Menu

تصوف جي غلط تشريح ۽ نيو ورلڊ آرڊر جون تقاضائون،

 

(رسالو الصادق، جولاءِ/آگسٽ 2007)

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

اسلام ۾ جن به مڪتب فڪرن ۽ فقهن پنهنجي حيثيت ورتي، اهي پنهنجي پنهنجي مبلغ، هاديءَ يا امام جي نالي سان منسوب ٿيون، جهڙوڪ حنفي، شافعي ۽ مالڪي وغيره، پر تصوف ئي هڪ اهڙو مڪتب فڪر آهي، جنهن جي پهرين مبلغ ۽ امام جي خبر نٿي پئي. نه فقط ايترو پر ان جي نالي مان به ان جي اصل نسل جي ڄاڻ نٿي ملي. اهوئي سبب آهي جو “تصوف” لفظ جي ڇنڊڇاڻ به هر ڪنهن صوفي عالم پنهنجي پنهنجي خيال سان ڪئي آهي. ڪنهن ان لفظ کي “اهل صفه” ڏانهن منسوب ڪيو آهي ته ڪنهن وري ان کي گيڙو ڪپڙن سان اچي ملايو آهي.

اسلام “اختلاف” جو حق ڏنو آهي. ديني ڪتابن ۾ اچي ٿو ته خدا جي ذات پاڪ تي اختلاف ڪرڻ کانسواءِ باقي ٻين ڪيترين ڳالهين ۾ اختلاف ڪرڻ ڪا خراب ڳالهه ڪانهي. بلڪ ترقي جو ڪارڻ آهي. انهيءَ ڪسوٽي ۽ اجازت پٽاندڙ “تصوف” کي هڪ الڳ مڪتب فڪر ڪري مڃڻ ۾ آئون ڪو عار نٿو سمجهان پران ۾ آئون ايترو اضافو ضرور ڪندس ته تصوف ڪنهن فرد جي ذاتي، روحاني ۽ مذهبي واردات جو روپ آهي. تصوف ۾ مجاهدن، رياضتن، عبادتن ۽ روين جا مختلف دڳ ۽ پيچرا ته تجويز ڪري سگهجن ٿا، پر سمورن صوفين جي مشاهدن، تجربن ۽ محسوسات کي هڪ جهڙو بڻائي نٿو سگهجي. ان ڪري تصوف ۾ هر ڪنهن صوفي جي حيثيت مختلف، الڳ ۽ نرالي ٿي پوندي آهي. ان ڪري سچل سرمست، شاهه لطيف، منصور حلاج، رابعه بصري، حسن بصري ۽ ٻيا صوفي هوندي به هڪ جهڙا نه آهن. هر ڪنهن اها ڳالهه ڪئي آهي، جيڪا هن محسوس ڪئي  آهي. هر ڪنهن جا روحاني واردت جا تجربا ۽ مشاهدا هڪ ٻئي کان الڳ ۽ نرالا رهيا آهن، انهيءَ انفراديت ۽ نرالائپ ڪري خود تصوف ۾ ڪيترائي فڪري مڪتب قائم ٿيا، جن مان اويسي،قادري، نقشبندي، سهر وردي ۽ چشتي ذڪر لائق آهن.

