Menu

پر ڏيهي عالمن جا خط

ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ

پرڏيهي عالمن جا خط (31 مارچ 1980ع)

موتي پرڪاش

موتي پرڪاش 15، مئي 1931 ع تي دڙو، ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. بي. اي (آنرس) ڪيل اٿس. 1947 ع کان پوءِ سنڌ ڇڏي وڃي بمبئي ۾ آباد ٿيو ۽ تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪيائين. سندس لکيل ڪتابن ۾ “انڌيرو اجالا’’ (ناول 1954 ع)، “ادبي گل’’ (مضمون 1957)، “ادينه’’ (انگريزي مان ترجمو ڪيل ناول 1952ع) ۽ “ڪلندي’’ (ترجمو ڪيل ناٿول 1953 ع) ذڪر ڪرڻ لائق آهن. سندس لکيل هڪ خط هيٺ ڏجي ٿو:

 

دبئي 10-اپريل 1977 ع

ادا

هي خط ملندءِ ته عجب ضرور لڳندءِ. سال کن اڳ يا شايد ان کان به گهڻو عرصو اڳ تنهنجو هڪ خط بمبئي ۾ مون کي پهتو هو. مون به مختصر ۾ توکي پهچ ڏني هئي. خبر ناهي ته اهو خط توکي پهتو ڪين نه. ان بعد خط و ڪتابت بند ٿي ويئي...........۽ ٻئي چپ ٿي وياسين.

16 فيبروريءَ کان مان هتي دبئي ۾ آهيان، نوڪري جي بهاني آيو آهيان. اڃا اڪيلو آهيان منهنجي رفيقه حيات ۽ ٻه ٻار اڃا بمبئي ۾ آهن. ڏهن پندرهن ڏينهن ۾ هتي ايندا ٿوري وقت لاءِ.............وري هليا ويندا. هتي نوڪريءَ کي ڇڏي ٻه مقصد کڻي آيو آهيان پاڻ سان ته ڪنهن نه ڪنهن نموني جيڪڏهن هند- پاڪ جي سنڌي ادب جي مٽا سٽا ممڪن ٿئي ته هتان ڪريون، يا ٻنهي ملڪن جو ادب هتي جمع ڪريون. اتي ڪن دوستن سان لکپڙھ ڪئي اٿم. ڀارت ۾  به موهن ڪلپنا ۽ ٻين سان لهه وچڙ ۾ آهيان. اميد ته اتان چڱو ذخيرو اچي ويندو. هاڻي ٻڌائي ته ان ۾ تون ڪهڙي مدد ڪري سگهندين ؟

مون هتان ٿورا پنهنجا ڪتاب ڪنهن دوست کي موڪليا آهن. ٽپال خرچ گهڻو ٿو اچي، تنهنڪري ڇا اهو ممڪن آهي ته ٽپال رستي مٽا سٽا بدران ڪنهن نه ڪنهن ڀلي شخص جي معرفت ڏي وٺ ڪريون يا سمنڊ ذريعي ڪتاب موڪليون ۽ وٺون؟ ان لاءِ جيڪڏهن توهين چاهيو ته پئسن موڪلڻ جو بندوبست مان ڪريان  يا ڪتابن عيوض ڪتاب موڪليان. يارن دوستن سان صلاح مصلحت ڪري احوال ڏج.

مان پاڻ پي- ايڇ- ڊي لاءِ مقالي ۾ رڌل آهيان. عنوان آهي “سنڌي شعر ۾ عورت جي تصوير.’’ مان سمجهان ٿو ته اها تصوير تيستائين مڪمل نه ٿي سگهندي، جيستائين مون کي سنڌ جو ادب دستياب نه ٿيو آهي. مون کي خاص طور هي ڪتاب کپن: “حامد، گل، خاڪي، سانگي، شاھ عنايت، عبدالڪريم، بيدل، بيڪس ۽ روحل جا ڪلام. اتي ضرور اهي رسالا موجود هوندا. مون کي خبر ڪڍي لک ته ڪنهن سان لکپڙھ ڪريان.

توهان جي نزديڪ آهيان. توهان سڀني سان ملڻ جي تار اٿم. اها ڳالهه ڪيئن ممڪن ٿي سگهندي. منهنجي اچڻ جو مکيه مقصد ٿيندو کوج لاءِ مصالحو ڪٺو ڪرڻ ۽ دوستن سان گڏجڻ . ٻڌاءِ ته ڇا ڪريان؟

تنهنجو جواب اچڻ بعد ئي توکي وڌيڪ لکندس. جواب ۾ سرنامي تي جيڪڏهن منهنجو نالو لکڻ واجب نه سمجهين ته فقط پوسٽ باڪس لکڻ سان به خط پهچي ويندو. احوال جلد ڏج، انتظار رهندو.

دوستن يارن جا سرناما موڪليندين؟ خاص طور تنوير عباسيءَ جو پتو گهرجي. شيخ اياز جي خبر کپيم.

ياد گيرين مان

موتي پرڪاش

پوسٽ باڪس 106، دبئي (يو. اي. اي)

 

جهمون ڇڳاڻي:

محترم جهمون ڇڳاڻي جي تعليمي لياقت ايم- اي، بي- ايڊ آهي. خط لکڻ وقت پاڻ “ريجنل ڪاليج آف ايڊيوڪيشن’’ شملا ۾ استاد هو. سندس لکيل هڪ خط هيٺ ڏجي ٿو.

 

شمله، 24، جنوري 1978 ع

اميد ته آنند ۾ هوندا

برادرم  پٺاڻ صاحب

گذريل ڪافي ڏينهن کان ته ڇا بلڪه مهينن ۽ سالن کان پيو روز سوچيندو هئس ته توهان کي چٺي لکان. اڄ اهو موقعو مليو آهي، سو لکڻ ويٺو آهيان.

1976 ع ۾ مائونٽ ابوءَ جي رنگين فضائن ۾ جڏهن سنڌي ليکڪ سيمينار ٿي رهيو هو ته هڪ دوست توهان جو ذڪر ڪيو، ته توهان سنڌ جي هندو ڪوين تي ريسرچ ڪري رهيا آهيو ۽ جيئن ته مان به هڪ جهوني ڪويءَ تي کوجناتمڪ ڪم ڪري رهيو هوس ته منهنجي به جڳياسا وڌي ته توهان سان حالي احوالي ٿيان.

هت مون کي هڪ گرنٿ، جنهن جي رچنا شاھ لطيف کان به اٽڪل 70 سال اڳواٽ ٿيل آهي، جنهن ۾ اٽڪل 18000 چوپايون آهن، جي ڏسڻ جو  موقعو مليو جيڪو گذريل ٽن سئو سالن کان سنڌي ساهتڪار کان لڪل رهيو.

تعريف جي ڳالهه اها آهي ته اهو ڪوي پاڻ خود گجراتي هو ۽ سندس ماتا سنڌياڻي هئي. هيءُ سنت ڪوي سنڌ جي ٺٽي شهر ۾ به ڪجهه وقت رهيو، پر انهن سنڌي چوپاين جي رچنا هندستان جي هاڻوڪي مڌيه پرديش پرانت جي پنا شهر ۾ ڪئي.

هنن چوپاين ۽ سنت ڪويءَ جي باري ۾ مون ڪجهه ليک “هندواسي’’ ۾ اٽڪل سترهن قسطن ۾ شايع ڪرايا هئا، پر انهن کي ڪتابي صورت ۾ آڻي اڃا نه سگهيو آهيان، جو ڪم اڌورو رهجي ويو آهي. توهان جي چٺيءَ اچڻ کان پوءِ وڌيڪ گهربل ڄاڻ توهان کي موڪلي سگهندس، جئن سنڌ جي ساهتڪارن کي به توهان هن کوجناتمڪ ڪم جي ڄاڻ ڏيئي سگهو. سنڌ جي ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن مان شايع ٿيندڙ ساهتڪ رسالن وغيره جي ڄاڻ ۽ هڪ اڌ موڪلڻ جي عنايت ڪري سگهو ته مهرباني.

هن طرف ساهتڪ کيتر ۾ ڪنهن ڪتاب يا رسالي وغيره جي ضرورت پوي ته ضرور لکندا. چٺي پيا لکندا ڪجو.

قربان ۽ نياز مان

توهانجو پنهنجو جهمون ڇڳاڻي.

متفرقه خط

ادبي ۽ علمي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ جيئن ڪن پرڏيهي عالمن ۽ اديبن سان خط و ڪتابت ڪيم، تيئن اتان جي ڪن اڻ ٻڌل دوستن ۽ اهڙن ماڻهن به خط لکيا جن جو واسطو جيڪڏهن سڌو سنئون علم ادب سان نه هو، پر ان هوندي به اهي ادبي معلومات حاصل ڪرڻ جو باعث بڻيا. هن هيٺ انهن جا ڪجهه خط ڏجن ٿا.

ڪبيرنگر                                                                                                

اميد ته بلڪل خوش خورم هوندا.

1976-3-12

پريه دوست

مون کي ڪتابن پڙهڻ ۽ ڪٺي ڪرڻ جو شوق آهي. پاڪستان ۾ ڪيترائي عمدا ڪتاب سنڌيءَ ۾ ڇپجندا هوندا ۽ هت به ڇپجن ٿا. ان ڪري ڪرپا ڪري احوال ڏيندا ته اتي ڪراچيءَ ۾ ڪهڙا ڪهڙا ڪتب فروش آهن، انهن جون ايڊريسون موڪليندا ۽ حيدرآباد يا ٻين شهرن جي ڪتب فروشن جون به ايڊريسون موڪليندا ته مان انهن سان لڙھ وچڙ ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪندس.

اوهان به مهرباني ڪري ڪن ڪتب فروشن سان ڳالهايو ۽ جيڪڏهن هو تيار ٿين ته مان هتان کين ڪتاب وٺي موڪليندو رهان ۽ هو اتان ڪتاب وٺي مٽا سٽا ۾ موڪلين، ڇاڪاڻ ته هونءَ ڪتاب نٿا گهرائي سگهن جو شايد پيسن موڪلڻ جو ڪو ذريعو ڪونه آهي.

ڪن ليکڪن جون به ايڊريسون موڪليو ته وڏي مهرباني ۽ ڪهڙا عمدا ڪتاب اتي ڇپيا آهن، ناول، ڪهاڻيون، ادبي نتقيد، ادبي تواريخ وغيره تي، اهو به لکندا ته شڪريه .

جواب جي انتظار ۾

چئن لعل آهوجا

ڊي- 241/1 ڪٻيرنگ پوسٽ سردارنگر، احمد آباد 382340 (انڊيا)

 

 

پرڏيهي عالمن جا خط (21 اپريل 1980ع)

ڌرمواڙي، سنڌو نگر

سدا باغ بهار هجو

29، مئي 1976 ع

پيارا مسٽر درمحمد پٺاڻ

توهان  جو 14، مئي جو ڪارڊ مليو. سائين ڌرمداس صاحب جي جيوني، سلوڪ ۽ شبد ۽ فوٽو، سائين اٽلرام جو فوٽو ۽ جيوني ۽ سائين پيسورام جي جيوني ۽ سندن ڪوتا جدا بڪ پوسٽ ڪري موڪلجن ٿا. مهرباني ڪري پهچ ڏيندا.

سنڌ جا ٻيا سنت سائين ٽيئون رام جو وڏو آستان جلسپور ۽ اسٽيشن روڊ تي امراپور درٻار آهي، ۽ سنت هرچورام جو  آستان جيون گهوٽ جي درٻار الهاس نگر ۽ ملٽري تلاءُ تي آهي. روهڙيءَ وارن سنتن سائين پارو شاھ، سائين وسڻ گهوٽ جي درٻار به 5 نمبر الهاس نگر ۾ آهي.

سائين اچل پرشاد جي درٻار 2 نمبر الهاس نگر ۾ او. ٽي سيڪشن ۾ آهي. انهن ايڊريسن تان سنتن جا فوٽو، جيوني ۽ شعر گهرائي وٺو.

پروفيسر رام پنجواڻي، ريڊر بمبئي يونيورسٽيءَ کي ورهاڱي کان  اڳ جي سنڌ جي سنتن جي ڄاڻ آهي. ان وٽان سڀني سنتن جي وائي ۽ جيون چرتر ملي سگهندو. ڊاڪٽر روچلداس روهڙيءَ وارا هاڻي سرير ڇڏي ويا آهن. انهن جي پٽ هريرام شانتي نگر الهاس نگر نمبر 3 وٽان، جيوني، شعر ۽ فوٽو ملي سگهندا. حيدرآباد سنڌ واري ساڌو واسواڻيءَ جن جو فوٽو سندن آستان تي سندن گادي ويٺل پرنسپال جشن واسواڻي ميران ڪاليج، پوني مان ملي سگهندو. مهرباني ڪري ڪتابن جي پهچ ڏيندا. اسان کي خوشي آهي جو توهان سنڌ جي غير مسلم سنتن تي کوجنا ڪري رهيا آهيو. شل سائين ان ڪم ۾ ڪامياب ڪري.

ستگرو بابا جو ٻالڪ

 

جسونت ڪمار:

جسونت ڪمار ڀارت ۾ اکيون کوليون. لڳ ڀڳ ٽيهن سالن جو ڳڀرو جوان آهي. ننڍيءَ ڄمار ۾ سڌي علم ادب جي وڏي خدمت ڪئي اٿس. اتان جي ادبي محفلن ۽ جماعتن ۾ ڀرپور حصو وٺندڙ آهي.

کيس ڪماري پوپٽي هيراننداڻي ۽ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليل آهي. ناٽڪ کيتر ۾ تعريف جوڳو ڪم ڪيو اٿس. هن وقت بينڪ ۾ ملازم آهي ۽ انهي بينڪ جي سنڌي ملازمن جي جماعت طرفان 1975 ع کان وٺي ساليانه “جيجل’’ نالي مخزن ڪڍندو آهي.

جڏهن مون تحقيقي ميدان ۾ قدم رکندي، ڀارتي عالمن ۽ اديبن کان علمي ۽ ادبي تعاون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سڀ کان اول جسونت ڪمار سنڌي سڏ ڏنو. آءُ تحقيقي ڪم ۾ سندس تعاون کي ڪڏهن به وساري نه سگهندس. باقي ڪيترائي خط لکيا اٿس جن مان مثال طور ٻه ٽي خط هيٺ ڏجن ٿا.

خوش هوندا!

بمبئي، 26 آگسٽ 1975 ع

پريه شري در محمد پٺاڻ

توهان جي “وائي’’ اسان کي هت شري جيوت چاولا معرفت ملي هئي. هڪڙي آف پرنٽ موڪليان ٿو.

“جيجل-75’’ ۾ توهان کان سواءِ، نسرين، ڀون سنڌي، شبنم موتي، قمر، نياز، اياز، ارشد، ملڪ نديم، امداد، تنوير، عثمان ميمڻ، محمد ابراهيم منشي، امر جليل، نجم عباسي ۽ مشتاق ڀٽي وغيرھ جون رچنائون پڻ شامل ڪيون اٿائون. انهن مان ڪنهن جون ائڊريسون موڪلي سگهو ته کين پڻ “مخزن’’ توڙي آف پرنٽس موڪلڻ جي ڪوشش ڪبي. بهر حال ”جيجل-75’’  جيئن ۽ جڏهن توهان وٽ پهچي ، پڙهي راءِ ضرور لکجو . “جيجل -75’’ توهان جيترا گهڻا دوست پڙهي، پنهنجي راءِ کان واقف ڪري سگهن، اوتري گهڻي خوشي ٿيندي . جواب ، اميد ته پڪ ملندو . سڀني اڻ سڃاتل يارن لاءِ سلام.

سلام

نيازمند- جسونت

 

 

 بمبئي ، 10-نومبر 1975 ع

ادا در محمد پٺاڻ

توهان جو قرب نامون اڳئين هفتي ئي ملي ويو هئم. ان وچ ۾ ڪن ڊرامن سان مصروف هئڻ سبب، جواب بروقت ڏيئي ڪونه سگهيس، ان لاءِ معافي طلبگار آهيان .

