Menu

ٻه لفظ، (ڪتاب وڇوڙين وايون 17 آڪٽوبر 1985)

 

 

در محمد پٺاڻ

عام طور تي انسان ۽ ڪائنات لاءِ اهو چيو ويندو آهي ته اهي چئن عناصر يعني باهي پاڻي، مٽي ۽ هوا جو مرڪب آهن. سائنسدان ڀلي ته انهيءَ راءِ سان متفق نه ٿين، پر نفسيات جا ماهر اها ڳالهه ضرور مڃيندا ته انسان جي طبيعت ۾ ڄڻ باهي پاڻي، مٽي ۽ هوا جو اثر ڀريو پيو آهي. آءُ ته اهو به چوندس ته انسان جي سموري ڄمار انهن چئن عناصرن جيان گذري ٿي:

باهه جهڙي جهلڪ هو تڏهن ڏئي ٿو، جڏهن پاڻ جهڙي انسان سان الفت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. پاڻي تڏهن بڻجي وڃي ٿو جڏهن دنيا جي لالچ ۽ طمع کيس حيثيت ۽ هيئت مٽائڻ جو عادي بڻائي ڇڏي ٿي. مٽيءَ جي ڏک تڏهن ڏئي ٿو، جڏهن ڌرتي ماتا سان رشتو جوڙي ٿو. اهو جهڙو ان وقت بڻجي پوندو آهي، جڏهن اڻ ڏٺيءَ طاقت جي آڻ مڃي اشرف المخلوقات ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. انهيءَ حساب سان انسان پنهنجي سوچ ۽ عمل ذريعي انهن ئي برجن يا دلبر، دنيا، ڌرتي ۽ ڌڻي جي دائرن ۾ گهمندو رهي ٿو. اڄ جو سنڌي ڏات- ڌڻي ڪهڙن برجن ۾ آيو؟ ان جو اندازو لڳائڻ نه صرف دلچسپي کان خالي ڪونهي، پر اهم به آهي. اهم انڪري جو خبر پوندي ته معاشري جي سوچ کي لوچ ۾ بدلائيندڙ طبقو پاڻ ڪهڙي حال ۾ آهي ۽ هو پنهنجي ذهني خواهه فڪري رهبري ڪهڙي ڏس ۾ ڪري رهيو آهي. آئون محترم ڪرم جي شاعريءَ جو مطالعو به انهي ئي زاويئي کان ڪريان ٿو.

الف: دائرو پهريون- دلبر

چيو وڃي ٿو ته “انسان” لفظ جو بنياد “انس” آهي. جنهن جي معنيٰ آهي پيار، محبت ۽ خلوص انهيءَ لفظي نسبت سان انسان مجبور آهي ته هو ڪنهن کي پيار ڪري ۽ ڪوئي هن سان پيار ڪري. اهو پيار جڏهن ڪنهن فرد واحد لاءِ مخصوص ٿي وڃي ٿو ته “مجاز” سڏجي ٿو ۽ پوري قوم ۾ ورهائجي وڃجي ٿو ته “وطن دوستي” جو نالو وٺي ٿو. پر سماجي حالتن، طبقاتي ڇڪتاڻ اوچ نيچ ۽ ذات پات جي رنگ ۾ رتل اسان جي معاشري ۾ اسان جي پيار جا جذبا جيڪو روپ وٺندا آهن. ان جي اجتماعي جهلڪ ڏسڻي هجي ته لطيف سائين جي هن آواز تي ڪن ڏجي:

“پسو پکيئڙن، ماڻهئان ميٺ گهڻو”!!!

اهڙي نموني سان اسان جي پيار جي انفرادي جهلڪ به عجيب قسم جي هوندي آهي. بنهه يڪطرفي بقول ڪنهن جي ته:

“توکي پنهنجا خيال گهڻا، مان ليکي ۾ ئي ناهيان.”!!

