Menu

پر ڏيهي عالمن جا خط

ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ

 

پرڏيهي عالمن جا خط (19 نومبر 1979)

سي. ڊبليو. هسڪل

چارلس وليم هسڪل 7، اپريل 1905 ع تي بريڊ فورڊ ، انگلنڊ ۾ ڄائو. هن صاحب تعليم نيوزيلينڊ مان ورتي، جتان ڊائو ينٽيءَ ۾ بئچلر ڊگري ۽ ٿيولاجيءَ  ۾ لائيسنشيئيٽ جو ڊپلوما حاصل ڪيائين.

چارلس وليم هسڪل 1930 ع  ۾  “چرچ مشنري سوسائٽي’’ جي ڪارڪنن جي حيثيت سان سنڌ ۾ آيو. پاڻ 1933 ع کان وٺي “سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي’’ جو سيڪريٽري ٿي رهيو، ان کان پوءِ “گرامر اسڪول ڪراچي’’ جو  پرنسپال ٿيو. 1955 ع ۾ نيوزلينڊ هليو ويو، ۽ هاڻي اتي رهي ٿو.

چارلس وليم هسڪل ڪرستاني ادب تي ڪيترائي ڪتاب انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمه ڪيا. ۽ انهي موضوع تي سنڌي ۾ اصلوڪا ڪتاب به لکيائين. هن صاحب سنڌيءَ انگريزيءَ ۾ هڪ گرامر به مرتب ڪيو هو، ۽ سڌيءَ- انگريزيءَ لغت مرتب ڪرڻ لاءِ هڪ هندو اديب (؟) جي وڏي مدد ڪئي.

چارلس وليم هسڪل “سنڌي ڪرسچن لٽرري سوسائٽي’’ جي سرگرم ڪارڪنن مان هڪ هو. انهيءَ سوسائٽي ۽ هسڪل جي معلومات مونکي پنهنجي تحقيقي ڪم لاءِ گهربل هئي، ان ڪري مون آر. اي. ڪارسن کي ساڻس رابطي قائم ڪري ڏيڻ لاءِ چيو هو. هسڪل صاحب انهيءَ سلسلي ۾ مون ڏانهن هڪ خط، لکيو، جو هيٺ ڏجي ٿو.

 

7، آئزلينڊ ويو ٽيريس، ويڪانٽي، نيوزيلينڊ

31، جنوري 1977

پيارا مسٽر در محمد پٺاڻ

مسٽر جي. اي ڪارسن جي والد 3، تاريخ وارو اوهان جو لکيل خط  مون ڏانهن موڪليو آهي. مون کي شڪ ٿو پوي ته اوهان گهڻن سوالن جا جواب آئون ڏئي ته به سگهان. 22 سال ٿيندا جو سنڌ ڇڏي اٿم، ان کان به ڪجهه سال اڳ منهنجو “سنڌي ڪرسچن لٽرري سوسائٽي’’ سان لاڳاپو ٽٽي چڪو هو. آئون 1933 ع کان انهيءَ  سوسائٽيءَ جو سيڪريٽري ٿي رهيس، حيدرآباد واره مس وارڊ سوسائٽيءَ  جي ڪمن ۾ ڏاڍي مشغول هوندي هئي، ان کانسواءِ سکر  جا مسز جنڪسن ۽ ڊاڪٽر ويسٽرن به انهيءَ ڪم ۾ سٺي دلچسپي وٺندا هئا. 

مسلمان مترجمن ۾، جنهن جو نالو ياد اٿم سو هو شايد مرزا بيگ (مون کي پڪ نه پيئي ته اهوئي سندس سڄو نالو هو). مون کي اهو به ياد ڪونهي ڪو مسٽر چندو رام  سوسائٽي لاءِ ڪتاب ترجمو ڪيا هئا، پر مسٽر  ڀڳتاڻيءَ انهيءَ  سلسلي ۾ گهڻو ڪجھه ڪيو هو. مون گهڻائي ڪتاب ترجمو ڪيا هئا، هن وقت انهن جا نالا ياد نه ٿا اچن. اهڙن ڪتابن ۾ بئسل ميٿيوز جو  “پال دي ڊانٽ ليس’’ به هڪ هو، سنڌيءَ ۾ اصلوڪا ڪتاب به لکيم، جن ۾“ موت کان پوءِ ڇا؟” قابل ذڪر آهي. ان کانسواءِ ڀڳتاڻي صاحب سان پيٽرسن سمٿ جو ڪتاب’’ ڪرست جي حياتي’’ به ترجمو ڪيو هيم.

منهنجي مختصر سوانح هن ريت آهي:

چارلس وليم هسڪل، 7 اپريل 1905 ع تي بريڊ فورڊ، انگلنڊ ۾ ولادت، تعليم نيوزيلينڊ ۾ ،جتان ڊائوينٽيءَ ۾ بئچلر ڊگري  ۽ ٿيولاجيءَ ۾ لائينيشئٽ جو ڊپلوما حاصل ڪيم. جيئن مٿي چئي چڪو آهيان ته سنڌيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪيم. خاص ڪري ناتال جون موڪلون انهيءَ ڪم لاءِ وقف هونديون هيون. سنڌي ۾ هڪ گرامر به مرتب ڪيو هيم، جو به ڪرشچن لٽريچر ۾ هڪ سٺي ڪوشش آهي. سنڌي انگريزي لغت مرتب ڪرڻ لاءِ مون هڪ هندو اديب جي وڏي مدد ڪئي. انهيءَ جو نالو هن وقت ياد نه ٿو پوي. مون سنڌيءَ جي تعليم به هندو عالمن کان ورتي هئي، مگر انهن جا نالا به ياد نه ٿا پون، ڇو جو 40 سالن جو عرصو گذري چڪو آهي. ساڳي نموني اهو به وسري ويو ته ڪيترو وقت “سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي’’ سان وابسته رهيم، اهو عرصو به ستن سالن کان گهٽ ڪونه هوندو. اوهان جي مدد ڪرڻ لاءِ ته من ماندو آهي، ليڪن ڇا ڪريان ٻاهتر کي اچي پهتو آهيان، ۽ ياد گيري به ساٿ ڇڏي ويئي آهي.
نيڪ تمنائن سان اوهانجو پُرخلوص

سي. ڊبليو. هسڪل

پرڏيهي عالمن جا خط (03 ڊسمبر 1979)

آر. اي. ڪارسن

آر. اي. ڪارسن 1913 ع ۾ آشبرٽن، نيوزلينڊ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان وٺي “ڪينٽبري ڪاليج ۾ داخل ٿيو، جتان ايم. اي ڪيائين. ان کانپوءِ “اينجليڪن بورڊ آف ٿيولاجيڪل اسٽڊيز’’ نيوزيلينڊ مان “لائيسنشيئيٽ آف ٿيولاجي’’ ۾  ڊپلوما ڪيائين. آر. اي. ڪارسن 1940 ع ۾ ڪراچي آيو. ٻه سال هڪ ٽيوٽر رکي سنڌي ٻولي سکيائين. هي صاحب “چرچ مشنري سوسائٽي’’ سان وابسته هو، ۽ ڪيترا سال ٻين حيثيتن سان گڏ “ سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي’’ جو سيڪريٽري ٿي رهيو. “چرچ مشن پريس’’ جي سنڀاليندڙ جي حيثيت سان، هن سوسائٽيءَ پاران ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايا. هن سنڌيءَ ۾ “خدا جو ڪٽنب’’ ڪتاب لکيو، جيڪو “سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي’’ طرفان شايع ٿيو هو. هي صاحب 1957 ع تائين سنڌ ۾ رهيو، هن وقت نيوزيلينڊ ۾ رهي ٿو.  مون جڏهن “ڪراچي ضلعي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقي ۾ حصو’’ جي موضوع تي پي. ايڇ. ڊي لاءِ کوجنا شروع ڪئي ته ڪراچي ضلعي جي اشاعتي ادارن جي سلسلي ۾ “ سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي’’ جو به احوال هٿ ڪرڻو پيم. انهي ڪري ڪراچي جي پادرين ۽ آڳاٽن ڪرستانن سان ملڻو پيو. مسٽر ڪارسن جو پٽ ڪرستانن جي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ اُستاد هيو (آهي؟)، جنهن جي وسيلي هن سان رابطو قائم ڪيم، ۽ پنهنجي گهربل معلومات حاصل ڪيم. آر. اي. ڪارسن منهنجي خطن جي جواب ۾ جيڪي ٻه خط لکيا، اهي هيٺ ڏجن ٿا.

