Menu

 (تو بن جاني! هيءَ جهان)

 

”مارون گهرن ملڪ جا، پنهنجن کان پناهه“

 

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 

اهو ماڻهو خوش بخت آهي، جنهن کي دوست آهن. پر اهو ماڻهو بدنصيب آهي، جنهن کي دشمن ڪونهن. اهي دشمن ئي آهن، جيڪي اسان کي احتياط ڪرڻ واري ڏانءَ تي هلڻ جا هيري بڻائين ٿا ۽ ماڻهو سينو تاڻي غلطي يا ڪوتاهي ڪرڻ کان پاسو ڪري ٿو. دشمن اسان اڳيان اسان جي شخصيت ۽ ڪردار جا اهي پاسا ۽ پهلو آڻي ٿو، جن تي پنهنجي نظر نه پوندي آهي. ان ڪري يارن مان ياريءَ جو مزو ملندو آهي ته دشمن مان هوشياري جي دوا ملندي آهي. لطيف سائين دشمن جي ڏاڍن سهڻن لفظن ۾ ڳالهه سمجهائي آهي ۽ الله تعاليٰ کان دعا گهري آهي ته اهي کر زنده رهن ته جيئن محبوبن سان ميڙاڪي جو منظر ڏسي، انهيءَ ساڙ ۾ سڙي مرن.

هر ڪنهن معاشري جيان دشمنيءَ جا داڻا اسان جي سنڌي سماج ۾ به آهن. پر اهي نهايت هاڃيڪار ۽ ماڻهپيءَ جا ويري ٿين ٿا. ڪيترا ماڻهون ته نانگن کان به دشمنيءَ ۾ ٻه قدم اڳتي آهن. سنڌي سماج ۾ دشمني لاءِ ڪنهن جائز جواب جو هجڻ ضروري ڪونهي. ان ڪري جنهن وٽ بغض آهي ۽ ڪينو آهي، اهو دشمنيءَ ۾ باقي ٻين کان ٻيڻو آهي. موقعو ۽ مهل هجي نه هجي، بس وڻن تان جهيڙا لاهبا ۽ دشمنيءَ کي پنهنجي دين ايمان جو لازمي جز ڪري کڻبو.

سنڌي سماج ۾ دشمنيءَ جو ٻٽو معيار آهي: ڌارئي سان دشمني ڪبي، پر لفظي ۽ زباني. جيڪڏهن ڌارين جي ٻلي ست ڪئا کائي حج تي ويندي ته ان کان بندرگاهه تي ڀاڪر پائي موڪلائينداسين ۽ ان کي پنهنجي دين ايمان جي سلامتيءَ لاءِ دعائون گهرڻ جون گذارشون ڪنداسين. ڌارئي سان دشمنيءَ جو اهڙو  تاثر ڏينداسين ڄڻ اجهو ٿا سندس ٻچا ٻار تي پهچايون. پر اهو دشمن ڀلي ماڻهن-مار هجي ۽ ڪيترا اهڙا گناهه ڳچيءَ ۾ پيل هجنس، پر اسان جو وزير گورنر يا صدر بڻجي وڃي ته نهايت ادب ۽ احترام سان سندس تعبيداري ڪنداسين. اهو اسان وٽ قبول يا مقبول هوندو. پر جيڪڏهن پنهنجي کان ڪا معمولي غلطي ٿي وئي ته دنيا جي ڪا به طاقت هن کي اسان جي دشمنيءَ کان بچائي نه ٿي سگهي. هو موت کان بچي سگهي ٿو، ليڪن اسان جي وير ۽ قهر کان بچي نه ٿو سگهي. ڇو ته اسان ڌرتيءَ جا وِيرَ به آهيون ۽ ڌرتيءَ ڌڻين جا ويري به آهيون.

اهو ضروري ناهي ته ڪنهن پنهنجي اسان جون ٻليون ماريون هجن، پوءِ به هن سان دشمني ڪبي ۽ دل کولي ڪبي. ڪنهن جي اٿ ويهه اسان کان بهتر آهي ته به هن سان دشمني ڪرڻ اسان لاءِ فرض بڻجي پوندو. ڪنهن محنت سان ٻه ڏوڪڙ ڪمائڻ شروع ڪيا ته جهڙوڪ اسان جي گهران ملڪيت ٻهاري ويو ۽ اسان جو هن سان ازلي وير ٿيڻ واجب ٿي پوندو. ڪنهن نالو ڪمايو ۽ ڪڍيو ته اسان جهڙوڪ ايمان مان نڪري وينداسين ۽ هٿ ڌوئي هن جي پوئتان پئجي وينداسين.

هونئن ڀلي ته دين ڌرم، اخلاق ۽ نظريي سان اسان جي تر جو به واسطو ڪو نه هجي، پر دشمنيءَ ۾ ملڪي آئين، قاعدن ۽ قانونن کان وٺي ديني اصولن ۽ نظرين جا دفتر اسان جي دلين کي روشن ۽ ذهنن کي منور ڪري ڇڏيندا. پنهنجي دشمني کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ مذهب، سياست ۽ سماج جا سمورا قدم اڳيان رکي، بلڪه استعمال ڪري هن کي عوام دشمن، مذهب دشمن، ڪرپٽ ۽ بي ايمان ثابت ڪنداسين. بنهه ڪاري مينهن واري روش اختيار ڪنداسين ۽ پڇ-ڪارين ٻڪرين کي پيا لوئينداسين.

حقيقت اها آهي ته اسان کي ڇپر ۽ ڇانوءَ ٿيڻ به ڪو نه اچي ۽ دشمني ڪرڻ کان به بنهه ڪورا آهيون. اها انهن سنڌ واسين سٻاجهڙن کي خبر ته دشمني جو عذاب ماڻهن ڪيڏو نه قبر جي عذاب کان به وڌيڪ خطرناڪ بڻائي ڇڏيو آهي. سنڌ واسي هاڻي جهڙوڪ منجهي پيا آهن ته الله کان شيطان کان بچڻ جي دعا گهرن يا پنهنجن جي دشمنيءَ کان بچڻ جي دعا گهرن. ڇا اسان پنهنجا رويا بدلائي نه ٿا سگهون؟ جيڪڏهن دوستي ڪرڻ نه ٿي اچي يا معاف ڪرڻ نه ٿو اچي ته دشمني ته فضيلت سان ڪريون.

 

 

Menu
Go to top