انسان جي معاشري جو هرڪو انسان اڪيلو آهي. ڪن مجبورين ۽ ضرورتن پاڻ ۾ ڳنڍي رکيو آهي، نه ته “ڪاڏي منهن مريم جو، ڪاڏي الهيار” واري چوڻي بنهه ٺهڪي بيهي ٿي. جنهن معاشري ۾ مڙس زال کي، والدين اولاد کي، استاد شاگرد کي، وڏو ننڍي کي، امير غريب کي، جوان پوڙهي کي ۽ اڇو ڪاري کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه آهي، اتي ڪير ٿو ڪنهن کي توجه ڏئي؟ اهڙيون حالتون انساني نفسيات کي انوکو موڙ ڏيندو آهن ۽ هرڪو ماڻهو توجه جي مرڪز بڻجڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر جيڪڏهن ڪو ڏانهس متوجه ٿيندو آهي. ته هي ٽانءَ ڀريو سانڀر بڻجي ڪنهن کي وٺ ئي ڪرڻ نه ڏيندو آهي. ان ڪري هتي مار اهو ئي کائي ٿو جو ڪنهن ٻئي ڏانهن متوجه ٿئي ٿو. محترم ڪرم تجربي جي انهي بٺيءَ مان جيئن پچي نڪتو آهي، تنهنجي پوري تصوير سندس شاعري ۾ ملي ٿي. ڪنهن تشريح کان سواءِ سندس اهڙي ڪلام مان ڪي مثال هيٺ ڏجن ٿا:

آغاز

سانڍي رکيم ساهه، سڃر سور سپيريان،

اندر نڪتي آهه، وڇوڙين وايون بڻي،

اثر

پرين پير وڌاءِ، چمان تان چڱي ٿيان،

ويڄن وس نه پاءِ، ستين سينو ساڙيو،

شڪايتون

ڪو ڊوهه ٿيو، ڪو ڏوهه ٿيو،

ڪهڙي خطا آخر ڀلا،

هو دلربا هي نارواو

هي خواب هو دولاب هو

چوڻو پيو آخر صفا

اوبي وفا، او بي وفا،

 

هينئن نه هر گز ٿيو اڳي،

مون کي ڪرم ائين ٿو لڳي

ڄڻ ڪالهو ڪو ڏينهن هو،

شايد ويو وسري اٿي،!!!

حسرتون

قول ڪريون ۽ پت پڄايون،

آءُ ته پنهنجو نينهن نڀايون،

اچرج ڪن بلبل پروانا،

آءُ ته اهڙو پاڻ پچايون...

آزيون

هيڪر آءُ

هيڪر آءُ

وسري ڪين وجود کي مورئون،

ساجن تنهنجو ساءُ

هيڪر آءُ

خوش فهميون

من وياڪل کي آٿٿ ڏيندو، ساجن ايندو!

گرهه ڪريو ۽ اک ٿي ڦڙڪي،

هڏڪيءَ سان گڏ دل ٿي ڌڙڪي،

سوڻ سجايو ٿيندو، ساجن ايندو،

حقيقت ۽ حال

ڪنهن کي ڏيان آواز او ڍوليا،

ڪوئي منهنجو ساٿي ناهي،

سو ڪرم جي دلين جي دنيا باقي سنڌين جي دلين جي دنيا جيان گول آهي، جنهن ۾ انسان تنهائي جي روپ ۾ سفر جو آغاز ڪري ٿو ۽ پاڻ کي منزل تي اڪيلو ڏسي ٿو. اسان جي محبت جو اهو حال “مجاز” کان “وطن دوستي” تائين ساڳيو ئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان وري صديون پوئتي موٽي وڃي اها صدا ٻڌون:

توکي پنهنجا خيال گهڻا، آئون ليکي ۾ ئي ناهيان......

