Menu

ڇڏيو ته ادارا الله کي پيارا نه ٿين

 

 

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

چوندا آهن ته اڳي ئي رٺي ويٺي هئي، پوءِ جو پيڪن جو نياپو آيس ته روئي پئي، انهي مصداق اڳ ئي اسان جا ٻه اڍائي ادارا، اهي آهن ته سرڪاري، پر جي درٻاري بڻجي وڃن ۽ انهن مٿان من پسند ماڻهن جا وجود  سٿيا وڃن ته ڀينگ نه ٿيندي ته ٻيو ڇا ٿيندو؟ جيڪڏهن اسان مان ڪو ڳاٽ اوچو ڪري چئي ٿو ته فلاڻي ڪي فلاڻي اداري آسمان مان تارا لاهي آڻي ڏيکاريا آهن ته پوءِ انهي  چوڻ بدران منافقي هوندي يا مجبوري هوندي  اسان جي ادارن سنڌين جي اميدن مطابق ڪک ڀڃي به ٻيڻو نه ڪيو آهي، هر ڪو ادارو ۽ ان جو انتظامي  اڳواڻ خاني خان آهي ۽ ان کان ڪو پڇڻ وارو ڪونهي، جيڪڏهن ڪنهن اداري ۾ ڪم ٿيو آهي ته ان ۾ من پسندي جو ئي عمل دخل رهيو آهي ۽ نه ڪي ادارن جي اغراض و مقاصد جي پوئواري، ادارن جي اهڙي بي لغامي ۽ بي عملي خلاف دانهون ڪوڪون ته ٿينديون رهيون آهن، پر ڪنهن جي تري تيل لڳو ئي ڪونهي.

اسان وٽ سسٽم فقط سياست جي دنيا ۾ هوندو ۽ ٿيندو آهي ۽ ٻئي هنڌ فقط حڪمراني هلندي آهي، پنهنجي سسٽم کي بچائڻ لاءِ پرينءَ ڊوهيءَ وارا، پار وارا پنهنجا ۽ پراوا سياستدان ئي گڏ ٿي ويندا آهن، پر اسان جي ادارن کي بچائڻ سندن دين ايمان ۾ شايد شامل ئي ڪونه آهي، تعليمي ادارن کي اوطاقتن ۽ ڍورن جي واڙن ۾ تبديل ڪيو ويو، ته نه ڪا قانون سازي ٿي ۽ نه وري قانون ۽ آئين تحرڪ ۾ آيو، جڏهن ماڻهن منهن کوليو ته گوسٽ اسڪولن ۽ استادن کي جنم ڏنو ويو، منهنجي خيال ۾ اهڙي ريت اڪثر  ادارن جي تباهي ۽ بربادي هٿ سان وٺي وس وارن ئي ڪئي،  پر ڀوڳي قوم پئي.

ادارن تي پنهنجا ماڻهو مڙهڻ انگريزن جي دور ۾ به ڪونه هئو،  هو نڀاڳا ڌاريا هئا، اسان جا دشمن هئا، پر ڪم ميرٽ تي هلائيندا هئا، ڪنهن کي مٿان ۽ ٻاهران ٿاڦيو نه ويندو  هو، هر ڪنهن ڪيڊر ۽ گريڊ ۾ ملازم ترقي وٺي اڳتي وڌاندا هئا، هن بدعت جو بنياد اسان جي دور ۾ پيو ۽ اسان جي صبر ۽ تحمل جي پاڻي انهي ٻوٽي کي وڌائي وڻ ڪيو هاڻي حالتون اسان جي وس وارن اهڙيون ته ابتر ڪري ڇڏيون آهن، جو ماڻهن کي زڪام لاءِ به آپريشن ڪرائڻو پئي ٿو ۽ هر ڳالهه جو نبيرو عام قانون کان مٿاهن  طريقن يا باري فيصلن سان ڪيو وڃي ٿو، اهڙيون نوبتون ڪڏهن به نه اچن ها، جيڪڏهن پنهنجو وهنوار طريقي ۽ سليقي سان ٿيندو رهي ها.

ملازم کي رٽائرمينٽ ان لاءِ ملي ٿي ته وڃي الله الله ڪري ۽ صبر ۽ سک جي زندگي گذاري پر سنڌ جي ملازمتي تاريخ ۾ ماڻهن کي وڏي کان وڏا عهدا ملازمت کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ مليا آهن، هاٿي جيئرو ته لک جو جي مري ته ٻن لکن جو اهڙي ريت هلندي پڄندي وارا ماڻهون ملازمت تان رٽائر ٿي ويا ته جهڙوڪ سندن عقل ۽ ڏاهپ جا سلا ساوا ٿي پيا، جڏهن ته ائين ٿيڻ نه گهرجي، نئون نسل ۽ نوجوان ڪنهن پوڙهي لاءِ مرڻ يا منجي ڏيڻ جي آس رکي نه ويهن، نوجوان نئين نسل ۽ ترقي جي اميد ۾ منتظر ملازمن کي موقعو ملڻ گهرجي. سندن اڳتي وڌڻ سان ادارن ۾ نئين روشني  ايندي ته تازي هوا به داخل ٿيندي ۽ نئين سوچ کي لوچ وٺڻ جوموقعو ملندو.

پر جيڪڏهن رٽائرڊ ماڻهو واقعي فعال آهن ۽ انهن جي تجربي، مشاهدي ۽ ڏاهپ مان فائدو وٺڻو آهي ته انهن کي مختلف ادارن جي بورڊ آف گورنرس تي رکي سگهجي ٿو، ان سان ادارن جو ئي فائدو آهي ۽  اسان جو ئي فائدو آهي، مختلف بورڊ آف گورنرس تي جيڪي لڳ لاڳاپي يا ياري باشيءَ ڪري ماڻهو مقرر ٿين ٿا، انهن جا دڳ به بند ٿي ويندا.

اسان ۾ جيڪڏهن ايثار همدردي ۽ همت افزائي جا ڳڻ ججها هجن ها ته پوءِ هر ڪو رٽائر مينٽ وٺڻ وارو مم بڻجي ڪنهن اداري جي ڪلهن تي ويهي اداري جا گوڏا نه چٽي ها،  اسان کي اهڙيون روايتون قائم ڪرڻيون پونديون ۽ قانون سازي ڪرڻي پوندي ته جيئن ادارن کي فحال بڻائڻ لاءِ انهن جي انتظامي قيادت رٽائرڊ ماڻهن بدران لائق ۽ حقدار ماڻهن جي حوالي ڪري سگهجي

 

 

Menu
Go to top