Menu

سنڌ ۾ عيسائيت جي تبليغ ۽ سنڌي علم ادب

 

جيئن اڄ جي ڪيترن انسانن جا چپ سنڌ واسين جي لياقتن ۽ صلاحيتن ڳائڻ يا ٻڌائڻ کان خاموش نه آهن، تيئن وري تاريخ جا ورق سندن ماضيءَ تان پردي هٽائڻ کان چپ آهن (1) . انهيءَ ڪري ڪنهن به موضوع تي قلم کڻڻ آسمان مان تارا لاهي اچڻ جي برابر ٿئي ٿو . سنڌ ۾ عيسائيت جو آغاز ڪڏهن ٿيو ؟ ۽ انهيءَ مذهب اسان جي علم ادب کي ڪيترو متاثر ڪيو ؟ اهو موضوع ته پنهنجي مٿي نهايت دلچسپ آهي، ليڪن تاريخ جي ٽٽل تار مان ڪنهن چٽي خاڪي جو يڪتارو ٺهي نه ٿو سگهي ، جنهن کي هٿ ۾ کڻي ماضيءَ جو ڪو سندر گيت ڇيڙجي .

جيتري قدر مغربي قومن جو لاڳاپو آهي، انهن لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته سڪندر اعظم اهو پهريون ڏورانهين ملڪ جو ماڻهو هو، جنهن عيسوي سن کان سوا 300 ورهيه کن اڳ سنڌ تي ڪاهه ڪئي ۽ جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه وقت لاءِ سنڌ يوناني گورنرن جي حڪومت هيٺ رهي ڪري سڌو سنئون مغرب جي اثر هيٺ آئي. سڪندر اعظم لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو لسٻيلي جي رستي کان واپس ويو هو ۽ هن جي بحري فوج ڪراچيءَ جي لڳ ڀڳ ڪجهه وقت لاءِ ترسي هئي (2). ڪيترن مؤرخن جو چوڻ آهي ته سڪندر اعظم جي فوج جو اڳواڻ نيرڪس (Nearchus) پندرهن ڏينهن منوڙي جي ويجهو ترسيو هو ، ۽ 8 آڪٽوبر 356 ق - م اتان روانو ٿي ويو هو. (3) .

انهيءَ تاريخي واقعي کان وٺي ويندي عيسوي سن 68 ع تائين تاريخ جا ورق بلڪل خاموش آهن، ۽ پوءِ انهن ئي ورقن ۾ اوچتو ئي اوچتو سينٽ ٿامس (St. Thomas) جو نالو اڀري اچي ٿو . اهو عيسائي پهريون حواري هو، جنهنجي تبليغ تي تڪس شلا(4) . (Taxila) جي راجا گونڊيفيرس (Gondephares) عيسائي مذهب اختيار ڪيو (5). جيئن ته انهيءَ زماني ۾ تڪس شلا به سنڌ سان مليل هئي ، ان ڪري هن واقعي کي به سنڌ جو واقعو قرار ڏئي سگهجي ٿو .

تاريخ جي ٽٽل تار هتي به هڪ آواز ڇيڙي وري خاموش ٿي وڃي ٿي ، تان جو وري اسان کي ماضي قريب جي دؤر ۾ محمد بن قاسم جي فتح(712ع ) وقت ، سنڌ ۾ ڪليسائن جي هئڻ جا اهڃاڻ ملن ٿا . هن دؤر جون ڪليسائون ايتريون ته ڪمزور هيون ، جو سنڌ جي معاشري تي ڪو مستقل اثر وجهي نه سگهيون (6). انهيءَ کان پوءِ سلطان محمود غزنويءَ جي دؤر ۾ فردوسيءَ جي هڪڙي شعر سنڌ ۾ هن مذهب وارن جو اهڃاڻ ملي ٿو (7) . اهو شعر هي آهي :

”چون در ملڪ سلطان ، ڪه چَرِ خش ستودِ ،

بسي هست ترسا و گبر و يهود “.