اتان جي يارن جون ايڊريسون جيتريون موڪلي سگهو ، موڪليندا رهندا . شڪرانا مڙينئي لاءِ اڳواٽ ئي مڃي ٿو ڇڏيانوَ . توهان جي تحقيق جي باري ۾ پڙهي نهايت خوشي ٿي . ان ڏس ۾ مان جيڪا مدد توهان جي ڪري سگهيس، ڪندس . توهان جي خط جي، توهان جي تحقيق سان وابسته سٽن جون ڪاپيون ڪڍي ، مان مختلف اخبارن ڏانهن موڪلي رهيو آهيان . جيئن ئي شايع ٿيون ، ڪٽنگس توهان ڏي ڏياري موڪليندس. هت هند ۾ ڪجهه ڪتاب اهڙا نڪتل آهن ، جي توهان لاءِ ڪمائتا ثابت ٿي سگهن ٿا ۽ مان ڪوشش وٺي هفتي ٻن ۾ ڪجهه ڪتاب روانا به ڪري ڏيندو سانوَ .رهيو سوال منهنجي ياد گيريءَ ۽ ذاتي معلومات جو ، سو اول ته منهنجي ڪل عمر آهي 25 ورهيه ، پيدائش هندستان جي آهيان ، ان ڪري مان شخصي سطح تي ته توهان جي ڪم شايد نه به اچي سگهان . ها ، هتان جي بزرگن اديبن کان جيڪي ڪجهه حاصل ڪري سگهيس ، اوس موڪلي ڏيندس . توهان جا “هائيڪا’’ هتان جي دوستن کي ڪافي پسند آيا آهن. پنهنجو تازو شعر، جڏهن به خط پٽ لکو ته موڪليندا رهجو. هتان جي دوستن: شري ڪيرت ٻاٻاڻي ، گوبند مالهي ، موتي پرڪاش ، وشنو ڀاٽيا ، ۽ پوپٽي هيراننداڻيءَ کي توهان جو خط پڙهايو اٿم . هنن توهان جي لاءِ سلام چيا آهن .

اتان جي مڙينئي دوستن کي سلام . جواب ڏيندا ضرور ، باقي نياز .

جسونت ڪمار

 

پرڏيهي عالمن جا خط (24 ڊسمبر 1979ع)

                                                  ڪماري پوپٽي هيراننداڻي

پيارا ڀاءُ در محمد پٺاڻ

اميد ته ٺيڪ هوندا .

اوهان جو خط پهتو ، مهرباني . شامل فارم ڀري ٿي موڪليان .

انهيءَ مان ڄاڻندا ته اسان ڪهڙي نموني فارم سائڪلو اسٽائيل ڪرايا آهن . ڪي اديب آهن ، جن جو احوال اوهان کي اتي ملي ويو هوندو . جهڙوڪ: پرمانند ميوا رام ، ڏيا رام گدو مل ، لعلچند امر ڏنو مل ، ڄيٺمل پرسرام ، هوتچند گربخشاڻي ، ڪوڙو مل چندن  مل ، نانڪ رام ڌر مداس ، ليلا رام ڦيروڻي ، ساڌو هيرانند ۽ ساڌو نولراءِ ، ٻين جنکي اسان فارم موڪليا آهن ، سي آهن :

1-  اجواڻي لعلسنگهه (هنجو مرتيو 20، اپريل 1976 ع تي ٿي ويو ! )

2-  پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي- بمبئي 3- پروفيسر رام پنجواڻي بمبئي 4- پروفيسر چتن ماڙيوالا- بمبئي 5- پروفيسر ڊي . ڪي منشا راماڻي- بمبئي 6- ڊاڪٽر هرومل  سدا رنگاڻي دهلي  7- تيرٿ وسنت دهلي 8- نارائڻ شيام- دهلي 9- آسانند ماستورا- بمبئي 10- خانچند ورياڻي (سرڳواسي)- بمبئي  -11 گوبند مالهي- بمبئي 12- آنند گولاڻي- بمبئي 13- ايم . آر مائيداساڻي- ڀوپال 14- تيرٿ وسنت- بمبئي 15- ديو سڀاڻي بمبئي -16 جڳت آڏواڻي-بمبئي -17 گوبند پنجابي- بمبئي 18- ڄيٺانند لعلواڻي 19- ڄيٺانند راشٽر وادي- حيدرآباد دکن 20 - کيئلداس فاني ڀوپال 21- پرڀداس برهمچاري- اجمير 22- دييچندر تلو ڪچند- اجمير 23- فتح چند واسواڻي (سرڳواسي) اجمير 24- سڳن آهوجا (سرڳواسي) بمبئي 25- پرسرام ضيا (سر ڳواسي) بمبئي  26- پروفيسر بي. ايڇ ناگراڻي بمبئي 27- پروفيسر نارائڻ ڀمڀاڻي اجمير  28- هري سندر روپ چند (سر ڳواسي) اجمير  29- گنگارام سمراٽ احمد آباد 30- بولچند راجپال (سر ڳواسي) احمد آباد 31-  دوارڪا پرساد شرما (سر ڳواسي) احمد آباد 32-  ميلا رام منگترام (سر ڳواسي)   اجمير 33- گلي سدا رنگائي بمبئي 34- ساڌو واسواڻي (سر ڳواسي) پونو 35- ڏيارام وسڻ مل مير چنداڻي  (سر ڳواسي)- 36 منوهر داس ڪوڙ مل 37- سوامي ٻوڌراج (سر ڳواسي) پونو 38- بهاري ڇاٻڙا 39- چيتن ديو ورما 40- چوهڙمل هندوجا 41- گوبند منسکاڻي 42- هوند راج “دکايل’’- گانڌيرام 43- هري دلگير گانڌيرام 44- ليکو تلسياڻي .

ڏسو ، انهن مان ڪهڙا ڪهڙا ٿا اوهان کي جواب ڏين . مان هن سان گڏ، عزيز، ڪيرٿ ۽ پنهنجي باري ۾ فارم ڀري ٿي موڪليان .   پوپٽي هيراننداڻي

51، سنگيتا، بمبئي

 

79-12-24

مهربان ڀاءُ

اسلام عليڪم: اوهان جو خط  مليو، مهرباني . اڄڪلهه هتي نئين ڪوتا جو زور آهي . هرومل سدا رنگاڻيءَ ٻه مجموعا : “پرھ جي باک’’ ۽ ..............ڇپيا آهن . رجن شاد : “ تپسيا جون روشنيون’’ نالي هڪ مجموعو ، ۽ لڇمڻ ڀاٽيا : “ڪومل جيءَ جهروڪو’’ نالي مجموعو ڇپايو آهي ، جنهن تي کيس “ساهت اڪاڊمي’’ پاران 1976 ع جو انعام مليو آهي . ان کان پوءِ پروفيسر هريش واسواڻي “ 1-2-3’’ نالي مجموعو ۽ واسديو موهيءَ : “تضاد’’ نالي مجموعو ڇپايو آهي .

نئين ڪوِتا ڇا آهي؟ ان جي معلومات نه رکندي به ڪي رچندا رهن ٿا ، خود شاعر به هاڻ ان تي ئي قلم آزمائي ڪن ٿا . مون به ويجهڙائي ۾ هڪ مجموعو : “ روح سندي رڃ’’ ڇپايو آهي ، ۽ ان کان سواءِ ڪي ڪوتائون : “دي ادر وومن’’ (The other woman) ، “بائگمسٽ’’ (Bigomist)، “دن هيٺان دٻلي’’ ، “عورت جي ٻولي’’، “پتي’’، “آڀاس’’ وغيرھ ڇپايو آهن ، جن مان “پتي’’ ڪوتا انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي هڪ انتخاب جنهن ۾ سنڌي ڪوتائون ترجمو ٿيل آهن ، “Anthology of  Modern Poetry’’ نالي ڪتاب ۾ ڇپيل آهي ، “The husband’’ سري سان .

“ساهت  اڪاڊميءَ’’ پاران ورهاڱي  کان “سنڌي شعر جو انتخاب’’ نالي ڪتاب ڇپيو آهي ، جو پروفيسر رام پنجواڻي ايڊٽ (Edit) ڪيو آهي . هن جو حساب پنهنجو آهي . جنهنڪري ڪي ڪي نالا جي کڻڻ کپن سي کنيا نه ويا آهن.

عزيز کان پوءِ سٺا سڳن آهوجا رچندو هو. ان بعد ارجن “حاسد  ’__جو احمد آباد ۾ رهي ٿو ، تنهن رچيا آهن . سندس مجموعا : “ساسن جي سرهاڻ’’ ۽ “ پٿر پٿر ڪنڊا ڪنڊا’’ ڇپيل آهن . جنهن ۾ پوئين ۾ تمام غزل آهن . عزيز جو شاگرد ايم . ڪمل آهي ، پر غزل جي فارم (Form) جي ڄاڻ رکڻ بعد به مٿين ٻن شاعرن سان غزل رچڻ ۾ نٿو پڄي سگهي . وڌيڪ سک

اوهان جي ڀيڻ

پوپٽي هيراننداڻي

 

 

پرڏيهي عالمن جا خط (19 مئي 1980ع)

بمبئي 4- ڊسمبر 1975 ع

سڄڻ در محمد صاحب

توهان جو  18 نومبر وارو خط پهتل آهي ، سمجهان ٿو منهنجو لکيل خط پڻ هن وقت تائين توهان وٽ پهچي چڪو هوندو . توهان کي گهربل مواد ڪٺو ڪرڻ لاءِ مان شخصي سطح تي ڪوشش پيو ڪريان . هفتي ٻن ۾ ڪجهه نه ڪجهه ضرور روانو ڪندس . ها ، تنهنجي کوجنا بنسبت هڪ پڌرائي هتي ڪن اخبارن ۾ شايع ڪرائي سگهيو آهيان . اهڙي هڪ ڪٽنگ هن سان گڏ موڪليان ٿو .

توهان جي “ڪافي’’ وڻي ، هت شايع ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندس . پنهنجو رسالو (جيجل ) مان توهان کي موڪليان ته سهي ، ليڪن سمجهان ٿو ، هند ۽ پاڪ جي وچ ۾ اخبارن جي ڏي وٺ غير سرڪاري سطح تي بند آهي ، ۽ “جيجل’’ اتي پهچندي ؟ ان ۾ ٻٽو شڪ اٿم تڏهن به ڪوشش ڪري ٻئي مواد سان گڏ هڪ ڪاپي “جيجل-75’’ ۽ هڪ “جيجل-74’’ جي موڪلي ڏيندس . توهين ڪوشش ڪجو جيئن اتي گهڻي ۾ گهڻا دوست منهنجو رسالو نظر مان ڪڍن ۽ پڻ پنهنجي راءِ کان واقف ڪن . “جيجل- 76’’ مارچ جي مهيني ۾ پريس ۾ ويندو . اسين اتان جي ليکڪن کي ان لاءِ لکڻ لاءِ نينڍ ڏيڻ چاهينداسين . بيحد شڪر گذار رهندس جي توهين اهڙي پڌرائي اتان جي اخبارن ۾ ڇپائيندا . ان کان سواءِ “ جيجل-76 ’’ لاءِ اتان جي ليکڪن جو ڪجهه تازو مواد پڻ موڪلي سگهو ته بهتر . توهان جي لکڻ موجب ائڊريسون موڪليان ٿو :

(1)  پروفيسر رام پنجواڻي : قريشي محل ، ريلوي اسٽيشن جي ٻئي طرف ، ماهم ، بمبئي 400016 (2)  مسٽر ڪيرت ٻاٻاڻي : 41/3

آدرش نگر ، وورلي ، بمبئي 400025   (3) منگهارام ملڪاڻي : 1/5A 

ٻلويدر  ، علي پور ، ڪلڪتو 700027   (4)  پرڀو “وفا ’’ مڌوباني:

سينٽ انڊريوز روڊ ، باندار ، بمبئي 400050  (5) مسٽر گوبند مالهي :

6-B ، راکي بلڊنگ ايم جي روڊ ، ڪانڊولي بمبئي . ادا ، ٻين کي ته ڇڏيو ، ليڪن خود مان پنهنجو پاڻ کي اڃا تائين “ليکڪ ’’ طور تسليم ڪري ڪونه سگهيو آهيان ، ته به وقت اچڻ تي ڪجهه ضرور موڪلي ڏيندس . جواب جلد ايندو .اهڙي اميد اٿم . باقي نياز

جسونت ڪمار

ق- ت : اتان جي ساهتڪ سر گرمين جي باري ۾ واقف ڪندا رهجو  . بمبئي 7 جنوري 1976 ع

 

پيارا در محمد

هڪ ٻئي پٺيان تنهنجا ٽي خط اچي چڪا آهن .ڊپ اٿم ، جي اڄ ٻه توکي جواب نه ڏنم ته ميار نه ٿي وڃي . ان ڪري هن ڪمهلي وقت (رات جو هڪ لڳي چڪو آهي) لکڻ ويٺو آهيان . تنهنجي سوالنامي جي باري ۾ اسان ائين رٿيو آهي ته سوالنامن جون ڪاپيون ڪڍائي ڀارت ڀر جي سنڌي ليکڪن ، ساهت پريمن ، اخبارن ، سمپادڪن ، پبلشرن آلوچڪن وغيره کي موڪلي ڏيون ۽ کين اهي سوالناما ڀري جلد از جلد اسان کي موڪلي ڏيڻ جو عرض پڻ ڪيون . ان کان پوءِ وري اها معلومات تو تائين پهچائجي . ڪوشش ۾ آهيون جيئن مڪاني اخبارن ۾ به اها ڳالهه واضع ڪرائي سگهون.

چيتن ماڙيوالا صاحب سان مان پنهنجي ليکي به لاڳاپي ۾ آهيان. فادر ڪوٽواڻيءَ جو ذڪر چورڻ جو جيتوڻيڪ موقعو ڪونه مليو اٿم ، هينئر وري جڏهن گڏباسون ته ڳالهه ڪڍندومانس ، جي فادر ڪوٽواڻيءَ قبوليو ته ڪجهه مصالحو سندس معرفت ضرور موڪلي ڏبو. تنهنجا شعر دوستن کي ڪافي پسند پيا آهن . ڪوشش ڪندس جيئن هتان جي رسالن ۾ ڇپجي سگهجن . مون گذريل خطن ۾  “جيجل ’’ جو  ذڪر ڪيو هو ، جي ٿي سگهيئي ته ڪجهه نئون ۽ اڻ ڇپيل مواد ، پنهنجو توڙي ٻين ليکڪن ۽ شاعرن کان موڪلارائجانءِ ، جيئن “جيجل’’ ۾ شايع ڪري سگهان . مون پاران سنڌ جي مڙينئي اديب دوستن کي نينڍ آهي . احوال ڏيندو رهج .

جسونت ڪمار

بمبئي _ 12 _ مارچ 1976 ع

ادا در محمد خوش هوندين

توهان جو 12 فيبروري وارو خط هفتو کن ٿيو ، مليو اٿم . پڙهي خوشي ٿي ته “جيجل’’ توهان تائين پهچي ويئي آهي . پڙهي راءِ ضرور لکجو . ڪوشش ڪجو ، اتي گهڻي ۾ گهڻا دوست مخزن پڙهن ، خاص ڪري اهي ، جن جون رچنائون ان ۾ ڇپيون اٿائون . ڪتاب جيئن توهان لکيو آهي موڪلي ڏيندس ؛ دلجاءِ ڪندا . اتي سنڌ ۾ جيڪي تازيون اخبارون نڪتيون هجن خاص ڪري ڌرتيءَ جا تازا ۽ پراڻا پرچا ، جي موڪلي  سگهو ته مهرباني . توهان جو شعر پڙهي خوشي ٿيندي اٿم ، ڪي ته هت شايع پڻ ڪرايا اٿم . توهين موڪليندا رهو ، جن اخبارن ۾ ڇپجندا، اهي توهان کي موڪليندو رهندس . اتان جي ٻين دوستن کان پڻ ڪجهه نه ڪجهه مئٽر مون ڏانهن موڪلارائيندا رهندا ته جيئن هت شايع ڪرائي سگهجي.

تازو هتي “سنڌو ڌارا ’’ جي نئين سر شروعات ڪرائي اٿائون ، ڪجهه پرچا هن خط پٺيان روانا ڪري رهيو آهيان ، دوستن تائين پهچائڻ جي ڪوشش وٺندا . دوست تاج بلوچ لاءِ وشنو ڀارتيءَ سلام ڏنا آهن ، کيس منهنجي پاران پڻ سلام ڏيندا . هن سان گڏ ڪجهه مئٽر موڪلي رهيو آهيان ، شايد توهان کي ڪم  اچي سگهي . احوال ڏيندا رهندا.

 جسونت ڪمار

قلم تازو  : هڪ چٺي منير احمد جي پهتل آهي ، ليڪن سرنامو ڪونه لکيو اٿائين ، ان ڪري کيس سڌي چٺي ڪونه لکي سگهيو آهيان ، تڪليف وٺي کيس منهنجي هڪ چٺي (جا هن سان گڏ موڪليان ٿو) پهچائي ڇڏيندا.