(انگريزيءَ ۾)

 

ڪرائسٽ چرچ نيوزيلينڊ، 19 جنوري 1977

مسٽر در محمد پٺاڻ

پيارا سائين: منهنجي فرزند، اوهان جو اهو خط پهچايو اٿم، جنهن ۾ اوهان ڪرستانن جي سنڌي ٻوليءَ لاءِ سر انجام ڏنل خدمتن تي معلومات ڏيڻ لاءِ چيو آهي. مان اوهان ڏانهن اها معلومات ڏياري موڪليان ٿو، جيڪا مون کي ياد آهي، پر انهيءَ معلومات تي نظرثاني ڪرڻ تمام ضروري آهي، ڇو ته منهنجي يادگيري اڄ اها نه رهي آهي. نهايت افسوس اٿم، جو اوهان کي اهو ٻڌائڻ کان قاصر آهيان ته “سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي’’ ڪڏهن ۽ ڪنهن ٺاهي هئي، پر اها پڪ اٿم ته اها منهجن پيش ور چرچ مشن سوسائٽي وارن ڪارڪنن ٺاهي هئي، ۽ اها چڱو وقت اڳ ٺاهي وئي هئي، ڇو ته منهنجي اچڻ وقت هڪ سو ڪتاب چپجي چڪا هئا. هن سوسائٽيءَ جو مقصد هو سنڌ واسين کي عيسائي عقيدي سان مانوس ڪرائڻ.

سمجهان ٿو ته سوسائٽيءَ جو رڪارڊ اڃا ڪراچيءَ ۾ رکيل هوندو. بشپ رڊون توهان جي مدد ڪري سگهي ٿو، يا بشپ اسپينس جو هن وقت رٽائر ٿي چڪو آهي، هو اڄڪلهه سنڌ ۾ آهي ۽ منهنجو پٽ اوهان کي ساڻس ملائي سگهي ٿو.

اوائلي مشينريز مان هڪ سو سال اڳ جرمن ڊاڪٽر ٽرمپ به هڪ هو، جو سنسڪرت ۽ پرشن جو اسڪالر هو. هن سنڌي ٻوليءَ جو گرامر مرتب ڪيو هو، جو ديوناگري خط ۾ هو. مون انهيءَ جي هڪ ڪاپي پراڻي “ڪرسچن مشنري سوسائٽي’’ جي آفيس ۾ ڏٺي هئي، جو شايد اڃا به ڪراچيءَ ۾ ڪٿي ملي وڃي. ڊاڪٽر ٽرمپ، پوءِ “هيڊلبرگ يونيورسٽي’’ ۾ مشرقي ٻولين جو پروفيسر ٿيو هو، مان سمجهان ٿو.

اوائلي مشينريز مان ٻيو، جنهن سنڌي ٻولي ۾ چڱو خاصو ڪم ڪيو، سو هو “انگلش چرچ مشنري سوسائٽي’’  جو پادري شرٽ. ان کان سواءِ ٻئي ٻه هيا: ريڊ مين برادرس، انهن مان هڪ جون ٻه نياڻيون ڪيترو وقت سنڌ ۾ آيون، ۽ ميرپورخاص  ضلعي ۾ سالن جا سال ڪم ڪيائون. هو گهڻو ڪري اڄڪلهه ڀارت ۾ هونديون. رتن آباد جو پادري ٽووي، شايد ڄاڻندو هوندو ته اهي ڪٿي آهن.

انگلستان جي “زناني مشنري سوسائٽي’’ جي ڪن ڪارڪنياڻين به سنڌ ۾ ڪم ڪيو هو، جن مان ڪراچيءَ جي مس برينٽن، ۽ حيدرآباد جون مس پگوٽ ۽ مس وارڊ قابلِ ذڪر آهن. مان غير عيسائي سنڌي مترجمن کي ايترو ڪونه ٿو سڃاڻان، پر هڪڙو ڄڻو ياد اٿم، جنهن بائيبل جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، اهو هو آرمينسن ڪرسچن خاندان جو پونئير مرزا قليچ بيگ، هو پاڻ مسلمان هو، ۽ وڏي ادبي لياقت جو صاحب هو. ڪتابن ڇپرائڻ جو ذمو “بائيبل سوسائٽي’’ تي هوندو هو، ۽ نه “ سنڌ ڪرسچن لٽريچر سوسائٽي’’ کي، ۽ جيڪڏهن اوهان لنڊن جي بائيبل سوسائٽي ڏانهن لکو ته ٿي سگهي ٿو ته اتان اوهان کي وڌيڪ معلومات ملي سگهي. جي مترجم مونکي ياد آهن، اهي آهن: ٽيڪمداس ڀڳتائي ۽ چندو راءِ، جن ٻنهي بائيبل جي ترجمي ڪرڻ ۾ مدد ڪئي هئي. پادري ڀڳتاڻيءَ جو خاندان اڃا ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو ۽ اتان به اوهان کي معلومات ملي سگهي ٿي. اهو ۽ چندو راءِ ٻئي ڄڻا هندو هئا، جنهن کان پوءِ مذهب ڪرسٽ قبول ڪيائون، پويون منهنجي خايال ۾ عامل خاندان مان هو، ۽ هاڻي سنگاپور ۾ ٿو رهي. منهنجي خيال ۾ هو اوهان کي معلومات ڏيڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو. هن جو پتو آهي: 16، ڊچز اوينيو، سينگاپور 10. هي صاحب اڄڪلهه گهر کان ٻاهر آهي، سو انڪري توکي ٿوري انتظار جي زحمت گوارا ڪرڻي پوندي. سي. ڊبليو. هسڪل ترجمي توڙي تصنيف جي معاملي ۾ هڪ چست ماڻهو هو. سوسائٽيءَ طرفان شايع ڪيل ڪيترائي ڪتاب سندس قلمي ڪاوش جو نتيجو آهن. هي اڄڪلهه 7، آئيزلينڊ ويو ٽيريس وئڪاني، نيوزلينڊ ۾ رهي ٿو. مان توهان واري چٺي ڏانهس موڪلي ٿو ڏيان، هن جي يادگيري منهنجي ياد گيريءَ کان وڌيڪ ڀروسي جوڳي آهي،  ۽ هن سنڌي ٻوليءَ ۾ مون کان وڌيڪ ڪم ڪيو آهي. هو مون کان ڏهه سال اڳ سنڌ ۾ آيو هو. هن هڪ سنڌي گرامر به مرتب ڪيو هو. جيتري قدر سنڌي خط جو واسطو آهي، ۽ جيترو مون پڙهيو آهي، تنهن مطابق سنڌي ٻوليءَ جو موجوده عربي خط برٽش آرمي آفيسر جي محنت جو نتيجو هو، ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جي ٻين خطن- ديوناگري، گرمکي، ۽  بنيا خط (جنهن ۾ هو پنهنجو حساب ڪتاب رکندا هئا) کي نئين خط سان مٽائجي. مان، اوهان کي اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو ڄاڻان ته اسان سنڌي ٻوليءَ جي ٻن خطن ۾ ڪتاب شايع ڪرائندا هئاسين- هڪڙو مسلمانن لاءِ ۽ ٻيو هندن لاءَ.

تنهنجو مخلص

 آر. اي. ڪارسن

قلم تازو: مسٽر هسڪل ۽ مان ڪشنسنگهه واسواڻيءَ وٽان سنڌي پڙهي هئي، جنهن جو ڪٽنب عيسائي ٿيو هو، ليڪن وري هندو ٿيو هو. مان آشبرٽن نيوزلينڊ ۾ 1913 ع ۾ ڄائو هوس، ۽ چرچ مشنري سوسائٽيءَ ۾ 1940 کان 1957 تائين ڪم ڪيو اٿم. (انگريزيءَ ۾)

63 بروڪ سائيڊ ٽيريس

ڪرائسٽ چرچ، 5 نيوزيلينڊ

15 فيبروري 1977

پيارا دوست در محمد پٺاڻ

اوهان  جي 3 تاريخ واري خط لاءِ مهرباني. توهان جي سوالن جي موٽ ۾: توهان پڇيو آهي ته مان سنڌي لکي به سگهان ٿو  يا  نه؟ مان سنڌي ٻولي تڏهن سکي هئي، جڏهن 1940 ع ۾ ڪراچي آيو هوس. لڳاتار 1942 ع تائين مون هڪ ٽيوٽر رکيو هو، پاڻ ڄاڻو ته (هڪ غير ماڻهو لاءِ) ڪراچيءَ ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائڻ جي ڪيتري ضرورت آهي. مان رڳو بنيادي سنڌي پڙهي هئي. هتي مون وٽ ڪو سنڌي گرامر ڪونه آهي جو پنهنجي صورتخطي ڀيٽي ڏسان، سو جيڪڏهن مان سنڌي لکندس ته اوهان کي ان ۾ صورتخطيءِ جون اوس ئي غلطيون نظر اينديون- جن کي مهرباني ڪري نظر انداز ڪجو.