تاريخ جي ورقن جا اُهي ٽانڊاڻا 1555ع جي سنه کي پهچندي پاڻ روشنيءَ جا مينار بڻجي وڃن ٿا ، جن جي سهائيءَ ۾ اسان کي ٻاهران ايندڙن جو چهرو صاف صاف نظر اچي ٿو . انهيءَ سال بکر ۽ ٺٽي جي ترخان حڪمرانن جي وچ ۾ اچي تخت تان جهيڙو لڳو ” وڙهن سان لتاڙجن ٻوڙا“ واري ڪار ٿئي ها ته به سنڌ واسين جو ڀلو ٿئي ها، پر هتي ته ڳالهه ئي ٻي ٿئي پئي .ٻه ٻليون جو حويلي تي اچي وڙهيون ، سو امين بنايائون ڀولڙيءَ کي !، ڀولڙو انصاف ڪندي نه رڳو حلوو کائي ويو ، پر پوءِ ٻلين کي به تارا ڏيکارڻ لڳو !، ٿيو ايئن جو ٺٽي جي حاڪم عيسي ترخان پنهنجي مدد جي لاءِ پور چگيزين کي پڪاريو . هو آيا ضرور پر ، مدد رهي پنهنجي ماڳ ، ان جي برعڪس اڻ ميئي مال ملڪيت کان سواءِ اٺن هزارن پر امن سنڌ واسين جي رت سان پنهنجي تاريخ لکي ويا (8)، ۽ انهيءَ خون چڪان باب سان گڏ سنڌ ۾ عيسائين جي آمد جو نئون سلسلو جاري ٿيو . انهيءَ کان پوءِ ڪن اسان جي سامونڊي علائقي تي قبضو ڪري سامونڊي ڌاڙيلن جو روپ ورتو (9) ، ته ڪن اسان جي واپار ۽ تجارت تي اکيون وڌيون (10). ڪي سياح بڻجي آيا (11)‎‎‎‎ ته ڪي سفير بڻجي پنهنجا سياسي مفاد حاصل ڪرڻ لڳا (12) . ليڪن اسان انهن سمورن صاحب لوڪن کي نظر انداز ڪندي رڳو انهن عيسائين کي کڻئون ٿا ، جيڪي هتي پنهنجي مذهب جي پرچار لاءِ آيا .

ٺٽي جي تباهيءَ ۽ برباديءَ کان پوءِ پورچگيز نه رڳو سنڌ جي ايراني نار۽ گجرات سان ٿيندڙ واپار ۽ واپاري رستن تي قابض ٿي ويا، بلڪ اهي مذهبي مبلغ به بڻجي هن خطي ۾ عيسائيت جو پرچار ڪرڻ لڳا . انهيءَ کان پوءِ بصري کان ڊسليڊس ڪارملائٽس (Discelced Carmelites) (13) ۽ گوا کان آگستنين (Augustinian) (14) جي اچڻ جو سلسلو شروع ٿيو (15) .

ڊسليڊس ڪار ملائٽس يعني پيرن اگهاڙن مبلغن (Discelced Carmelites )جي ڌڙي مان فادر ليو ڊو ويڪس (Ludovicus Franciscus a Matre Die)۽ برادر ريڊم پٽس (Redemptus) سنڌ ۾ آيا (16) . ڪارملائٽس بابت ٻي معلومات منوڪي (Munucci)ڏني آهي (17)، جنهن بکر ۽ لاهري بندر ۾ سندن موجودگيءَ جي تصديق ڪئي آهي. هن جيتوڻيڪ لاهري بندر واري پيرين اگهاڙي فادر جو نالو نه ٻڌايو آهي ، پر بکر واري پيرين اگهاڙي پادري (Carmelite monk) جو نالو ضرور ٻڌايو آهي . اهو آهي فري پيڊرو ڊي سنٽا ٽيرزا (Frey Pedro de Santa Terza) (18) . انهيءَ کان پوءِ اسان کي 1672 تائين چئن پادرين جا نالا ملن ٿا ، جن ٺٽي ۾ وفات ڪئي . اهي آهن : فادر لوئي فرانسس (Father Louis Francis) جنهن آڪٽوبر 1622ع ۾ وفات ڪئي . جيڪو اصل ۾ اسپيني باشندو هو . ٻيو فادر پئٽرڪ آف سينٽ لو ئي (Fr. Patrick of St. Louis) جيڪو فرينچ هو ، ۽ آگسٽ 1643ع ۾ وفات ڪيائين. فادر مچل آف سينٽ سائمن (Fr. Michael of St. Somon) جيڪو پورچوگيزي هو ، ۽ جولائي 1657ع ۾ وفات ڪيائين ۽ فادر پيٽر(Fr. Peter) جنهن 1682ع ۾ وفات ڪئي (19) . انهيءَ کن پوءِ الينگزيڊر هيملٽن (Alexander Hamilton) به 1699ع ۾ ٺٽي ۾ سندن هڪ چرچ جو ذڪر ڪيو آهي (20) .

