان بچائڻ لاءِ ٻين بي ايمان بنائڻ ۾ ڪا ويرم نٿا لائن . ڪيڏي نه تعجب جي ڳالهه آهي ته نبي صلي الله عليه وسلم جن سچ ۽ حق جي پيغام ڏيڻ لاءِ طائف جهڙا به ڏکيا تجربا ڪن ٿا . مگر اسان جو اڄوڪو عالم مسجد ۽ مدرسي کان به ٻاهر پير نٿو ڪڍي . منهنجي خيال ۾ اسان جي تاريخ ۾ ڪوبه اهڙو مثال نٿو ملي جو ڪم ديني عالم مسجد ڇڏي ڪنهن مڪان ۽ مئي خاني ويو هجي ۽ دنيا جي ستايل مفرور انسانن سان محبت جو اظهار ڪري ، سندن ڏکن سکن ۾ شريڪ ٿيو هجي ۽ هنن اڳيان پنهنجي شخصيت ۽ ڪردار جو ڪتاب کولي رکيو هجي . عجيب ڳالهه اها آهي ته اسان جو عالم سڳورو مسجد ۽ منبر کي ئي پنهنجي تبليغ جو مرڪز بڻائي ٿو . جڏهن ته مسجد ۾ اهي ماڻهو ايندا آهن جيڪي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ مذهب جا پوئلڳ هوندا آهن . اسان جا عالم سڳورا ائين ڀريا مَٽ پيا ڀريندا . انهن کي نصيحتون ۽ وصيتون پيا ڪندا ، جن کي اڳ ۾ ائي الله تعاليٰ توفيق ڏني آهي . ائين عالم سڳورا پيا الله تي ٿورا ڪندا ۽ سمجهندا ته تبليغ جو حق ادا ڪري رهيا آهن .

سيرت ۽ ڪردار جي جهول ، تبليغ جي اهڙي عجيب ۽ انوکي انداز کانسواءِ اسان جي عالمن رب پاڪ جهڙي ٻاجهاري ، غفور ، رحيم ۽ ستار سائين کي فقط ۽ فقط قهار طور ٻڌايو ۽ سمجهايو آهي . بنهه ائين ڄڻ الله تعاليٰ موقعي جي تلاش ۾ ويٺوآهي ته انسان ڪو خطا ڪري ته کڻي ڳچيءَ مان وٺجيس . بندو شل نه ڪا غلطي ڪري . اسان جا عالم سڳورا هن لاءِ قيامت ڪري ڇڏيندا . ڄن ڌڻي تعاليٰ کين هن دنيا ۾ موڪليو ئي ان ڪري آهي ته ماڻهن کي اڳواٽ دوزخ ۽ بهشت جي الاٽمينٽ ڪن . اهي ڪم جيڪي ڌڻي تعاليٰ قيامت ۾ ڪرڻ فرمائنيدا ، عالم سڳورا اهي ڪجهه اڳواٽ دنيا ۾ ڪرڻ لاءِ آتا نظر ايندا. شل نه ڪنهن بندي ۾ خامي ڏسن ، گهلي وڃي کيس ابن ڏاڏن سميت دوزخ ۾ پهچائي ، پوءِ ساھ کڻندا. انسان خطا جو پتلو آهي . هن کان جيڪڏهن شعوري طور تي نه ، پر لاشعوري طور تي ڪا نه ڪا ۽ ڪڏهن نه ڪڏهن خطا ٿي وڃي ٿي ، پوءِ جيڪڏهن هڪ اهڙو انسان جنهن ڀل ۾ خطا ڪئي هجي ۽ اسان جي عالم سڳوري وٽ پهتو ته کيس انهيءَ يقين سان واپس ورندو ته قيامت ۾ هونءَ به پادر ملندا پوءِ ڊپ ڇا جو ؟ ائين هو خطائن بدران گناھ ڪرڻ لڳندو ، تان جو سندس ضمير به هن کي ملامت ڪري نه سگهندو