(هلندڙ )

بئنڪ آف انڊيا ، سنڌي سوشل سرڪل

بمبئي 18 ، جولاءِ 1976 ع

خوش هجين شال

 

پرڏيهي عالمن جا خط (19 مئي 1980ع)

ادا در محمد

“ جيجل’’ اتي پهچي ويئي توهان تائين ، ڄاڻي خوشي ٿي . اتان جي دوستن جي بيباڪ راين جو انتظار رهندم . منير جا موڪليل “سهڻي’’،  “سوجهرو’’، ڌرتي’’  ۽ “ديون’’ وغيره سو مليم ، سندس لک شڪرانا. ڏھ پنڌرهن ڏينهن اڳ هڪ خط توڏانهن مڪيو هئم ، ڪراچيءَ واري پتي تي جڏهن واپس ويندين ، تڏهن وڃي پڙهندين ، خير.

“سنڌو ڌارا ’’ جي اشاعت ۾ ڪجهه تڪنيڪي دقتون در پيش پيئون اچن . ان ڪري شايد في الحال اخبار جي اشاعت مهمل ڪرڻي پوي . اهو خال ڀرڻ لاءِ “روح رهاڻ ’’ نالي وارو نئون رسالو ، هت به ڪڍڻ شروع ڪيو اٿائون . پهريون پرچو هن هفتي جي آخر ۾ تيار ٿيندو ، موڪلي ڏيندو سانءِ . “سنڌو ڌارا’’ لاءِ نه سهي ، “روح رهاڻ’’ لاءِ سنڌ جي ادبي سر گرمين جو حال احوال ، تازيون رچنائون (پنهنجون توڙي ٻين جون) موڪلڻ لاءِ  مون پاران توکي نينڍ آهي . ڪجهه نه ڪجهه موڪليندو رهج .

دادي پوپٽيءَ جو ڀاءُ تازو پرلوڪ پڌاريو . ڪجهه مهينا اڳ ٻيو  ڀاءُ به گذريو هئس ، ان صدمي کيس ڪجهه دير لاءِ خود اسان کان به ڪٽي ڇڏيو هو . هينئر ڪجهه ساھ کنيو اٿائين ، چيائين ، توکي لکندي . جبلپور جي هڪ دوست قيمت - ۾- سنگهاڻيءَ هڪ ڪتاب چپايو آهي ، جنهن ۾ ڪافي سنڌي اديبن جي باري ۾ معلومات ڏنل آهي . اسان کيس لکيو ته هو ، خبر ناهي توکي موڪليائين يا نه ؟ خط جو جواب ۽ احوال ڏج . سڀني يارن کي قربن منجهان سلام . جسونت ڪمار

 

 

 

بمبئي 26 جنوري 1977 ع  

پريه در محمد

تنهنجو 8 جنوري وارو خط مليو اٿم . سنڌ ۾ ناٽڪن جي هلچل بلڪل ئي ڪانهي . ائين آهي ڇا ؟ ڪجهه ته ذخيرو موجود هوندو ؟ ٻيو نه ته ڪجهه ڪٽنگس ته موڪلي سگهندين ؟ لکج . دوست منير ڪجهه ٽي وي اسڪرپٽس جو ذڪر ڪيو هو. کيس چئي اهي موڪلائي سگهندين؟

تنهنجي خط جي ڪاپي ڪڍي “سنڌو سنسار’’ کي موڪلي ٿو ڏيان . اڄڪلهه هڪ نئون ڪم هٿ ۾ کنيو اٿم . اتان جي اديبن جون رچنائون (ڇپيل/ اڻ ڇپيل ) هت ڇپائڻ جو . ٻه ڪتاب پڌرا ڪري چڪو آهيان ، وڌيڪ پريس ۾ آهن . ڪن پاٺڪن گهر ڪئي آهي ته ليکڪن (سنڌ جي ) جا فوٽا پڻ ڇپيان . جي ڪن اديب دوستن جا ڦوٽا موڪلائي سگهين ته مدد ٿي پوندي . سلام قرب جسونت ڪمار

 

سنڌو آرٽ ٿئيٽر 8/3/A ڪرپانگر بمبئي -56

پيارا در محمد

تنهنجو 5 جنوريءَ وارو خط پهتل آهي . ان سان گڏ ڪجهه شعر پڻ پهتا ، جي شاعرن جا سرناما موڪلي سگهين ته بهتر ، جو “جيجل’’ ۾ رچناڪارن جا سرناما پڻ ڏيڻ جي روايت آهي ، سيگهه ڪج .

پروفيسر چيتن ماڙيوالا وٽ مان ويو هئس ، هڪ ٻئي ڪم سان .

 ليڪن گهر ۾ ڪونه هو (اڪثر ڪونه هوندو آهي ) وري ڇنڇر ڏينهن ويندو مانس فادر ڪوٽواڻيءَ جي ڳالهه پڻ ڪڍندو سانس ، ڏسجي . ڪن اديب دوستن جون ايڊريسون هت لکان ٿو :

(1) وشنو ڀاٽيا : 120/114 مولخد ڪالوني ، بمبئي 400082

(2) اي جي اتم : هيرآباد مشن ، ٽيمبل روڊ ، ماهم -  بمبئي 400056

(3) موتي پرڪاش : B 33 ، انارام سوسائٽي ، وڪولا ، بمبئي 400056

(4) لڇمڻ ڀمڀاڻي : 182- سنڌي ڪالوني ، باري پارڪ ، جئپور 6

(5) واسديو سنڌو ڀارتي : 1643- نميرا هائوس ، جئپور 302001

(6) شري هري همٿاڻي : 14 تلڪ نگر ، اجمير (راج) 305001

(7) ايم ڪمل : 540/C الهاس نگر ، 421004 ضلعو ٿانه

(8) نامديو : 141- سنڌو نگر ڀونگر -2 ، (گجرات) 364002

(9) ڪرشن راهي : 4/N بئرڪ ڪوارٽرس ، بمبئي - 0400088

تو ڪتابن جي اتي پهچ جي باري ۾ ڪجهه لکيو ڪونهي . ته به “ جيجل-75 ’’ جون ڪجهه ڪاپيون پوسٽ پارسل رستي موڪلي ٿو ڏيانءَ . پهچ ڏج ۽ اهي ڪاپيون (يا انهن مان ڪجهه ) جي سنڌ ۾ پهچائي سگهين ته بهتر . خاص ڪري اهي ليکڪ ، جن جون رچنائون “جيجل -75’’ ۾ ڇپيل آهن . جهڙوڪ : نسرين جوڻيجو ، ڀون سنڌي ، عبدالحڪيم ارشد ، امداد حسيني ، تنوير عباسي ، شبنم موتي ، قمر شهباز ، شيخ اياز ، نياز ، عثمان ميمڻ ، منشي ابراهيم ، امر جليل ، نجم عباسي ، رشيد ڀٽي  وغيرھ .

ڪوشش ڪج ۽ کين چئج ته مون کي “جيجل -75’’ جي باري ۾  لکن ۽ صلاحون موڪلين . هتان بمبئي مان پوپٽي هيراننداڻيءَ تو ڏي خط ليکو آهي ، پهتو هوندءِ ؛ احوال ڏيندو رهج . نياز   جسونت ڪمار

ماءِ ڊيئر در محمد

تنهنجو هڪ خط چانڊئي (منير احمد) معرفت پهتو . جواب ڏيڻ ۾ دير ڪيم ، جو ڪم ۾ ضرورت کان زيادھ مصروف هئس . هن گڏ ٻه ڪٽنگ اٿئي ، تنهنجي ڪم جون .

تنهنجي ڪم پٺيان لڳ پيو آهيان ، ليڪن ڪيترن دوستن وٽان جوڳو (Response) ملڻ ۾ دقت ٿي رهي آهي . ڪجهه ڪتاب هن هفتي ملڻا آهن ، جي موڪليندوسانءِ . قرب

جسونت ڪمار

قلم تازو : اتي جي ناٽڪن (سنڌي) جي باري ۾ ڪو سماچار موڪلي سگهندين؟ جي ٿي سگهي ته ڪي فوٽا ۽ اسڪپرٽس به موڪلج.

جسونت

(هلندڙ )

 

30- جون 1980 ع

آخري قسط

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 

ڄيٺانند ناگراڻي :

ڄيٺانند نارائڻداس ناگراڻي ، 1- جون 1903 ع تي شڪارپور ۾ ڄائو . پي- اي ، ايل- ايل بي جون ڊگريون ورتائين . سندس والد ڊپٽي ڪليڪٽر هو . هي صاحب 1947 ع کان پوءِ ڀارت لڏي ويو . ڄيٺانند ناگراڻيءَ کي جيڪڏهن “سنڌ جو چارلي’’ سڏجي ته ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو . سنڌي ڊرامي جي ترقيءَ ۽ اوسر لاءِ سندس ڪوششون هميشھ عزت جي نگاھ سان ڏٺيون وينديون . کيس شعر و شاعريءَ سان به شغت آهي . شاعريءَ ۾ “مولائي’’ تخلص اختيار ڪيل اٿس . پاڻ “سنڌي سڌار سوسائٽي’’ جي باني ميمبرن مان هڪ هو. انهيءَ نسبت سان حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جو به ساٿي ٿي رهيو . ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ کي “قومي ٻولي’’ جي حيثيت سان مڃرائڻ واري تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين . سندس لکيل ڊرامن ۾ “افسانه الور’’ (1926ع ) ، “آزاد ڀارت’’ (1920ع )، ۽ 1930 ع کان 1947 ع تائين “سنسار سماچار’’، “هند واسي’’،  “هندو سنسار’’ ۾ ڇپيل “گامٽو بئرسٽر’’، “گامٽو ايڊيٽر’’، “گامٽو ٻانڀڻ’’، “گامٽو فلم ڪمپني’’ ۽ “گامٽو ڊاڪٽر’’ قابل ذڪر آهن . سندس لکيل هڪ خط هيٺ ڏجي ٿو.

دهلي، 20 جولاءِ 1967 ع

جناب در محمد صاحب

اوهان جو نوازش نامو (ادي پوپٽي هيراننداڻيءَ جي سائيڪلو اسٽائيلڊ خط) 19 اپريل 1967 ع تي پهتو . پڙهي گهڻي خوشي ٿي ته سنڌ کي الوداع ڪيل اديبن کي ياد ڪيو اٿو . تمام گهڻين مشغولين ۽ ڪي قدر طبيعت عليل هئڻ سبب جواب ۾ دير ٿي ويئي ، جنهن لاءِ معافي طلب آهيان . گهربل معلومات هن گڏ موڪليان ٿو.

ملڪ جي ورهاڱي کان اڳ جو فوٽو لڌو ته موڪليندس . ڀانيان ٿو ته “مهراڻ ’’ پاڪستان جي سٺي ۾ سٺي مخزن آهي. ڪهاڻين ۽ شعرن پڙهڻ جو شوق اٿم . ڀلائي ڪري “مهراڻ’’ يا ٻي ڪا مخزن موڪليندا . موٽ ۾ بمبئي مان نڪرندڙ “راج فلمستان’’ موڪليندس، جنهن ۾ بعضي بعضي منهنجا ناٽڪ ۽ ڪهاڻيون ڇپيون آهن . نيازمند

جي- اين- ناگراڻي

 

 

ڄيٺانند لعلواڻي :

ڄيٺانند ڀاونداس لعلواڻي ،25 مارچ 1916 ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو .انٽر آرٽس تائين تعليم ورتائين.  پاڻ ورهاڱي کان اڳ جي ناميارن پبلشرن مان هڪ آهي . حيدرآباد جو احوال ڏيندي هن صاحب جي “ڀارت جيون ساهتيه منڊل’’ جو هر حالت ۾ ذڪر ڪيو ويندو . پاڻ رڳو پبلشر جي حيثيت نٿو رکي ، ليڪن ايڊيٽرن ۽ اديبن ۾ به جوڳي جاءِ والاري ٿو . ورهاڱي کان اڳ حيدرآباد مان “ ڀارت جيون’’ نالي رسالو ڪڍندو هو . سنڌ ۾ ٻه سئو کن ڪتاب شايع ڪرايائين . ڀارت ۾ به ساڳي تند تنواري رهيو آهي . هن وقت تائين هزار کان مٿي ڪتاب ڇپرائي چڪو آهي . سندس ليکل ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن جو  وچور هيٺ ڏجي ٿو.

 “سندر ڪهاڻيون’’ (1938ع )، “ميونسپل ڪائونسلر’’ (1941ع ) “جئه هند’’ (1945 ع )، “سباش چندر ڪيئن ڀڳو’’ (1945 ع )، “نتاجي’’ (1945 ع ) ۽ “دکي وڌو’’ (1944 ع ) وغيرھ . سندس ڪتابن جو ذڪر ڪاڪي منگهارام ملڪاڻيءَ پنهنجي ڪتاب “سنڌي نثر جي تاريخ’’ ۾ به ڪيو آهي. ان کان سواءِ مون به سندس تفصيلي احوال ٻن زير ترتيب ڪتابن ۾  ڏنو آهي . هن صاحب جو لکيل خط هيٺ ڏجي ٿو.

 

نئون جيون ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي

بمبئي، 20 جولاءِ 1967 ع

توهان اميد ته خدا جي رحم سان خوش هوندا.

پريه پٺاڻ

ڪماري پوپٽيءَ جو سرڪيولر پهتو . هن سان گڏ فارم موڪليان ٿو ، فوٽو به موڪليان ٿو . فوٽو پاڪستان جو ڪونهي ، جو سنڌ ۾ رهجي ويو آهي ، ان ڪري هندستان ۾ تازو نڪتل  موڪليان ٿو. خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته توهان سنڌي ساهتيه جي جوت جلائيندا ٿا رهو . ٻنهي هنڌ سنڌي ٻولي ۽ ساهتيه جي حالت ڏکي آهي . هتي به اسان جيئن آيا آهيون ، تيئن مون 1948 ع کان “ڀارت جيون’’ چالو ڪئي آهي . “راجعلمستان’’ 1949 ع کان هلي رهي آهي . “گل ڦل ’’ ٽي سال ڪڍيم، نقصان ڪري بند ڪرڻي پيئي. نئون جنريشن هتي سنڌي ٻولي نٿو پڙهي. هزار کان مٿي ترجما ۽ اصلي ناول ، گرنت ۽ ٻيا ڪتاب ڪڍيا اٿم . مهرباني ڪري سنڌ جي سنڌي ليکڪن ۽ پبلشرن جا نالا موڪلي سگهو ته سٺو ، جيئن انهن سان لکپڙھ چالو ڪجي . ڪم ڪار هجي ته بلاشڪ لکندا . خدا جي چاهيو ته روبرو به توهان جو ديدار ڪبو .

 شيوا ۾ ڄيٺانند لعلواڻي

 

 

مون سي ڏٺا ماءُ

قسط -2

(عبدالله عباسي)

عبدالله محمد قاسم عباسي جي ولادت 21- جولاءِ 1903 ع تي ڳوٺ مجھبت ديرو جتوئي ، ضلعي نوابشاھ ۾ تي . هي صاحب 1922 ع کان وٺي ڪراچي ۾ آباد آهي . تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ تعليم کاتي ۾ ئي ملازمت جو آغاز ڪيائين ، ۽ لڳ ڀڳ 38 سال تعليم کاتي ۾ خدمت سرانجام ڏيئي 1958 ع ۾ رٽائير ڪيائين . ملازمت دوران سنڌ جي مختلف ضلعن ۾  ڊيپوٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ٿي رهيو . جناب عبدالله عباسي علم ، ادب ۽ صحافت جي ميدان ۾ جوڳا ڪرناما سرانجام ڏنا آهن . هن صاحب 1925 ع ۾ ماهوار “گلشن’’ رسالو جاري ڪيو ۽ ان کانسواءِ 1930 ع کان 1932 ع تائين “ سند آبزرور’’ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ، ۽ ساڳي عرصي دوران روزاني سنڌي اخبار “سنڌ شيوڪ’’ جو سب ايڊيٽر ٿي رهيو . ملازمت دوران کيس سنڌ سرڪار ڪيترن ئي تعليمي ڪميٽين تي ميمبر ڪري کنيو .ا هڙين ڪميٽين مان “مسلم اسڪولن جي لاءِ ٽيڪسٽ بوڪ ڪميٽي ’’ ۽ “قبائلي ماڻهن لاءِ تعليمي ترقي لاءِ ڪميٽي’’ جا نالا ذڪر ڪرڻ لائق آهن . عباسي صاحب سنڌ ۾ تعليم جي اوسر لاءِ ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون . هڪ تعليمي ماهر ۽ تعليمدان جي حيثيت ۾ ڪجهه اسڪول به قائم ڪيائين . جيئن 1930 ع ۾ “ماڊرن اڪيڊمي’’، 1932 ع ۾ “هوپ فل انگلش اسڪول’’ ۽ 1960 ع  ۾ “شائننگ اسٽار اسڪول’’ . عباسي صاحب صحافت ۽ تعليم کان سواءِ سنڌي علم ادب جا به گهڙا ڀريا آهن . سندس ڏيڍ ڊزن کن ڪتاب به لکيل آهن . سندس لکيل ڪتابن جو وچور هن ريت ٿئي ٿو.