سنڌ ۽ هند ۾ تصوف جي عام ۽ مقبول ٿيڻ جا ڪارڻ انسان دوستي، ڌرتي ۽ بندي کي ڌڻي پاڪ ڏانهن راغب ڪرڻ جي بنيادن تي رکيل هئا. تصوف انهن حالتن ۾ ڪُر کنيو، جڏهن اسان جا ديني عالم ٻن واضح ڌڙن ۾ تقسيم ٿي چڪا هئا. هڪڙا هئا “درٻاري ۽ سرڪاري عالم” جن وقت جي حڪمرانن کي “الله جو پاڇو” قرار ڏيندي سندن سياسي ۽ ذاتي مفادن کي پروان چاڙهڻ لاءِ “دين الاهي” جي روپ ۾ “حڪومتي دين ۽ شريعت” کي رائج ڪرايو ۽ ان کي جائز قرار ڏياريو ۽ ڏنو. ٻيا هئا حق پرست ديني عالم، جن کي سرڪاري ۽ درٻاري ذريعن، وسيلن ۽ طاقت سان غير فعال ۽ بي آواز بڻايو ويو. هنن حالتن ۾ عوام نڌڻڪو ٿي پيو. ڪو سندس سارسنڀال لهڻ ۽ خير خواهي ڪرڻ وارو ڪونه رهيو. ائين کڻي چئجي ته الله پاڪ کان سواءِ سندن ڪو آسرو ڪونه هو. پردکن، دردن، مصيبتن ۽ مجبورين هنن کي اهڙو ۽ ايترو ته منجهائي ڇڏيو هو. جو هنن کان جهڙوڪ هي وساريو ويو هئو ته رب پاڪ ئي سڀ جي سولي ڪرڻ وارو، عزت ڏيڻ وارو ۽ رزق ڏيڻ وارو آهي. هو پنهنجي انگ ڍڪڻ، پيٽ ڀرڻ ۽ سولي زندگي گذارڻ لاءِ حاڪمن يا سندن ڪارندن جا اهڙا ته محتاج بڻجي ويا هئا، جو انهن کان اياڪ نعبد واياڪ نستعين جو درس ئي وسري ويو هو.

انهن حالتن ۽ اسان جي حالتن ۾ تر جيترو به فرق ڪونهي.  اڄ ڪلهه به نوڪري وٺڻ، ترقي ڪرڻ، تبادلي ڪرائڻ عزت سان زندگي گذارڻ، ڪنهن ڏاڍي جي ڏاڍ کان بچڻ لاءِ ماڻهو خدا پاڪ کي ڇڏي ڪنهن نه ڪنهن امير، وزير. حڪمران يا ڏاڍي جي در تي سيس نوائي ٿو. فرق رڳو اهو آهي ته گذريل زماني ۾ انسان دوست. ڌرتي دوست ۽ ڌڻي جي نيڪ بندن اهو مناسب ڄاتو ته مايوس، سرگردان، پريشان ۽ بدحال انسان جي سوچن جو قبلو درست ڪجي ۽ جڏهن ته سڀ ڪجهه ڌڻي پاڪ جي ئي هٿ وس آهي ته پوءِ ڇو نه بندي کي ڌڻي ڏي راغب ڪري ثابت ڪجي ته “جنهن رب تنهنجو سڀ” يا “ڪک سڙن پن سڙن سڙي سائو گاه” جن ريجهايو الله تئه نه اچي تن کي.

