Menu

موت، ميڊيا ۽ اسان جا رويا

 

 

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

سنڌ ۾ ڪهڙا ۽ ڪيترا راڳي آهن؟ اسان کي فقط ايڪڙ ٻيڪڙ نالا ياد هوندا. هي جو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ شاعرن ۽ اديبن جا انبار لڳا پيا آهن، انهن مان اڪثريت جي نالن جي به اسان کي خبر ڪانهي. سکي ستابي سنڌ ۾ سگهڙن، سپورنجن، سياڻن ۽ قلم-ڌڻين جي ڪمي ڪانهي. هي ته آهي ئي ڏات-ڌڻين جو ڏيهه. پر ڪير ٿو انهن جو قدر ڪري ۽ ڪير ٿو انهن کي سڃاڻي؟ سرڪاري فنڪشن ٿيندا ته ويچارا شاعر، اديب ۽ فنڪار پيا باسون باسيندا، ته من ڪا کين ڪوٺ ملي. ادب، صحافت ۽ ثقافت جا سرواڻ پيا موذي مرضن ۾ ڦٿڪندا. پر ڪو به سندن سار نه لهندو. حالانڪه انهن جون مالي مددون ڪري سگهجن ٿيون، انهن جون اجتماعي انشورنس ڪرائي سگهجن ٿيون، بنا سفارش پارت ۽ ڏيٺ ويٺ جي سندن وظيفا مقرر ڪري سگهجن ٿا. سندن ڊاڪيومينٽريون ٺاهي سگهجن ٿيون ۽ جيڪڏهن هر ڪنهن شاعر، اديب ۽ صحافي جا ڪتاب ڇپرائي نه ٿا سگهجن ته اهي خريد ڪري سگهجن ٿا. هر ڪنهن فنڪار جون سرڪاري خرچ پکي تي ڪيسٽون ۽ سي ڊيون ٺهرائي سگهجن ٿيون. کوڙ طريقا آهن انهن جي قدرداني ڪرڻ جا، همت افزائي ڪرڻ جا ۽ مدد ڪرڻ جا، پر رڳو ويئن ۽ حڪمت عمليءَ جي ڳالهه آهي، حڪومتي پاليسين ۽ اوليتن جي ڳالهه آهي. اسان جون سرڪاريون ته پنهنجي ساهه بچائڻ ۾ پوريون آهن، انهن کي وقت ڪٿان ملي جو ادبي پاليسي، صحافتي پاليسي يا ثقافتي پاليسي ٺاهن؟ ان ڪري ياري باشي يا مفت خوري جي اڏوهي وڃي ٿي ادبي، صحافتي ۽ ثقافتي شعبن کي کائيندي ۽ چٽيندي. اخبارن ۽ ٽي وي چئنلن کي سرڪار ۽ سرمائيدارن کان اشتهارن وٺڻ جو اونو هوندو، پر اهو ڪو ڪو سوچيندو ته ورڪرن،ليکڪن ۽ فنڪارن کي به ٻه ڏوڪڙ ڏيڻا آهن، نمائندا رکبا ته ٽڪو به ڪو نه ڏبن. اهي پاڻ ڪمائن، پاڻ کائن ۽ ادارن کي مکڻ ماکيون کارائن.

اسان جي اديبن، شاعرن، صحافين ۽ فنڪارن جي جيئري جو اهو جهان آهي. پر انهن مان ڪو مئو ناهي ته اسان جو مڪو مچي وڃي ٿو. هاٿي ته جيئري لک ۽ مئي ٻن لکن جو، پر اسان جو ڏات-ڌڻي جيئري ڪک ته مئي لک! اسان وٽ ماروئڙن جي محبت حاصل ڪرڻ ۽ ماڻهن کان قدرداني وٺڻ لاءِ موت جهڙوڪه لازمي شرط ٿي پيو آهي.

ڏات-ڌڻين مان ڪو مري ته ڏسي. پوءِ کيس خبر پوندي ته ڪيترو نه پيارو هو. اسان صفا ڌوڙيا مچائي ڇڏينداسين. اخبارن ۾ ليک لکجڻ شروع ٿي ويندا، تنظيمن طرفان بيان بازي شروع ٿي ويندي، ٽي وي چئنلن تي روڄ راڙو شروع ٿي ويندو.ٻڌندڙن ۽ ڏسندڙن جا به هنيانءُ ڦاٽي پوندا.

اسان جا اهي ۽ اهڙا رويا ڏسي تاريخ جا ورق به منهنجي پوندا آهن ته اهي اسان کي ڪهڙي کاتي ۾ لکن؟ موت- پرست؟ مرده-پرست يا منافقت جي مرض ۾ ورتل ماڻهو؟ اسان مان هر ڪو جيئرو آهي ته ڪک ڇو آهي؟ مري ٿو ته لک ڇو ٿو بڻجي وڃي؟

اسان جي اهڙن روين کي ڪير درست ڪندو؟ اسان کي ڪنهن جي مئي کانپوءِ اهو ماڻهو، اهو فنڪار اهو قلم-ڌڻي، اهو مفڪر ۽ مدبر ڇو ٿو ياد اچي جنهن کي سندس حياتي ۾ ڪڏهن اک کڻي به نه ڏٺو آهي.اسان اهڙن ماڻهن جي مرڻ جا ڏينهن وڏي ڌام ڌوم سان ڇو ٿا ملهائيون؟ اسان مرحومن جي محبت ۽ عقيدت ۾ باقي عوام تي ”مري ويل آدرش“ ڇو ٿا مڙهيون؟ اسان عوام کي سوچن ۽ لوچن جي ڪهڙيءَ نگريءَ ۾ وٺي وڃڻ ٿا گهرون؟ ڇا اسان ”ماتمي قوم“ آهيون ۽ اسان جو ”زندگي“ سان ڪوبه پيار ۽ وهنوار ڪونهي؟

 

 

Menu
Go to top