پر جيڪڏهن اسان جي عالمن سڳورن جي حضور ۾ڪو اهڙو انسان پهچندو ، جنهن کي الله تعاليٰ ڪجهه توفيق ڏني آهي ته اسان جا عالم سڳورا کيس دڳ ئي اهڙو ڏيکاريندا جو همراھ جو مٿو رلي ويندو . هرهڪ کي پيا نصيحت ۽ وصيت ڪندا ته الله تعاليٰ سان عشق  ڪر ، ڌڻي سان محبت رک ۽ هن پاڪ ذات جي پيارن ۾ تن ، من ۽ ڌن قربان ڪري ڇڏي .

منهنجي خيال ۾ اسان جي عالمن جي اهڙي خير خواهي بندي کي بي دڳو بڻائي ڇڏي ٿي . ڪٿي بندو ۽ ڪٿي ڌڻي بندي کي ڪهڙي مجال جو الله سان عشق ڪري سگهي ، اهڙي عشق جا حق ادا ڪري . در حقيقت ڌڻي تعاليٰ بندي سان عشق ڪري ٿو . بندي کي فقط اهو ۽ ايترو ٻڌائڻو آهي ته ڌڻيءَ تعاليٰ تنهنجو عاشق آهي . ۽ تون هن جو معشوق آهين . اها انساني نفسيات آهي ته اسان جيڪڏهن ڪنهن ڪوجهي صورت واري کي ٻڌائينداسين ته فلاڻو ڪي فلاڻو توکي چاهي ٿو ته ڪوجهو ماڻهو ان وقت کان ئي وٺي پاڻ کي ٺاهڻ شروع ڪندو . لٽي ڪپڙي کان وٺي هار سينگار تائين همراھ وَٺُ ئي ڪرڻ نه ڏيندو . ان ڪري جيڪڏهن انسان کي يقين ٿي وڃي ته رب جهڙي پاڪ ذات کيس چاهي ٿي ۽ هو الله جو معشوق آهي ته اهڙي حسن جي احساس  ڏيارڻ سان هن ۾ پاڻ هڙتو نزاڪت به پيدا ٿيڻ لڳندي .

اسان مٽيءَ جا پتلا ڪجهه به هوندي ڪڏهن به رب پاڪ سان عشق ڪرڻ جي دعوٰ ڪري نٿا سگهون ، نه وري تڪڙ ۾ اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي ايندي ته ڌڻي سان عشق ٿي نٿو سگهي . ڇو ته انسان ته سدائين اهو ٻڌو آهي ته انسان جي عظمت ان ۾ آهي ته ڌڻيءَ سان عشق رکي.

اها ته اهڙي اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي ، جيڪا انسان ڪري ئي ڪونه ٿو سگهي . ان ڪري عالمن سڳورن جي هل هش تي ڪنهن ماڻهو هي پيچرو ورتو ته اڳتي هن جي دال نه ڳرندي ، ان ڪري پوءِ نه هيڏانهن جو رهندو ۽ نه هوڏانهن جو رهندو .

ڪو مڃي نه مڃي پر اهو بندو نه ليڪن ڌڻي بندي سان پيار ڪري ٿو. اهو پيار نه چئبو ته ٻيو ڇا چئبو جو الله تعاليٰ انسان کي سهڻي صورت ڏيئي . کيس اشرف المخلوقات بڻايو . هن جي  ڀلائي لاءِ سوا لک نبي موڪليا .