(1)  “ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم ’’ (سوانح) (2) “ قائد اعظم محمد علي جناح’’ (سوانح) (3)“رئيس الا حرار مولانا محمد علي’’ (سوانح) (4) “حيڪم الامت علام اقبال’’ (سوانح) (5) “ شمس العماء علام دائود دپوٽه’’ (سوانح) (6 ) “ تاريخ اسلام’’ (سوانح) (7) “ حالات ضلع ٺٽه’’ (تاريخ) (8) “حالات صوبه سنڌ’’ (تاريخ) (9) “ تاريخ صوبه سنڌ’’ (تاريخ) (10) “حالات پاڪستان ’’ (تاريخ) (11) “ سنڌ صرف ونحو’’ (لسانيات) (12) “اردو استاد’’ (لسانيات) (13) “سر آغا خان ’’ (سوانح) (14) “ محمد ايوب کهڙو’’ (سوانح) . عباسي صاحب پنهنجي ٻڍاپي جا ڏينهن هن وقت ڪراچيءَ ۾ گذاري رهيو آهي . ساڻس پنهنجي ڏيٺ به عجيب اتفاق سان ٿي ، ۽ ڌڻي جي فضل سان آئون ساڻس نيازمنديءَ جو  رشتو ڳنڍيندو پيو اچان . تحقيقي ڪم ڪرڻ دوران مون کي اهڙن  قدر دانن ۽  مهربانن جي مدد جي ضرورت محسوس ٿيندي هئي ، جيڪي پاڻ انگريزي دور جا عيني شاهد هجن ، يا وري انهيءَ دور جي ڪا جوڳي معلومات مهيا ڪري سگهن . مون کي پنهنجي ننڍيءِ  ڄمار ڪيترا ڏک به ڏنا ته سک به ڏنا . يا د ٿو پوي ته هڪ دفعي آءُ ڪراچيءَ جي هڪڙي سنڌي صاحب ڏي ويس . ان وقت هو پاڙي جي غير سنڌين کي ٽيوشن پڙهائي رهيو هو . آئون انهيءَ خوشي فهميءَ ۾ هئس ته منهنجي ڀرپور همت افزائي ٿيندي . پر ٿيو ائين ، جو ويس ڪن ٽوپائڻ پر موٽيس ڪن وڍرائي . اهو وقت به واقعي نازڪ هو . سڄي سنڌ لساني هنگامن جو ڌڪ کائي پاڻ سنڀالي رهي هئي . ماڻهن جا جذبا اڃا تاءُ ۾ هئا ، هو صاحب به انهن حالتن کان متاثر هو . سندس روز  گار جو مسئلو هو . ان ڪري  پهريون ته هو سنڌيءَ ۾  ڳالهائڻ کان نابري واري بهي رهيو . پوءِ جيئن جيئن گفتگو ٿيندو رهيو ، تيئن ڄڻ باھ تي گاسليٽ هاربو  ويو . جڏهن کيس ٻڌايم ته ائون سنڌ يونيورسٽي مان ڊاڪٽري ڪري رهيو آهيان ،   تڏهن همراھ ڳاڙهي ٿي ويو . چوندا آهن ته “اڳ ئي ويٺي هيئ رٺي ، وري جو  آيس پيڪن جو نياپو ته روئي ويٺي’’ . سو مون کي ڪهڙي خبر  ته آئون ککر ۾ کڙو هڻي رهيو آهيان . هن ويچاري به ٻه ٽي سال اڳ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ  ۾ ڊاڪٽري  ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي هئي . اختاريءَ وارن معمول مطابق سندس قدر داني ڪرڻ بدران دلشڪني ڪئي هئي. سو همراھ نه ڪئي هم نه تم ، اچي ڇٽڪيو  گارين ۾ ! سنڌي ٻوليءَ کان وٺي لاکيڻي لطيف تائين . پراڻن ڊاڪٽرن کان وٺي ويندي ٿيندڙ ڊاڪٽرن تائين ڪنهن کي به ڪونه بخشيائين . آئون سن کائي هليو آيس . ليڪن جواني جا جذبا ڪٿي ٿا صبر ڪرڻ ڇڏين ؟

ساري رات ننڊ ڪانه آئي . نيٺ پڪو پهه ڪيم ته صبح سان وڃي همراھ سان صفائي ڪبي ، صبح ٿيو ، اکيون مهٽيندو وڃي همراھ جو در کڙڪايم ، در کوليائين ، مون تي نظر پيس ته تپي لال ٿي ويو . چيائين : “ٽٽونءَ  لاءِ ٽاور، تازيءَ لاءِ اشارو’’ رات ئي توکي جواب ڏنم . پوءَ تون وري ڇو آيو آهين ؟ چيو مانس ته آئون نه ٽٽون آهيان ۽  نه وري تازي  . آئون در محمد آهيان . ويهه توسان ڳالهائڻو آهي’’. همراھ وٺ ڪرڻ نه ڏي  . پر پوءِ سندس  گهر واري وچ ۾ پئي ۽ مون کي ڪمري ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ملي . مون چانهه پيئڻ جو مطالبو ڪيو . جيڪو همراھ “ مان نه مان مين تيرا مهمان ’’ چئي قبول ڪئي . چانهه آئي ۽ همراھ صبر ڪري ويٺو . هاڻي منهنجو وارو هو ، ۽ پوءِ ته مون کيس ڪاري پائي پائي ڪري موٽائي ڏني . همراھ هو ڪراڙو سو سمجهيائين ته جيڪو گهران ئي جهيڙي ڪرڻ لاءِ آيو آهي ، تنهن سان پڄي ڪون سگهبو ، هن صبر ڪيو ۽ آئون بي صبريءَ جو مظاهرو ڪري گهر موٽي آيس .

ڳالهه نڪتي هئي “ ننڍي ڄمار ’’ کان ، وڃي پهتاسين جهيڙي ۾ ! انهيءَ ڏکوئيندڙ واقعي کان پوءِ مون هڪ نئون رستو اختيار ڪيو . ڪوشش ڪري مضمون وغيره لکي اخبار ۾ شايع ڪرائڻ لڳس ته جيئن پنهنجو غائبانه طور تي ماڻهن سان تعارف ٿي وڃي ، ۽ ڪن هنڌن تي تون ڇا تون ڇا جو معاملو پيش نه اڇي . انهيءَ سلسلي ۾ مون کي “آزاد’’ ۽ ٻين اخبارن ۾ ڇپجي چڪا هئا ، ۽ اهي عباسي صاح جي نظر کان به گذريا هئا .

قسط-3

جڏهن هن هيڏيءَ ساري ماڻهن سان ڀريل دنيا ۾ انسانن جي تلاش ڪندي ، آئون عباسي صاحب تائين پهتس ته اسان ٻئي وائڙا ٿي وياسيڻ، عباسي صاحب کي يقين نه ٿي آيو ته آئون ئي اهو درمحمد آهيان . مون کي پنهنجي “ننڍي ڄمار’’ تي ڏک ٿيڻ لڳو . پر جڏهن عباسي صاحب چيو ته : “ يار مون ته سمجهو هو ته درمحمد اسان وانگر ڪراڙو هوندو  . پر تنهنجي وات مان ته اڃا کير جي خوشبوءِ ٿي اچي’’ . ته اهو جملو ٻڌي منهنجو غم خوشيءَ ۾ تبديل ٿي ويو . پوءِ عباسي صاحب ٻڌايو ته : تنهنجي ڄمار ۽ تنهنجي لکڻين ۾ وڏو فرق آهي . تون ٻار  هوندي وڏن جهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين ، پو ءِ ڪيئن نه ماڻهن ۾ غلط فهمي پيدا ٿئي’’ ؟

بهر حال انهيءَ عجيب حادثي کان پوءِ مون عباسي صاحب جي قرب ۽ همدردين مان فائدو وٺندو رهيس ، سندس نادر لائبرري ڏٺم . ۽ ان کان سواءِ کانئس انٽرويو ورتم . پنهنجي عقيدت منديءَ جو اڄ به اهوئي حال آهي . شال ڌڻي تعاليٰ کيس وڏي ڄمار ڏئي . عباسي صاحب عملي طور تي 1925 ع کان اڳ علم ادب جي  ميدان ۾ پير پاتو . انهيءَ عرصي کان وٺي هن صاحب پنهنجي ميڙيءَ چونڊيءَ مان نادر ڪتابن تي مشتمل هڪ لائبرري ٺاهي آهي . جيڪا اڄ ڪڏهن بارش ته ڪڏهن جيتن ۽ ڪيڙن جو شڪار ٿيندي رهي آهي . ڪاش ڪوئي ادارو کانئس اها لائبرري خريد ڪري ، يا وري کيس انهيءَ نادر ڪتابن سانڍڻ ۾ مدد ڏئي . جيڪڏهن ڪنهن وقت لاءِ  اهي حالتون رهيون ته پوءِ اسان رڳو  ايترو چئي سگهنداسين ته “ جناب عباسي صاحب وٽ سٺن ڪتابن جي هڪ سٺي لائبرري هوندي هئي . جيڪا بارش ، ڪيڙن ۽ اسان جي سستيءَ جو ٻل ٿي وئي’’ .

(محمد ابراهيم جويو )

جناب محمد ابراهيم ولد محمد خان جويو 12 آگسٽ 1915 ع تي ڳوٺ آباد ۾ ڄائو ر ابتدائي چار درجا ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهڻ کان پوءِ لڪيءَ جي اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ اتي ڇهين درجي سنڌيءَ تائين تعليم ورتائين .انگريزي تعليم “اي- وي-  اسڪول’’ سن ۽ “سنڌ مدرسي’’ مان ورتائين . 1934 ع ۾ مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ جويو صاحب “ڊي جي سنڌ ڪاليج’’، ڪراچي ۾ داخل ٿيو ، جتان 1938 ع ۾ بي- اي ڪيائين . گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ جويئي صاحب “سنڌ مدرسي’’ ۾ استاد جي حيثيت سان پنهنجي ملازمت جو آغاز ڪيو . انهي ئي ملازمت دوران 1940 ع ۾ بمبئي مان بي ٽي جو امتحان پاس ڪري  آيو . ورهاڱي کان ڪجهه وقت “سنڌ کي بچايو ، ننڍي کنڊ کي بچايو’’ نالي انگريزي ۾ ڪتاب لکيائين . وطن دوستيءَ جي انهيءَ جذبي پنهنجي ملازمت تان هٿ کڻايا . ورهاڱي کان پوءِ 1948 ع ۾ جويو صاحب “ميونسپل هاءِ اسڪول’’، ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيو .جڏهن وقت جي سرڪار انهيءَ اسڪول کي تحويل ۾ ورتو کيس “ٽرينگ ڪاليج فارمين’’، حيدرآباد ڏانهن بدلي ڪيو ويو ، جتي 1951 ع تائين ڪم ڪيائين . انهيءَ کان پوءِ مارچ 1954 کان وٺي فيبروري 1961 ع تائين “سنڌي ادبي بورڊ’’ جو سيڪريٽري ٿي رهيو . فيبروري 1961 ع ۾ کيس حيدرآباد ريجن جي تعليمي ڊائريڪوٽريٽ ۾ پبليڪيشن آفيسر مقرر ڪيو ويو . جنهن کان پوءِ نومبر 1962 ع ۾ “اولهه پاڪستان ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي مقرر ٿيو . 1963 ع کان آگسٽ 1967 ع تائين انهيءَ بورڊ جي حيدرآباد، ڪراچي ۽ ڪوئٽيا ريجن جو انچارج ٿي رهيو ، ۽ ساڳي ئي وقت “ سنڌي ادبي بورڊ ’’ جي اعزازي سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان به ڪم ڪيائين . ان کان پوءِ “گورنمنٽ هاءِ اسڪول ’’ جيڪب آباد جو هيڊ ماستر ۽ مارچ 1968 ع کان نومبتر تائين “گورنمينٽ ٽرينگ ڪاليج’’ ڪوهاٽ جو پرنسپال ٿي ڪم ڪيائين. تنهن بعد سيپٽمبر 1970 ع تائين حيدرآباد ريجن جي تعليمي ڊائريڪٽريٽ ۾ “ کاتي جي امتحانن’’ جو رجسٽار مقرر ٿيو . ان کان پوءِ جنوري 1971 ع تائين تعليم کاتي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر ، آگسٽ 1971 ع تائين “سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ’’ جو سيڪريٽري ، سيپٽمبر 1971  کان جولاءِ 1972 ع تائين خيرپور ڊويزن ۾ اسڪولن جو  انسپيڪٽر ۽ ان کان پوءِ ٻن مهينن لاءِ “ايڊيوڪيشن ايڪسٽيشن’’ جو ڊپٽي ڊائريڪٽر ٿي رهيو . آخر ۾ 21 آگسٽ 1973 ع تي “ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ’’ جي آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي جي عهدي تان رٽائر ڪيائين.

جويئي صاحب سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جا دل تي  گهڙا ڀريا آهن . کين هڪ “استاد اديب’’ جي حيثيت حاصل آهي ، هن دور جا ڪتيرائي نامور اديب ۽  شاعر سندس نظرياتي تربيت جي رنگ ۾ ورتل آهن . هن صاحب ڀريا پندرهن سال “سنڌي ادبي بورڊ’’ جي خدمت ڪئي آهي ، ۽ سندس دور جي “سنڌي ادبي بورڊ’’ جي  ڪارڪردگي  اڄ به مثال جي حيثيت رکي ٿي . سندس ئي ڪوشش سان “سنڌي ادبي بورڊ’’ ٻارڙن لاءِ’’  گل ڦل’’ رسالو جاري ٿيو . ان کان سواءِ پاڻ 1955 ع کان 1956 ع تائين ٽه ماهي “مهراڻ’’ جو ايڊيٽر به ٿي رهيو . جويئي صاحب جي ڪوششن سان 1964 ع ۾ “سنڌي اديبن جي ڪو آپريٽو سوسائٽي’’ قائم ٿي ، جنهن طرفان سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي تعريف جوڳي خدمت ٿي رهي  آهي . جويو صاحب نه رڳو تعليم جو ماهر ۽ اشاعتي مسئلن جي ڄاڻو جي حيثيت رکي ٿو ، بلڪ سنڌي علم ادب جي دنيا ۾ اديب جي روپ ۾ به ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو .

پاڻ ڪجهه شاعري به ڪئي اٿس ، ليڪن شاعر کان وڌيڪ مترجم ۽ ليکڪ جي حيثيت سان مشهور آهن . سندس لکيل توڙي ترجمو ٿيل ڪتابن جو وچور هن ريت ٿئي ٿو . “ايملي عرف تعليم ’’ (تعليم 1950)، “گل’’ (تربيت -1956)، “سنڌي پهريون ڪتاب ’’ (نصابي ڪتاب -1960)، “آسان سنڌي پهريون ڪتاب’’ (نصابي ڪتاب -1961)، “تاريخ پاڪستان’’ (تاريخ- 1962) ، 

 

23- فيبروري 1981 ع

 

“سنڌي چوٿو ن ڪتاب’’ (نصابي ڪتاب- 1962)، “سنڌي پرائيمري’’ (نصابي ڪتاب- 1962)،

 “سنڌي ڇهون ڪتاب’’ (نصابي-1966)، “سنڌي چوٿون ڪتاب’’ (نصابي ڪتاب- 1967)،

“سنڌي پنجون ڪتاب’’ (نصابي ڪتاب-1967)، “سنڌي ڇهون ڪتاب’’ (نصابي-1967)، “سنڌي ستون ڪتاب’’ (نصابي-1967)، “ٻارن جي تعليم’’ (تعليم- 1972)، “انگي حساب’’ (نصابي- 1973)، “اچو ته لکون’’ (تعليم- 1973)، “بالغن جي تعليم استادن جو رهبر’’ (تعليم 1973)،

“اچو ته وڌيڪ پرهون’’ (تعليمي/ نصابي -1973)، “سنڌي زبان جي بنيادي لغت’’ (لسانيات، ساڻي مرتب-1973) ، “سنڌي زبان جي ڪاروباري بنيادي لغت’’ (لسانيات،  ساڻي مرتب 1974)، “سنڌي زبان جي وڌايل لغت’’ (لسانيات، ساڻي مرتب- 1973)، “سنڌي ٻيو ڪتاب’’ (نصابي- 1973)، “سماجي اڀياس’’ (نصابي)، “گليلو ’’ (ترجمو ناٽڪ -1977)، “فڪر جي آزادي’’ (ترجمو) ۽ “شاھ ، سچل سامي’’ (تنقيد- 1978)،

جويو صاحب سنڌ جي انهن چونڊ ماڻهن مان هڪ آهي ، جيڪي پنهنجي ذات ۾ هڪ مڪمل انجمن هوندا آهن . جويو صاحب هڪ مڪمل تحريڪ آهي ۽ پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ آدرش آهي ،اهو آدرش جنهن کي ڀرپور نموني سان چاهيو به ويو ۽ جنهن سان نفرتون ڪندي به ڪونه گهٽايو ويو . پوءِ به انهن سردين ۽ گرمين کي سهندي ، گل ۽ خار جا مزا ماڻيندي به پنهنجي منزل طرف روان آهي .

