Menu
Подробнее на сайте:
https://yetimedicine.ru https://rankmedicine.ru https://chinese-medicine.ruhttps://natural-cure.ru https://medicineway.ruhttps://bravemedicine.ru
https://whitemedicine.ruhttps://medicinego.ruhttps://enjoymedicine.ru https://safemedicine.ru https://focmedicine.ru https://indianmedicine.ruhttps://washealth.ru
https://dearmedicine.ru https://keepmedicine.ru

 

توبن جاني! هيءُ جهان – منافقيءَ ۽ مٿي تي سکڻي هٿ رکڻ مان ڇا ورندو؟

 

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 

     ڪن وقفن کان سواءِ 1981ع کان لکندو پيو اچان. انهيءَ قلمي ڪرت ڪندي پنهنجي سيبتن، سياڻڻ ۽ سپورنجن جا ڪيترائي رنگ ڏٺا اٿم. ڪن دوستن کي منهنجي لکڻين پڙهڻ جو موقعو نه مليو ۽ پوءِ جڏهن مليا ته ڏوراپا ڏنائون ته”يار لکين ئي نه ٿو“ کين هٿ ٻڌي گذارش ڪندو هئس ته”لکندس به پاڻ ۽ پڙهندس به پاڻ. اوهان ناراض نه ٿيو“. ڪن دوستن کي ڪاوڙجندي ڏٺم ۽ ٻن ۾ يار علم جو ڊاڪٽر آهين. ڄاڻو آهين، ڪاش! هينئن لکين“ .کين عرض ڪندو هئس ته”ڊاڪٽر مان پر لکان اوهان جي فرماش تي. ٻه اکر پڙهيل مان ۽ لکان انهن جي اشارن تي جيڪي پڙهڻ لاءِ اڃا هاڻي داخلا وٺن ٿا“. مرحوم علي احمد بروهي چوندو هو ته ”ڪوشش ڪر. پراون پٽڪن ۾ هٿ نه وجھه. کير ۾ کنڊ ملائي ماڻهن کي ڏي. ڪات ڪهاڙا نه کڻ“. الله جنت نصيب ڪريس، مان کيس چوندو هئس ته”سنڌي ٻار ناهي جو کيس کير پيارجي، هن سان سچ ڳالهائبو ۽ ڳالهه کري ڪبي“. چوندو هو ته ”توکي وقت ٻڌائيندئي ۽ سمجھائيندئي، اسان جي ڳالهه سمجھه ۾ نه ايندءِ“ مرحوم حليم بروهي چوندو هو ته ”سنڌين سان عقل جي ڳالهه ڪرڻ وڏو احمقپڻو آهي“. اسان ٻئي هڪ هنڌ تي ويهي ڪالم لکندا هئاسين. هو چوندو هو ته ”مان بڪواس لکان ٿو ۽ ڏسجانءِ ماڻهو مون کي وڏو فيلسف سمجھندا. تون ڀلي علم ۽ عقل جي ڏڍ تي لک، ماڻهو توکي تنهنجي لکڻين کي مڃيندا ئي ڪو نه“. سگريٽن مٿان سگريٽ ئي پئي پيانداهئاسين،پر سيٽيون به وڄائندو هو ۽ لکندو به هو. مان سنجيدو هوندو هئس، ڪڏهن ڪڏهن چرچا ڪندو هئو ته”تون ماتمي منهن ڪري مئلن  لاءِ ٿو  لکين ۽ مان مسخري ڪريان ٿو ۽ مسخرا مون کي معتبر بڻائي ڇڏيندا.

علي احمد بروهيءَ ۽ حليم بروهيءَ جي لکڻين مان ڪو به ناراض نه ٿيو. پر سندن کل ڀوڳ واري اسلوب بيان ماڻهن کي گهڻو متاثر ڪيو. مرحوم علي احمد سنجيو به لکيو ۽سنجيدگيءَ ۾ لکيو، پر هن کل مک ماڻهوءَ جي شخصيت ۽ طبيعت سندس لکڻين تي گهرا اثر ڇڏيا.