منهنجو تعليمي لياقتون: مان آنرز (لاطيني ۽ يوناني) سان گڏ آرٽس ۾ ماسٽر ڊگري رکان ٿو. اها ايم. اي نيوزيلينڊ يونيورسٽيءَ مان ڪئي هيم، ۽ ڪاليجي تعليم “ڪينٽبري ڪاليج’’ مان ورتي هيم. ان کان سواءِ مون  کي“ اينجليڪن بورڊ آف ٿيولاجيڪل اسٽڊيز’’، نيوزيلينڊ طرفان “لائيسنشيئٽ آف ٿيولاجي’’ جو ڊپلوما به مليل آهي. ڇهين تائين ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهيم، ڪاليجي تعليم هتان “ڪينٽبري ڪاليج مان ورتم ۽ ٿيولاجيءَ جي تعليم به هتي “ڪاليج هائوس’’ مان حاصل ڪيم. آءُ ڪيترا سال ٻين حيثيتن سان گڏ، “سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي’’ جو سيڪريٽري ٿي رهيس. “چرچ مشن پريس’’ جي سنڀاليندڙ جي حيثيت ۾، مون سوسائٽي پاران ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايا ۽ انهن جي ورهائڻ ۾ مدد ڪئي.

هن وقت مون کي چڱيءَ طرح ڳالهيون ياد نٿيون پون، شايد ئي مون ڪو سنڌيءَ ۾ ڪتاب ترجمو ڪيو هجي. “خدا جو ڪٽنب’’ ڪتاب مون ئي لکيو هو، جنهن تي نظر ثاني پادري ڀڳتائي ڪئي هئي.

 “چرچ مشنري سوسائٽي’’  ۾ اچڻ کان اڳ مان ٽن سالن تائين “ائنگليڪن چرچ’’ ۾ پريئيسٽ هوس. مان پنهنجي خاندان جو پهريون واحد فرد آهيان، جنهن “ چرچ مشنري سوسائٽي’’ ۾ شرڪت ڪئي. آءُ فيبروري 1940 ع ۾ ڪراچي آيو هوس، ۽ ڊسمبر 1957 ع ۾ نيوزيلينڊ واپس وريو هوس. اوهان ڏانهن پنهنجي فوٽو موڪلڻ جي ڪوشش ڪندس. مسٽر هسڪل منهنجي خط پهچ ڏني آهي. صحيح معلومات ڏيڻ لاءِ هي مناسب ۽ لائق شخص آهي. هن جو پتو آهي:

7، آئزلينڊ ويو ٽيريس وئڪانئي، نيوزلينڊ

(مسٽر ڪارسن جي سنڌي، جا خط جي  آخر ۾ ڏنل آهي)

سلامن ۽ دعائن کان پوي (پوءِ) عرض آهي ته مون کي گهڻو وقط (وقت) ٿي ويو آهي ته آءُ سنڌي نٿو ڳالهايان. تنهن ڪري گهڻو ڪري وسري ويو آهيان. پر منهنجو خيال آهي ته انهيءَ کان اوهين سمجهي سگهندا ته سنڌي ضبان (زبان) مون کي ڪيستاءِ اچي ٿي.

آر. اي. ڪارسن


 

پرڏيهي عالمن جا خط (17 ڊسمبر 1979)

ڪماري پوپٽي هيراننداڻي

ڪماري پوپٽي رامچند هيراننداڻي 17، سيپٽمبر 1924 ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائي. بنارس يونيورسٽيءَ مان بي. اي ڪرڻ کان پوءِ تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪيائين. هن وقت “ڪي. سي ڪاليج’’ بمبئي ۾ سنڌي جي پروفيسر آهي.

پوپٽي هيراننداڻي هند، سنڌ ۽ دنيا جو ڪيترائي دفعا سير ڪيو آهي. سندس شمار ڀارت جي پهرين صفحي جي ليکڪائن ۾ ٿئي ٿو. پاڻ شاعره، ايڊيٽر، مضمون نگار، افسانه نگار ۽ ناول نويس آهي. کيس ڪيترين ئي علمي توڙي ادبي جماعتن ۾ مختلف عهدن تي ڪم ڪرڻ جو موقعو پئي مليو آهي. هن وقت جن ادارن، جماعتن ۽ سوسائٽين سان وابسته آهي، تن ۾ “ساھتيه اڪيڊمي’’ (صلاحڪار بورڊ جي ميمبر)، “سنڌي ساهت منڊل’’  (صدر)، “آل انڊيا سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا’’ (جنرل سيڪريٽري)، “يونيورسٽي آف بامي’’ (بورڊ آف اسٽڊيز جي مميبر) جا نالا قابل ذڪر آهن.

هن ٻولي، علم ادب ۽ قوم لاءِ جو ڪجهه ڪيو آهي، انجو مختصر خاڪو سندس ئي خطن ۾ نظر ايندو.

 

 

24، ڊسمبر 1975 ع

پيارا ڀاءُ دعا سلام

جسونت ڪمار معرفت پتو پيو ته اوهين مادر زبان جي خدمت ڪندڙن بابت ڪجهه احوال ڄاڻڻ چاهيو ٿا. پهرين شري ڪيرت جو احوال ڏيان ٿي:

پتو:  41/3، آدرش نگر، ورلي، بمبئي-25

ڪيرت ٻاٻاڻي- جنم نوابشاه- ننڍي هوندي اسٽوڊنٽس تحريڪ ۾ سرگرم  بهرو  وٺندڙ- سوڀي گيانچندڻيءَ جو شيش ۽ دوست- ترقي پسند ليکڪ- هن وقت “آل انڊيا سنڌي ٻولي ساهيته سڀا’’ جو  پريزيڊنٽ- جنهن ۾ 78 سنٿائون شامل آهن- ۽ جنهنجي سرپرستيءَ هيٺ آل انڊيا سطح تي ناٽڪ چٽاڀيٽيون، تعليمي ڪانفرنسون ۽ ليکڪ سيمينار ٿيندا رهندا آهن. “سنڌو ڌارا’’ اخبار جو ايڊيٽر پڻ آهي- سندس ڪتاب ڇپيل:-

(1)  “هوءَ’’ (آکاڻيون) (2) “درد جو دل ۾ سمائجي نه سگهيو’’ (آکاڻيون) (3) “سوريءَ سڏ ڪيو’’  (ناٽڪ) (4) “ساهت ۾ قدرن جو سوال’’ (تنقيدي مضمون)

هتي سنڌي ٻولي کي بچائيندڙن جو روح روان آهي.

پوپٽي رامچند هيراننداڻي:- جنم حيدرآباد سنڌ ۾ - هن وقت ڪي- سي ڪاليج ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ جي سرڪرده- “آل انڊيا سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا’’ جي جنرل سيڪريٽري- پريزيڊنٽ “سنڌي ساهت منڊل’’، بمبئي- “ساهت اڪاڊمي’’ دهلي جي “ائڊوائيزري بورڊ ’’ جي ميمبر. سندس ڇپيل ڪتاب:-

آکاڻين جا مجموعا

(1)               “ رنگين زماني جون غمگين ڪهاڻيون’’ (2) “پڪار’’ (3) “ڪلي گلاب جي، ساغر شراب جو’’ (4) “مون توکي پيار ڪيو’’ (5) “خزان جو دور پورو ٿيو’’- (هيل تائين سترکن ڪهاڻيون ڇپيل)

ناول                 

(1)               “منجو’’ (2) “ حسرتن جي تربت’’ (3) “ جيءَ ۾ جهوري تن ۾ تات’’

مضمونن جا ڳٽڪا

(1)               “هڪ پشپ پنڌرهن پنکڙيون’’ (سوراشٽر يونيورسٽيءَ پاران بي. اي ڪلاس تي رکيل) (2) “چرن چڻڪن چت ۾’’ (پوني يونيورسٽيءَ طرفان بي. اي آنرس لاءَ رکيل) (3) “ڀارت جي استري’’ (پوني يونيورسٽيءَ پاران بي. اي ڪلاس تي رکيل) (4) “ڀاشا شاستر’’ (Philology)  (ايم لاءِ، بمبئي پوني ۽ گجرات يونيورسٽيءَ پاران رکيل)   (5) “زنده سا قوم رهندي’’ (سياست تي) (6) “سنڌي ساهت جي جهلڪ’’ (7) “روح سندي رڃ’’ (ادب لطيف) (8) “وويڪانند جي جيوني’’ (سوانح) (9) “شريمد ڀاڳوت’’ (مذهبي) (10) “ڪير’’ (سوانح) (11) “مان ڇا آهيان’’ (ويدانت).