کيس رزق ڏئي ٿو پوءِ بندو کيس مڃي نه مڃي اهڙين حالتن ۾ اسان ڪيئن چئي سگهون ٿا ته بندو الله سان عشق ڪري ٿو يا ڪري سگهي ٿو . بندو جڏهن ٻئي بندي سان عشق ڪري نٿو سگهي ته پوءِ ڌڻيءَ سان ڪيئن ڪري سگهندو . ليلان چنيسر جهڙي ور هوندي به هار تي هرڪي پئي ، مومول پنهنجي مڙس جي سڪون کي پنهنجي ڀيڻ سومل ۾ تلاش ڪيو . اسان کي اهڙا ڪيترائي مثال ملندا ، جن مان ثابت ٿيندو ته دنيا جي مشهور رومانوي داستانن جي ڪردارن به ڪٿي نه ڪٿي محبت جا حق ادا نه ڪيا . ايتري قدر جو ڪٿي ڪٿي ماءُ جي محبت به ڪنڌ جهڪائي ويهي ٿي . ان ڪري انسان پنهنجي محبت ۽ عشق جو معيار ۽ مثال تي ڪا ڊاڙ هڻي نٿو سگهي .

الله تعاليٰ جي انسان محبت جو ٻيو ڪهڙو مثال ٿي سگهي ٿو جو اڄ اڌ دنيا کان مٿي کيس مڃڻ لاءِ تيار ڪونهي . پر پوءِ به ڪائنات جو وهنوار هلندو رهي ٿو . اتي ڌڻي جي جاءِ تي ڪو بندو هجي ها ته اک ڇنڀ ۾ ڪائنات کي ڊاهي پوءِ دم کڻي ها . پيءُ ماءُ جو پيار مثال هوندو آهي . پر پوءِ به پيءُ ماءُ اولاد کي خرچي ڏيندي ڪرڪندا آهن . مگر رب تعاليٰ ته انهيءَ کي به ڏئي ٿو جو کيس مڃي ٿو ۽ انهيءَ کي به ڏئي ٿو جو کيس نٿو مڃي . ڏيئي ڏکوئڻ ته رب وٽ آهي ئي ڪونه . جڏهن آءُ مضمون جي شروع کان وٺي فقط ۽ فقط اهو چوندو آيو آهيان ته رب پنهنجي بندي سان پيار ڪري ٿو ته ڪن ذهنن ۾ اهو خيال به پيدا ٿي سگهي ٿو ته پوءِ ڀلا رب پاڪ دوزخ ڇو جوڙيو آهي . پنهنجو نالو “قهار” ڇو رکايو اٿس ؟

ان لاءِ فقط ۽ فقط ايترو چئي سگهجي ٿو ته اهو انسان پاڻ فيصلو ڪري ٿو ته هو ڌڻيءَ جي محبوبن ۾ شمار ٿيندو يا انهيءَ جماعت کان الڳ ٿي بيهندو . جيئن ته عشق الله ٿو ڪري ، ان ڪري معشوق ٿيڻ يا نه ٿيڻ جو حق ۽ مرضي سندس بندي جي بلي هوندي . ان ڪري جيڪڏهن ڪو انسان الله جي محبوبن واري جماعت ۾شامل نه ٿيندو ته هن کي به ته ڪو سر ڍڪڻ لاءِ ٺڪاڻو گهرجي . الله تعاليٰ ڪنهن کي هٿ کان وٺي دوزخ جي دروازي تائين ڪونه ڇڏي ايندو . پر انسان جيڪڏهن پاڻ ڊوڙون پائي اوڏانهن ويندو ته ان ۾ الله تعاليٰ جي پاڪ ذات جو ڪهڙو ڏوھ (نعوذباالله)

پوءِ به ڪن ديني ڪتابن ۾ اچي ٿو ته رب پاڪ جي رحمت کي قيامت ۾ به جوش ايندو ۽ ڪيترن گناهگارن کي دوزخ جي عذاب مان ڪڍيو ويندو . الله تعاليٰ جي اهڙي ادا کي ڪنهن عاشق جي ادا نه چئجي ته ٻيو ڇا چئجي؟