پسو پکيئڙن ماڻهان ميٺ گهڻو

ب: دائرو ٻيو- دنيا

اسان سنڌي جيئن دل ۽ دلبر جي معاملي ۾ ترڙ سڃا رهيا آهيون تيئن دنيا جي مسئلي ۾ به پنهنجي ڀاڳ جو تعاون به حاصل ڪري نه سگهيا آهيون. جيتوڻيڪ اسان مان ڪو بک وگهي ڪونه مئو  آهي، پر اسان جي اڪثريت مڇيءَ مانيءَ لائق به ڪونه رهي آهي. ان ڪري اسان جو حال اڪثر ڪري اهو پئي رهيو آهي جو نه شمار اٿئون مئن ۾ نه جيئرن ۾. ان ڪري هنن حالتن ۾ اسان جي سوچ ٽن ڌارائن ۾ تقسيم تي وڃي ٿي. هڪڙا پنهنجي حال تي خوش رهن ٿا ۽ ٻيا حالتن کي به بدلائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ٽيون ڌڙو وري ٻنهي کان پري ۽ دنيا کان لاتعلق ٿي رهي ٿو. ڪرم جي سوچ “دنيا” جي دائري ۾ ڪيئن چڪر هڻي ٿي؟ ان جي جهلڪ هنن مثالن مان ملي سگهي ٿي.

تصوف جو روايتي رنگ:

پکيئڙا تو ڪيئن هيريو من!

چوڻي پاڻيءَ تي من هيري!

ورڻ نٿو چاهين واهيري،

مڃري پرس ۾ پرس!!

اڄوڪي دور جي صدا:

هاري ۽ مزدور سڏين ٿو،

پنڻو سمجهي دور ڀڄين ٿو،

اچڻي آهي منهنجي قيادت،

آخر مان به ته ماڻهو  آهيان،

ت: دائرو ٽيون- ڌرتي

انسان چو نه پاڻ کي فرشتو سڏائي، پر پوءِ به مٽيءَ مان بڻيو آهي ڪن کي پنهنجي مٽيءَ مان خوشبوء ايندي آهي ۽ ڪن ويچارن کي نڪ ٿئي ئي ڪونه! مٽيءَ سان محبت ڪرڻ وارا هڪ ئي وقت تي پکڙن ۽ پنهوارن کي چاهيندا آهن. اسان انهيءَ ڳالهه ۾ ڏاڍو سکيا ستابا آهيون جو اسان جي قلم ڌڻين جي گهڻائي انهيءَ گڻ سان سنواريل سينگاريل آهي، ڪرم صاحب به اهڙن قربدارن مان هڪ آهي. هي به ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ وارن لاءِ سوچي ٿو. هن کي پنهنجي ڌرتيءَ جي چمن تي انسانن جا ههڙا گل ٽڙندا نظر اچن ٿا:

سرها ماڻهو واس وطن جو، سج جيئن مور نه لهندا هن،

ڪرم امر ٿي جڳ جڳ جيئندا، دلين اندر رهندا هن،

سرها ماڻهو مرندا ناهن، ٻيا به   جياري  ويندا هن،

مرڪي سوري تي چڙهندا هن، ديس اجاري ويندا هن،

ڪرم ڌرتي وارن سان عقيدت رکندي ڌرتي سان هن ريت رشتو جوڙي ٿو:

جنهن مٽي ڄڻيس ماءُ، سدا سٻاجهي سرهي هجي،

وطن سندو واءُ، مڙهه مٿاهون مون وجهي،

ڪرم جنهن جو کائي ٿو، تنهنجو ڳائي ٿو:

منهنجي سنڌ سڄي سرهاڻ لاءِ، هو جمالو

جت گلن جي لالاڻ لا، هو جمالو

ڪرم هن دور جو جيئرو جاڳندو حساس انسان آهي. کيس خبر آهي ته اجتماعي طور تي اسان ڪيئن ڏکين ڏينهن جي ور چڙهي ويا آهيون، پر هي مايوس نه آهي ۽ ٻين کي دلداري ڏئي ٿو ته:

ساٿي ناهي منزل ڏور،

ٿڪجي واٽ تي ويهڻو ناهي،

رات ڪٿي به رهڻي ناهي.....

محترم ڪرم انهي دائري ۾ پنهنجي سوچ کي لوچ بڻائي ڇڏيو آهي. سندس وطن دوستي جي خوشبوءِ هن جي ڪلام ۾ پکڙي پئي آهي.