سنڌ ۽ هند ۾ تصوف انهيءَ پس منظر ۾ پير کوڙيا. تصوف نه فقط هڪ طرف روحاني ۽ ٻئي طرف قومي تحريڪ طور اڀريو پر حق پرست عالمن جي غير فعالي واري ڪيفيت ۽ سرڪار پرست عالمن جي دين دشمني واري ڪڌي ڪرت کي به پنهنجي تحريڪ ۽ تبليغ ۾ نشاندهي ڪرڻ جو اصول بڻايو. انهن صوفين اڳيان حق پرست عالمن جي بي بسي، ٿورائي ۾ هجڻ بي مثال قرباني ڏيڻ ۽ سندن ذريعن وسيلن جي ڪمي جي تجربن ۽ مشاهدن جو رڪارڊ موجود هو. ان ڪري هنن “لعل به لڀي ۽ پريت به بچي” واري واٽ ورتي. اها واٽ جنهن ۾ طاغوتي طاقتن جي مقابلي جو خطرو به گهٽ هجي ۽ ذريعن وسيلن جي ڪميءَ جو احساس به نه ٿئي. سنڌ جي صوفين انهي حڪمت عمليءَ کي اختيار ڪندي، بندي کي ڌڻي پاڪ ڏانهن راغب ڪرڻ ۽ حڪمرانن جي طاغوتي طاقتن جي مقابلي ڪرڻ جا مثال قائم ڪيا. سندن تصوف هڪ ئي وقت تي روحاني ۽ قومي تحريڪون هونديون هيون. انهيءَ پس منظر ۾ اوهان شاه ڪريم جو مطالعو ڪيو. وقت جي ڌارين حڪمرانن کي جڏهن تقين ٿيو ته شاه ڪريم سندن عوام دشمني ۽ دين دشمني خلاف ڪم ڪري رهيو آهي ته هنن سندس زندگي کي عذاب بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس هڪ فرزند کي ماريو ويو. هن کي مارڻ لاءِ ڌاڙيلن جي روپ ۾ هن پٺيان ماڻهو ڇڏيا ويا. ويچارو، مگر دانشمند سيد رات جو مختلف مسجدن جون مٽيون ڀريندو پاڻ بچائيندو رهيو. ڪنهن کي به خبر ڪانه هوندي هئي ته شاه ڪريم رات ڪٿي گذاري يا گذاريندو. رات جو شاه ڪريم شاهينگن کي موقعو نه ڏنو ته هڪ ڏينهن سندس ٻني تي اچي وارد ٿيا. ان وقت شاه جي ٻني تي نار هلي رهيو هو ۽ هو پنهنجي ٻني کي پاڻ ڏئي رهيو هو. شاهينگن کي سيد کي قتل ڪرڻ جو بهانو گهربو هو. ڇو ته ڏينهن ڏٺي جو اوسي پاسي جي ماڻهن جي موجودگي ۾ ڪنهن جواز کان سواءِ کيس مارڻ سندن سياسي حڪمت جي خلاف ٿي ويو. مٿن “خون ناحق” جو الزام لڳي ٿي سگهيو. ان ڪري هنن بهانن مٿان بهانا ڳولهيا. پهريون هن جي ٻني جا ٻارا ڀڄي پاڻي ٻئي ٻني ڏي ڇوڙيائون. شاه ڪريم خاموش رهيو ۽ هنن کي وڙهڻ جو موقعو نه ڏنائين، پوءِ هنن نار ۾ وهندڙ ڏاند ڇوڙيا. شاه صاحب اتي به خاموش رهيو. نيٺ شاه کي ٺاهوڪا سوٽا وهائي ڪڍيائون. پر ان تي به شاه ڪريم کلندو رهيو، شاهينگن ڪنهن بهاني تلاش ڪرڻ لاءِ شاه صاحب کان آڏي پڇا شروع ڪئي.

شاهينگ: تنهنجي ٻنيءَ جو پاڻي ڀڳوسين، تون ناراض ڇو نه ٿئين؟

شاه ڪريم: بابا! مان ناراض ڇو ٿيان، اوهان ته سٺو ڪم ڪيو، مان خود غرض ٿي فقط پنهنجي ٻني سيراب ڪري رهيو هئس. باقي الله جي زمين غير آباد ڇورهي؟ اوهان الله جي زمين آباد ڪئي.

شاهينگ: هلندڙ نار مان ڍڳا ڇوڙياسين. ان تي تون ناراض ڇو نه ٿئين؟

شاه ڪريم: اوهان رحمدلي ڏيکاري، شايد ڏاندن کي آرام جي ضرورت هئي.

شاهينگ: توکي ٺاهوڪي مار ڪڍيسين، تون اسان سان وڙهڻ لڙڻ بدران خاموش ڇو ٿي وئين؟

شاه ڪريم: بابا! ڏوهه ڪيا هيم. زمين فقط پنهنجي ٿي آباد ڪيم ۽ الله جي زمين نظرانداز ڪيم. ڍورن  تي رحم نه ڪيم، انهن ڏوهن جي سزا ملي، ان ڪري مان ناراض ٿي اوهان سان ڇو وڙهان ها؟

شاهينگن کي سيد قتل ڪرڻ جو بهانو نه مليو ۽ هو لاجواب ٿي هليا ويا. شاه ڪريم ۽ اهو شاه ڪريم بچائڻو هو، جيڪو بندي کي رب ڏانهن راغب ڪرڻ ۾ مصروف هو ۽ جيڪو ظالم ۽ جابر حڪمران کي ڌرتي- ڌڻين تي قابض ڏسڻ نه پيو گهري تاريخ جا ڪتاب اها ڳالهه ثابت ڪن ٿا ته شاه ڪريم ڪنهن انڊر گرائونڊ تحريڪ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪري رهيو هو ۽ سندس رابطا ٻين ملڪن جي هم خيال ماڻهن سان به هئا.