بيشڪ ڌڻيءَ تعاليٰ “قهار” آهي . پر “قهار” جي معنيٰ “ظالم” ڪونهي . نه وري قهار مان مراد اهو رئيس ، پير يا وڏيرو آهي . جيڪو غريبن ، بي وسيلن ۽ مجبور انسانن کي تڪليف ڏيندي مزو محسوس ڪندو آهي . رب تعاليٰ کي اجايو ڏاڍ ڪرڻجو ڪو شوق ڪونهي . “قهار” ته رب جي اها صفت آهي، جيڪا انسان قيامت ۾ ان وقت محسوس ڪندو ، جڏهن کيس احساس ٿيندو ته هن کي محبوب ٿيڻ گهربوهو . ليڪن ريءَ هو اهو درجو ماڻي نه سگهندو . “جبار” جي معنيٰ به اها ڪانه آهي ته رب تعاليٰ انسان تي اجايو جبر ڪري ٿو . جبر اهو آهي جنهن ۾ انسان جي پسند يا ناپسند جو عمل دخل نٿو ڪري سگهي . زندگي ۽ موت تي اختيار نٿو رکي .

جيڪڏهن ڌڻي تعاليٰ ڪنهن گهر مان ڪو ڀاٿي يا ٻار کڻي وٺي ٿو ته اهو مائٽن لاءِ نڪي جبر آهي ۽ نه ڪي قهر آهي . پر اها مائٽن جي غلط فهميءَ آهي . جو هو ان فرد کي فقط ۽ فقط پنهنجي شئي ۽ ملڪيت سمجهن ٿا . حالانڪ اهو مرحوم فرد پنهنجي وجود ۾ مڪمل الله جو خليفو ۽ اشرف المخلوقات آهي . انهيءَ مرحوم ۽ رب جو پنهنجو تعلقات آهي . هر ڪنهن انسان کي پنهنجي پنهنجي حياتي سنڀالڻي آهي ۽ ان جو حساب ڪتاب رکڻو آهي . هن کي الله تعاليٰ جو انتظامي ڪم ۾ تنگ اٽڪائڻي ڪانهي . رب بي نياز آهي . کيس جيئن وڻندو تئين پنهنجي ڪائنات جو انتظار رکندو .

اسان جا علم سڳورا جيڪڏهن بندي کي رب جي انتظاني ڪمن ڏي متوجهه ڪري توبهه نعوذبالله رب پاڪ کي انتقامي ، سدائين ڏمريل يا ٿوري ٿوري ڳالهه تي چڙي پوندڙ ڪري پيش ڪندا ته ان مان بندي ۽ الله جي لاڳاپن کي ڇيهو رسندو . رب جيڪڏهن ڪنهن جو پٽ ماريو ته ان جو مطلب اهو ڪونهي ته ڌڻي تعاليٰ هن کان ڪو رهيل بدلو ورتو آهي . اهو قدرت جو پنهنجو نظام آهي . قدرت جي نظام کي غلط رنگ ۾ پيش ڪري انسان کي فقط بدظن ئي ڪري سگهجي ٿو . ان ۾ نه ته انسان جي خيرخواهي آهي ۽ نه وري مالڪ جي نمڪ حلالي.

اڄوڪي دور ۾ انسان ۽ الله جي لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ جو فقط ۽ فقط اهو طريقو آهي ته بندي کي يقين ڏياريو وڃي ته هو الله جو محبوب آهي . هن کي الله تعاليٰ جو عاشق هجڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي . فقط پاڻ کي محبوب رهڻ ڏئي . 