جويئي صاحب سان “غائبانه ڏيٺ’’ ته گهڻو اڳ ٿي چڪي هئي ، پر کيس ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جو موقعو ڪراچيءَ ۾ اچڻ کان پوءِ مليو . مون کي ياد ٿو  پئي ته آئون جڏهن ڏوڪري هاءِ اسڪول ۾ استاد هئس، ان وقت جو يو صاحب اسان جو آفيسر ۽ انسپيڪٽر آف اسڪولس هو . هن صاحب انهيءَ ايامڪاريءَ ۾ پنهنجي زبردست هاءِ اسڪولن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پنهنجي تاريخ مرتب ڪري ڏانهس موڪلين . انهيءَ سلسلي ۾ اسان جي اسڪولن ڏانهن  به هڪ سوالنامو موڪليو ويو هو. هيڊ ماستر جي منشا تي ڏوڪري هاءِ اسڪول جي تاريخ مون کي ئي لکڻي پئي . مون کي ياد ٿو پئي ته انهيءَ مختصر  تاريخ ۾ مون سموري ڏوڪري تعلقي جي ثقافتي ۽ ادبي ادارن ۽ شخصين تي به لکيو هو . ان کانسواءِ اسڪول جي پيدا ڪيل عالمن ، اديبن ، شاعرن ۽ آفيسرن جو وچور به ڏنو هو . ستت ئي جويو صاحب بدلي ٿي ويو ۽ خيرپور ڊويزن جي اسڪولن جي تاريخ جو اهم ڪم اڌورو رهجي ٿو.             

 جويئي صاحب جي بدلي ٿيڻ کان پوءِ اسان به ڏوڪري هاءِ اسڪول ۾ ٽڪاءُ نه ڪيو . جنگ شاهي جي هاءِ اسڪول کان ڦرندا گهرندا اچي ڪراچيءَ جي ڪاليج ۾ پهتاسين . منهنجو ڪراچي اچڻ نئين جنم وٺڻ جي برابر هو . اڳ ۾ علمي ۽ ادبي ذوق هوندو هو ، پر هاڻي هتي سري پري پنهنجي جاءِ به وٺڻ لڳس . ائين ٿيو جو جناب وفائي صاحب ۽ سندس “آزاد ’’ مون کي لکڻ ۽ ڇپجڻ جو موقعو فراهم ڪيو. انهيءَ ڪري شهر ۾  “آزاد’’ جي آفيس هڪ اهڙي جاءِ بڻجي وئي جنهنجو هفتي ۾ هڪ اڌ چڪر هڻڻ ضروري ٿي پيو . “آزاد’’ جي آفيس ۾ مون دنيا جا ڪيترائي رنگ ڏٺا . وزيرن ۽ وڪيلن کي به ايندو ڏٺم ته پيرن ۽ فقيرن کي به ڀيرا ڀريندي ڏٺم. ان کان سواءِ ڪيترين ئي علمي ادبي شخصيتن سان ملاقات به هتي ئي ٿي. جن مان جويو صاحب به هڪ هو . جويو صاحب پهرين ئي جهلڪ ۾ مون کي عالم ، اديب ۽ دانشور نظر آيو . هن صاحب سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جا بي لوث خدمت ڪئي آهي ، انهيءَ ڪري ساڻس عقيدت نه اڳ ئي هئي ؛ ليڪن اها عقيدت هاڻي قربت ۾ بدلجي وئي . آئون انهيءَ وقت ڌاري “آزاد’’ لاءِ لڳاتار لکڻ لڳو هوس . جيئن ته “آزاد’’ جويئي صاحب ڏي به ويندي آهي ، ان ڪري هن صاحب منهنجي لکڻين مان منهنجي شخصيت جي تلاش شروع ڪئي . منهنجو خيال آهي ته هن صاحب مون کي “ هڪ جذباتي مگر محنتي نوجوان ’’ جي حيثيت ۾ تسليم ڪيو . آئون وري کيس ماٺيڻو ، برد بار، همدرد ۽ خير خواھ ڪري ڄاڻيندو آهيان . “آزاد’’ ۾ جڏهن “سگهڙ سنگت’’ جو سلسلو شروع ڪيم ته ملاقتين ۾ آئون کانئس راءِ وٺندو هوس . پاڻ چوندو هو ته هيڏي ساريءَ جاکوڙ جي نتيجي ۾ تون  رڳو هڪ مڪمل سگهڙ کي ڳولهي سگهيو آهين . اهو آهي ٽنڊي باگي جو محمد طالب لوهار، جيتوڻيڪ جويئي صاحب کي منهنجي ڪم ۽ ان جي طريقه ڪار سان  ڪيترائي اختلاف هوندا هئا ، پر ان هوندي به منهنجي ڪڏهن همت شڪني نه ڪيائين . ويتر چوندو رهيو ته جيترو ممڪن ٿي سگهي ، اوترو سگهڙن کان “راست گوئيون’’ هٿ ڪيون وڃن . مون انهيءَ سلسلي ڪجهه ڪوشش به ڪئي .

موجودھ دور جي سنڌي ليکڪن ۾ جويو صاحب اسلوب ۽ ٻوليءَ جي معاملي ۾ پنهنجو منفرد مقام رکي ٿو. پيرائتي مگر مختصر ۽ جامع نموني ۾ ڳالهه کي نڀائڻ ڪو کانئس سکي . جيڪڏهن ڪنهن ڪتاب جو ترجمو ڪندو ته ان تي اصلوڪي هئڻ جو گمان پيو ٿيندو . پر جي اصلوڪو ڪتاب لکندو ته ٻوليءَ ۾  چار چنڊ لڳائي ڇڏيندو. سندس لکيل ڪتاب “شاھ ، سچل ۽ سامي’’ مون کي ايترو ته پسند آيو ، جو  مون ان ڪتاب جون ٽيهارو کن ڪاپيون وٺي ڏيهي توڙي پرڏيهي دوستن ۾ ورهائيون . ساڳي نموني سان سندس ترجمو ٿيل ڪتاب “فڪر جي آزادي’’ به پڙهڻ وٽان آهي ، جڏهن مون اهو ڪتاب پڙهيو ته الائي ڪيترا دفعا روئڻ به آيو ته کلڻ به . روئڻ ان ڪري ته انسان جڏهن انڌ جي گهوڙي تي چڙهي ٿو ته ڇا ڇا نه ٿو ڪري ۽ کلڻ ان ڪري ته ڪتاب پڙهڻ وقت اهو تاثر ملندو هو ته انسان کي ماري ته سگهجي ٿو پر کيس شڪست ڏئي نه ٿي  سگهجي.

 

 

 

23- مارچ 1981 ع

قسط 7  

اسان جي  “وسيع تر انفراديت جي دور’’ کي ڪيترن ئي سببن جنم ڏنو . انهن مان هڪڙا آهن تاريخي سبب ۽ ٻيا آهن سماجي سبب . تاريخي طور تي هن قوم  يا ته پاڻ کي لٽرايو آهي يا کيس لٽايو ويو آهي ، سنڌ جي سر سبز ۽ شاداب سر زمين ڪيترن ئي جابرن کي فاتح جي حيثيت ڏئي ڇڏي . ان کان پوءِ اسان جي صوفياڻي ۽ سماجي طبيعت ۽ مهمان نوازيءَ جي ريتن رسمن اسان  کي ڪيترن دورن ۾ نانگ پلرايا . جن ئي اسان کي ڏنگيو ۽ ماريو . تاريخي طور تي ڏٺو ويندو ته هن ڌرتيءَ تي عربن جي آمد کان وٺي انگريزن جي رواني تائين آزادي کي برقرار رکڻ جي جدو جهد ڪئي وئي . انهن سمورن دورن “سومرن جو دور’’ ئي مڪمل آزادي ۽ خود مختاريءَ جو دور رهيو . باقي ٻئي دور غلامي يا غلاميءَ گاڏڙ آزاديءَ جا دور هئا. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته “ڪلهوڙن جو دور ڏيهي حاڪمن جو دور هو. پر حقيقت ۾ انهيءَ جو ڳچ عرصو به پيئرن کي  قيد ڪندڙن   “الله جي پاڇن ’’ بادشاهن جي زير دستيءَ ۾  رهيو . جڏهن ملڪ جي وحدانيت جي واءُ گهلي ته فوجي جرنيلن ميرن ملڪي معاملن ۾ مداخلت  شروع ڪئي ، ۽ ملڪ کي فوجي ڇانوڻي بڻائي ڇڏيو . پوءِ نتيجو اهو نڪتو ته هو ملڪ جي آزاديءَ کي اڌ صدي تائين به برقرار رکي نه سگهيا.

“سومرن جي دور’’ کان پوءِ عوام جي اثر رسوخ رکندڙ طبقي سياست بدران سازشن کي ئي پنهنجو شيوھ بڻائي ڇڏيو . انهيءَ وٺ پڪڙ جي دور ۾ ماڻهن پنهنجي انفرادي عزت ۽ ذاتي مفاد بچائڻ خاطر اجتماعي غلطيون ڪيون ، اها “تاريخي نفسيات’’ اڄ به اسان جو جز آهي . سماجي ميدان طرف نگاھ ڦيرائڻ سان به “انفراديت’’ جي پئدائش جا سبب ڏسڻ ۾ اچن ٿا، اسان وٽ مصيبت هن ڳالهه جي آهي ته اسان “فرد’’ کي ڪڏهن تسليم ڪيوئي ڪونه آهي . ان ڪري رد عمل طور هر هڪ انفراديت جو شڪار آهي . اچو ته ڳالهه کي شروع کان کڻون . ٻار اسان جي مڇ جو وار آهي . هن کي اسان اڳيان ڪا به حيثيت ڪانه آهي . ٻيون قومون پنهنجن ٻارن کي “آئندي جو ابو’’ ڄاڻينديون آهن . پر اسان اولاد کي اولاد ته ڇا پر انسان جي حيثيت ڏيڻ لاءِ به تيار ڪونه آهيون . ٻار جڏهن والدين جي اڻ ڄاڻائي جو شڪار ٿي اسڪول ۾  اچي ٿو ته اتي به سندس حيثيت کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو . کيس بنهه خالي توٻرو ڄاڻي استاد ، سندس ذهن ۾ علم ۽ عقل جو بوسو ڀريندا رهن ٿا . اسان جو استاد جو پنهنجي جاءِ تي پاڻ هڪ پورو “مسئلستان’’ لڳو پيو آهي . اهو اڃا پريشانين ۾ به قوم سان پيار ڪرڻ نه  سکيو آهي . ڇو ته هو  پاڻ به وسيع تر انفراديت جي دور ۾ رهي ٿو ۽ نتيجي طور کيس رڳو پنهنجا مفاد ئي عزيز آهن ، پوءِ اهي تنخواھ بابت هجن يا ترقيءَ متعلق.

استاد سان گڏ اسان جو  “تعليمي نصاب’’ به هڪ هيڏي ساري عذاب کان گهٽ ڪونهي . ٻار گڏھ ڪتابن جا ڍوئي ڍوئي  پاڻ گڏھ بڻبا وڃڻ ٿا. آئون ٻين سبجيڪٽس جا مثال نه ڏيندس ، پر رڳو ٻولين وارا سبجيڪٽس ئي ڏسو . اسان جي ٻار “مادري زبان’’ پڙهي آهي ، اها سندس فطرتي تقاضا آهي . ويچاري کي “قومي زبان’’ به سکڻي آهي ، ڇو ته اڳتي هلي کيس يڪجهتي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي . شريف کي “مذهبي ٻولي’’ سکڻي آهي ، ڇو ته کيس آخرت سنوارڻي آهي . کيس “انگريزي زبان” سکڻي آهي ، ڇو ته کيس دنيا ۾ سروخروء ٿيڻو آهي . ڪاش! اسان جا تعليمي ماهر ٻيهر ڄاپي ٻار جي مسئلن کان باخبر ٿين . اٺ ڪتابن پڙهڻ کان پوءِ به ٻار کي ڇا ٿو ملي ؟ ڪاگر جون ڊگريون ، نرسائيءَ ۽ مايوسيون !

پوءِ نراسائين جي دنيا ۾ رڳو انفراديت کي ئي هو غلطي ۾ پنهنجي مسئلن جو  حل ڄاڻي ٿو. کانئسن اجتماعيت وسري ٿي وڃي . ٻار کان وٺي ويندي ٻڌاپي تائين سندس شخصيت کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو . اسان پنهنجي معاشري جي منزل ئي اهڙي ٺا هي آهي جو ڏاڪي ڏاڪي تي پير رکڻ سان پاڻ ڊهندو نظر اچي ٿو.

پيءُ کان وٺي ويندي استاد تائين ، وڏيري ننڍيري  کان وٺي ويندي آفيسر تائين ڪنهن به فرد کي تلاش ڪرڻ جي باوجود پنهنجو مقام نه ٿو ملي . ان ڪري هو پنهنجو مقام ئي تلاش ڪندو رهي ٿو ۽ ٻين تي سندس نظر ئي نه ٿي پئي . اهوئي سبب آهي جو اڄڪلهه اسان جي ڳچين ۾ “انفراديت جا صليب’’ پيا آهن ۽ “ اجتماعيت جي پوشاڪ’’ پائڻ تي ارواح ئي نه ٿو ٿئي .

مون ڳالهه ٿي ڪئي پنهنجي “تنظيمي تجربن’’ جي ۽ وڃي نڪتاسين فلسفي ۾ . سو مون جڏهن سگهڙن جي لاءِ تنظيمي ڪم جو آغاز ڪيو ته ڪيترن نام نهاد روشن خيال دوستن کي ناگوار گذريو  . مصيبت اها آهي ته اسان ۾ ايتري “اخلاقي جرئت’’ ڪانه ٿيندي آهي ته کليءُ طرح پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريون ۽ بري کي برو يا ڀلي کي ڀلو چئون . منهنجي انهن دوستن به ائين ئي ڪيو . مون سان ملندا هئا ته ڪم جي تعريف ڪندا هئا . پر پرپٺ پيا پير ڪڍندا هئا . هڪڙي الله جي بندي ته ٻهراڙين ۾ سگهڙن سان به لاڳاپو قائم ڪيو ، افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سندس مخالفت جو ته ڪوئي بڻ بڻيادئي ڪونه هو . هن جو اهو اثر ٿيو جو سنڌ جا سگهڙ ، جيڪي اڳ ئي ڪن عالمن ۽ اڳواڻن جي عنايتن جو نشانو بڻجي چڪا هئا ، سي هاڻي ڇنڊي ڦوڪي پير کڻڻ لڳا . ليڪن مرحوم محمد مريد جت غير مشروط طور تي اسان جو ساٿ ڏنو. هو ڪيترن سگهڙن جو استاد هو . ۽ سگهڙن جي نفسيات کان چڱي طرح باخبر هو .  جنهن ڪري مون کي هي فائدو مليو جو پنهنجي تنظيمي ڪم ۾  آساني پيدا ٿي پئي . تنظيمي ڪمن ۾ “اميدن’’ ۽  “نتيجن’’ جي تانگهه کي وڏو اثر

 

 

(بقايا: مون سي ڏٺا ماءُ)