ث: دائرو چوٿون- ڌڻي

ڪو مڃي نه مڃي مگر اها هن دور جي حقيقت آهي ڌڻي ۽ بندي جا رشتا ناتا ڪنهن حد تائين ڌنڌلا ٿيندا وڃن ٿا. هڪڙا انسان مورڳو مڃن ئي ڪونه ٿا ته ڪو سندس الله به آهي. ٻين کي وري ڌڻي کاڻ سواءِ ڪو سهارو ئي نظر نه ٿو اچي. ٽيان وري ڌڻي ۽ بندي جي وچ ۾ ٺيڪيدار بڻجي پنهنجا دوڪان چمڪائن ٿا. هنن ڄڻ ته ڌڻي کي پنهنجي فرض کان دستبردار ڪري خدائي جو ٺيڪو ئي پاڻ کنيو آهي. سندن مرضي ته ڪنهن کي جنت ڏيڻ ۽ ڪنهن کي دوزخ موڪلن. هنن لاءِ آسان ڪم آهي ته ڪنهن کي مومن مسلمان جو سرٽيفڪيٽ ڏين ۽ ڪنهن لاءِ علحد يا ڪافر جي فتويٰ جاري. اهڙا ڏاند جي سمجهن ٿا ته سموري خدائي هو پنهنجي سڱن تي کنيو بيٺا آهن. تن کي نه ته ڪوئي مڃي ٿو ۽ نه ڪوئي فوقيت ئي ڏئي ٿو. سندس ناڪام ڪوشش باوجود ڌڻيءَ جي مڃتا ۽ امڃتا جون صدائون پوءِ به ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. محترم ڪرم کي ورثي خواهه وجود مان هڪ عقيدو مليو  آهي هن صاحب انهيءَ جي جهلڪ پنهنجي ڪلام ۾ به محفوظ ڪئي آهي. پر جيئن ته اهي هڪ بندي ۽ سندس ڌڻي جا پاڻ ۾ رشتا ناتا آهن، ان ڪري ڪنهن سرٽيفڪيٽ يا سند ڏيڻ واسطي هتي سندس ڪلام مان مثال نه ٿا ڏٺا وڃن. ڪرم صاحب جي سوچ انهن دائرن کان سواءِ پنهنجي وجود ڏانهن راغب ٿيل نظر اچي ٿي، هن جتي انسان ۽ ڪائنات کي پرکڻ پر وڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اتي پنهنجي تلاش به ڪئي  اٿس.

مان اڪثر سوچيندو آهيان،

ڪهڙي ڪم جي آهه حياتي،

منهنجي جيئڻ جو،

مطلب ڇاهي............،

ڪرم پنهنجي وجود جي واديءَ ۾ ويهيءَ ڪيترن نظرين، اصول ۽ عقيدن کي پرکيو آهي ۽ ڪيترين سچاين جي تصديق ڪئي آهي.

خبر آ، سچ جي قيمت

سر کان گهٽ نه آهي،

پر آهي چوڻ جي عادت

 

پڌر اڄ پوان ٿو،

توکي مور نه وڻندو،

آئون ته سچ چوان ٿو،

ڪرم فڪر سواءِ فن جو سفر سهڻي نموني طئي ڪيو اهي. هن پنهنجي ڏات ڏيئي سان قديم خواءِ جديد اصناف سخن جي محلن کي روشن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن جي فن جو روايتي روپ به وڻندڙ آهي ۽ جديد نوع به داد لائق آهي. ٻاجهاري ٻولي جو بهترين استعمال ڪري پنهنجي ڪلام کي رواني ۽ سلامت جي سونهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. سندس ڏات ڏسي هن جا ئي لفظ هن لاءِ استعمال ڪرڻا پون ٿا ته.........

ڏات ڪرم جي گهايل، گهايل

لوڻ به ڏاڍو لستي آ،

 

هيءَ وڻجارن جي وستي آ.

Menu
Go to top