1623ع ۾ ڊائيگو ڊي سانٽ آنا (Diogo de Sant Anna) پنهنجي مڙهي (Monastery) قائم ڪري سينٽ آگسٽن جي جي پئلڳن جي سلسلي کي سنڌ م پهچايو(21) . هن سلسلي (Augustinian Friars) وري لاهري بندر کي پنهنجي مذهب جي تبليغ جو مرڪز بڻايو (22) . هنن لاهري بندر ۾ هڪڙي ديول به تعمير ڪرائي، جنهن جي ديوارن تي تثليث جون تصويرون چٽيل هيون (23). وقت جي مغل حڪمران شاهجهان جي ڏمر ۽ ڪاوڙ سندن تبليغي ڪم کي متاثر ڪيو ۽ انهيءَ ڏمر هيٺ سندن لاهري بندر واريون مذهبي جايون ڊاهيون ويون، ۽ سندن هڪ ماڻهو انٽو نيو ڊي ڪرائيٽيو (Antonio de critoe) کي جيل اماڻيو ويو. ليڪن سباسشن مانريڪو (Sebastion Manrique) انهن جاين کي وري 1641ع ۾ ٻيهر تعمير ڪرايو (24) .

جيئن ته سنڌ ۾ عيسائيت کي مانوس ڪرائڻ ۾ پورچگيزي سڀ کان اڳرا هئا، ان ڪري انهن جا هندوستان مان جڏهن پير ٿڙڻ لڳا ته اهو اثر سندن تبليغي ڪم تي به پيو . سندن جاءِ والاريندڙ انگريزن ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي عيسائي بنائڻ کان وڌيڪ سندن استحصال ڪرڻ تي توجهه ڏنو . انهيءَ ڪري سندن ارادا مذهب کان وڌيڪ سياسي رنگ ۾ رتل هئا . اهڙين حالتن ڪري انهيءَ دور ۾ سنڌسندن تبليغ بدران جاسوسيءَ جو نشانو بڻجڻ لڳي . انهيءَ کان سواءِ هن ڳالهه کي به نظر انداز ڪري نٿو سگهجي ته پورچيگيزي اثر هيٺ سنڌ ۾ تبليع ڪندڙ عيسائي سرڪاري سرپرستيءَ کان محروم هئا ، ليڪن انگريزن هڪ منظم نموني سان ڪن اصولن مطابق پنهنجي مذهب جي مبلغن جي حفاظت ۽ سرپرستي ڪئي. جيئن ته انهيءَ زماني ۾ سنڌ هڪ الڳ ۽ آزاد ملڪ هو ،ان ڪري انگريزي عيسائين هتي بي سهاري تبليغ ڪرڻ بدران پنهنجي سرڪار جي حفاظت هيٺ هندوستان جي حدن اندر ڪم ڪرڻ شروع ڪيو . ان ڪري سنڌ جو خطو ڪجهه وقت لاءِ عيسائين جي پرچار کان پري رهيو . ليڪن عيسائيت جي اها دوري 1843ع ۾ سياست ۽ مذهب جو روپ وٺي سنڌ تي حاوي ٿي وئي . جنهن نه رڳو هڪ الڳ ۽ آزاد ملڪ کي غلام بنائي ڇڏيو پر ان جي تهذيب ۽ تمدن جي توازن کي به هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو . سنڌ جي سماج جو ڪو به پهلو نه رهيو، جنهن ۾ ، ڪاپا پلٽ جهڙي حالت نه ٿي هجي.

يورپي ماڻهو ۽ عيسائي مبلغ جيڪي گهڻو وقت اڳ رت جيان اسان جي سماج جي جسم ۾ داخل ٿي چڪا هئا (25)، تن کي 1843ع جي تبديلي سنڌ جي سماج جو تنها وارث بنائي ڇڏيو . جيئن ته هن موقعي تي عيسائيت جي سڪي جا هڪ ئي وقت تي ٻئي پاسا ڏيکاري نه ٿا سگهجن، ان ڪري اسان ٻين ڳالهين کي نظر انداز ڪري پاڻ کي رڳو مذهب جي ميدان تائين محدود رکون ٿا .

