Menu
Подробнее на сайте: https://econedvijimosti.ru
https://fullconstruct.ru https://samsdelairemont.ru https://dohomebuild.ru
https://zedconstruct.ruhttps://buildbighouse.ruhttps://daoconstruct.ruhttps://buildthehouse.ruhttps://sdelaisvoidom.ruhttps://currenthouse.ruhttps://primohouse.ru http://repair-yourself.ruhttps://thehousebuilder.ruhttps://inedvijimosti.ruhttps://houseconstruct.ru

ادارن مان اوندهه ڇو نه ٿي وڃي ؟


ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ


ادارا، قومن جي ترقيءَ جي ضمانت ٿيندا آهن، جنهن قوم وٽ جيترا ادارا گهڻا، اوترو ان جي شعور، سنجيدگيءَ ۽ روشن مستقبل لاءِ جاکوڙ جي خبر پوندي، جتي وري ادارن جي کوٽ هوندي، اتي ادارن ۾ نه فقط هڪ هٽيون ۽ قبضا قائم ۽ دائم هوندا، پر کين اها به خبر ڪا نه پوندي ته پنهنجو ڪم پيا ڪريون، يا ٻين جو پوءِ ”جو پيا من ڀاوي“ مصداق اهو ئي ٿيندو، جيڪو صاحبن کي وڻندو قوم، قومي ڪم وڃي پون کڏ ۾۔
سنڌ ۾ حڪومتن يا ماڻهن ته ادارا گهٽ ٺاهيا آهن، پر انهن ٿورن ادارن وڏا ۽ سگهارا ماڻهون ضرور ٺاهيا، ادارن اسان کي ڏاڪڻ جو ڪم پئي ڏنو آهي، جيڪڏهن اهي ادارا نه هجن ها ته ڪي ماڻهون عظمت جي مينار کي ڇهي به نه سگهن ها، اتي پراجيڪٽ پاڻ ٺاهيون، نانيءَ ويڙهو ٺاهي، انهن تي ڪم به پاڻ ڪيائون، رڌڻ وارا به پاڻ ته کائڻ وارا به پاڻ، ڪنهن کي هڏي به اڇلائي نه ڏنائون، وڏي کان وڏي ڳالهه اها ته وڏي کان وڏا تحقيقي ڪم به وانگار تي ڪرايائون، مفت ۾ نالو ڪمايائون، مفت ۾ پنهنجا ڪتاب ڇپرايائون ۽ ڪتابن لکڻ يا ترجمي ڪرڻ جا ڏوڪڙ به پاڻ کنيائون، ڪيترن جا ايترا ڪتاب ڇپجي ويا، جو مرزا قليچ بيگ سان وڃي ڪلهو هنيائون، جي ادارا نه هجن ها، ته هوند اهڙن ڪيترن ناميارن ماڻهن جو پنڊيءَ تي به نالو لکيل نه هجي، ڪو کين سڃاڻي به ڪو نه،
جيئن اڳي مغلن جي زماني ۾ سنڌ نوابن کي جاگير طور ملندي هئي ۽ اهي اڇي ڪاري جا مالڪ هوندا هئا، تيئن سنڌ ۾ ادارن ۾ اڪثر انتظامي اڳواڻ اهي ٿيندا، جن جو سڌو تعلق سرڪار سان هوندو، ان ڪري ئي ڪنهن جي ڪڇڻ ۽ لڇڻ مان ورندو ئي ڪو نه، مثال اسان جي اڳيان آهن، ڪنهن يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر مان اچي جو استاد ۽ شاگرد ڦاٿا ته سالن جي دانهن ڪوڪن مان به ڪجهه ڪو نه ورين، تان جو ڪورٽ سڳوريءَ سندن ڦٽن تي مرهم لڳائي ۔