تصوف جو سنڌ ۾ تاريخي ڪردار اهوئي رهيو آهي. شاه عنايت شهيد جي شخصيت ۽ ڪردار کي ڌيان ۾ آڻيو. سڄي صورتحال واضح ٿي ويندي ته تصوف کي حق ۽ سچ جي تلوار طور ڪيئن سنڌ ۾ مانوس ڪرايو ويو. لطيف سائين انهيءَ زماني ۾ تصوف جي تند تنواري بندي کي خدا پاڪ ڏانهن راغب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن حاڪم ۽ حڪمران تخت ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ هڪٻئي جي ڄنڊاپٽ ۾ مصروف هئا ۽ ڌارين جي رهبريءَ ۽ سندن پروانن حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ پنهنجي عوام کي وساري، بلڪ نظرانداز ڪري چڪا هئا. اڄ ۽ ڪلهه جي سنڌي حڪمرانن ۾ اهو فرق رهيو آهي. ڪالهوڪا حڪمران افغانستان تائين ڊوڙون پائيندا هئا ۽ اڄ جا اقتدار دوست ٿورو اورتي درگاهه تي ڀيٽا ڏين ٿا. عوام اڳ به آزار ۾ هئو ۽ هاڻي به سورن ۾ آهي. ڪالهه به سنڌ واسين کي پڇڻ کان سواءِ سنڌ کي ٽڪر ٽڪر ڪيو ويو ۽ اڄ به ائين ئي ٿئي پيو.

تصوف جو ڪهڙو به مڪتب فڪري هجي، اهو پنهنجو روحاني رشتو ۽ سلسلو چئن يارن معرفت رسول الله صه جي ذات مقدس تائين جوڙي ٿو. ڪنهن به صوفي دين اسلام کان منهن نه موڙيو آهي. ايتري قدر جو منصور حلاج جهڙي صوفي به موت جي سزا کان اڳ نماز پڙهي. تصوف جو بنياد شريعت ۽ اسوه حسنه ئي آهي. تصوف ان کان سواءِ بي معنيٰ، بي سود بلڪ ڪفر آهي. تصوف جي جنهن به سلسلي ۾ مذهب کان غير جانبداري يا مذهب کان پاسيري رهڻ جي ڳالهه يا تلقين ڪئي وڃي ٿي. اهو ڪنهن به صورت ۾ اسلامي تصوف ٿي نٿو سگهي. بلڪ تصوف جي نالي ۾ تصوف ۽ اسلام خلاف هڪ سازش آهي. تصوف جي سچائي کي پرکڻ لاءِ اسان کي انساني ۽ اسلامي تاريخ جا ورق ورائڻا پوندا. جڏهن فرعون، نمودو ۽ شداد پاڻ کي خدا سڏايو ته خدا تعاليٰ مٿن عذاب نازل ڪيو ۽ اسان به انهن تي لعنت ملامت ڪرڻ کي پنهنجي ايمان جو جز ڄاڻون ٿا هي ڪٿان جو انصاف آهي ته ڪلهه فرعون، نمرود ۽ تشداد پاڻ کي خدا سڏايو ته انهن کي ته اسان لعنتي چئون، پر پاڻ ساڳئي ئي حماقت ڪيون. اهو ڄاڻندي به ته اسان ڪيئن ۽ ڪهڙي پاڻي مان پيدا ڪيا ويا آهيون ۽ پوءِ به دعويٰ فرعون، نمرود ۽ شداد وانگر ڪيون. جڏهن ڌارين، خاص طور تي تنها سپر پاور کي پنهنجي محققن ۽ عالمن جي مطالعي، مشاهدي ۽ تحقيق مان پتو پيو آهي ته تصوف هاڻي بندي کي ڌڻي ڏانهن راغب ڪرڻ بدران نعوذ بالله ڌڻي تي قابض ٿيڻ جو فڪر بڻجي ويو  آهي. جڏهن تصوف هاڻي روحاني ۽ قومي تحريڪ بدران ڌڻي پاڪ سان جهيڙي جوٽڻ جي تحريڪ بڻجي رهيو آهي ته سپرپاور اسان کي صوفي ٿيڻ جا درس ڏيڻ شروع ڪيا آهن ۽ انهي لاءِ اهڙي حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي ته جيئن هنڌين ماڳين سرڪاري ۽ درٻاري سرپرستي ۾ “صوفي ڪانفرنسون” ٿين ۽ تصوف جي انهيءَ تشريح کي عام ڪيو وڃي، جنهن مان اسان جو“اسلامي تشخص” ختم ٿي وڃي ۽ اسان پاڻ پنهنجي هٿن سان ٻئي جهان خراب ڪري ڇڏيون. نتيجي ۾ سرپاور کي اسان تي بي خوف حڪمراني ڪرڻ جو موقعو ملي وڃي.