سنڌ تي قبضي ٿيڻ کان پوءِ عيسائي، فوجن لاءِ گرجا جا پادري بڻجي هتي آيا. انهن ۾ اڪثريت ڪئٿوليڪ پادرين جي هئي . پوءِ انهن مان ڪن کي ڪارملائٽس (Carmelites) بنايو ويو، جن پهريون حيدرآباد ۽ پوءِ ڪراچيءَ کي پنهنجو مرڪز بنائي عيسائيت جي تبليغ ڪئي . اهي سرڪاري پادري 1852ع تائين سرگرمِ عمل رهيا، جن کان پوءِ سندن جاءِ اچي جيسئٽس (Jesuits) والاري (26) . رومن ڪئٿوليڪ عيسائين جي هن پراڻي فرقي ۾ ڪيترا جرمن به هئا ته ڪيترا آمريڪي به ۽ اسپينش به .

1935ع تائين ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٻه فوجي پادري، ڪوٽڙي ۽ سکر ۾ ٻه ريلوي پادري ۽ ڪياماڙيءَ ۾ هڪڙو پادري هوندو هو. ان وقت تائين سنڌ جون سموريون عيسائي جماعتون ۽ تنظيمون ممبئي جي عيسائي آفيس (Archdiocese) جي ماتحت ڪم ڪنديون هيون، جڏهن سنڌ جي ممبئيءَ کان علحدگيءَ واري تحريڪ حقيقت جو روپ وٺڻ تي هئي ، ته سنڌ ۽ بلوچستان کي ملائي عيسائيت جي تبليغ جو الڳ مرڪز (Ecclesiastical Unit) بنايو ويو . انهيءَ سلسلي ۾ 22 جون 1935ع تي پوپ پال جي حڪم تي ڊچ پادرين (Dutch Franciscans) اچي رومن ڪئٿوليڪ وارن کان چارج ورتي ، ۽ فادر ويلنس وائينيڪ (Fr. Valens Wienk) کي هن نئين يونٽ جو پهريون مذهبي سربراهه مقرر ڪيو ويو (27). 1843ع کان وٺي 1947ع تائين سنڌ ۾عيسائيت جي پرچار جي ڪهاڻي سرڪاري سرپرستيءَ (28) ۾ مذهبي جنون ۽ جدوجهد جو هڪ طويل داستان آهي . هن دؤر ۾ عيسائيت جي تبليغ لاءِ ڪيتريون ئي مذهبي جماعتون قائم ڪيون ويون (29). سنڌ جي عيسائين پنهنجي تبليغ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو. ڪن وڃي اسڪول کولي نئين نسل کي پنهنجي عقيدي جي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي (30) ، ته ڪن وڃي فوجي ڇاوڻيون سنڀاليون، ڪن ديوليون ۽ گرجائون کوليون(31) ته ڪن اسپتالون ۽ سماجي خدمتن جا ادارا قائم ڪيا (32). ڪن وڃي جيلن ۾ قيدين تي قرب ڪيا ته ڪن وڃي ريل گاڏين چڙهي عوام کي ”هندو پاڻي “ ۽ ”مسلمان پاڻي “ کان نجات ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي . مطلب ته هنن زندگيءَ جي هر هڪ شعبي تي حاوي پوڻ جي ڪوشش ڪئي. 1843ع کان وٺي 1947ع تائين ڪراچيءَ، ڪوٽڙي، حيدرآباد ، نوابشاه، ماتلي ، سانگهڙ، ميرپور خاص، شاهه پور، سامارو، نبي سر روڊ، تارا چند جو ڳوٺ، ڪاڇيلو، ۽ سکر عيسائيت جي تبليع جا مکيه مرڪز رهيا (33) . سنڌ ۾ عيسائي مبلغن کي پنجابي ڀنگين ، ڀيلن ۽ ڪولين ۾ چڱي مقبوليت نصيب ٿي . 1947ع جي انگن اکرن مطابق سنڌ ۾ رهندڙ ڪرستانن جي آبادي20 هزار هئي ، جن ۾ گهڻائي انگريزن ، مدراسين، گوانن ۽ پنجابين جي هئي (34) .

