Menu
Подробнее на сайте: http://collect-computer.ruhttp://computermonster.ru http://collect-pc.ruhttp://pro-java.ru http://codingway.ruhttps://python-scripts.com
http://build-biz.ruhttps://themes-wp.org
http://live-code.ru http://gromder.nethttp://hardcomputer.ruhttp://pythonlearn.ru http://hightechcomp.ruhttp://run-pc.ruhttp://python-3.ru

اسان جي ادبي دنيا جون انوکيون روايتون

 

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

اسان جي قلم-ڌڻين جو قبيلو ڪنهن به صورت ۾ مدبرن ۽ سپورنجن جي ڀيٽ ۾ ڪو گهٽ معتبر ۽ مانائتو نه آهي، پنهنجو ۽ پرائو درد پالڻ ڪو هن قبيلي کان سکي. سياستدان جي زبان مندائتي مينهن جيان ان وقت کلندي اهي، جڏهن ڪرسي بچائڻ يا ڪرسيءَ تائين پهچڻ جي ضرورت هوندي آهي. ان وقت انهن کي ماروئڙا ائين ياد ايندا آهن، جيئن مارئيءَ به عمرڪوٽ ۾ ياد نه ڪيا هوندا. اهڙيءَ ريت سماجي خادم به هاڻي گهڻي ڀاڱي کائڻ کارائڻ واري ريت کي ماروئڙن جي پريت کان مٿي سمجھڻ لڳا آهن. هتي هيتريون سماجي تنظيمون آهن، پر پوءِ به سنڌ جي خوش حالي ۽ تبديليءَ جو عالم اهو آهي جو اهو چوڻ ڪافي ٿيندو ته ”يار به چاڪي ۽ سينڌ به اڻڀي“.

سياستدانن جون سڻڀيون مانيون ڏسي ۽ سماجي ڪارڪنن جي پاسيري سينڌ ڏسي هاڻي اسان جي ادبي دنيا به انوکيون روايتون جنم وٺڻ لڳيون آهن. جيئن سياست جي راڻي هاڻي ٻئي گهر ۾ پرڻائڻ بدران فقط مخصوص خاندانن جي لاءِ ونواهه ۾ ويهاري وڃي ٿي. تيئن ڪيترن سماجي تنظيمن جا لٺ-سردار به مئي مارائي قيادت جي غيرت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. مجال جو اڳواڻيءَ جو پٽڪو ٻين کي ٻڌرائن. هاڻي اهڙيءَ ريت ادبي حوالي سان به قومي خدمت اهڙي ته مٺي ۽ مانائتي بڻجي وئي آهي جو نانيءَ ويڙهي ٺاهڻ کانسواءِ ڪيترن يارن جو ساهه منجھي پئي ٿو. ان ڪري هڪ هٽي-هاڻي هٽ-واڻيءَ جي جاگير نه رهي آهي، پر انهيءَ گر ۽ حڪمت کان اسان جا سياستدان، سماجي خادم ۽ قلم-ڌڻي به قلب قرار وٺي رهيا آهن.

علم، ادب ۽ثقافت جو پاڻ ۾ اٽوٽ رشتو آهي. انهيءَ رشتي باوجود هر ڪنهن جو رنگ الڳ آهي ۽ ڍنگ الڳ آهي. انهن ٻنهي درياهن کي ملائبو ته نظرياتي شهرن ۾ ٻوڙان ٻوڙ ٿي ويندي ۽ وڏي ٻوڏ اچي ويندي. علم ادب کي ثقافت، سياست يا ٻئي ڪنهن شعبي جو ڀرتي ڪندڙ درياهه بڻائي نه ٿو سگهجي. ڇو ته ادب قوم جو خادم آهي. اهو سياست، مذهب ۽ ٻين شعبن جو تابع ۽ خادم نه ٿو بڻائي سگهجي. جي بڻايو ويو ته اهو وهنوار نه پر واپار بڻجي پوندو. اهو قوم جي خدمت ڪرڻ جو ڪارڻ نه پر پيٽ پالڻ جو ذريعو بڻجي پوندو.