ائين ڪل 19 ڪتاب ڇپيل اٿم، انهن ۾ مضمونن مان 10،9،8 نمبر ترجمو ڪيل ڪتاب آهن، باقي ٻيا سڀ اصلي ڪتاب لکيل آهن. هتي هند ۾ اچڻ بعد سنڌي ۽ سنڌيت سان ڇا ڇا وهيو واپريو آهي، سچ پچ ڪير ڪير ساهت پيا پئدا ڪن، خير کپيو ته مون کان سواءِ ٻيو ڪو ٺيڪ طرح ٻڌائي نه سهگندو. ائين ته مٿاڇري تي ڪئين ڪک تري آيا آهن، جي پري کان اڻ ڄاڻائي جهلڪ ۾ سونهري پيا ڀاسن! خير ادا، هرڪو پنهنجو نباهي. ساڻيهه جي ساٿين لاءِ سلام!

پوپٽي هيراننداڻي

51 سنگيتا بلڊنگ، ٽيليفون ڀون پٺيان ڪولابا، بمبئي 5

 

 

51، سنگيتا بلڊنگ، ٽيليفون ڀون پٺيان بمبئي

25، فيبروري 1976 ع

پيارا ڀاءُ دعا سلام

اوهانجو خط مليو. اوهانجي فارم کي اسان هتي سائڪلو اسٽائيل ڪرائي، پنجاه- سٺ ساهتڪارن، ايڊيٽرن، ۽ سنٿا هلائيندڙن ڏانهن پوست ڪري ڏياري موڪليو آهي. انهن کي عرض ڪيل آهي ته انهن مان هڪ هڪ اوهان ڏانهن جدا جدا پنهنجي سر تفصيل ڏياري موڪلي. جسونت ڪمار ۽ مان ساڳي سنٿا جا سيڪريٽري، ۽ جنرل سيڪريٽري (مان جنرل سيڪريٽري) آهيون، انڪري ڪم سانگي گڏجڻ پيو ٿيندو آهي. اوهانکي تسلي ڏيان ٿي ته اوهانجو ڪم وسريو ناهي، ياد آهي. اوهانجي خط بابت خبر ڪيرت ٻاٻاڻيءَ کي پئي ته هن به اوهانجو خط ڪڍي ڏيکاريو. ٻاٻاڻي صاحب اسانجي سڀا جو پريزيڊنٽ آهي. ٻاٻاڻي ۽ مان روزانو هڪ آفيس ۾ ٽي ڪلاڪ گڏجي، سنڌي ۽ سنڌين لاءِ ڪم ڪندا آهيون. انڪري جدا جدا خطن لکڻ جي ضرورت ناهي. ٻاٻاڻي کي لکو يا مونکي يا جسونت کي، ڳالهه ساڳي آهي.

اوهين ٻي ڪا خبر چار ڏيو. تازو منهنجا ٽي ڪتاب ڇپيا آهن: ٻه مضمونن جا ۽ هڪ ڪهاڻين جو ڳٽڪو. هڪ مضمونن جو ڪتاب ۽ هڪ ڪهاڻين جو ڪتاب تيار رکيا آهن، ڏينهن ٻن ۾ پريس ۾ ويندا. اتي جي خبر چار ڏيو. ڪهڙا ڪتاب پيا ڇپجن؟ اوهانکي ڪهڙا ڪتاب پسند آيا آهن؟ تازو اسان “سنڌو ڌارا’’ نالي هفتيوار اخبار چالو ڪئي آهي، جنهنجي ايڊيٽر مان آهيان. ان ۾ جسونت جي ڏنل اوهانجي ننڍي ڪوتا ڇپيسين. مان اوهان ڏانهن پنهنجون ڪوتائون (شعر) موڪليان ته ڇپائيندا؟ نئين ڪوتا جي طرز تي لکيل آهن. اوهانجو يا اوهانجا پيارا ليکڪ ڪهڙا آهن؟ هڪ لعل جوڻيجو خيرپور نواسي هو انکي سڃاڻو؟ ڪهڙن ليکڪن سان واقفيت اٿو؟ خبر ڏيو.

پوپٽي هيراننداڻي

 

پرڏيهي عالمن جا خط (18 ڊسمبر 1980)

ڊاڪٽر ايم. آر مائيداساڻي

ميلهارام رنگو مل مائيداساڻي 13، آڪٽوبر 1911 ع تي 1 بجي ، تعلقي نوشهرو فيروز، ضلعي نواب شاھ ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول ۾ وٺڻ کان پوءِ انگريزي تعليم لاءِ “اي. وي اسڪول مٺياڻي’’ ۾ داخل ٿيو. ليڪن تعليم جي پورائي ڪرڻ لاءِ کيس “اين. ايڇ ائڪيڊمي” حيدرآباد، “ڪوڙو مل چندن مل ائڪيڊمي’’ ڀريا، ۽ “هاءِ اسڪول’’ ٺارو شاھ ۾ به پڙهڻو پيو. ان کان پوءِ ميڊيڪل ايڊيوڪيشن وري “ميڊيڪل اسڪول’’ حيدرآباد مان ورتائين.

هن صاحب طالب العلميءَ جي زماني ۾ ادبي دنيا ۾ قدم رکيو. سندس رچنائون پهريون پهريون “حيدرآباد گزيٽ’’، ۽ “ميڊيڪل اسڪول’’ جي مخزن “محبت’’ ۾ شايع ٿيون. ميڊيڪل اسڪول کي ڇڏڻ کان پوءِ صحافت جي دنيا وسايائين. 1936 ع ۾ “حيدرآباد گزيٽ’’ جو سب ايڊيٽر ۽ ان سان گڏ ڪراچيءَ جي “سنسار سماچار’’ جو خاطو ٿيو. 1937 ع ۾ جڏهن حيدرآباد مان “ڊيلي گزيٽ’’ جاري ٿي ته ان جو ايڊيٽر ٿيو. 1938 ع  ۾ ڪراچيءَ مان ورزانه “سنسار پتريڪ’’ ڪڍيائين، جيڪا ٿوري عرصي کان پوءِ بند ڪرڻي پيس. پوءِ وري هفتيوار “هندستان’’ جاري ڪيائين. 1939 ع ۾ “قرباني’’ ڪراچي، ۽ 1940 ع ۾ “سنسار سماچار’’ ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪيائين. 1943 ع  ۾ حيدرآباد مان (جڳت آڏواڻي وارو) “ڪهاڻي’’ رسالو جاري ڪيائين، جيڪو 1947 ع تائين جاري رهيو. انهي عرصي دوران ڪيترائي مهينا روزاني “ديش متر’’ اخبار به هلائيندو رهيو.

هن صاحب شاعر، ايڊيٽر، ليکڪ، پرنٽر، پبلشر ۽ مترجم جي حيثيت سان سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي خدمت ڪئي آهي. سندس لکيل ڪتابن جو وچور هن ريت ٿئي ٿو:

“ڪانگريس گولڊن جوبلي بڪ’’ (1935)، “بغاوت’’ (ناول ترجمو 1943)، “ماتا ڪستورا’’ (1943)، “سج ٻه پاڇا’’ (ناول 1944) “ارملا’’ (ترجمو ناول 1945)، “بکايل’’ (ترجمو ڪهاڻيون 1945)، “خوشبوءِ’’ (ترجمو ٿيل ڪهاڻيون 1944)، “مائيداساڻيءَ جون آکاڻيون’’ (1945)، “ڪلنگيڌر مهراج’’ (سوانح 1945)، “سوامي ديانند’’ (1945)، “ننڍي ڀيڻ’’ (ترجمو ناول 1945)، “نبتاجي’’ (1946)، “راجسٿان’’ (ترجمو ناٽڪ 1945)، “ ٻُچي رمضان’’ (ڪهاڻيون ترجمو 1946)، “ ست سورما’’ (1946)، “مظلوم سنڌ’’ (سياست ۽ تاريخ 1947).

ڊاڪٽر ايم. آر مائيداساڻي ڀارت لڏي وڃڻ کان پوءِ سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي جيڪا خدمت ڪئي آهي، انهيءَ جي جهلڪ سندس خطن مان نظر ايندي.