سنڌ ۾ عيسائي تبليغ جي پس منظر کي ذهن ۾ رکي آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان جي ٻولي علم ادب به ڪيترو نه اثر قبول ڪيو هوندو . اسان جيڪڏهن عيسائي تبليغ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي پاڻ ۾ لاڳاپي جوخاڪو چٽينداسين ته اهو اسان اڳيان ٻه روپ وٺي بيهندو . پهرين روپ ۾ اسان جي ٻولي ان کان متاثر ٿيل نظر ايندي ، ۽ ٻئي روپ ۾ خود عيسائي مبلغ ۽ سندن تبليغ اسان جي علم ادب جي اثر هيٺ آيل نظر ايندا.

1885ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ پهرين ميڪس ڊينسو هال لٽرري سوسائٽي (Max Denso Hall Literary Society) قائم ٿئي ٿي ته ان جو پهريون صدر بمبرج (Bam bridge) نالي هڪ پادري ٿئي ٿو (35) ، ۽ ايئن اسان جو سنڌي ادب پادرين جو اثر قبول ڪري ٿو .

سنڌ ۾ عيسائيت جي پرچار صحافت جي دنيا کي بيحد متاثر ڪيو . 1896ع کان شايع ٿيندڙ سندن ”جوت“ اخبار سنڌي ٻولي ۽ علم ادب کي حد کان وڌيڪ متاثر ڪيو . ”گل ڦل“ ۽ ”دلبهار“ جهڙا ڪتاب اڳ ”جوت“ ۾ شايع ٿيل مضمونن ۽ ڪهاڻين تي مشتمل آهن .

سنڌ ۾ عيسائيت جي پرچار سنڌي ٻوليءَ ۾ ”فرقي پرست“ ادب جو به اضافو ڪيو . حقيقت ۾ مطالعي هيٺ آيل دؤر ۾ اسلام ، عيسائيت ۽ هندو ڌرم جي وچ ۾ مذهبي ڇڪتان انگريز راڄ جي ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو“ واري حڪمت عمليءَ جو نتيجو هئي . ليڪن سنڌ ۾ هن وبا کي پکيڙڻ ۾ عيسائيت جو وڏو عمل دخل رهيو آهي . سنڌ جي مسلمانن تي پهريون مذهبي وار ”قرآن جو بنياد“ نالي هڪ ڪتاب هو، جنهن جي جواب ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ 1911ع ۾ ” فتح محمدي“ ڪتاب لکيو .

عيسائيت جي تبليغ سنڌي ٻولي ۽ علم ادب کي ڪيترائي ليکڪ ۽ اديب ڏنا . انهن ۾ سنڌين مان پرمانند ميوارام (37)، فادر ڪوٽواڻي(38)، ۽ ٽي کيمچند (39) جا نالا قابل ذڪر آهن . انهن سنڌي عيسائين سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جي جا خدمت ڪئي آهي ، انهيءَ کي ڪڏهن به نظر انداز ڪري نٿو سگهجي . ساڳئي نموني سان هن پرچار اسان کي اي -آر- ڪارسن (A.R. Carson) (40)، پادري شرٽ ، ۽ هسڪل (C.W. Haskell) (41)، جهڙا غير سنڌي ليڪن سنڌي ٻولي جا اديب به ڏنا .

سنڌي ٻولي ۽ علم ادب کي متاثر ڪندڙ عيسائي مبلغن جي ”سنڌي ڪرسچن لٽرري سوسائٽي “ (Sindhi Christian Literary Society) کي به ڪڏهن نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي ! هو بي مهل نه ٿيندو ، جيڪڏهن هن سوسائٽيءَ جو مختصر تعارف پيش ڪيو وڃي . سنڌ ۾ اڳ ئي ”چرچ مشن سوسائٽي“ Mission Society)Church) ۽ ”زنانه مشن سوسائٽي “ (Zanan Mission Society)، پنهنجو تبليغي ڪم ڪنديون هيون. انهن ٻنهي سوسائٽين 1906ع ۾ ”سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي“ قائم ڪئي . جنهن جو پهرين ورڪنگ ڪاميٽي ڊبليو-جي-اَبيگئل (W.J. Abigail) ، اَي ايِ ريڊمين (A.E. Redman) مس برينٽن ڪيري (Miss Brenton Carey (۽ مسٽر تلسيداس منسکاڻي (Tulsidas Manskhani) تي مشتمل هئي (41) .