ادب جي عظمت ان جي شهرت ۾ نه پر نظرياتي ضرورت ۽ اهميت ۾ آهي. ان ڪري ادب واچوڙن جي تلاش ڪرڻ بدران اثر پذيريءَ جا رند ۽ رستا ڳولهيندو آهي. پر هاڻي هڪ عجيب قسم جو ماحول جڙي رهيو آهي ۽ اسان پنهنجي ادبي دنيا ۾ عجيب روايتن جو بنياد رکي رهيا آهيون.ادب کي اثر پذيريءَ بدران پنهنجي ۽ پرائي شهرت جو ذريعو بڻائي رهيا آهيون ۽ ادب کي ثقافت جي  بيساکيءَ سان هلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اڳي ادبي محفلون ۽ ميڙاڪا مشهور هوندا هئا  هاڻي اسان ”ادبي ميلا“ لڳائڻ جي ڌن ۾ لڳي ويا آهيون ۽ لڳي ٿو ته اهو ڏينهن پري ڪونهي، جڏهن ”ادبي ملاکڙا“ به لڳائينداسين. حالانڪه هر ڪنهن واقعي۽ هر ڪنهن مهل ۽ موقعي جو تشخص ۽ مقصد الڳ الڳ هئڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ اسان نظرياتي طور تي ڪاٺ جا ۽ اڌ لوهه جا بڻجي وينداسين.

جي پڪ نه اچي ته انهن ادبي ميڙاڪن ۾ وڃي ڏسو، جيڪي منعقد ٻه ورسين ملهائڻ لاءِ ڪيا ويندا آهن ۽ ان جي پڄاڻي راڳ روپ سان ٿيندي  آهي. اتي اوهان کي ورسين جي ڏک ۾ شادمانا نظر ايندا. ماڻهن کي نچندو ٽپندو ڏسندا. اسان جهڙوڪه ماڻهن کي هڪ ئي وقت روئارڻ ۽ کِلڻ جو ڪم ڪيون ۽ پاڻ کي اها به خبر آهي ته اُتي ئي اُتي روئڻ ۽ کلڻ وارو چريو ئي هوندو آهي. ان ڪري راڳ رنگ جون محفلون الڳ ٿيڻ گهرجن ۽ ادبي ڪانفرنسون ۽ ڪچهريون الڳ ٿيڻ گهرجن. باهه ۽ پاڻيءَ کي هڪ هنڌ نه ملائجي ادب ۽ ثقافت جي فرق ۽ تميز کي زوريءَ هڪ ڪليءَ سان نه ٻڌجي.

ڪنهن ڪتاب جي مهورت جون تصويرون ڇپجن ٿيون ته ائين ٿو تاثر ملي ته جهڙوڪه ڏوهارين کي پڪڙي هڪ قطار ۾ بهاري هٿن ۾ ڪتاب ڏئي ڦوٽو ڇڪرايو ويوآهي. مهورتي فوٽو گرافيءَ جو فقط اهو ئي هڪڙو نمونو ڪنهن آسماني ڪتاب ۾ لکيل آهي؟ اشتهاري مجرمن جي فوٽو گرافيءَ ۽ ڪنهن ادبي فنڪشن جي فوٽو گرافي ۾ ڪوبه فرق هجڻ گهرجي!

جيئن سياسي تنظيمن پنهنجي احتجاج جي طريقن کي فقط رستا روڪ ڪرڻ ۽ جلوس ڪڍڻ تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي،تيئن اسان جون ادبي سرگرميون ورسين ملهائڻ، ڪتابن جي مهورت ڪرائڻ ۽ هاڻي وري باغين سان شامون ملهائڻ تائين ڇو محدود ٿي ويون آهن؟

 

 

Menu
Go to top