Menu

شطرنج جي مهرن جي مٽاسٽا ڇو ۽ ڇا لاءِ؟

 

 

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

سج ۽ سچ ته وڻندا سڀني کي آهن، پر انهن ڏانهن اک کڻي ڏسڻ کان هر ڪو لهرائيندو آهي. ان ڪري ڪوئي ڏانهن ڏسي ئي ڪو نه. ڪڏهن ڪڏهن سج به نظر ڪو نه  ايندو اهي ته سچ به نظر ڪونه ايندو آهي. پوءِ واتن ۽ کوهن جا منهن بند ڪري نه سگهبا آهن، صورتحال اهڙي ٿي بيهندي آهي جو ان لاءِ لاکيڻي  لطيف جو اهو بيت ذهن تي تري بيهندو آهي، جنهن ۾ فرمايو اٿس ته، انڌا ماڻهو مئي هاٿي جي ڪنن، سونڊ ۽ ٽنگن کي هٿ لائي پيا هڪ ٻئي کي هاٿيءَ جي وصف ٻڌائيندا آهن. ڪو ڪنن کي هاٿي سمجھندو ته ڪو سونڊ کي! ويچارن کي اکيون هجن ته ٻڌائي سگهن ته هاٿي ڪيئن ۽ ڪهڙو ٿيندو آهي.

ڪيترن حالتن ۾ اسان جي عقل جون اکيون به ائين ٻوٽجي وينديون آهن ۽ جيڪو وهندو واپربو آهي، ڪو ان جي ڪن کي پڪڙيندو ته ڪو ان جي پڇ کي پڪڙي پيو پنهنجي عقل جا واهڙ وهائيندو ته ائين ڇو ٿيو ۽ هاڻي ڇا ٿيندو. حالانڪه اها ڳالهه جي نه ته منڍي هوندي ۽ نه وري پڇ، پر هوا ۾ لٺيون هڻڻ کان ڪو ڪنهن کي جھلي ته نه ٿو سگهي.

اسان جي اردگرد جيڪو وهي واپري ٿو، ان کي اسان منطق ۽ سائنس جي بنياد تي ڏسڻ پرکڻ جي ڪوشش گهٽ ئي ڪندا آهيون. ان جي بدران وقتي حالتن ۽ وقتي نتيجن تي ڳنڍ ٻڌي بيهي رهندا آهيون. جڏهن ته واقعن جي پس منظر ۽ تسلسل کي نظر ۾ رکبو ته وقتي حالتون ۽ وقتي نتيجا ٻي ۽ مختلف مطلب وٺي بيهندا.

”نيو ورلڊ آرڊر“ جي اعلان ٿيڻ کانپوءِ اسان وٽ يا اسان جي ڀرپاسي ۾ واقعا رونما ٿيا آهن، اهي اوچتو ۽ اچانڪ نه ٿيا آهن.

ذوالفقار علي ڀٽي جهڙوڪه گهر-ڀاتيءَ جي حيثيت ۾ نيو ورلڊ آرڊر جي پيش منظر کي سمجھي ورتو هو. ان ڪري هن ٿرڊ ورلڊ ۽ مسلم ورلڊ جي ڳالهه ڪئي. وڏڙن جي انحرافي ۽ بغاوت لاءِ هن کي ڀوڳڻوپيو. عراق جو ڪويت تي قبضي وارو ڊرامو عراق تي حملو، ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي تباهي، افغانستان ۾ اوپرين ڌرين جي آمد، طالبان جو قيام ۽ ان کان اڳ پوءِ وارن سمورن واقعن ۾ هڪ تسلسل موجود آهي، بي مطلب ڪونهن ۽ گهربل نتيجن حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ واقعي پٺيان ٻئي واقعي کي جنم ڏنو ويو اهي. بنهه اهڙن نتيجن حاصل ڪرڻ ۽ حالتن کي پنهنجي مرضيءَ موجب هلائڻ لاءِ ٿوري وقفي کانسواءِ لڳاتار ٻه مارشلائون نافذ ٿيون.

اترين علائقن کان وٺي بلوچستان جي طول عرض ۾ متضاد ڌرين جون عسڪري سرگرميونڏ بين الاقوامي سياست ۽ نيو ورلڊ آرڊر تي عمل پذيرائيءَ واري حڪمت عملي جي پس منظر ۽ اثر کان خالي ڪو نه آهن، اهڙيءَ ريت طالبان سان ڳالهيون، ڳالهيون روڪي انهن خلاف قدم کڻڻ، اترئين علائقن ۾ طويل ۽ اڻ کٽ آپريشن ۽ ڪراچيءَ ۾ لات منات جي بتن کي ڊاهڻ وارين ڳالهين مان صاف صاف ظاهر آهي، ته اڳ رچايل شطرنج واري راند جا مهرا مٽايا پيا وڃن ۽ انهن جي پيش منظر جي ڪک مان ڪا وڏي تبديلي جنم وٺڻ واري آهي.

ڪراچيءَ ۾ جيئن تڏا ويڙهه ڪئي پئي وڃي، اها ڪنهن ڳالهه جي انتها نه آهي، پر ابتدا آهي، تڏا ويڙهه جي سنت ٻين کي به فرض سمجھي ادا ڪرڻي  پوندي. هن تناظر ۾ جيڪڏهن ”ذوالفقار آباد“ ۾ چين جي مفادن جو عمل دخل آهي ته بين الاقوامي سياسي تناظر ۾ ۽ نيوز ورلڊ آرڊر جي حڪمت عملي جي حساب سان انهيءَ پيش رفت کي ڀلو نه ڀانئيو ويندو ۽ اها ڳالهه بعيد ڪونهي ته اهڙيءَ جلد بازيءَ تي ڪنهن نه ڪنهن جي ڪن-مهٽ به ڪئي وڃي.

حالتون بي نيازيءَ سان پنهنجي رخ سان هلي رهيون آهن ۽ اسان به بي فڪريءَ سان اکيون ٻوٽي آواز ۽ گجگوڙ تي پنهنجا پاسا مٽائيندا رهون ٿا. اڳي ٽي وي تي جيڪي به غير سنڌي ڊراما هلندا هئا ۽ هاڻي به هلن ٿا، ان ۾ مسئلو فقط ڇوڪريءَ جي شاديءَ جو هوندو هو، هر ڪنهن ڊرامي۾ جي اها ڳالهه نه هوندي هئي ته اهو جهڙوڪه ڊرامو ئي ڪو نه هوندو هو. بنهه اهڙيءَ ريت اسان جي قوم پرستن کان وٺي وفاق-پرست سياستدانن جي مخصوص ايجنڊا آهي. اسان مان ڪيترا چاڪيءَ جي ڏاند وانگر سالن کان پيا انهيءَپڙ ۽ پٽ تي پيا ڦرون، مٿان جڏهن حالتن جو طوفان آيو ته پوءِ شايد اٺ-پکيءَ وارو ڪم ڪيون. چوندا آهن ته طوفان ايندو آهي ته اٺ-پکي ٻوڙن ۾ منهن لڪائي پاڻ کي پڪ ڏياريندو آهي ته طوفان آيو ئي ڪونهي. پر هيءَ ڳالهه اسان کي ڪير سمجھائي ته مهرا مٽجن پيا ۽ ڪا نئين راند رچجڻ واري آهي.

 

 

Menu
Go to top