ڀيڻ پوپٽي هيراننداڻي منهنجي علمي مدد ڪرڻ لاءِ ڀارت ۾ مختلف عالمن، اديبن، شاعرن، ايڊيٽرن ۽ پبلشرن ڏانهن سوالناما موڪليا هئا. ڊاڪٽر ايم. آر مائيداساڻي انهي تحرڪ جي موٽ ۾ مون سان رابطو قائم ڪيو، ۽ ائين اسان ٻنهي جي وچ ۾ خط و ڪتابت ٿي . هن هيٺ سندس لکيل خط هيٺ ڏجن ٿا:

ناگپور، 28 اپريل 1976 ع

سدا شال خوش هجو

پريه متر مسٽر در محمد صاحب

ٿورا ڏينهن اڳ، بمبئي مان، ڪماري پوپٽي هيراننداڻي وٽان هڪ سوالنامو ۽ تنهن سان گڏ هڪ چٺي (Forwarding letter)  آئي آهي. توهان سنڌي سڄڻن، اسان ڀارت ۾ رهندڙ سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن کي ڪونه وساريو آهي. توهان جي ان قرب لاءِ مان ڪهڙن اکرن ۾ تعريف ڪريان. مطلب جي ڳالهه تي اچان: سوالنامو، ڪوشش ڪري سمورو ضرورت موجب ڀريو اٿم. فوٽي لاءِ معذرت ظاهر ڪئي اٿم،  جا حقيقت آهي. ڪتابن جي ڇپائڻ جا سال ٺيڪ طرح ياد ڪونه اٿم. ڇاڪاڻ ته مون وٽ انهن جي فقط هڪ ڪاپي به ڪونهي. ان هوندي به پروفيسر منگهارام اڌارام ملڪاڻيءَ جي ڪتاب “سنڌي نثر جي تاريخ’’ ۾  ضرور لکيل هوندا. اهو ڪتاب ته توهان وٽ موجود هوندو.

زياده خير. دعا سلام سڀني سڃاتل خواه اڻ سڃاتل سنڌي ساهتيڪارن ۽ ٻين لاءِ.

توهان جو خير خواھ

ايم. آر مائيداساڻي

سدا شال باغ بهار هجو

 

ناگپور، 4 جون 1976 ع

پريه متر جناب در محمد صاحب

مون توهان کي سوالنامو ڀري موڪليو، تنهن کان پوءِ مون کي دل جي تڪليف ٿي ۽ 8 مئي کان 15 مئي تائين “ميئو اسپتال’’ ۾ انڊور پيشنٽ طور ڀرتي ٿيو هوس. پورو هفتو اسپتال ۾ رهيس، مگر خاص فائدو ڪونه ٿيو، ڇاڪاڻ ته نه پوري تپاس ٿَي ٿِي ۽ نه پورو علاج. ائين ته 16 سالن کان هاءِ بلڊ پريشر ۽ دل جي تڪليف اٿم، سو دوائون ته هڪيون تڪيون رکيون هونديون آهن. ڪڏهن ڪاگوري يا ڪڏهن ڪا هڪ دوست جي آيرويدڪ دوا وٺندو رهندو آهيان. بدقسمتيءَ سان ڪٽنب ٻن اڌن ۾ (اڃا به ٽن حصن ۾) وراهجي ويو آهي. سنڌ ۾ هئاسين ته گهر هڪ هنڌ هوندو هو. هتي ناگپور ۾ مان اڪيلو ۽ منهنجي وچئين ڀاءُ جا ٻار آهيون. منهنجي زال، پٽ، ننهن ۽ سندن پنج ٻار دهليءَ جي هڪ نگر ۾، منهنجو ننڍو ڀاءُ ٻارن سميت ٻئي نگر (دهليءَ ۾) ۾ رهندا آهن. سوا ٽن سالن کان مون پنهنجي اسپتال بند ڪري ڇڏي آهي. گهر ۾ دوائون رکيون اٿم. ڇٺ- ڇهه ماهين ڪو مريض ايندو آهي ته انڪار ڪري نه سگهندو آهيانس. اجهو هن هفتي مان ٻن ميلن تان شهر مان (جنهن علائقي ۾ منهنجي اسپتال هئي) ٽن مريضن کي سيون به هڻي آيس ۽ دوائون به ڏيڻ آيس، پر سڀ اوڌر تي. منهنجا پريمي گراهڪ مون سان حجائتا هئا. اوڌر گهڻي هلندي هئي، جڏهن اپراسو گهٽ هو. ڪو الله لڳ ڪونه ڏيندو هو سان، پر ڪاساين وانگر ڪهندڙ ڊاڪٽرن وارو منهنجو ڪٺور هردو ڪونه هو. تنهنڪري مون ڪو محل ته ٺهيو، پر جهوپڙي به ڪونه اڏي. ها! وري به لک شڪرانا سائين جا، جو منهنجي ڀائٽين جي بازن ۾ برڪت وڌي اٿس، ۽ هنن مڙسي ڪري مٿي لڪائڻ جيترو اجهو هٿ ڪيو آهي. سو نه ته آسمان ڇت ۽ پراين جاين جون ڀتيون منهنجي رهڻ جو آستان آهي. هڪ سال ٿيو آهي جو مسواڙيءَ مان مالڪ مڪان بڻيا آهيون. خير ڳالهه ٻي هئي. توهان جو  ڪارڊ 14 مئي وارو 25 مئي تي مليو هو. هن وقت هتي وئل جي گرمي ۽ تپت آهي، سو ڪجهه لکي نه سگهيس. هاڻي چوماسو ويجهو آهي. بعضي بادل ۽ بعضي ڪو وسڪارو ٿئي ٿو. شاه صاحب جي بيت وانگر اڃا: “ اڄ به منهنجي يار وسڻ جا ويس ڪيا’’ ڪو نه ٿيو آهي (جيئن سر سارنگ ۾ سهڻي شاعر چيو هو). سنڌ جون ڳالهيون ٻيون هيون. هتي ٻيون آهن. سنڌ ۾ مون جهونن رسالن- “سندر ساهيته’’، “رتن’’، “آشا’’، “ڀارت جيون’’ کي شهه ڏئي پنهنجي “ڪهاڻي’’ رسالي کي اڳرو بڻايو هو. هتي ناگپور ۾ نه ڪو ساهتڪار آهي ۽ ساهتيڪ کيتر، بٺ ملڪ آهي. بمبئي ساهيته ۽ ساهتيڪارن لاءِ ڀلي زمين. ٻج پيو ناهي ۽ سلو نڪتو ناهي. پوءِ ان جا به انبار ۽ ميون جا به ٽوڪرا ميڙي ٿا وڃن. پڙهندڙ به ججها ۽ اشتهار به جام. ان  ڪارڻ ته ويچارو بولچند راجپال (سر ڳواسي) آگري، دهلي ۽ انت ۾ احمد آباد ۾ خاڪ ڇاڻي راھ رباني وٺي ويو ، مگر هن جو سنڌ وارو ناميارو “سنڌو’’ رسالو زور وٺي ڪونه سگهيو. هن جي احمد آباد مان جاري ڪيل “سنڌو’’ ۾ منهنجو هڪ لنبو ليک “سنڌي ساهتيڪارن سان منهنجي واقفيت’’، قسطن ۾ ڇپيو هو. مگر آخري قسط جنهن ۾ پرنسپال لعل سنگهه اجواڻي، ڪيرت، اتم، گوبند، موهن ڪلپنا، سڳن، ڪرشن راهي، سندري اتم چنداڻي، موتي پرڪاش، ۽ ڪلان پرڪاش، پوپٽي هيراننداڻي وغيره اچي ٿي ويا، سو پريس ۾ ئي هو ته ملڪ الموت هن (بولچند راجپال) کي لقمو بڻائي ڇڏيو. ليک جو به ساڳيو حال ٿيو. ڪيڏانهن ويو اهو مسودو تنهنجي خبر خاوند کي. سنڌ ۾ اسان جن شروعات کان وٺي نڪتل ڪتابن ۽ اخبارن جو جملي خزانو اڄ به سنڌ جي . Oriental Translator of the  Sind Govt. وٽ موجود هوندو. اتان توهان کي جيڪو خزانو ملندو، سو پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جو ڪتاب “سنڌي نثر جي تواريخ’’ به ڪونه ڏئي سگهندو.