ڪنهن جي دل جلي ٿي ته ڪنهن نه ڪنهن اخبار ۾ ليک ڏئي پنهنجو هنيانءُ ٺاري ٿو، پر اها کيس به خبر هوندي ته ٿيندو ڪجهه به ڪو نه، اسان جا ڪي اهڙا اوارا آهن، جن ۾ ” صلاحڪار بورڊ “ آهن ئي ڪو نه، ان ڪري اڇي ڪاري جا مالڪ اهي ئي هوندا، اونڌي ڪن يا سنئين ڪن، ڪو کانئن پڇڻ وارو هوندو ئي ڪو نه، ٻين ادارن جو اهڙو قسم به آهي، جن جا بورڊ آف گورننس يا صلاحڪار بورڊ به جڙندا آهن، مون کي به اهڙن ٻن ٽن ادارن ۾ ميمبر ٿيڻ جو موقعو مليو، ٽن سالن لاءِ ٺاهيل انهن بورڊن ۾ فقط ٻه گڏجاڻيون ٿيون، پهرين پهرين سال ۾ ۽ آخري آخري سال ۾ وچ تي جيڪو وهيو واپريو، اها هڪ خبر خدا کي ٻي ادارن جي اڳواڻن کي.
اهڙن ادارن جي خلاف مون به لکيو آهي، بلڪه قلم کي ڪات ۽ ڪهاڙو بڻائي لکيو آهي، وري ڪجهه به نه ويتر پنهنجا ياريءَ باشيءَ جا لاڳاپا دشمنين ۽ نفرتن ۾ بدلائي ويٺاسين، انهن ادارن وري جيئن ٿڌ، تيئن وڌ جي مصداق نڪ جي نرڄائپ کان ڪم وٺندي، اهو ئي ڪيو جو هنن چاهيو، ثابت ڪري ڏيکاريائون ته اڻندو اها، جيڪا ڪوريءَ جي من ۾۔
ادارن جي اڳواڻن کي ڳالهه وڻي نه وڻي، پر هيءَ حقيقت آهي ته ” هڪ اڻ هوند، ٻيا افعال بڇڙا “ مصداق نه، پر ” ٿورا ڪڻان ٿالهيءَ ۾ ڀلا “ مصداق انهن ادارن کي اهو ڪجهه ڪري ڏيکارڻ گهرجي جو ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي وڃن، ادارن مان سالن جي اوندهه ڪڍڻ زندگي جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل نوجوانن ۽ نئين نسل کي انهن ۾ پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن ڏيکارڻ جا موقعا فراهم ڪيا وڃن، انهن ادارن جي سربراهن تي مشتمل ڪا ڪو آرڊيننس ڪاميٽي ٺاهي وڃي ته جيئن سمورا ادارا ساڳيو ۽ هڪ جهڙو ڪم نه ڪن، پر انهن ۾ ڪم ۽ ڪارڪردگيءَ جي واضح ورڇ ٿيل هجي، هر هڪ اداري کي گهٽ ۾ گهٽ ٽه ماهي پروگريس رپورٽ ٺاهي ڇپرائي عوام جي اڳيان آڻڻ گهرجي ۔
هن وقت سنڌ ۾ جيڪي ادارا آهن، اهي اٽي ۾ لوڻ برابر به ناهن، لوڪ ادب، ٻاراڻي ادب، عورتن جي ادب جا الڳ الڳ ادارا ٺهڻ گهرجن، سنڌ، جيڪا تهذيب جو گهوارو رهي آهي، ان جي تاريخ مرتب ڪرڻ لاءِ سنڌ هسٽري انسٽيٽيوٽ يا بورڊ ٺهڻ گهرجي، صحافت سنڌ جي جيڪا سينڌ سنواري آهي ۽ ڏکن سکن ۾ سنڌ واسين سان گڏ رهي آهي، ان لاءِ هڪ الڳ اداري جي ضرورت آهي، سنڌي لئنگيج اٿارٽي هن وقت جيڪو انسائيڪلوپيڊيا تي ڪم ڪري رهي آهي، اهو بار هن اداري کي پنهنجي ڪلهن تان لاهڻ گهرجي ۽ ان لاءِ الڳ ادارو ٺهڻ گهرجي.
اهي ماڻهون جيڪي پنهنجي هلنديءَ پڄنديءَ ڪري ادارن تي قابض ٿي سگهن ٿا، سي سرڪار نامدار کي سمجهائي ٻڌائي اهڙا ادرا به ٺهرائي سگهن ٿا، جن جي سنڌ کي ضرورت آهي، ان ۾ ته ويتر سندن ڀلو آهي ته کين نه ڪو ئي ڪاوڙ مان ڏسندو ۽ نه وري ڪو پڇاڻو ڪندو ۔
هاڻي صورتحال مٽبي پئي وڃي ۽ ماڻهون سکڻي دانهن ڪوڪ ڪرڻ بدران ڪورٽن جي درن تائين به پهچڻ سکي پيا آهن، ان لاءِ خير هن ڳالهه ۾ آهي ته ادارا ذاتي يا گروهي مفادن جا گهوارا نه ٿين، بلڪه قومي ڪارج جو ذريعو ۽ وسيلو بڻجن ۔

 

 

Menu
Go to top