حاصل آهي . ڪارڪن ڇو مايوس ٿيندا آهن ؟ ۽ اڳواڻ ڪڏهن نراس ٿيندا آهن ؟ انهيءَ جو دارو مدار “اميدن’’ ۽  “نتيجن’’ بابت راءِ تي ٿئي ٿو . ڪيترا سگهڙ تريءَ تي بهشت ڪري ڏيکارڻ جو مطالبو ڪندا هئا . سندن نيت هوندي هئي ته آئون کين ريڊيو ۽ ٽي. وي جا پروگرام  وٺي ڏيان . انهيءَ ڪري جڏهن هو مون ۾ اجايون اميدون رکي ايندا هئا ته کين مايوس ٿيڻو پوندو هو . آئون انهيءُ راءِ جو هوندو هئس ته ريڊيو ۽ ٽي- وي تي سگهڙن کي پروگرام ملڻ گهرجن . اهو سندن حق آهي ، پر منزل ڪانهي . ان ڪري اسانکي “مفادن’’ بدران “منزل’’ اڳيان رکڻ گهرجي . ان ڪري ڪجهه سگهڙ پنهنجون “اميدون’’ پوريون ٿيندي نه ڏسي اسان کان پري ٿيندا ويا . جيڪڏهن هڪ اڳواڻ جي حيثيت ۾ آئون وري “نتيجن’’ ڏسڻ جي تانگهه رکان ها ته مايوس ٿيڻو پوي ها ، ليڪن مون ائين نه ڪيو . جيتوڻيڪ سڄي واڳ منهنجي هٿ ۾ هوندي هئي ، پر پوءِ  به مون ڪڏهن به پاڻ کي اڳيان نه آندو . قيادت سگهڙن جي حوالي ڪيم ، ۽ سڀئي عهديدار انهن مان ئي چونڊرايم ته جيئن انهن ۾ پاڻ پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي عادت پئدا ٿئي. اهو منهنجو ايمان هو ته هر هڪ شاندار عمارت پيڙھ تي ٻڌل ٿئي ٿي . عمارت جا ٻاهريان ڏيک ته نظر ايندا آهن ، پر پيڙھ گمنام هوندي آهي .انڪري مون پيڙھ بڻجڻ لاءِ پاڻ کي گمنام رکيو ليڪن قوم جي ڳچ حصي جيان سگهڙ به هڪ ٻئي کان قيادت تسليم ڪرڻ کان ڪيٻائڻ لڳا . سگهڙن ۾ ايتريون ته ڌڙي بنڊيون هونديون هيون ، جو هڪڙن کي پرچائبو هو ته ٻيا رسي ويندا هئا . پنهنجو ڳچ وقت رڳو فيصلن ڪرڻ ۾ گذري ويندو هو . پر پوءِ به مون کي هو مايوس ڏسي ڪڏهن ڪڏهن وائڙا ٿي ويندا هئا .۽ چوندا هئا ته اوهان جي تريءَ کي تيل به نه ٿو لڳي پوءِ رشتو ڇو جوڙيون ويٺا آهيو ؟ آئون کين سمجهائيندو هوس ته اسان وٽ تحريڪون ان  ڪري ڪامياب نه ٿيون ٿين جو اڳواڻ اهڙا نه مليا آهن . اسان کي اڳواڻ اهڙا ملندا آهن ، جيڪي نه ته پاڻ کي سڃاڻيندا آهن ، ۽ نه وري قوم کي سڃاڻيندا آهن ،گهڻن اڳواڻن کي ته “ذاتي مفاد’’ اڳيان هوندا آهن . ان ڪري “ڪم لٿو ڊکڻ وسريو’’ جي مصداق تحريڪ نڌڻڪيون ٿي وينديون آهن . جيڪي اڳواڻ وري بي لوث هوندا آهن ، انهن مان ڪي وري هيءَ غلطي ڪري ويهندا ، جو هو “نتيجن’’ کي عزيز رکندا آهن ، وڏي محنت ۽ جدو جهد کان پوءِ به جڏهن هو پاڻ جهڙا ڪارڪن پئدا ڪري نه سگهندا آهن ته قوم تي ميارون رکي ويهندا آهن . حالانڪ قوم ڏانهن قرآن کڻي ڪانه آئي هئي ته سندن قيادت ڪئي وڃي ، قوم جي خدمت جو جذبو يا مارن جي محبت قائد کي ئي هئي . اهو جذبو ته بي لوث ٿيندو آهي ۽ غير مشروط ٿيندو آهي . اهو اڳواڻ، جو خدمت ۽ قيادت جي معاوضي ۾ عزت ، نالو يا ڪا ٻي مدد طلبي ٿو ، اهو قوم سان پيار نه ٿو ڪري ، پر واپار ٿو ڪري . اهو واپاري جڏهن پنهنجي مفادن جي تارازي کڻي پنهنجي خدمت جي تور ڪري ٿو ته پاڻ کي خساري ۾ ڄاڻي ٿو . ان ڪري پيار بدران تڪرار جون ڳالهيون ڪرڻ لڳي ٿو . ڀلا اهي ماڻهو جن عزت ڏٺي ئي ڪانهي سي ويچار اڳواڻن جي ڪهڙي عزت ڪن . بکيا مارون رهبرن جا ڀڀ ڪٿان ڀرن ؟

مرحوم سگهڙ محمد مريد جت هڪ ڪارڪن جي حيثيت سان ڪڏهن به مون ۾ لالچ نه رکي ، ڪيترا سگهڙ ملڻ ايندا هئا ته ڀاڙي ڀتي جي طلب ڪندا هئا ، پر هي جڏهن به آيو قرب جي ڪچهري ڪرڻ لاءِ . ڪيترن سگهڙن چيو ته اسان جي نالي روشن ڪرڻ لاءِ انعام ڏي . ليڪن هن فقير ڪڏهن به نالي لاءِ مرڻ جي ڪانه ڪئي . مرحوم مون کي ڏاڍيون دعائون ڏيندو هو . چوند ته: “ابا! تو اسان اٻوجهن  کي سجاڳ ڪرڻ جي جا تحريڪ هلائي آهي . اها اڳتي هلي رنگ لائيندي ، توکان اڳ ۾ ڪيترن مري ويل سگهڙن کي ته هٿ ۾ کنيو . پر تو جيئرن جاڳندن سگهڙن کي پنهنجو ڪيو آهي . جيڪڏهن اسان ۾ ساڃهه هوندي ته توکي به سڃاڻينداسين ۽ پاڻ کي سڃاڻينداسين !’’ هو فقير ته اها ساڃهه سيني  ۾ رکيون وڃي قبر ڀيڙو ٿيو . پر اسان اڃا زندھ آهيون . هو جي حسرتون کڻي اسان کان جدا ٿي ويو ، شل اسان انهن کي پورو ڪيون . من اهڙو واءُ وري جو سندس شاگردن ۽ دوستن کي انهيءَ ساڃهه  جي سوکڙي نصيب ٿئي .

6- اپريل 1981 ع

قسط-8  

عبدالڪريم “سعدي’’

جناب  عبدالڪريم “سعدي’’ ولد محمدپريل 8، جولاءِ 1924 ع تي ٽنڊي الهيار ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ ورتائين . ان کان پوءِ 1932 ع ۾ “ڪامارو شريف اسڪول’’ مان فائينل پاس ڪيائين . بعد ۾ “مظهر العلوم مدرسه’’ ڪراچيءَ ۾ عربي ۽ فارسي پڙهڻ ويٺو ۽ 1943 ع ۾ دستاربندي  ڪيائين . “سعدي’’ صاحب هن ئي عرصي دوران “ سنڌ مدرسته السلام’’ مان انگريزي تعليم ورتي ۽ آخر ۾  “پنجاب يونيورسٽي’’ مان 1942 ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين . “سعدي’’ صاحب 1945 ع ۾ هفتيوار “مسلمان’’ (حيدرآباد) ۾ ڪم  ڪرڻ سان صحافت جي دنيا ۾ قدم رکيو . انهيءَ کان پوءِ 9 مهينا کن “پيغام صلح’’ (ڳڙهي ياسين ) جو ايڊيٽر ٿي رهيو . تنهن کان پوءِ ذري گهٽ سال ، روزانه “قرباني’’ (ڪراچي) ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ 1946 کان روزانه “هلال پاڪستان’’ (حيدرآباد) ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿيو . 1950 تائين اتي ڪم ڪيائين ، جنهن کان پوءِ “ريڊيو پاڪستان’’ ڪراچي ۾ ملازمت ڪيائين . 1952 ع ۾ پنهنجي سوٽ محمد عمر بلوچ سان گڏجي ٽنڊوالهيار مان روانه “تاج پاڪستان’’ اخبار جاري ڪيائين . جيڪا پنج مهينا کن هلي . 1953 ۾ ساڳي ئي هنڌ تان حاجي محمد صادق ميمڻ سان گڏجي هفتيوار “الهلال’’ اخبار ڪڍيائين ، جيڪا 1968 ع تائين هلي . انهيءِ کان پوءِ “سعدي’’ صاحب مڊل ايسٽ هليو ويو ، جتان 1972 ع ۾  موٽي اچي “هلال پاڪستان’’ (ڪراچي ) ۾ ڪم ڪري رهيو آهي . جناب “سعدي’’ صاحب جهوني صحافي ۽ عالم هئڻ سان گڏ اديب ۽ شاعر به آهي . شاعريءَ ۾ “سعدي’’ تخلص استعمال ڪندو آهي . پاڻ ڪي ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا اٿس ، جن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:

 

“مرزا غلام احمد قادياني’’، “ بوستان جو منظوم اردو ترجمو’’

(جيڪو ڪجهه وقت بي. اي جي ڪورس تي به رکيل هوندو هو)، “عبدالڪريم گروهڙي’’ ۽ “رد مسيحت.’’ هن صاحب مختلف وقتن تي مختلف اخبارن ۾ “مستقل ڪالم’’ به پئي لکيا آهن . جيئن ته اخبار “مسلمان’’ (حيدرآباد) ۾ “وتايو فقير’’، اخبار “پيغام صلح’’ (ڳڙهي ياسين) ۾ “چرچن جي چٽڻي’’، اخبار “هلال پاڪستان’’ (حيدرآباد) ۾  “تفريحات’’، اخبار “هلال پاڪستان’’ (ڪراچي ) ۾ “جهاتيون’’. اڄڪلهه “سعدي’’ صاحب “جهاتيو’’ ڪالم ڪري سڄيءَ سنڌ ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو ، ۽ اسان مان ڪيترا کيس “جهوني صحافي’’ جي حيثيت سان به سڃاڻن ٿا . مگر ٿورن کي معلوم هوندو ته پاڻ دفعا دستاربندي ڪري چڪا آهن . انهيءَ ڪري سندن شمار عالمن ۾ به ٿئي ٿو . جيتوڻيڪ “سعدي’’ صاحب جن 1972 ع کان وٺي ڪراچيءَ ۾ هئا ۽ آءُ به 1973 ع ۾ ڪراچيءَ ۾ آيو هئس . پر پنهنجي پي. ايڇ. ڊي . جي ڪم جو ايترو ته جنون هو ، جو گهڻي وقت تائين ساڻن لاڳاپا قائم ٿي نه سگهيا. پر پوءِ جڏهن مٿي کنهڻ جي فرصت ملي ۽ جن مٺڙن ماڻهن جو قرب حاصل ٿيو ، “سعدي’’ صاحب انهن مان اڳرو هو . جيتوڻيڪ “سعدي’’ صاحب جن به “آزاد’’ اخبار جي آفيس ۾ ايندا رهندا هئا ، پر ڪڏهن اتي اسان جي ملاقات ٿي نه سگهي، آئون “آزاد’’ اخبار ۾ گهڻي وقت کان وٺي لکندو پيو اچان ، ان ڪري پاڻ غائبانه طور تي مون کي ڄاڻندا هئا ، ۽ آئون وري هر روز “جهاتيون’’ ڪالم پڙهي سندن لياقتن ۽ صلاحيتن جي ساک ڀريندو رهندو هوس . هي زمانو لياقتن ۽ صلاحيتن جو نه پر لڳ لاڳاپن جو زمانو آهي ، انسان مفادن جي بنيادن تي معاشري کي ڌڙن ۽ گروهن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي . ان ڪري اقربانوازي جي آب هوا کان سواءِ اسان کي ٻي آب هوا وڻي ئي ڪين ! آئون آفيسن ۽ ٻين ادارن جي ته ڳالهه ڪونه ڪندس پر ادبي دنيا جو احوال ضرور ڏيندس ، ڇو ته آئون به انهيءَ  آستان جو پاڻي ڀريندڙ آهيان . جيئن پروڊيسر پنهنجي ادارن ۾ اڇي ڪاري جا مالڪ هوندا آهن ، تيئن اخبارن ۽ رسالن ۾ وري ايڊيٽر ۽ انچارج هر شيءَ جا مالڪ ٿيندا آهن . ان ڪري اهي “خاص پروگرام’’ رڳو اهي “خاص اديب’’ ئي لکي سگهندا آهن . اهڙي نموني سان ڪيترين اخبارن ۾ رڳو “خاص ليکڪ’’ ئي لکي سگهندا آهن .ڪن ايڊيٽرن ، انچارجن يا پروڊيوسرن کي ڪن اديبن ، شاعرن ۽ ناٽڪ نگارن سان پئي ئي ڪانه ، ۽ وري ڪن کي پاڻ کان پري ئي ڪونه ڪن . پاڻ سان مصيبت اها آهي جو هن وقت تائين پاڻ کي ڌڙي بندي کان الڳ ۽ آزاد پئي رکيو آهي . ان ڪري ڪيترن جي عنايتن کان دور آهيون : بلڪل اهڙي ئي ماحول ۾ مون “سنڌ سگهڙ سنگت’’ جي ڪم جو آغاز ڪيو . اسان جون ڳوٺن ۾ ڪچهريون ٿيڻ لڳيون ۽ مختلف هنڌن تي سنگت جون شاخون کلڻ لڳيون . ڪجهه وقت کان پوءِ مون “آزاد’’ (ڪراچي ) ۾ “سگهڙ سنگت) جو مستقل ڪالم شروع ڪيو ۽ سنڌ جي سگهڙن کي دعوت ڏني ته هو پنهنجو فن ۽ فڪر موڪلي ڏين .

جنهن مان سٺي فڪر ۽ فن تي انعام ڏنا ويندا . سٺي موٽ به ملي ، پر گهربل پبلسٽيءَ جي اڻاٺ جو احساس ٿيڻ لڳو . انهيءَ کوٽ کي پوري ڪرڻ لاءِ مون پنهنجي سنگت جي سگهڙن کي صلاح ڏني ته پنهنجي  ڪچهرين ٿيڻ ۽ شاخن قائم ٿيڻ جون ڪارروايون لکي اخبار ۾ موڪلين . نتيجو اهو نڪتو جو حيدرآباد جي ڪن اخبارن هي خبرو کنيون . پر هتي ٻوٽو ڪونه ڀريو . پر جس هجي “سعدي’’ صاحب کي ، جنهن بنا ڪنهن ڄاڻ ۽ لڳ لاڳاپي جي ، محض صحافتي ديانتداري ۽ خدمت جو ثبوت ڏيندي ، اسان جي سنگت کي پنهنجي مشهور ۽ مقبول ڪالم “جهاتيون’’ ۾ جاءِ ڏني .

 

25- جنوري 1982 ع

قسط-3

(“اياز ’’ قادري )

جناب اياز حسين ولد غلام سرور قادري 19، جنوري 1924 ع تي لاڙڪاڻي ۾  ڄائو . ابتدائي تعليم “شاھ محمد اسڪول’’ ۾ “مين اسڪول” لاڙڪاڻي ۾ ورتائين . ان کان پوءِ “مدرسه هاءِ اسڪول” لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ ڪيائين . مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ڪراچي ۾ آيو جتي بي- اي  (آنرز ) ، ايم اي (فارسي )، ايم- اي (سنڌي ) ۽ ايل- ايل- بي ڪيائين . ڪيتري وقت کان وٺي “سنڌي غزل جي ارتقا” تي ڊاڪٽريءَ لاءِ مقالي لکڻ ۾ مصروف آهن . اياز  صاحب ڪيترو وقت “سنڌ مسلم آرٽس ڪاليج” ڪراچيءَ ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار ٿي رهيو ، هن وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ  ۾ سنڌيءَ جو ائسوشئيٽ پروفيسر آهي . کيس علم ۽ ادبي ذوق ورثي توڙي ماحول مان مليو . جيئن سندس وڏا مختلف علمي ۽ ادبي جماعتن جا سر گرم ڪارڪن ٿي رهيا . تيئن هي صاحب به مختلف ادبي جماعتن سان وابسته رهيو آهي، اهڙين جماعتن ۾ “سنڌي سڌار سوسائٽي” (ڪراچي ) ، “سنڌي ادبي سنگت” (ڪراچي )، “سنڌي ادبي سوسائٽي” (ڪراچي ) ۽ “سنڌي ادبي بورڊ” جا نالا ذڪر ڪرڻ لائق آهن.