 

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو ڪالم

ڪامن فيڪٽرس جي تلاش

روزانه هلالِ پاڪستان

ڇنڇر 2- مارچ 1991

وڏيون شخصيتون پنهنجي پنهنجي وجود ۾ مڪمل انجمن ڄاتيون وينديون آهن . انهيءَ ۾ ڪو شڪ به ڪونهي . ڇو ته دور جا عظيم انسان پنهنجي وسيع تر مطالعي ، مشاهدي ، تجربي ۽ احساس جي خزاني کانسواءِ سوچ ۽ لوچ جي سوغات جا ڌڻي به ٿيندا آهن . هن جي اندر واري ڪائنات خيالي ۽ تصوراتي ڪونه ٿيندي آهي . هو پنهنجا نظريا، قدر ۽ اصول پڻ سڌ ۽ شوق مطابق ڦيرائيندا بدلائيندا ڪونه آهن . اول ته اهي اکيون ٻوٽي ڪنهن کي ڪونه مڃيندا آهن . پر جيڪڏهن ڪنهن کي مڃيندا آهن ته دنيا جي ڪابه طاقت کين انهيءَ کان منهن مٽڻ تي مجبور ڪري نه سگهندي آهي .

اهڙن انسانن کي ئي پنهنجي دور جو “وڏو انسان” چيو ويندو آهي .

پاڻ جنهن دور مان گذري رهيا آهيون . لڳي ٿو ته اسان جي دور جو هر ڪو ماڻهو به ڄڻ ڪامل ، مڪمل ۽ عظيم انسان آهي . هر ڪو پنهنجي وجود ۾ مڪمل انجمن آهي . اهوئي سبب آهي جو هر ڪو ڏيڍ چانور جي ديگ الڳ چاڙهيو ويٺو آهي . ان ڪري ادبي جماعتون ڏسو ته ڳڻيون نه ڳڻبيون . سياسي پارٽيون ڳڻبيون ته ائين لڳندو ڄڻ سنڌ ۾ سياسي پارٽين ٺاهڻ جون ڪي فيڪٽريون هجن. ثقافت جي ٺيڪيداري هر ڪنهن کي ورثي ۾ ملي آهي . دنيا جهان ڏک سمورن جا سينا ساڙي رهيو آهي . ڪن دوستن کي دنيا جهان يا قوم جو ڏک سٺو نٿو لڳي ته ذات پات ۽ رنگ نسل جي بنياد تي پارٽي ٺاهي پٽڪو ضرور ٻڌندا . مطلب ته هر ڪو ٻه ٽي ٿان بغل ۾ دٻايو پيو گهمندو جڏهن ۽ جتي به ٿو موقعو ملين ته ڪنهن جي ڪاڻ ڪڍڻ کانسواءِ ٿان ڦاڙي پنهنجو پاڻ کي پٽڪي ٻڌرائڻ ۾ ويرم نٿو لائي .

بيشڪ هن دور ۾ به ڀلن، سٺن ۽ بي لوث انسانن جي ڪمي ڪانهي. ائين ڪونهي ته ڪو هي دور به “عظيم انسانيت” کان خالي هوندو . پر اڄوڪن عظيم انسانن ۽ ڪلهه جي عظيم انسانن ۾ زمين آسمان جيڏو فرق آهي . ڪلهه جي عظيم انسانن پنهنجي دور جي تقاضائن مطابق “داخلي ڪامن فيڪٽرس” تي توجهه ڏنو هو ۽ اڄ جو پاڻ هرتو عظيم انسان “خارجي ڪامن فيڪٽرس” کي به پنهنجو نٿو ڪري . هن جو جيڪڏهن زور ۽ توجهه آهي ته پاڻ وڻائڻ ۽ پنهنجي شخصيت مڙهائڻ تي آهي . پوءِ ڇو ان لاءِ پنهنجي يا پرائي حيثيت ۽ شخصيت کي به خاڪ ۾ ملائڻو پوي .

ڳالهه نڪتي آهي “ڪامن فيڪٽرس”جي، جن کي مٿي ٻن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي . يعني هڪڙا آهن “داخلي ڪامن فيڪٽرس” ۽ ٻيا آهن “خارجي ڪامن فيڪٽرس” انهن جي به جيڪڏهن وضاحت ڪبي هلجي ته بيجا نه ٿيندو .