مان اڃا ننڍو هوس، جڏهن ڪراچيءَ مان مهراج تيجو رام روچيرام شرما جو “سنساتن ڌرم’’ رسالو ۽ ڪتاب نڪرندا هئا. ساڳئي وقت سکر  مان “هر سينگهه سنس’’ ۽ شڪارپور مان “پوڪرداس ائنڊ سنس’’ خواھ ٻيا پرڪاشڪ ڪتاب ڪڍندا هئا. ڄيٺمل پرسرام جي بلئوٽسڪي پريس به انيڪ ننڍا وڏا پستڪ ڇپي ظاهر ڪيا. ڀائينڊ پريس (شاهي بازار) مان سردار سمير سنگهه جو “سک ٽرئڪٽ’’ ۽ ساڳئي وقت حيدرآباد ۽  پوءِ ڪراچيءَ مان ميلهارام واسواڻي جو “سندر ساهتيه’’ ڪافي وڏي انداز ۾ ڪتاب ڪڍي سگهيا. حيدرآباد جي قلعي ڀرسان هوش محمد جي قبر ڀرسان جوتشي ٺاڪر داس جي پريس مان به ڪيترائي ناول نڪتا، جهڙوڪ “راجا ڏاهرسين’’. مکڪي گهٽيءَ ۾ به هڪ پبلشر هو. اڀرندي ڪچي ۾ (کاهي روڊ جي ڇيڙي وٽ- دومڻ واھ جي مٿان) هري سندر جو “ڪوڙومل ساهتيه مندل’’ ڪتاب ڪڍڻ ۾ ڪنهن کان به پوئتي ڪونه هو. ٻيا به ڪيترائي پبلشر هئا. سکر چاهي حيدرآباد ۽ ڪراچي مان جاسوسي ناول (“چندر ڪانتا’’، “ممتاز دمساز’’ ۽ “چار يار’’ وغيره) به جام نڪتا هئا. اسان جو محترم دوست عثمان ڏيپلائي به گهڻو پوءِ ميدان ۾ آيو. پرمانند ميوا رام، خانچند درياني، ليلا رام ٺارومل ماکيجاڻي، ڌرمداس ميرچندراڻي، “گرسنگت’’ جي ماستر مينگهراج آڏواڻي ۽ ڪرمچند کان سواءِ ٻين به ڪيترن پنهنجي طرفان ڪتاب ڪڍي ڇپايا هئا. ليکراج “عزيز’’ به پوئتي ڪونه پيو هو. خود “اين. ايڇ. ائڪڊميءَ (حيدرآباد) جي سامهون جيڪا نئشنل پريس هئي، تنهن مان به ڪيترا شايع ٿيا. هڪ نوجوان ڀڳوان تولاڻيءَ به ڪيترا ڪتاب ڇپايا هئا، ۽ پڻ ٻيو نوجوان هو موهن پنجابي، جنهن به ڪي ڪتاب ڪڍيا. “حيدرآباد گزيٽ’’ جي ايڊيٽر ۽ مالڪ دليپ سنگهه چتر سنگهه ماڻڪاڻيءَ جي نه رڳو “حيدرآباد گزيٽ’’ يا “ صوفي ڪلام’’ اخبارون نڪرنديون هيون، پر ڪجهه وقت هڪ رسالو “محبت’’ نالي به ڪڍيو هئائين. ڪيترا ڪتاب به ڇپيا هئائين. اتر سنڌ جي مشهور شاعر لطف الله “جوڳي’’ رويندر ناٿ ٽاگور جي گيتا نجلي سنڌيءَ ۾ سڀ کان اڳ ڪڍي ظاهر ڪئي هئي. ان بعد ڪراچيءَ جي “رتن’’ رسالي وارن پروفيسر ايم. يو ملڪاڻيءَ جو نثراڻي نظم ۾ ترجمو ڪيل “گيتا نجلي’’ ڇپيو ۽ هاڻي هتي بمبئي جي “سنڌي ٽائيمس’’ وارن گوبند رام سلامتراءِ رائسنگهاڻي “سائل’’ جو “گيتا نجلي’’ جو نظم ۾ ترجمو ڇپيو آهي. حيدرآباد مان جشنمل جوتشيءَ جو  جوتش تي لکيل ڪتاب “ڪوڙيمل منڊل’’ وارن ڇپايو هو.

توهان کي ته سنڌ جي ليکڪن ۽ ساهتيڪارن ، اخبار نويسن ۽ بلشرن خواھ پريس وارن جو ذخيرو کپي. مان ڪن ٿورن جو مختصر اجوال ڏيان ٿو:

منهنجي ڳوٺ “ابجي’’ ۾ ٻه شاعر هئا، جن جا نظم جا ڪتاب “نئشنل پريس،’’ حيدرآباد مان ڇپيا هئا. هڪ منهنجي بزرگ سوٽ گاگنداس گهنشيامداس مائيداساڻيءَ بتخلص “نهوڙيل’’ جو ڪتاب هو. هو صاحب سنجهوري ۾ سپروائيزنگ تپيدار هو. شعر بحر وزن تي پورو ۽ مائيدار هوس. هن جي شعر جا ٻه يا ٽي دستخط ڪتاب موجود هئا، جي سندس ناٺيءَ وٽان ڪو پوني جو صاحب وٺي ويو ته ڇپائيندس. مگر نه ڇپايائين ۽ نه واپس ڪيائين. ٻيو ڪتاب هو “ڄيٺمل جو ڪلام’’ “ننڍي ابجي’’ جو ڀڳت ڄيٺانند به حيدرآباد جي مشهور سيٺ وشنداس مانجهوءَ واري وانگر (جنهن جو “ڦليليءَ’’ تي سندس جيئري ميلو لڳندو هو) هر سال ميلو لڳائيندو هو. هو گلاب داسي هو. اهو ميلو ڀڳت صاحب باغ اندر لڳندو هو. هونءَ ته گلاب داسين جي درٻار “ابجيءَ’’ جي ويجهو “سونهن’’ ۾  هئي، جتي پڻ هر سال ميلو لڳندو هو. حيدرآباد جي “سک ٽرئڪٽ’’ وارن مهراج هوند راج شرما جا به ڪي ڪتاب (ترجمو ٿيل) ڇپايا هئا. خود “سنسار سماچار’’ اخبار وارن به “خوني سماج’’ ۽ ٻيا ڪتاب (اول “سنسار سماچار’’ ۾ قسطن ۾ ڇپي) ڪڍيا هئا. مشهور ڪتاب “بندي جيون’’ جو صحيح معنيٰ ۾ ترجمان ٺاڪرداس اگناڻي مالڪ “سنسار سماچار’’ هو، پر هن ڪتاب تي نالو پنهنجي سوٽ ريجهومل اگناڻيءَ جو ڏنو هئائين.

حيدرآباد جي ڇوٽڪي گهٽي خواھ مولي ٻٻر واري گهٽيءَ جي پريسن جي مالڪ چيتن ديو ورما “يمراج’’ به ڪئين ڪتاب لکيا ۽ ڇپايا هئا. ڪجهه هن جي “آرين’’ پريس مان ڇپيا هئا. اها پريس تلڪ چاڙهي تي هئي. پوءِ کيساڻي بلڊنگ جي ڀرسان آئي، ۽ پاڪستان ٿيڻ بعد “مهراڻ’’ وارن جي هٿن ۾ آئي هئي.