اياز صاحب 1954 ع ڌاري هفتيوار “نجوان” ۽ “سنڌي مسلم ڪاليج” جي مخزن جو ايڊيٽر به ٿي رهيو . هن وقت سيد غلام مصطفيٰ شاھ جي انگريزي رسال “سنڌي ڪوارٽرلي” جي ڪم ۾ به ساڻس هٿ ونڊائي رهيو آهي . پاڻ ناميارن شاعرن ۽ ليکڪن مان هڪ آهن . سندس لکيل ڪتابن مان “بلو دادا” (ڪهاڻيون ) ، الحاج پروفيسر غلام مصطفيٰ شاھ ” (سوانح )، “گور ڪئي جي آتم ڪهاڻي” (ترجمو)، “آزاديءَ جا اڳواڻ” (جي الانا صاحب جي ڪتاب جو اڌ ترجمو ) ذڪر ڪرڻ لائق آهن . اياز صاحب جو نالو مون ڪراچي اچڻ کان اڳ ٻڌو هو . پاڻ جيڪڏهن منهنجي ڳوٺ جا نه ٿين ، پر ٻنهي جو  واسطو هڪ ضلعي سان آهي ، هڪ خطي سان آهي ، هڪ زبان سان آهي ۽ هڪ ذريع معاش سان آهي . باقي کوپري کوپري مت نيازيءَ جيان ڌڻي تعاليٰ هرهڪ انسان ۾ ڪو نه ڪو فرق ضرور رکيو  آهي . آئون اياز صاحب جي خاندان لاءِ رڳو اها ڄاڻ رکندو هوس ته هن خاندان علم ادب ۽ صحافت جي تعريف جوڳي خدمت ڪئي آهي . “اديب سنڌ” جهڙي نامياري رسالي کي سندس ئي خاندان جو سهارو حاصل هوندو هو ، ۽ لاڙڪاڻي ۾ شاعرن جا ابا ڏاڏا ئي سندس ئي خاندان وارا ٿين . پر اها معلومات اڻپوري ۽ اڌوري هئي ، حقيقت ۾ سندس خاندان جو سنڌ جي سياست ۾  به وڏو عمل دخل رهيو  آهي .مون انگريزي راڄ جي دور واري سنڌ جي سياست تي گهڻو ڪجهه لکيو آهي ، جنهن ۾ هرهڪ پارٽيءَ جو تفصيل سان احوال ڏنو اٿم . اها مون کي خبر آهي ته جڏهن “خلافت تحريڪ ۽ امن سڀائن جي اڻبڻت جو احوال” ٻڌايو ويندو ته اياز صاحب جي خاندان کي ڪڏهن به نظر انداز ڪري نه سگهيو . مون پنهنجي ڪتاب ۾ هن خاندان کي به جوڳي جاءِ ڏني آهي . مون جڏهن “ڪراچيءَ جي ادبي تاريخ” تي پي-ايڇ- ڊي لاءِ مقالي لکڻ لاءِِ جاکوڙ شروع ڪئي هئي ته اياز صاحب جي تعاون ۽ سرپرستيءَ جي به ضرورت محسوس ٿي . پاڻ ڪيتري وقت کان وٺي ڪراچي ۾  رهڻ ڪري هتان جي ادبي ماحول کان باخبر هئا ، ۽ عملي طور تي ڪيترين ادبي ٽريڪن توڙي جماعتن جا مکيه ڪردار به ٿي رهيا هئا . منو جڏهن ڏانهن هڪ اڌ پنڌ ڪيو ته مون سان وڏا وڙ ڪيائون ، جن کي آئون ڪڏهن به فراموش ڪري نه ٿو سگهان جيتوڻيڪ پاڻ به مون کان اڳ پي- ايڇ-  ڊي لاءِ رجسٽريشن ڪرائي چڪا هئا ، پر پوءِ به “روايتي ساڙ ” نه ڏيکاريائين ۽ سنڌ دل توڙي دماغ ۾ ڪڏهن به اهو خيال پيدا نه ٿيو ته متان درمحمد نه اڳ ۾  ڊاڪٽر بڻجي وڃي . مون کي ياد ٿو پوي ته پاڻ پنهنجو قيمتي وقت سيڙائي به مون سان گڏجي هلندا هئا ۽ ڪيترن ئي ڪم جي ماڻهن ، عالمن ۽ اديبن سان ڏيٺ ڪرايائون . ان کان سواءِ مون پهريون کانئن ئي ڀارتي اديبن ۽ عالمن جون ايڊريسون ورتيون هيون . جنهن کان پوءِ مون پنهنجي ڪم جي معلومات ڀارتي اديبن کان حاصل ڪئي .اتان جي ڪن دوستن سان لکپڙھ ڪرڻ ۽ ڪڏهن ڪڏهن آل انڊيا ريڊيو تان سنڌي پروگرام ٻڌڻ کان پوءِ اهو يقين ٿي ويم ته اياز صاحب جي جيتري عزت سنڌ ۾ ڪئي وڃي ٿي ، اوترو احترام وري ڀارت ۾ به ڪيو وڃي ٿو. سندس ڪيترائي هم ڪلاسي ، اهل ادب ۽ ڳوٺائي اڃا اتي زندھ سلامت آهن ، اهائي ساڳي اڪير ۽ سڪ سان سندس عزت ۽ احترام ڪن ٿا . سنڌ ۾ سندس عقيدتمندن ۽ شاعرن جو هڪ وسيع حلقو آهي. پاڻ پنهنجيءَ جاءِ تي اسان جي علم ادب ۽ تعليم جو هڪ باب آهن .

اياز صاحب سنڌ جي پهرين ترقي پسند ادبي جماعت “سنڌي ادبي سنگت”  جو پهريون جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو آهي ، پوءِ ڪن اختلافن سبب انهيءَ عهدي کان پري ٿي ويو . پر پوءِ سندس ڪهاڻين جو مجموعو “بلو دادا”  سنڌ جي سمورن نظرياتي ڌڙن ۾ نه رڳو  پسند ڪيو وڃي ٿو پر ساراهيو به وڃي ٿو . اياز صاحب جن اڄ به سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادبي ڪانفرنس ، مجلسن ۽ مذاڪرن جي مورن مان هڪ مور آهي . پاڻ جيتريون ڪانفرنسون ڏٺيون اٿس ۽ جن ڪانفرنسن ۽ گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيو آهي ، انهن کي جيڪڏهن ڪتابي صورت ڏئي ته هوند هڪ هيڏو سارو ڪتاب بڻجي پوي . پاڻ جيڪڏهن قلم کڻن ته هڪ طرف “سنڌي ادبي سنگت” ۽ ٻئي طرف “جميعت الشعراء سنڌ”، هڪ طرف “سنڌي سڌار سوسائٽي“ ۽ ٻئي  طرف “سنڌي ادبي سوسائٽي” جي تاريخ جي مکيه بابن کي هميشھ هميشھ جي لاءِ محفوظ ڪري سگهن ٿا . پاڻ “سنڌي ادبي بورڊ” جا ميمبر ۽ “ڪراچي يونيورسٽي ” جا مکيه استاد آهن. 

4-جنوري 1982

قسط-2

حاجي محمود الاهي

ان وقت ائين ڄاتو ويندو هو ته صحافت به اهڙوئي مقدس پيشو آهي، جهڙو تعليم  تدريس جو . انهيءَ کانپوءِ مطالعي به انهيءَ عقيدي کي پختو ڪري ڇڏيو . ليڪن صحافت جي دنيا جي ويجهو ويهي مشاهدو ڪيم ته ڪنهن حد تائين ائين لڳو ڄڻ رڃ ۽ ريگستان آهي . اهڙي رڃ جيڪا پري کان ته پاڻيءَ جي ڏک ڏئي پر ويجهي واري ئي واري  ! اڄ جي صحافت ، خاص ڪري سنڌي صحافت جي مجموعي معيار ۽ قومي ڪردار کي ڏسي اکين مان جي آب نٿو وهي ته به اندر ۾ سور ضرور ٿئي ٿو . صحافت ابلاغ جو مکيه ذريعو آهي . ليڪن ٻين وٽ ، اسان وٽ اها ڪنهن ٻئي مقصد ۽ غرض لاءِ آهي . جيڪڏهن موجود صحافت جي خامين ۽ مجبورين جي نشاندهي ڪرڻ ويهبي ته ڳالهه اينگهجي ويندي . پر ان هوندي به ڪن ڳالهين جو  ذڪر ڪرڻ نهايت ضروري آهي . بدقسمتيءَ سان سنڌيءَ جون ذري گهٽ سموريون اخبارون “قومي ادارا” نه پر “شخصي ۽ ذاتي ملڪيت” آهن . انهيءَ ڪري اهي عوام بدران پنهنجي مالڪن جي مفادن جي تحفظ جو ذريعو ئي آهن . انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته انهن اخبارن جي حڪمت عملي وقت به وقت تبديل ٿيندي رهي ٿي . ليڪن محور ساڳيو ئي “ذاتي مفاد” ٿئي ٿو . ڪن قومي مسئلن تي جيڪڏهن ڪي اخبارون ڪجهه توجھ ڏين ٿيون ته “عوام جي ترجماني” لاءِ نه پر “عوام جي همدردي” حاصل ڪري پنهنجي سرڪيوليشن وڌائڻ لاءِ ، نتيجي طور مکيه موڙن تي هڪدم اخبارن جي پاليسي بدلجي وڃي ٿي ۽ عوام جي ذهن ۾ هموار ٿيندڙ “عام راءِ” پاش پاش ٿي پئي ٿي . اهڙي قسم جون اخبارون پنهنجي “معيار” کان ڪري دليريءَ سان قومي مسئلن تي راءِ نٿيون ڏين . پر انجي برعڪس صوبيدارن ۽ ٻيلي جي جمعدارن جي تبديلين جون خبرون ڏئي پاڻ کي صحافت جي دنيا جو سج سڏائين ٿيون.

دک جي ڪهاڻي اتي پوري نه ٿي ٿئي . ليڪن ڪنهن حد تائين اخبارن جي عملي جي ناتجربيڪاريءَ ، گروھ نوازي ، ذاتي پسند يا نه پسند به اخبارن جي معيار کي متاثر ڪري ٿي . مون ڪراچيءَ جا ڪيترا وڏا جلسا ڏٺا پر صبح تي سنڌي اخبارن ۾ انهنجو ڳولهڻ باوجود پتو کرو نه پيو ! مثال طور هن ناچيز ڪيترن جلسن ۾ مکيه مقاله نگار جي حيثيت سان شرڪت ته ڪئي ، ليڪن صبح تي اخبار ڏسڻ کان پوءِ آئون درمحمد پٺاڻ مان ڦري الائي الائي ڇا ٿي ويندو آهيان ، مون کي ياد ٿو پوي ته هڪ دفعي “مهراڻ رائيٽرس گلڊ”  جڳ مشهور شخصيت جناب جي الانا سان گڏجاڻي ڪئي . انهيءَ گڏجاڻيءَ ۾ مون به شرڪت ڪئي . جتي هزارين ماڻهو موجود هئا اتي مون الانا صاحب جي شخصيت تي سنڌيءِ ۾ ڳالهايو . منهنجو سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ هڪ مشهور غير سنڌي رسالي جي نمائندي کي پسند نه پيو : منهنجي خلاف هڪ هيڏو سارو ڪالم لکيائين ، ۽ افسوس جو اظهار ڪندي لکيائين ته ڊاڪٽر صاحب کي جيڪڏهن قومي زبان ۾ ڳالهائڻ پسند نه هو ته ڪاش انگريزيءَ ۾ ئي ڳالهائي ها ! آئون ڄڻ يهودين جي ٻوليءَ ۾ ڳالهائي چڪو هوس !! منهنجي اها ڳالهه اسلام آباد مان شايع ٿيندڙ هڪ انگريزي اخبار کي به پسند نه آئي ، جنهن به چڱا ڇوھ ڇنڊيا . اتفاق ائين ٿيو جو هڪ دفعي گرداس واڌواڻي جي ڪتاب “جيڪي ڏٺو سو  مون” جي ڪراچي جي پريس ڪلب ۾ مهورتي گڏجاڻي ٿي . جيئن ته ڇپيل پروگرام مطابق منهنجو نالو  ڳالهائيندڙن ۾ ڪونه هو ، پر گرداس واڌواڻيءَ جي دوستيءَ سبب اتي ضرور وڃڻو هو . ان ڪري هڪ دوست جي حيثيت سان اتي ويس . اتفاق سان اتي اهو نمائندو به حاضر هو ، جنهن منهنجي خلاف ڇو . ڇنڊيا هئا . اوچتو مونکي سڏ ڪيو  ويو ته آئون به گرداس واڌواڻيءَ ۽ سندس ڪتاب تي ٻه لفظ ڳالهايان .  مون اسٽيج تي وڃي پنهنجي تقرير جو آغاز سنڌيءَ ۾ ڪيو ۽ انهي نمائندي تي طنز ڪندي چيو ته هاڻي آئون فلاڻي جي صدقي اردو ۾ ڳالهائيندس ته جيئن هو مون کي سمجهي سگهي . انهيءَ تقرير ۾ مون نمائندي صاحب کي اهو تاثر ڏنو ته اسان کي نه ته موقعو ڏنو ويو  آهي ، ۽ نه وري سمجهيو ويو آهي . ليڪن سنڌ ته مردم خيز ڌرتي آهي . هن ڌرتيءَ جا ماڻهو ڪراڙا هوندا آهن ته گرداس واڌواڻيءَ جي روپ ۾ به ادب جي خدمت ڪندا آهن پر جي جوان هوندا آهن ته درمحمد جي روپ ۾ د اڪٽر هوندا آهن.   

غير سنڌي صحافت جي عزت جو اهو عالم آهي جو هن مون کي سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ به گوارا نه ڪيو . پر سنڌي صحافت جو اهو حال آهي جو هڪ اخبار سنڌ جي مردم خيزي واري قصي جي مٽي پليد ڪندي ڳالهه کي ائين ٽوڙي موڙي پيش ڪيو ، ڄڻ ڪنهن انهي سنڌي رپورٽر جون ٻليون مارويون هيون . اهو آهي اسان جي وڏين اخبارن ۽ رسالن جو حال . هاڻي اچو هفتيوار اخبارن تي . انهيءَ ڪوبه شڪ نه آهي ته سنڌ ۾ ڪيتريون ئي هفتيوار اخبارون شايع ٿينديون رهن ٿيون . ليڪن ايڪڙ ٻيڪڙ اخبارن کان سواءِ باقي ٻين جو نڪرڻ يا نه نڪرڻ ڪا معنيٰ نه ٿو رکي ،  حقيقت ۾ ڪيتريون اخبارون ته “صحافت جا  ڪکو” آهن . اهي مڙئي “خانه پوري” ڪرڻ لاءِ ۽ نه عوام جي ترجماني يا علم ادب جي خدمت  ڪرڻ لاءِ ، انهيءَ  ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته کين اشتهار نه ٿا ملن ، ليڪن  هيءَ “آزاد” اخبار به ته اشتهارن کان سواءِ پنهنجو معيار رکندي پئي اچي نه . ٻيون اخبارون ساڳي ئي نموني سان پنهنجو معيار وڌائي سگهن ٿيون ، حقيقت هي آهي ته ڪابه اخبار اشتهارن جي آڌار تي گهڻو وقت زندھ رهي نه ٿي سگهي ، اگر ڪنهن اخبار کي لافاني ٿيڻو آهي ته پوءِ انجون پاڙون عوام ۾ کتل هئن گهرجن ، جيڪڏهن اسان کي پنهنجي سنڌي صحافت کي بچائڻو آهي ۽ اخبارن کي مقبول بنائڻو آهي ته پوءِ  “ذاتي ۽ شخصي اخبارن ”

 

(بقايا مون ڏٺا ماءُ)

جي مقابلي ۾ اسان کي قومي اخبارن جو اجراغ  ڪرڻو پوندو . اهڙي قسم جون اخبارون گڏيل سيڙايل موڙي يا ڪنهن ٻئي امداد باهمي جي اصول تي ڪڍي سگهجن ٿيون . پر ياد رکڻ گهرجي ته اهو اشتراڪ به هڏ ڏوکي طبقي جو هئڻ گهرجي ، ۽ نه اهڙن پيرن يا وڏيرن جو ، جن جي هٿن رکڻ سان هر هڪ اخبار “الوحيد” جيان سرعام نيلام ٿئي .

جيئن اسانجي معاشري پنهنجو ۽ پنهنجي صحافت جو عجيب حال بڻائي ڇڏيو آهي ، تيئن ڪيترن لائق ۽ فاصل صحافين کي به نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي . حال وڃي هي رهيو آهي جو بقول مرزا قليچ بيگ ڪک ۽ ڪانا مٿي تري رهيا آهن ، ۽ موتي پاتال ۾ پيا آهن . سنڌي صحافت جا ڪيترا جهونا جوڳي اڃا زندھ آهن .