ڪن دوستن سخت احتجاج ۽ اعتراض ڪيا ته منهنجي لکڻين ۾ ڊپريشن ۽ نراسائي جا رنگ موجود آهن، ماڻهن کي نراسائيءَ جو سبق ڏيڻو ڪونهي. هنن لاءِ اُميدن جا ڏيئا ٻارڻ گهرجن. پر منهنجا مٿن اهي اعتراض ۽ احتجاج هوندا هئا ته جيئن اسان مذهب ۽ سياست جي غلط تشريح ڪري، ماڻهو پئي ٺڳيا ۽ منجھايا آهن، تيئن مايوسي، نراسائي ۽ ڊپريشن جي به من-پسند معنيٰ ڪڍي وڌيڪ ٻيڙيون ٻوڙي رهياآهيون.

ڏسون ٿا ته ماڻهو نانگن جي ٻِر ۾ پير وجھي ويٺا آهن ۽ سندن ڏنگجڻ يقيني آهي. پوءِ به کين ويٺا دلاسا ڏيون ته نااُميد نه ٿيو ۽ ناراسان نه ٿيو. پر اُميد رهو ۽ نانگن جي ٻرن ۾ پيرن سان گڏ هٿ به وجھي ويهو اُميد جو ڏس ۽ ڏانءُ اهو ڏيڻو ۽ ٻڌائڻو آهي ته جيڪڏهن پير ٻر ۾ ڦاسي پيو آهي ته پرواهه ناهي ڀلي تڪليف اچي. پر ان کي ڇڪي ٻاهر ڪڍ. اُميد خيالي ۽ تصورائي ڪا نه ٿيندي آهي. پر ان جو هڪ ڇيڙو عمل سان ۽ ٻيو ڇيڙو جذبي سان ٻڌل ٿيندو آهي. اُميد دوکو ناهي جو ماڻهوءَ کي آسري ۾ رکي حالتن هٿان مارايو چيڀاٽرايو وڃي. اميد جو اهو ۽ اهڙو درس ائين آهي، جيئن اسان کي لٽيرا ۽ رهزن اطمينان سان لٽڻ ڦڙڻ لاءِ تصوف ۽ صبر جو درس ڏين ته جيئن ڀلي هو ڀينگ ڪن ۽ اسان صبر جو مٺو ميوو کائيندا رهون.

اهي ماڻهو جيڪي ادب ۽ لکڻين تي ڊپريشن جي ڇاپ لڳائن ٿا، سي حقيقت ۾ تبديلي جي ابتدائي مرحلي ۽ وقفي کان باخبر نه هوندا آهن. سج اڀرڻ ۽ رات ختم ٿيڻ وچ ۾ وقفو ٿيندو آهي. ننڊ جي خيال ۽ننڊ جي اچڻ واري وچ جو وقت هوندو آهي. علم ادب ۽ لکڻين ۾ به ائين ۽ اهڙو معمولي وقت ۽ حالت محسوس ڪيا ويندا آهن.جيڪي حقيقت ۾ ذهن ۽ نظريئي بدلجڻ جي نشاني هوندا آهن. اهڙي ضروري صورتحال کي ڊپريشن چوڻ علم ادب جي افاديت کان انڪار ڪرڻ برابر آهي.

علم ادب جو ڪم آهي ته ماڻهن کي ذهني ۽ فڪري طور تي حالتن سان سمجھوتي ڪرڻ تي، رضا ۾ راضي رهڻ تي ۽ اکيون ٻوٽي صبر سان هر عذاب برداشت ڪرڻ تي نه هيرايو وڃي. پر اهڙين حالتن ۾ اهڙن عذابن کان مايوس ٿيڻ جو درس ڏئي، علم، ادب ذهني ۽ فڪري انقلاب آڻڻ جا رستا ۽ پيچرا واضح ڪندو آهي. ان ڪري اوس ئي اڻ ڄاڻائيءَ جي جاءِ جڏهن آگهي وٺندي ۽ حقيقتن تان جڏهن پردا  کڄندا ته ماڻهن جي نقلي نظرياتي قبلا ٽٽندا. اها صورتحال پيداڪرڻ ئي علم ادب، فڪري ۽ نظرياتي ڪوششن جو اولين مقصد نه بڻائبو ته ماڻهو حالتن جي چڪڻ مان نڪري نه سگهندا ۽ سندن اميدون دلاسن ۽ وعدن جي ڄار ۾ ڦاٿيون رهنديون. ان ڪري اچو ته لات منات جا بت ڊاهيون ۽ عوام کي ٻڌايون ته نقلي امن ۽ خوش حاليءَ جي نالي ۽ تصوراتي روشن مستقبل جي ڏٽي ۾ ساڻن ويساهه-گهاتي ٿي آهي ۽ ٿيندي رهي ٿي.

 

 

Menu
Go to top