“داخلي ڪامن فيڪٽرس” رنگ،  نسل، ذات پات ۽ دين ڌرم جا تابع نه ٿيندا آهن، بلڪ دنيا جا مڙوئي دين ڌرم انهن جي ئي تبليغ ڪندا آهن ۽ هر ڪنهن دين پنهنجي پنهنجي نظرئي ۽ طريقي جي وسعت سان انهن جي تشريح ڪئي آهي، اهي آهن سچ ، حق ۽ سونهن هر ڪو نظريو “سچ” جي منهن مٿي ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو .هر ڪو مڪتبِ فڪر “حق پرستي” جي دعويٰ ڪري ٿو ۽ هر ڪو فلسفو معاشري ۽ ڪائنات جي سونهن کي نروار ڪرڻ جو ذڪر ڪري ٿو  البت ڪي ڪي نظريا ، دين ۽ انسانذات جي عظمت جي ڳالهه ڪن ٿا .

ماضي جي عظيم انسانن انهن ئي “ڪامن فيڪٽرس” کي پنهنجو ڪيو . انهن کي ئي پنهنجي قول ، فعل، شخصيت ۽ ڪردار سان نروار ڪيو.

“داخلي ڪامن فيڪٽرس”  يا اخلاقيات تي ٻڌل هن سوچ ۽ لوچ جي پڄاڻي ان وقت ٿي، جڏهن ڌرتيءَ تي ڌارين جو راڄ شروع ٿيو . هي ڌاريا رنگ نسل ، زبان ، ذات ۽ پات کان وٺي اخلاقي ۽ ثقافتي قدرن ۾ بنهه اوپرا ، نرالا ۽ ڌاريا هئا . سندن ڪوشش سان سندن اثر هيٺ پنهنجي ڌرتي جو “اخلاقي” ۽ “ثقافتي” نظام بري طرح متاثر ٿيو . انهن ڌارين مثبت نظرين، اصولن، عقيدن ۽ ڌرمن کي پنهنجي منفي مقصدن ، ذاتي مفادن، اقتصادي استحصالي ۽ سياسي غلامي کي برقرار رکڻ لاءِ ڪم آندو . نتيجي ۾ “داخلي ڪامن فيڪٽرس” جي جاءِ تي “خارجي ڪامن فيڪٽرس” کي حيثيت ملي . جن ماڻهن انهن ۾ فنا پاتي، سي ٿي انهيءَ دور جي عظيم انسانن ۾ شمار ڪيا ويا.

هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته “خارجي ڪامن فيڪٽرس” ڪهڙا آهن . ان جو جيڪڏهن مختصر جواب ڏيو ته فقط ايترو چوڻ تي ڪافي ٿيندو ته “ڌرتي”، “ٻولي”، “ثقافت”، ۽  “تاريخ” ئي خارجي ڪامن فيڪٽرس آهن . جيئن هن کان اڳ “داخلي ڪامن فيڪٽرس” ڪري ڪنهن شخصيت کي ڄاتو سڃاتو ويندو هو تيئن هاڻي “خارجي ڪامن فيڪٽرس” ڪري وري ڪنهن “قوم” کي ڄاتو سڃاتو ويندو آهي . اهي “خارجي ڪامن فيڪٽرس” تي ڪنهن قوم جي ڄاڻ سڃاڻ ٿين ٿا .