جن مان هالائي صاحب به هڪ آهي ، هنن پنهنجو رت ست ڏئي سنڌي صحافت کي زندھ رکيوآهي پر اهي جڏهن اڃ زندگيءَ جون آخري گهڙيون گهاري رهيا آهن ته انهن جي ڪوبه سار سنڀال لهڻ لاءِ تيار ڪونه آهي .مالي ۽ اخلاقي مدد ته رهي پنهنجي ماڳ پر ڪوئي قلم کڻي سندن ٿوري قدرداني به نه ٿو ڪري . آئون پاڻ کي خوشنصيب سمجهندو آهيان ، جو ايترو وقت ڪڍي سگهيو آهيان جو اڄ سمورن صحافين ۽ سندن ڪارنامن تي به ڪتاب لکي چڪو آهيان . انهن مان پهريون ڪتاب آهي “ايڊيٽر نامو” جنهن ۾ هند توڙي سنڌ جي لڳ ڀڳ 300 کن ايڊيٽرن جو احوال ڏنو اٿم . ٻيو ڪتاب آهي “اخبار نامو” جنهن ۾ لڳ ڀڳ ايترن اخبارن ۽ رسالن جو احوال لکيو اٿم . انهي ئي ڪتابن جي تياري لاءِ جهوني ۽ بزرگ صحافي جناب محمود هالائي سان لکپڙ . ڪرڻي پئي . پهريون اسان خطن وسلي رابطي ۾ رهياسين ، ۽ پوءِ هڪ ڏينهن “آزاد” جي آفيس وفائي پريس ۾ کيس ڏسڻ جي حسرت به پوري ٿي . آئون جڏهن سوال نامون کڻي هن صاحب جي اڳيان ويٺس ته هو مون کي سراپا هڪ سوال نظر  آيو . تڏهن مونکي اهو تاثر مليو ته هالائي صاحب جن تعجب وچان مون کان پڇي رهيو هجي ته آئون معاشري جي ريتن ۽ رسمن ۽ نظر اندازيءَ وارين عادتن جي خلاف سنڌي صحافت تي ڪيئن ڪم ڪري رهيو آهيان . جڏهن سندس تعجب يقين ۾ بدلجي ويو ته سندس نوازشون ۽ عنايتون مون تي بارش جيان وسڻ لڳيون . هالائي صاحب پنهنجي وجود ۾ صحافت جي چڙندڙ پرندڙ تاريخ آهي . ميرپورخاص ۽ ان جي تر وارن ڪيترن ئي اهڙن ايڊيٽرن جو احوال وٽائنس مليو ، جيڪو  ٻئي هنڌان ملڻ جو شايد سوال ئي پيدا نه پيو ٿئي . ان کان سواءِ هن صاحب مون کي پراڻين  اخبارن جا پرچا به عنايت ڪيا ، جنهن لاءِ آئون هميشھ سندس ٿورائتو رهندس ، هالائي صاحب قرب ڪري پنهنجي اخبار “همدرد” به موڪليندو  رهندو آهي .

شل ڌڻي تعاليٰ کيس وڏي عطا ڪري ، ۽ پاڻ ساڳئي ئي جوش جذبي سان سنڌي صحافت جي خدمت ڪندو رهي.

 

22-  ڊسمبر 1980 ع

قسط -1

]علم ادب جي دنيا ۾ اچڻ کان اڳ نه ته هيون دوستيون ۽ نه دشمنيون . ماڻهن سان ايتري عليڪ سليڪ ڪانه هوندي هئي . پري کان ويٺي پئي ماڻهن جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪيو هو. پر جا دهل ڏاڍا سٺا ٻڌڻ ۾ ايندا هئا .ڪيترا ماڻهو معصوم شاھ جي مناري جيان اوچا ۽ وڏا نظر ايندا هئا .  ڪن جون چوٽيون آسمان سان لڳل محسوس ٿينديون هيون . گهڻن لاءِ عزت هئي ۽ گهڻن لاءِ خوشي فهمي . پر ٿر ۾ پير پائڻ سان نظارو ئي بدلجي ويو . ڪيترائي عظمت جا  مينار ڊهي اچي پٽ پيا . جنجو نالو وٺندي فخر محسوس ٿيندو هو ، تن ن جو ذڪر ڪرڻ به گناھ ڀاسڻ لڳو . ڪيترن کي ڪک مسجهيو هيم سي لک محسوس ٿين لڳا . ڊاڪٽر مان نفرت جي بوءِ آئي ته ڪن ۾ محبت جون نديون وهنديون ڏٺم . ڪن مهربانن منهنجي محنت ۽ جاکوڙ کي ڏسي نه رڳو پنهنجا ڪتب  خانا ڏسڻ ڏنا ، پر ڪتاب به تحفي طور ڏنا . ڪن وري نه رڳو پنهنجي لائبررين جا دروازا بند ڪري ڇڏيا ، پر پنهنجا دروازا به اسان لاءِ حرام ڪري ڇڏيا . اهي مِٺا ۽ مٺا ماڻهو آئون ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهان ، والدين جي شفقت ، استادن جي رهنمائي ۽ دوستن جي همت افزائي کي ڀلا ڪير ٿو وساري سگهي ؟ ڪير ٿو وساري سگهي انهن انسانن کي ، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ زندگيءَ جي گل ۽ خار ۾ رنگ ڀرين ٿا ؟ منهنجي جيون جي جهوليءَ ۾ ڪيترن ئي انسانن جون نشانيون اڃا باقي آهن . انهيءَ کان اڳ جو آئون سندن قرب ۽ همدرديون ، دوستون يا دشمنيون کڻي وڃي اجل جي ڪنڊ وسايان ، چاهيان ٿو ته انهن جي يادگيرين کي ڪاڳرن تي اتاري ڇڏيان . انهيءَ خواهش جي تڪميل ۾ “مون سي ڏٺا ماءُ” جي عنوان سان هڪ نئون سلسلو شروع ڪري رهيو آهيان . پٺاڻ [

حبيب الله ڀٽو

حبيب الله ڀٽو ولد مولا بخش ڀٽو جي ولادت 1- نومبر 1917ع ۾ ٿي ، سنڌي فائينل جو امتحان 1933 ع ۾ پنهنجي پاڙي واري اسڪول “قاضي محلا پرائمري اسڪول” مان پاس ڪيائين ، انهيءَ اسڪول کي تنهن زماني ۾ “نادر وارو اسڪول” ڪري ڪوٺيندا هئا .

ان کان پوءِ تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان ملازمت ڪيائين انهيءَ عرصي دوران 42-1941 ع ۾ ٽريننگ ڪاليج ، سکر مان ٻيو سال استادن جو تربيتي ڪورس پاس ڪيو ، هن صاحب مئٽرڪ ، فرسٽ ائير ۽ انٽر ميڊيئيٽ ڪلاسن جا امتحان ، سالن 1955 ع ۾  ، هاءِ اسڪول ۾ اسسٽنٽ ماستر مقرر ٿي وڃڻ کان پوءِ ، خانگي طور تي ڏنا . جن مان پهرين ٻن سيڪنڊ ڊويزن پاس ٿيو ، پر امتحان جي انگريزي جي پيپر ۾ مارڪن گهٽ هئڻ سبب ناپاس ڪيو ويو . حبيب الله ڀٽو صاحب 1936 ع ۾ سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي دنيا ۾ داخل ٿيو ، سنڌي ۽ اردو اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس اڻ ڳڻيا مضمون ۽ مقالا شايع ٿيا . ريڊيو ۽ ٽي- وي تان به سندس خاڪا ۽ تبصرا نشر ٿيا ، سندس لکيل ڪتابن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو :

1-  “رسول مقبول” (مذهبيات 1956) 2- “ اقوال دانش ” (اخلاقيات 1938) 3- “سنڌي ساهت ۽ مشهور مستشرقين” (شخصيات 1973) 4- “حضور اڪرم” 5- “سنڌي بيت ۽ ان جي ارتقا” (اڻ ڇپيل ) 6- “ جاگرافي تعلقه شڪارپور” 7- “ جاگرافي ضلع سکر” 8- “اسان جي جدوجهد” . ڀٽي صاحب جا مضمون ۽ مقالا ته آئون گهڻي وقت کان وٺي پڙهندو ٿي آيم . ليڪن ساڻس ملاقات ڪانه ٿي هئي . مون جڏهن ڪراچي مان شايع ٿيندڙ هفتيوار “آزاد” ۾ “سگهڙ سنگت” نالي صفحو لکڻ شروع ڪيو ته حبيب الله صاحب انهن اديبن مان هڪ هيو ، جن منهنجي ڪوشش کي ساراهيو . انهيءَ کان پوءِ سندس ڪتاب “سنڌي ساهت ۽ مشهور مستشرقين” تي ريڊيو پاڪستان ، ڪراچي تان تبصرو ڪرڻ جو موقعو مليو . انهيءَ اڌ ڪلاڪ جي تبصرو ڀٽي صاحب کي ويتر  متاثر ڪري ڇڏيو . اهڙين ئي حالتن ۾ هڪ ڏينهن وفائي صاحب وٽ ساڻس ملاقات ٿي.منهنجي قد بت ۽ ڄمار کي ڏسي کيس اعتبار ئي نه ٿي آيو ته ڪو آئون در محمد پٺاڻ ٿي سگهان ٿو . هن صاحب کي منهنجي لکڻين ۽ قد ، بت ۽ ڄمار ۾ ڪابه هڪجهڙائي نظر نه ٿي آئي ، پر جڏهن وفائي صاحب جي زور ڀرڻ تي اعتبار ڪيائين ته ڏاڍو خوش ٿيو . انهيءَ وقت مونکي ائين لڳو هو ته ڀٽو صاحب پنهنجي نئين نسل جي جاکوڙ ۽ خدمت کان ڏاڍو مطمئن ٿيو آهي . انهيءَ کان پوءِ حبيب الله صاحب جڏهن به ڪراچيءَ ايندو هو ته ضرور ديدار ڪرائيندو هو . خطن جو سلسلو به جاري رهيو ، ۽ مرحوم مرڻ گهڙيءَ تائين قرب ۽ وفا جي ناتن کي نه ٽوڙيو . وفات کان ڪجهه وقت اڳ جڏهن ڪراچيءَ ۾ آيو ته اسان پاڻ ۾ فيصلو ڪيو ته گڏجي هڪ منصوبي تي تحقيقي ڪم ڪرڻ گهرجي . عنوان چونڊو سين “ورهاڱي کان اڳ جا اشاعتي ادارا”

جيئن ته آئون ڪراچيءَ جي اشاعتي ادارن تي اڳ ئي  تفصيل سان لکي چڪو  هئس . ان ڪري اسان اڳيان باقي حيدرآباد ، شڪارپور ۽ سکر جي اشاعتي ادارا وڃي رهيا . مون وٽ انهن شهرن جي به ڪيترن ادارن جي معلومات رکي هئي .فيصلو ٿيو ته “اتر سنڌ” جي ادارن تي مرحوم ڀٽو صاحب لکي ۽ “ڏکڻ سنڌ” جي ادارن کي آئون هٿ ۾ کڻان. مون هريسنگ ۽ پوڪرداس جي ادارن جي جيڪا به معلومات هئي ، سا مون سدنس حوالي ڪئي ، ۽ مرحوم صاحب مونکا کلي موڪلائي هيلو ويو . ليڪن مون کي ڪهڙي خبر ته اها سندس آخري موڪلاڻي آهي ، ۽ هو اسان کان هميشھ لاءِ جدا ٿي ويندو . نيٺ اهو نڀاڳو ڏينهن به آيو ۽ اخبارن ۾ خبر شايع ٿي ته حبيب الله ڀٽو پنهن جي عزيزن ۽ حبيبن کي جدائيءَ جو داغ ڏيئي راھ رباني وٺي هيلو ويو. يقين ئي نٿي آيو ته کلڻو ملڻو حبيب الله ، علم ادب جو بي لوث خادم واقعي اسان کان جدا ٿي ويو .

(بقايا مون سي ڏٺا ماءُ)

موت برحق آهي . اجل جي چنبي کان ڪنڌ ڪڍائڻ ڪنهنجي وس جي ڳالهه ناهي . پر موت کي مارڻ انسان جي هٿ وس آهي . انسان چاهي ته موت کي ماري سگهي ٿو . سندس جسم مٽيءَ ۾ ملي فنا ٿي ويو ته ڇا ٿيو ؟ اهو معمول آهي . ليڪن اهڙا انسان به آهن جي فنا هوندي بقا جي منزل کي پهچي وڃن ٿا . عالمن ۽ اديبن ، شاعرن  ۽ مفڪرن کي اهڙي ڏات عطا ٿيل آهي ، سندس جسم فاني آهن ، ليڪن سندن ڪارناما باقي آهن ۽ باقي رهندا . مرحوم حبيب الله ، جو ڪجهه ڪيو آهي ، علم ادب سنڌي ٻوليءَ جا جي گهڙا ڀريا آهن ، انهن کي ڪڏهن به نظر انداز ڪري نٿو سگهجي . هو پنهنجي خدمتن ڪري امر آهي . مرحوم ته پنهنجو وارو وڄائي ويو . هاڻي اسان جو وارو آهي . ليڪن افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي معاشري ۽ اسان جيئن ٻين عالمن ، اديبن ، شاعرن ، مفڪرن ۽ دانشورن جو قدر نه ڪيو آهي ، تيئن هن بي لوث انسان جو به قدر نه  ڪيو . مرحوم ويندي ويندي ڪجهه سور کڻي ويو ، ۽ شايد سندس روح اسان جي بي قدريءَ تي اڃا بي چين هوندو . مرحوم “سنڌي ساهت ۽ مشهور مشتشرقين” ڪتاب لکڻ کان پوءِ ڪوشش ڪئي ته ڪي ادارا سندس همت افزائي ڪن . ليڪن وريس ڪي به ڪين . سندس خواهش هئي ته من انهيءَ ڪتاب کي “ لائبرري جي ڪتاب” طور منظور ڪيو وڃي . پر ڪنن ۾ ڪپهه پيل ڪامورن سندس درد جي دانهن ڪانه ٻڌي . نئين موضوع تي ليکل هي بي بها تحقيقي ڪتاب سندس حياتيءَ جي آخري ڏهاڙن تائين هن اڳيان ڍڳ جي صورت ۾ رهيو . مفت ۾  ڪاپيون ورهائڻ بعد به وٽس ڪيترائي ڪتاب بچي پيا ، ليڪن سندس زندگي کٽي پئي .

وس وارو ماڻهو بي وس ٿي پيو . پر سندس عزيز ۽ دوست ته اڃا وس وارا آهن . شل ڌڻي اسان کي همت ڏئي ۽ اسان اهو ڪجهه ڪري سگهون جنهن سان مرحوم جي روح کي تسڪين ملي .

 

 

 

 

“سگهڙ سنگت”

قسط 5

در محمد پٺاڻ

ڪيترن دوستن جو خيال آهي صفحو رڳو سڌي جي سگهڙن لاءِ  وقف ٿيل آهي . انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ، ليڪن جيڪڏهن سنڌ جا ٻئي شاعر سگهڙن جي فن ۽ فڪر جي ترجماني ڪندر شاعري موڪليندا ته انهيءَ کي به اوس ئي شايع ڪيو ويندو .

 

منهنجي خيال ۾ “سگهڙ سنگت” هڪ اهڙي تحريڪ جو نالو آهي ، جنهن وسلي سنڌ جي سمورن سگهڙن کي منظم ڪرڻ کانسواءِ سندس  فن توڙي فڪر جي ترقي ، اوسر ۽ حفاظت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي . ان ڪري سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي فلاح ۽ بهبود جا خواهشمند ڪنهن روڪ ٽوڪ کان سواءِ هن صفحي لاءِ لکي سگهن ٿا . آئون کين خوش آمديد چوان ٿو . حقيقت اها آهي ته کين ضرور رکڻ ئي گهرجي ، ڇو ته اسان جي ڪم جي نوعيت ذاتي نه پر قومي آهي . ملڪ ، ملت ، قوم ۽ ٻوليءَ جي خدمت ڪرڻ جو فرض هڪ تي نه پر هر هڪ تي عائد ٿئي ٿو . آئون سنڌ جي عالمن ، اديبن ، شاعرن ۽ دانشورن ۾ اها اميد رکان ٿو ته هو هر ممڪن ڪوشش ڪري هن علمي ۽ ادبي تحريڪ ۾ منهنجو ڀرپور ساٿ ڏيندا . جيڪڏهن اسان کي ڪا ڪاميابي حاصل ٿئي ٿي ته ان ۾ سڀني جو گڏيل  فائدو آهي .

Menu
Go to top