پاڻ کي پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي اهو مڃڻو پوندو ته تصوف جا ڪيترا گادي نشين علم تجربي ۽ مشاهدي جي حوالي سان ڪنهن به صورت ۾ گادي ڌڻين ۽ صوفي اڪابرن سان همسري ڪري نٿا سگهن. هي پڻ ناقابل ترديد حقيقت آهي ته سنڌ ۾ تصوف جي تفسير ۽ تشريح تي مسلمانن کان وڌيڪ غير مسلم عالمن ڪم ڪيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ تصوف ۽ صوفي اڪابرن کي اهڙي انداز سان پيش ڪرڻ جي روايت پئجي وئي آهي. جيڪا تصوف جي اصلي روح ۽ صوفي اڪابرن جي منشا جي خلاف نظر اچي ٿي. سنڌ ۾ حضرت سچل سائين کي “منصور ثاني” چئي، هن عظيم انسان ۽ بي بدل صوفي کي دين کان دور هجڻ تاثر ڏنو ويندو آهي. جڏهن ته حقيقت ان جي برعڪس آهي. سچل سائين تصوف ۽ پنهنجي “صوفياڻي تشخص” تي روشني وجهندي فرمائي ٿو ته:

حڪمت شرعت برسر ڪرڻا

ٻاهر قدم  نه    هڪو     ڌرڻا

تابع       تنهن      امر دي هان

سچل سائين تصوف ۾ هڪ مثالي مفڪر جي حيثيت رکندڙ هو. هن پنهنجي  شاعري جي ڪوزي ۾ درياه بند ڪيو آهي ڏک جي ڳالهه اها آهي ته سچل سائين کي سمجهڻ لاءِ سچل سائين جي عملي ڄاڻ ۽ حيثيت جي ڪمي آهي. هونئن نه ته سچل اهو سچ ٻڌايو آهي، جنهن لاءِ صوفي ۽ سچار صدين کان ٻڌڻ لاءِ سڪندا ٿي آيا. ٿورو غور ڪيو، سچل سرمست جي “گهڙولي، جو هي بند ڌيان ۾ رکو. فرمائي ٿو:

سر تي سينهون هٿ گهڙولي

محڪم خيال دي دم ڪڙولي

جام قدح  ڪوثر  دي    هان

سچل سائين جي گهڙولي جي هن هڪ بند تي هڪ ڪتاب لکي سگهجي ٿو. هن جي سر تي ڪهڙو سينهون هو؟ سندس هٿ ۾ڪهڙي گهڙولي هئي؟ سندس محڪم خيال ڪهڙو هو؟ ۽ سندس دم ڪڙولي ڇا هئي؟ انهن سوالن جي جواب ۾ سچل سرمست جي تصوف ۾ منزل ۽ حيثيت جو تعين ٿئي ٿو. انهن سمورن اشارن، استعارن ۽ اصطلاحن کي سچل سائين “ڪوثر” سان لاڳاپي رکيو آهي. هي اهو ڪوثر آهي، جنهن مان گهڙولي ڀري پيئڻ جي سچل سرمست کي آس ۽ پياس آهي. اهو ڪوثر آهي جنهن مان گهڙولي ڀري هو پاڻ پيئڻ گهري ٿو ۽ ٻين کي به پيارڻ چاهي ٿو. هي اهو ڪوثر آهي جنهن تي توجه ڏيڻ سان انسان جي مٿان روحانيت ۽ تصوف جا هزارين راز ظاهر ٿي پون ٿا. ڪوثر ۽ آب ڪوثر کي سمجهڻ لاءِ اسان کي قرآن شريف ۽ حديثن مان مستفيد ٿيڻو پوندو. اوهان سورۃ “الڪوثر” جو مطالعو ڪيو، اوهان تي اڻ ڳڻيا راز کُلي پوندا. قيامت جي ڏينهن حضور ڪريم  صه جن حوض ڪوثر تي موجود هوندا. انهي حوض جي حوالي سان 50 روايتون حديثن مان ملن ٿيون. توجه ڇڪرائڻ واروپهلو اهو آهي ته حضور ڪريم صه جن فرمايو آهي ته اهي ماڻهو جيڪي منهنجي طريقي کي بدلائن ٿا يا بدلائيندا، سي حوض ڪوثر کان هٽايا ويندا.

اسان انهيءَ حديث پاڪ جي پس منظر ۽ پيش منظر ۾ جڏهن سچل سائين جي “گهڙولي” جي انهي بند ڏانهن توجه ڪيون ٿا ته اها ڳالهه صاف ظاهر ٿئي ٿي ته هن پاڻ کي حوض ڪوثر جي نزديڪ هئڻ وارن ماڻهن ۾ شريڪ ڪيو آهي. مطلب ته هو نه ته طريقت محمدي کان منهن مٽڻ وارو ماڻهو آهي ۽ نه وري طريقت محمدي کي مٽائڻ وارو صوفي  آهي. هتي ذڪر به ڪبو هلجي ته “حقيقت محمدي” تصوف ۾ هڪ اهم ترين منزل جي نشاندهي ڪرڻ وارو اصطلاح آهي. هتي اها ڳالهه به عيان ٿئي ٿي ته “حقيقت محمدي” جي منزل ماڻڻ لاءِ طريقت محمديءَ جو رستو وٺڻو پوندو، ڇو ته طريقت کان سواءِ حقيقت تي پهچڻ ناممڪن آهي. هاڻي وري اچو ته ڪلام پاڪ ۾ “ڪوثر” ۽ “صاحب ڪوثر” جي ڪهڙي ڳالهه ڪئي وئي آهي. هي سورۃ  ٽن آيتن تي مشتمل آهي. پهرين آيت ۾ ڪوثر جي عطا ٿيڻ جي خوشخبري موجود آهي. ٻي آيت ۾ شڪر ادا ڪرڻ ۽ عبديت جا طور طريقا ڏسيا ويا آهن ۽ ٽين آيت ۾ تمام وڏي ۽ اهم ڳالهه ڪئي وئي آهي. هن آيت ۾ “طريقت محمد” جي منڪرن جو تفصيل ڏنو ويو آهي. رب پاڪ فرمائي ٿو ته

اي نبي! “تنهنجو دشمن ئي پاڙ پٽيل آهي.”

هاڻي ذهن ۾ رکجي ته هي سورۃ مڪي آهي. پاڻ حضور اڪرم  صه جن جڏهن مڪي ۾ هئا ته وٽن ڌن دولت يا حڪومت ته ڪانه هئي. جو ان ڪري ساڙيلا ماڻهو سندن دشمن ٿين. اتي نبين جي سردار صه سان ڪافرن ان ڪري دشمني ڪئي جو پاڻ صلعم جن “طريقت محمدي” ۽ “حقيقت خدائي” جي ڳالهه ڪئي. الله تعاليٰ جهڙوڪ فيصلو صادر ڪرڻ فرمايو ته:

“تنهنجو دشمن ئي پاڙ پٽيو آهي”

هن جو اهو مطلب ٿيو ته “طريقت محمدي” ۽ “حقيقت خدائي” جو منڪر پاڙ پٽيو آهي ۽ اهو حوض ڪوثر تائين پهچڻ جو تصور به ڪري نٿو سگهي. سچل سائين پنهنجي “گهڙوليءَ” ۾ پنهنجي مذهبي. روحاني ۽ صوفياڻي طريقي تي روشني وجهڻ کان سواءِ پنهنجي صوفياڻي نظريئي جي به نشاهدي ڪئي آهي. آب ڪوثر جي تمنا ۽ اتان گهڙولي ڀرڻ جو شوق ثابت ڪري ٿو ته سچل سائين وڏي واڪ ٻڌائي ٿو ته سچو صوفي “طريقت محمدي” کي ترڪ ڪرڻ جو تصور به ڪري نٿو سگهي. سچل يا ڪنهن ٻئي صوفي کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ “منتخب طريقو” مطلب ۽ مقصد کان ڪوهين ڏور وٺي ويندو. ان لاءِ ضروري آهي ته ڪنهن به صوفي شاعر جي سموري ڪلام کي ۽ صوفي مفڪر جي سمورن ارشادات کي ماضي، حال ۽ متقبل جي روشني ۾ پڙهيو وڃي. هتي ماضي مان مطلب تاريخ آهي. اسلامي ۽ انساني تاريخ تي نظر نه هوندي ته گهڻيون ڳالهيون سمجهه ۾ ڪونه اينديون. مثال طور هن شعر کي ڏسو:

جيڪا راهه رسول جي تاڏي نه ڀريان پير

جيڪو وٺي نانءُ نبي جو،تنهن سان منهنجووير.

هي مصراعون ڪنهن تاريخ جي اناڙي اڳيان پڙهبيون ته هو ان جو مطلب اهو. وٺندو ته شاعر فرمائي ٿو ته “رسول پاڪ جي دڳ ۽ طريقي تي مان نه هلندس ۽ جيڪو به منهنجي اڳيان سندن اسم مبارڪ زبان تي آڻيندو ته مان ان سان وير وجهندس ۽ دشمني ڪندس.” پر حقيقت ۾ شعر جو مطلب ان جي برعڪس آهي. هي شهر هڪ شاعريءَ جي صنف ۾ “ڏور” آهي. ”ڏور” اهڙي بيت کي چئبو آهي جنهن جي ظاهري معنيٰ ته هڪڙي هوندي آهي، پر باطني معنيٰ ئي ان شعر جي اصلي معنيٰ ٿيندي آهي. جيئن هن شعر/ بيت جي آهي. هي هجرت واري واقعي سان واسطو رکندڙ ڳالهه آهي، پاڻ ڪريم صلعم حضرت ابوبڪر سان گڏ غار ۾ آهن، مڪي جا ڪافر ٻنهي جهانن جي سردار جي تلاش ۾ اتي اچي پهچن ٿا جو شخص ڄاڻي ٿو ته خدا جو رسول صلعم ڪٿي آهي. ان کان پڇيو وڃي ٿو ته ٻڌاءِ محمد صه جن ڪٿي آهن، ان تي هو جواب ڏئي ٿو ته: جنهن رستي سان لولاڪ جو ڌڻي صه جن ويا آهن. مان اوهان کي انهيءَ واٽ تي وٺي نه هلندس، پر خبردار! جيڪڏهن اوهان اڙين جي آڌار ۽ نبين جي سردار صه جو نالو ورتو ته مان اوهان سان وڙهڻ لاءِ به تيار ٿي ويندس.