پنهنجي باري ۾ ڇا چوان؟ ڪراچيءَ ۾ “الوحيد’’ جي ايڊيٽر مولوي دين محمد “وفائي’’ ۽ مئنيجر دين محمد “عليگ’’ سان السلام عليڪم جو رسنو هو. هنن وٽ هڪ سب ايڊيٽر ڌڻي بخش هو تنهن سان ته چرچي ڀوڳ جو به رستو هو. جڏهن ”آزاد’’ اخبار نڪتي ته ٻوڏ سبب اخبار جو ايڊيٽر مولوي عبدالڪريم چشتي وقت سر پهچي نه سگهيو. پهرين پرچي جو ايڊيٽوريل وغيره مونکي لکڻو پيو، جيتوڻيڪ مان مئنيجر هوس ۽ قيمت ڇڳاڻي جنرل مئنيجر ٻه ٻيا ساٿي ڪم ڪندڙ سب ايڊيٽر هئا: گوبند ڀاٽيا (جو هن وقت ڪلياڻ، بمبئي ۾ وڪيل آهي) ۽ ٻيو مولائي شيدائي، هو ٻئي صاحب روزاني اخبار ۾ بلڪل نوان هئا. جڏهن قيمت ڇڳاڻيءَ اخبار جي مالڪ خانبهادر الله بخش سان غداري ڪري پريس ۾ اندر پير الاهي بخش ۽ خانبهادر کهڙي وغيره سان منصوبو پئي سٽيو ته ڪيئن خانبهادر الله بخش کي عهدي تان موقوف ڪرائجي يا اسيمبليءَ ۾ کيس شڪست ڏجي تڏهن مون پنهنجو فرض سمجهي وڃي خانبهادر الله بخش کي سموري تحقيقات ڏني، مگر هو هڪ ڪمزور انسان هو، سو انجام ڪري به ته توکي انصاف پلئه وجهندس، تنهن تان ڦري ويو ۽ قيمت جي هٿن ۾ منهنجي قسمت وڌائين ته مان استعيفا ڏئي ويس، خانبهادر جي پئسي سان برپا ٿيل اخبار جا نمڪ کائيندڙ ملازم ئي هن جي ٽنگن کي پٺيان ڇڪي کيس ڪيرائڻ ۾ فخر سان پارٽ ادا ڪندا رهيا،  ۽ اهڙيون حرڪتون هنن کي ڦٻي ويون. مان جڏهن 1943 ع ۾ ڪشمير ويندي لاهور ويو هوس ته “پرتاب’’ اخبار جو هڪ ملازم اوم پرڪاش ٽنڊي جو منهنجو دوست هو، سو  مون کي مشهور ليکڪ، ڪهاڻي نويس، شاعر ۽ اخبار نويس نانڪ چند “ناز’’ وٽ وٺي ويو. ياد رهي ته نانڪ چند “ناز’’ اول’’ پرتاب’’ اخبار جو ايڊيٽر هو. اتان ڪنهن ڪارڻ استعيفا ڏئي وڃي روزاني “ميلاپ’’ جو ايڊيٽر ٿيو، ۽ رڻيبر سان گڏ ڪهاڻيون لکندو هو. وري اتان “وير ڀارت’’ ۾ وڃي ايڊيٽر ٿيو، پر ان ۾ به گهڻو وقت ڪونه رهيو، ۽ ان اخبار جي مينيجرپنڊت درگا پرساد شرما سان گڏجي نئين اڙدو روزاني اخبار “پرڀات’’ ڪڍي هئائين. منهنجي ساڻس پهرين ملاقات “پرڀات’’جي آفيس ۾ ٿي. هن مون کان جيڪو پهريون سوال پڇيو هو، سو هو خانبهادر الله بخش جي باري ۾. مون کيس چيو ته هو ته بي دپو انسان  آهي ۽ اها بي ڊپائي هن جي جان وڃائي ڇڏيندي. مان لاهور مان ڄمون ويس ۽ هڪ رات رهڻ بعد سرينگر ويس. مان ميرا قدل (پهرين پل) وٽ هائوس بوٽ ۾ وڃي لٿس. جيئن ئي ڪچن ۾ ماني کائڻ لاِءِ گهڙيس ته فقط ٻه ياتري ويٺل ڏٺم، جي گورا هئا. ان وقت ريڊيو تان انگريزيءَ ۾ خبر ملي ته اڄ شام جو شڪارپور- سکر روڊ تي ٽانگي ۾ ويندي خانبهادر الله بخش ڪنهن قاتل جي گوليءَ جو شڪار ٿي قتل ٿي ويو. مان حيران ته ڪونه ٿيس پر ڍپ ٿيم ته متان نانڪ چند پنهنجي اخبار ۾ منهنجي ظاهر ڪيل شڪ کي خبر جي صورت ۾ ڇپي.

منهنجي آزاد خيالن سبب ڪيترائي منهنجا دوست به مون مان ناراض هوندا هئا. ڪانگريس جي ميمبر هوندي به  مان خود ضرورت وقت ڪانگريسين يا ڪانگريس جي پاليسيءَ تي ٽيڪا ڪندو هوس، تنهنڪري مان هنن لاءِ اختلافي ماڻهو سمجهيو ويندو هوس. ڊاڪٽر چوئٿرام ۽ جيرامداس دولترام به مون کي پسند ڪونه ڪندا هئا. ٻيو ڪارڻ اهو به هو ته مان سوامي گووندانند جي ڌڙي جو هوس، ۽ جڏهن سنه 1937ع جي اسيمبليءَ جي چونڊن لاءِ ڪانگريس ڪراچي تڪ لاءِ سوامي گووندانند جي بجاءِ رستم خورشيد سڌوا کي ٽڪيٽ ڏني وئي ته سوامي گوندانند کي اهڙو ته صدمون پهتو هو جو هن کي دماغ جو اڌ رنگ ٿي پيو

جڏهن هن جي حالت ڪجهه سڌري هئي، تڌهن مان کيس پنهنجي خرچ تي حيدرآباد، ٽنڊي آدم، شهدادپور، نوابشاه، سکر، روهڙي، پني عاقل، گهوٽڪي، شڪارپور، سلطان ڪوٽ، ميان جي ڳوٺ ۽ جيڪب آباد وٺي وڃڻ بعد ميرپورخاص، ٽنڊي محمد خان، ٽنڊي ڄام ۽ بدين به وٺي ويو هوس. خود سوامي گووندانند به هڪ قابل ليکڪ هو. هن جا به سنڌيءَ ۾ ڪي ڪتاب (دستخط) لکيل آهن: جي مائي پاروتي آڏواڻيءَ وٽ هئا. پتو ناهي ته انهن جو ڇا ٿيو. سنڌ ۾ ڪو وقت هو، جو ٻه فصيح زبان شخص مڃيا ويندا هئا، اڄ ته پرنسپال اجواڻيءَ کي اهميت ملي رهي آهي. پر ان وقت هڪڙو ساڌو واسواڻي هو ۽ ٻيو سوامي گووندانند. سوامي گووندانند جي سنڌي ۾ “ڪيسري” هفتيوار اخبار ۽ انگريزيءَ ۾ “وائيس آف انڊيا’’ هفتيوار اخبارون مشهور هيون.

شڪارپور ۾ پروفيسر ڦيرواڻي ته مشهور ليکڪ هو. پر گهٽ سندس ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر ليلارام ڦيرواڻي به ڪونه هو. هن جو ناٽڪ “هڪڙي رات’’ ڪافي پسند پيو هو.

مان مٿي چئي چڪو آهيان ته سنڌ سرڪار جا مشرقي ٻولين جي مترجمن وٽان توهان کي سموري گهربل ساهتيڪ معلومات ملي ويندي، تنهنڪري هندستان مان جيڪي سڄڻ توهان کي پنهنجو احوال ڏين تنهن  کان سواءِ اتي ئي سولائيءَ سان ان آفيس سان لهه وچڙ ۾ اچي معلومات حاصل ڪريو.

هتي جي منهنجي اشاعتن ۾ “شاھ جو رسالو ۽ ان جا سر’’ اچڻ گهرجن. هي مضمون “هند واسيءَ’’ ۾ قسطن ۾ ڇپيو هو. ان ۾ مون شاھ صاحب جي شعر کي سندس ڪيل سفر جي روشنيءَ ۾ ظاهر ڪيو آهي ته رسالي ۾ ڏنل سر ترتيب سان ڪونه ڏنا ويا آهن. سر ڪلياڻ کان وٺي آخري سر تائين مون پنهنجي سمجهه موجب سمجهايو آهي. آخر ۾ جيڪو سر ڏنو اٿم سو امامن جي عاشورن واري نينڍ جو آهي سفر نامو ته ڀيرومل  مهر چند جي “لطيفي سير’’ جي آڌار تي ڏنو اٿم ۽ ترتيب سان هر هڪ سر ۽ ان جا چونڊ بيت ڏنا اٿم. هڪ بيت جي شاهدي ڏيندي چيو اٿم ته شاھ صاحب لکي پڙهي ڄاڻندو هو، نه ته اهڙو بيت ڪونه لکي ها ته: مس منهنجي هٿ ۾ ڪاغذ ڪين آڻيڻ، لڙڪ لکڻ نه ڏين ڪريو پون قلم تي.’’

هڪ ٻيو ليک، هڪ بيت جي آڌار تي هو: “ جي تو بيت ڀانيا، سي آيتون آهين، نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.’’ مون ان ۾ چيو آهي ته شاھ صاحب ٿو چوي ته قرآن شريف کي بيت به سمجهو، اهو الله جو ڪلام آهي. عام طرح ٻيا ليکڪ چوندا آهن ته شاھ صاح ٿو چوي ته “منهنجي بيتن کي رڳو بيت ڪري نه سمجهه پر اهي آيتون آهن.’’ منهنجو اهو ليک ڪراچيءَ جي “نئين زندگي’’ وارن ڪونه ڇپيو هو، پر پوءِ جڏهن جبلپور جي “نئين زندگي’’ کي موڪليم ته ان جي ايڊيٽر پروفيسر راڌا ڪرشن گرناڻي بروقت ڇپي ظاهر ڪيو. خير! هتي مون گهٽ ۾ گهٽ چاليهه ڪهاڻيون، ڊزن کان مٿي ناٽڪ، هڪ مڪمل (8-9 سئو صفحن جو) ناول لکيا آهن. ناول اڃا ڇپجي ڪونه سگهيو آهي. ليک، ڪهاڻيون، ناٽڪ ۽ شعر ته ڌار ڌار اخبارن ۾ پئي ڇپيا آهن.