قوم جا هڏ ڏوکي ڏاها انسان انهن  حالتن ۾ حيران ۽ پريشان ٿي پوندا آهن . جڏهن کين اهو احساس ٿيندو آهي ته سندن قوم جي اڪثريت “داخلي ڪامن فيڪٽرس” کي ته صديون اڳ وڃائي ۽ وساري چڪي آهي . پر هاڻي “خارجي ڪامن فيڪٽرس” به کانئس کسبا ۽ وڃائبا وڃن . منهنجي خيال ۾ اسان پڻ اهڙين حالتن جي انگاس تي لٽڪيا پيا آهيون . تاريخ يعني “ماضي” کي پنهنجي “اجتماعي حافظي” طور مڃڻ بدران ان کي رجعت پسندي جي نشاني سمجهي ڇڏي وڏنو آهي . “ڌرتي” يعني زمين “لاءِ سکر بئراج” جي تعمير کان وٺي ويندي اڄوڪي دور تائين هاري، زميندار، ڌن ڏڻي ۽ سياستدان دانهون ڪوڪون ڪندا پيا اچن ته زراعت لائق زمينون سندن هٿن مان نڪرنديون پيو وڃن .

“ٻوليءَ” جو ٻين ته حشر ڪيو ئي آهي . پر اسان سنڌي ميڊيم اسڪولن کولڻ جا مطالبا ڪندي به پنهنهجي تحرير ۽ تقرير لاءِ ڪنهن نه ڪنهن ڌاري غير مادري زبان کي پنهنجو ميڊيم بڻايون ٿا . ايتري قدر جو اڄ ناميارا ٽي وي ڊرامه نگار غير مادري زبان ۾ لکن ٿا . محترم عبدالغفار جوڻيجو ۽ محترمه نورالهديٰ شاھ غير سنڌي ڊرامن ۽ شهرت وٺڻ کان اڳ پنهنجي مادري زبان جا ليکڪ هئا . سنڌ ڪڏهن  به لساني تنگدلي جو مظاهرو نه ڪيو آهي بلڪ هر هڪ دور ۾ لساني  رواداري جو مظاهرو ڪيو آهي . ان ڪري ئي هن ڌرتيءَ “هفت زبان شاعر” پيدا ڪيا .پر جڏهن به سندن ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ ڪنڊا ۽ ٽانڊا وڌا ويا ، تڏهن انهن ڪنڊن  کي گلن ۽ ٽانڊن کي بهار ۾ بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي . اهوئي سبب آهي جو جڏهن چيو ويندو هو “سنڌي وائي ڪم نه آئي” يا “پارسي گهوڙي چاڙهسي” ته انهن ۽ اهڙين حالتن ۾ شاھ ڪريم ۽ شاھ لطيف جهڙا عظيم شاعر پيدا ٿيا . جن سون تي سيڻ مٽائڻ کي ناپسند ڪيو ۽ هنن فقط ۽ فقط پنهنجي مادري زبان ۾ لکيو . ليڪن اڄ جو اديب چنڊ ڏوڪڙن جي آسري تي پنهنجي مادري زبان تان به هٿ کڻڻ لاءِ تيار نظر اچي ٿو .

“خارجي ڪامن فيڪٽرس” مان “ڌرتي”، “تاريخ” ۽ “ٻولي” جهڙا اهم فيڪٽرس ائين پنهنجي اهميت ۽ حيثيت وڃائي ويٺا آهن . پر گهٽ حشر “ثقافت” جو به ڪونه ٿيو آهي . اسان پنهنجي رهڻي ڪهڻي ، اٿئي ويٺي ، کاڌي پيتي، رسم ۽ رواج ۾ به ڄڻ سنڌي رهيا ئي ڪونه آهيون .انهن ڳالهين کي ڳڻيندي انهيءَ تي پهچجي ٿو ته اسان پنهنجا داخلي ۽ خارجي سمورا ڪامن فيڪٽرس وڃائي ويٺا آهيون . اهي بزرگ نظر نٿا اچن . جيڪي “اخلاقيات” جي نظام کي نئين سر رائج ڪن . ڪنهن کي دين ڌرم  ۽ اخلاقي ڳالهه چوڻ جي به همت ڪانه ٿي ٿئي . ڇو ته هن ويچاري کي “رجعت پسندي” جا خطاب به ملن ئي ملن ٿا . پر اوڳڻن جا اوتار سندن جاني دشمن بڻجي پون ٿا . برائيءَ جا بند ٻڌڻ واري کي ايترو ته بدنام ڪيو وڃي ٿو جو کيس ڪوئي ٻڌڻ لاءِ تيار نٿو ٿئي . ايمانداري هنن لاءِ کوٽا سڪا آهن . خيرخواهي جي وٽن ڪابه گنجائش ڪانهي . حلال ڪري کائڻ هنن لاءِ حرام ٿي پيو آهي . جتي اڪثريت ئي اهڙن ماڻهن جي هجي اتي بزرگن جي ڪهڙي دال ڳرندي ؟ پر هي همراھ به لوھ جا چڻان چاڙهيو ويٺا آهن . نيٺ ته اهي ڳرندا .

