Menu

وري واچوڙو پهتو اچي يمن ۾

 

 

نهرسئز بند ٿيڻ کانپوءِ ٻن اهم مسئلن جن منهن ڪڍيو، انهن مان پهريون هيءُ هيو ته مغربي ملڪن جي مفادن جو خطي ۾ تحفظ ڪيئن ٿيندو ۽ ڪير ڪندو؟ ٻيو هيءُ هيو ته ڪميونسٽ ملڪن کي باقي بحري رستن جي آسانيءَ سان استعمال ڪرڻ کان ڪيئن روڪيو وڃي؟ مغربي قوتن پنهنجي مفادن جي تحفظ لاءِ ملڪي نه پر حڪومتي سلامتيءَ جي خوف جو ٻج ڇٽيو ۽ پنهنجي بااعتماد ساٿي ملڪن کي کائڻ ڪمائڻ جا موقعا فراهم ڪيا، جن پنهنجي فوجي جٿن ۽ عسڪري تربيت جي نالي سان خوب ڪمايو به ۽ يارن جي مفادن جو تحفظ به ڪيو.هر انهيءَ اڀرندڙ قوت کي ڪچلڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جيڪا اڳتي هلي، غير ملڪي مفادن کي ڇيهو رسائي پئي سگهي. اهڙي ريت ڪميونسٽ ملڪن کي بحري سهولتن کان پري رکڻ لاءِ سندن رستن روڪڻ لاءِ ٽانڊا رکيا ويا۔

پر اهو بندوبست جهڙوڪه ٺيڪي تي ڪرايو پئي ويو. ذوالفقار علي ڀٽي ۽ ٻين اهڙن مسلم اڳواڻن انهيءَ اهم ۽ تيل جي دولت ۾ مالا مال خطي کي پاڻ-سڃاڻڻ ۽ پنهنجي پيرن تي بيهڻ جون ڳالهيون ڪيون ته ڪن قوتن کي اهو فيصلو ڪرڻو پيو ته هن خطي ۾ ٺيڪيداري ڪرڻ بدران پاڻ وڃي جمعداري ۽ چوڪيداري ڪجي. ان لاءِ سندن ئي وفادارن هنن لاءِ اهڙو ماحول پيدا ڪري ڏنو جو هو اهم ملڪن ۾ پاڻ اچي خيما کوڙي ويهي رهيا۔

هن خطي ۾ ڪيترن ملڪن کي ته سياسي ۽ اقتصادي طور تي ماري مات ڪرائڻ واري حڪمت عملي ته ڪم اچي سگهي ٿي، پر ايران جي روين هنن لاءِ ڪيترا مونجھارا پيدا ڪري ورتا، ايران کي ڏينهن جا تارا ڏيکارڻ لاءِ صدام حسين جي صورت ۾ مٿن طويل جنگ مسلط ڪئي وئي، پر ڪنهن جي تريءَ تيل نه لڳو، ايران ان کان پوءِ به پاڻ سنڀالي ائٽمي قوت بڻجڻ طرف ڪر کڻي اڳتي وڌڻ لڳو ۽ ڪيترين ڳالهين ۾ اکيون ٻوٽي ڳالهيون مڃڻ لاءِ تيار نه ٿيو۔

هن صورتحال خطي جي سياسي مستقبل لاءِ نئين حڪمت عملي جوڙڻ جون راهون کوليون. خطي کي متضاد ڪئمپن ۾ تقسيم ڪرڻ جو واحد طريقو اهو ڳولهيو ويو ته جيئن ته ايران اهل تشيعت فرقي جو پوئيوار ۽ مبلغ آهي، ان ڪري جيڪڏهن خطي کي شيعت ۽ غير شيعت ڪئمپن ۾ ورهايو ويندو ۽ اهڙا تضاد اڀاريا ويندا ته ايران کي اڪيلي ڪرڻ ۾ آساني پيدا ٿي پوندي۔

اسلامي تاريخ ته الڳ ڳالهه آهي،پر مسلمانن جي تاريخ کوڙ سارن واقعن سان ڀري پئي آهي ته مسلمان کي ٻين جي ڀيٽ ۾ مسلمان کان خطرو لاحق رهيو آهي. چئن خليفن مان فقط هڪ خليفي جي طبعي رحلت ٿي، باقي اڳواڻن کي مسلمانن ئي شهيد ڪيو. مسلمان حاڪم ئي ڪربلا جي ميدان ۾ نبي ڪريم جن جي ڏوهٽي کي ڪٺو. اسان جي ملڪ ۾ مسجدن ۽ امام بارگاهن، رستن ۽ اسڪولن ۾ مسلمان ئي مسلمانن کي مارن ٿا۔

انهيءَ ساڳي ئي نسخي کي يمن ۾ آزمايو ۽ استعمال ڪيو پيو وڃي، ڪي نقلي يا اصلي دين-دوست اقتدار جي جنگ جو ناد وڄائي چڪا آهن. ظاهر آهي ته ڪانءَ کي لڙ ۾ مزو ايندو ۽ جتي لوڀي پيدا ٿي پوندا، اتي ٺوڳي بک نه مرندا. پوءِ پريت جي ريت نڀائجڻ شروع ٿيندي. پروانا پاڻ-هرتو ته نه، پر اشارن ۽ احڪامن تي هن ٻرندڙ مچ ۾ ٽپي پوندا. ڪي روزگار ڪندا ۽ ڪي وفاداريون نڀائيندا. مچ ته ضرور ٻرندو، پر من انهيءَ باهه جي ڀڙڪن ۾ اسان جا ذهن سجاڳ ٿي پون ته هن خطي کي شيعت ۽ غير شيعت جي واضح تضادن جي ور چاڙهيو پيو وڃي ۽ اها باهه هتي به گهر گهر، شهر شهر ۾ ڀڙڪي پوندي. ان ڪري هيءَ يمن جي چمن جو قصو ڪونهي، ۽ اهو واچوڙو فقط اوسيتائين محدود نه رهندو۔۔

 

 

Menu
Go to top