شاعريءَ کي ان ڪري پسند نه ڪيو ويو ته ان ۾ مبالغه آرائي جائز هوندي آهي. ڳالهه ۽ واقعي وغيره کي اهڙي ته ماهرانه انداز سان لڪايو ويندو آهي جو عام ماڻهو جي سمجهه کان مٿي ٿي پوندو آهي. شاعريءَ کي سمجهڻ ڪا سولي ڳالهه ڪانهي. جيڪڏهن شاعر چئي ٿو ته “منهنجو محبوب مکڻ آهي” ته سندس محبوب اصلي مکڻ ڪونه هوندو آهي ۽ مکڻ مان ٺهيل ڪونه هوندو آهي. جيڪڏهن  شاعر چئي ٿو ته “منهنجو محبوب جو چهرو چنڊ آهي” ته ان جي اها معنيٰ ڪانهي ته واقعي سندس محبوب جو چهرو چنڊ آهي. انهيءَ ڪسوٽيءَ جي مطابق جيڪڏهن ڪو صوفي شاعر چئي ٿو ته “مان بندو نه  آهيان پر ٻيو ڪجهه آهيان” ته ان جو مطلب به ائين ئي وٺبو، جيئن ”مکڻ” ۽ “چنڊ” جو ورتو ويو. اهڙيءَ ريت شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ مختلف ويس مٽائيندو آهي، ڪڏهن پنهنجي ذاتي ڳالهه ڪندو آهي ته ڪڏهن ڪنهن ڪردار جو روپ وٺي سندس زباني ڳالهه ڪندو آهي. مثال طور جيڪڏهن لطيف جي شاعري ۾ سسئي پنهنجي سورن جو ذڪر ڪري ٿي، جهنگ جي جناورن سان ڳالهائي ٿي يا سج کي سنيهو ٿي ڏئي ته تون لهڻ وارو آهين ۽ پرين کي ٻڌائجانءِ، ته پٺيان سسئي اچئي ٿي ته اهڙي شاعري شاعر جي ذاتي ترجماني نه پر ڪردار جي ترجماني هوندي آهي. اها نه ته شاعر جي ذهني ۽ فڪري ڪيفيت هوندي آهي ۽ نه وري ان مان شاعر حيثيت مقرر ڪري سگهبي آهي. انهيءَ ڪسوٽي مطابق جڏهن سچل چئي ٿو ته:

ڇا ٿيون ڀانئيون ڀيڻيون، آهيان رب ستار

ته پوءِ اهو ڇو سمجهڻ ڪري ته اهو سچل پاڻ ڏي اشارو ڪري ٿو. هن جو مطلب هينئن ڇو نه وٺڻ گهرجي ته رب پاڪ پنهنجي بندن تي واضح ڪرڻ فرمائي ٿو ته اوهان پاڻ کي الائي ڇا مان ڇا ڀانئيو. پر ياد رکو ته رب ۽ ستار فقط ۽ فقط مان آهيان ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبه رب ۽ ستار ڪونهي. اسان شاعري جي فني لوازمات، شاعريءَ جي تخليق وقت حالتن جي تناظر ۽ ماضي، حال ۽ مستقل جي ڄاڻ کان وانجهيل ٿي جڏهن صوفياڻي شاعري پڙهون ٿا ته پنهنجي ڪم علمي ۽ ڪم عقلي ڪري تصوف جي اها تشريح ڪري ويهون ٿا. جنهن مان اسلام دشمن قوتن کي به ڏڍ ملي ٿو ۽ پاڻ به گمراه ٿي وڃون ٿا، اهڙي صورتحال کي ڏسي هاڻي اسان جي مٿي تي هٿ رکيو پيو وڃي ۽ غيرن طرفان تصوف جي تند تنواري پئي وڃي ۽ اسان  کي بانور ڪرايو پيو وڃي ته صوفين ۽ سنتن جي هن سرزمين تي صوفياڻيون ڪانفرنسون ٿين ۽ عوام ۾ اهڙي تصوف کي عام جام ڪيو وڃي.

 

منهنجي خيال ۾ سچن صوفين ۽ حق پرست عالمن تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته دشمن جي چال کي نظر ۾ رکن ۽ تصوف کي تلوار بڻائي غيرن جي هٿ ۾ نه ڏين، جنهن سان هو اسان جي نطرين، قدرن، قوميت ۽ وجود جا ڪنڌ ڪٽي ڇڏن.

Menu
Go to top