جتي “داخلي ڪامن فيڪٽرس” کي فروغ ڏيڻ دل گڙدي جو ڪم ٿي پيو آهي . اتي “خارجي ڪامن فيڪٽرس” کي رائج ڪرڻ گدو بندر واري اسپتال ۾ داخل ٿيڻ برابر آهي . شاھ لطيف جي چوڻي مطابق ته :

“جي اتر ڊاهي ان جي ته ڪنهن کي ڪارون ڪن؟

جيڪڏهن اهي“ڪامن فيڪٽرس” جيڪي اسان جي وجود ، حيثيت ۽ تشخص جو سبب آهن . انهن کي اسان پاڻ پنهنجو نه ڪنداسين ته گاڏو ڪيئن گڙندو ؟ پوءِ ڇو نه اسان جو اهڙو حشر ٿئي جيڪوٿي رهيو آهي . منهنجي خيال ۾ فرد جي انفرادي تعمير ۽ تڪميل لاءِ “داخلي ڪامن فيڪٽرس” ۽ قوم جو اجتماعي تعمير ۽ تڪميل لاءِ “خارجي ڪمن فيڪٽرس” هر دور هڪ جهڙي حيثيت ۽ اهميت رکن ٿا .

 

انهن ٻنهي قسمن جي “ڪامن فيڪٽرس” کان نفرت ۽ بي رُخي جو وڏي کان وڏو ڪارڻ اهو آهي جو انهن “ڪامن فيڪٽرس” جي تبليغ ۽ تشهيري غلط ٽولن جي هٿ ۾ اچي چڪي آهي . جيڪي پنهنجي گروهي مفادن خاطر اخلاق ، مذهب ، انسان ، ڌرتي ، ٻولي ، تاريخ ۽ ثقافت جو غلط استعمال ڪن ٿا . جڏهن مذهب ۽ اخلاق جي ڳالهه ڪندڙ ۾ مذهب ۽ اخلاق جي ڪا بوءِ ئي نه هجي . جڏهن ڌرتيءَ سان دوستي جي دعويٰ ڪندڙ غداري کي روزگار بڻائي . جڏهن ٻولي جي ترقي لاءِ ٻاڪاريندڙ انسان ڌارين ٻولين جي جهولين ۾ گل وجهي، جڏهن تاريخ جا ورق ورائيندڙ هر هڪ صفحي تي فقط ۽ فقط پهنجي ذات پات، رنگ نسل ۽ دين ڌرم کي ڏسي سگهي ، جڏهن ثقافت جي تحفظ ۽ ترقيءَ جي اوني ۾ اکيون آليون ڪندڙ انسان پنهنجي ئي رهڻي ڪهڻي ۽ اٿڻي ويهڻي کان ڪرڀ اچي ته پوءِ باقي ڪهڙا “ڪامن فيڪٽرس” بچن ٿا جن سان اسان سڃاڻي سگهون ٿا ، ۽ جيڪي اسان جي سوچ ۽ لوچ پنهنجي ڇاپ هڻي سگهن ٿا . 

Menu
Go to top