شڪارپور جي پروفيسر تاراچند  گاجرا جو نالو ته ٻڌو هوندو. هن جو شڪارپور مان هڪ ماسڪ رسالو نڪرندو هو، جنهن ۾ اٿهاسڪ مضمون هوندا هئا. سندس پٽ ٻلديو گاجرا بمبئي مان “ڀارت واسي’’ هفتيوار اخبار جڏهن ڪڍندو هو تڏهن، هن بي- اي جي سنڌي ڪتابن تي نهايت عمدي تنقيد ڪئي هئي، مگر ليکراج جو زبردست مخالف لکيو ويندو آهي. ليکراج وري “ گل خار’’ ڪتاب ۾ گهڻو ڪري سڀني سنڌي شاعرن تي نڪته چيني ڪئي آهي. هن “بيوس’’ کي به ڪونه ڇڏيو هو. برابر ليکراج هڪ قابل شاعر هو. مگر ٻلديو هن تي خوب جهليو ڪيون هيون. ليکراج جي وري (هيرآباد ۾) هڪ تاراچند روچيرام واڌواڻيءَ سان دشمني هوندي هئي. تاراچند (ڦٽيل) به هڪ شاعر هو ۽ آزاديءَ کان  اڳ وفات ڪري ويو. حيدرآباد ۾ ٻه شخص ساڳي ئي نالي وارا هئا. ڏيارام وسڻ مل ميرچندراڻي، جو ماستر هو. هو به سنڌيءَ جو گوهر هو ۽ صحيح صورتخطي ۽ صحيح وياڪرڻ جي لکڻ تي ڏاڍو زور ڏيندو هو. هن جا به ٻين سان گڏ نثر جي چونڊ ليکڪن جي ليکن جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا هئا. مثال طور “جوهر نٽر’’. ٻيو هو ڏيارام  پرسرام ميرچنداڻي. هو اخبار نويس ۽ ليکڪ هو، هن جا اٿهاسڪ ليک مشهور آهن. خاص ڪري جوڌور ۽ جيسلمير جي درٻارين سان گهاٽي سنٻڌ سبب هو اتي جي اتهاس جو خاص ڄاڻو هو. هن “سنڌ  جا جيسلمير سان ناتا’’ واري ليک ۾ سلاوٽن جو ذڪر ڪيو هو . مون ان ليک لاءِ اضافي مواد (Rejoinder) لکيو هو، جنهن ۾ ڄاڻايو هوم ته حيدرآباد جي “گاھ  مارڪيٽ’’ وارا سلاوٽا جيسلمير جي سلاوٽن جا مائٽ هئا ۽ هندن مان مسلمان ٿيا هئا. ميان گذدر (سنڌ جو سياستدان) به سلاوٽو هو. اجمير ۾ “کاري کوهيءَ’’ ۾ سلاوٽن جو محلو آهي. مگر اجمير ۾ مسلمانن وارا خاص محلا  “کاري کوهي’’، “ڊگهي بازار’’، “نواب ڪا ٻيڙا’’ ، آشا گنج’’، “موچي محله’’، ۽ “تلا بزار’’ ته اڄ خاص سنڌين جا محلا آهن. پر “در گاھ بزار’’ ۽ “دهلي گيٽ’’ ۽ ان جو ٻاهريون حصو به سنڌين جو وسيل هنڌ آهي.

نواب شاھ ۾ دوست پرڀداس برهمچاري ۽ ديپچندر تلو ڪچند به ڪيترائي ڪتاب ڪڍيا هئا. هن اچي اجمير ۾ ٿاڻو ٺڪاڻو ڪيو ۽ اڄ به اتان ڪتاب پيا ڪڍن . “سندر ساهتيه’’ جو ايڊيٽر ميلهارام پاڻ ته ليکڪ ڪونه هو. سندس وڏو ڀاءُ فتح چند لکندو هو. مگر ڇاڪاڻ ته هو سرڪاري ملازم هو (قلعي ۾ “رڪارڊ آفيس’’ ۾ هو) تنهن ڪري پنهنجي ڀاءُ جو نالو ڏيندو هو. اجمير ۾ پريس کولڻ بعد ميلهارام هڪ ڪتاب “سوامي رام ڪرشن جي امبرت ڪٿا) ، هڪ انگريزي ڪتاب تان ترجمو ڪيو هو، جو خوب پرچلت ٿيو. ان ۾ هن ٻولي به سٺي ڪتب آندي آهي. برابر صحيح معنيٰ ۾ ميلهارام ان ڪتاب کان پوءِ ليکڪ سمجڻ گهرجي.

ڪراچيءَ مان پروفيسر نارائڻداس ڀمڀاڻي به ڪي ناول لکي مشهور ٿيو هو. هن “شاھ جون سورميون’’ ڪتاب به لکيو هو. اجمير ۾ اچي فتح چند واسواڻيءَ “مناجات شاھ’’ ڪتاب به ڇپايو هو. جنهن ۾ شاھ جا اهي بيت آهن، جن ۾ خاص بندگيءَ جو ذڪر آهي. بمبئي مان پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي “شاھ جو رسالو’’ شرح سان لکيو، جو “هندستان ڪتاب گهر’’ وارن چپايو هو. تنهن کان سواءِ “شاھ’’، “سچل’’ ۽ “سامي’’ الڳ ننڍا ڪتاب به ڇپايائين. پروفيسر ڀوڄراج ناگراڻي وري “ساميءَ جا سلوڪ’’ ارٿ سان ڇپايا آهن. پر مان سمجهان ٿو ته ٻه يا ٽي ڀاڱا ڪڍيا اٿائين ۽ نه سمورا بيت. ائين ته شاھ جي بيتن ۽ ڪبير جي دوهن کي کڻي سرڳواسي مهراج ديودت شرما ڪيتريون قسطون “هندواسي اخبار’’ ۾ ڏنيون هيون ۽ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش هئي ته شاھ جا ڪيترا بيت ڪبير جي دوهن تان ورتل آهن. سنڌ جي ڪهڙن ليکڪن لاءِ توهان کي احوال يا ذخيرو کپي. سو بلاشڪ لکي موڪليوم، جيتري ڄاڻ هوندم اوترو احوال ڏيندس. مگر 65 ورهين جي عمر ۾ هاڻي حافظو ڪجهه ڪمزور ٿي ويو اٿم. تنهن هوندي به مان پنهنجي خدمتن پيش ڪرڻ لاءِ حاضر آهيان. منهنجون ڪي ڪهاڻيون ۽ ليک ڪراچيءَ جي “نئين زندگي’’ ۽ حيدرآباد جي “روح رهاڻ’’ ۾ ڇپيا هئا. پوءِ ته مخزنون اچڻ بند ٿي ويون. اها به خبر نه پوي ته ڪهڙا محبوب دوست زنده آهن ۽ ڪهڙا رباني راھ وٺي ويا. ڪجهه اتي سنڌ ۾ مصالح گڏ ڪيو ۽ ڪجهه بمبئي وارن کان ڇڪي وٺو ۽ ڪجهه مون کي به معلوم هوندو ته حاضر، پڇا ڪرڻ تي لکي موڪليندس.

ٻيو ڪو مون لاءِ ڪم ڪار هجي ته حاضر آهيان.

هيءَ چٺي اڄ 11، جون جي ختم ٿو ڪريان. هي آخري ٻه صفحا اڄ لکيا اٿم. ڪوشش ڪندي لفافي ۾ چٺي وجهي سڀاڻي ٽپال ۾ موڪليندس سومر کان اڄ جمع آهي.

نوٽ:  منهنجي ڪتابن جي لسٽ ۾ هڪ ڪتاب وڌيڪ لکجو “ماتا ڪستورا’’ جو 1943 ع ۾ ڇپيو هوم . حيدرآباد مان ٻه ڀائر ڀيرو مل ۽ وشن جڳتاڻيءَ به ڪيترا ڪتاب ڇپايا هئا، پنڊت جواهر لعل جي “جيوني’’ جو ترجمو تيرٿ وسنت ڪيو هو. هي ڪتاب چڱو مشهور ٿيو. ڪتاب جو سمورو خرچ ڀائي پرتاب ڏيئل مل  ڪيو هو، مگر پوءِ ان کي غلط ٺهرائي ٻيو ڪتاب “جواهر جيوني’’ ڇپايو.

 

توهانجو خير خواھ ايم. آر. مائيداساڻي...

Menu
Go to top