انهيءَ سوسائٽي 1910ع ۾ پنجاب جي ”رليجس سوسائٽي“ (Religious Society)سان الحاق ڪري، ان جي ذيلي جماعت جي حيثيت سان عيسائيت جي اشاعت جو ڪم جاري ڪيو . 1935ع ۾ هن سوسائٽيءَ کي الڳ ۽ خودمختيار بڻايو ويو . ان کان پوءِ ڪراچي هن سوسائٽيءَ جي مرڪز جي حيثيت رکندي هئي، ۽ ان جو ن شاخون سنڌ جي ٻين هنڌن تي به هيون (42) .

هونئن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ هن کان اڳ ”چرچ مشنري سوسائٽي“ به ڪجهه ڪتاب شايع ڪرايا، پر هيءَ سوسائٽي محض انهيءَ مقصد خاطر قائم ڪئي وئي هئي. غير عيسائي سنڌي ليکڪن مان مرزا قليچ بيگ هن سوسائٽيءَ سان ڪافي قلمي تعاون ڪيو. هن صاحب 1923ع ۾ انجيل جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو . ۽ ان کان پوءِ وقت به وقت سوسائٽيءَ لاءِ ڪتاب ترجمو ڪندو رهيو . عيسائي سنڌي ليکڪن مان ڀڳتاڻي ۽ چندو راءِ انهيءَ جا ليکڪ ۽ مترجم رهيا. اَي آر ڪارسن ۽ هسڪل به هن سوسائٽيءَ لاءِ ڪتاب لکيا . هن سوسائٽيءَ سنڌيءَ ۾ اڻ ڳڻيا ڪتاب شايع ڪرايا، ڪتابن جي اشاعت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته 1924ع ۾ سوسائٽيءَ سنڌي ۽ گرمکي زبانن ۾ 169 ڪتاب شايع ڪرايا .

ائين نه آهي ته رڳو عيسائيت جي تبليغ ئي اسان جي سنڌي ٻوليءَ کي متاثر ڪيو آهي، ليڪن حقيقت هيءَ آهي ته خود اسان جي علم ادب به عيسائيت جي تبليغ ۽ انهيءَ جي مبلغن تي اثر انداز ٿيو آهي . اسان مثال طور ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ (Dr. Ernest Trumpp)(43) ٻيو نالو هڪ رانجهو لکان دي مٽ “ مصداق پيش ڪري سگهون ٿا ، جنهن کي پنهنجي مذهب جي تبليغ کان اڳ به وڌيڪ اسان جي علم ادب ايترو ته متاثر ڪيو جو هن لاکيڻي لطيف جي ڪلام کي 1866ع ۾ پنهنجي محنت ۽ محبت سان سموهي سينگاري شايع ڪرايو .

ڊاڪٽرٽرمپ عيسائيت جي تبليغ ۽ چرچ مشن سوسائٽي (Church Mission Society) جو اهو گل هو . جنهن سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جي تاريخ واري چمن ۾ نه رڳو هڪ موزون جاءِ ولاري، پر انهيءَ کي پنهنجو هڳاءَ به ڏنو . ڊاڪٽر ٽرمپ رشتي جي هڪ اهڙي ڪڙي بڻيو جنهن سنڌي ۽ جرمنيءَ کي علمي ۽ ادبي نقطئه نگاهه کان هڪ ٻئي جي ويجهو آڻي ڇڏيو . جيتوڻيڪ کانئس اڳ 1842ع ۾ ڪئپٽن ليو پولڊ (Leopold Von Orleige) سنڌيءَ آيو (43) . ليڪن ڊاڪٽر ٽرمپ جي آمد انهيءَ دؤر جي ماضي، حال ۽ مستقبل ۾ ربط پيدا ڪري ڇڏيو . سندس سنڌي ٻولي ۽ علم ادب سان عشق هڪ افساني کي حقيقت بنائي ڇڏيو . هن نه رڳو سنڌي ٻولي ۽ شاهه کان متاثر ٿي کين مغرب ۾ مانوس ڪرايو ، پر هو پنهنجي ملڪ جرمنيءَ کي به سنڌ واسين سان مانوس ڪرائڻ جو باعث بڻيو . سنڌ واسين ڊاڪٽر ٽرمپ جي سنڌي علم دوستيءَ جو اثر به علم دوستي ۽ ادب پروريءَ جي صورت ۾ ڏنو . ۽ جرمنيءَ جي مکيه ليکڪن توڙي اديبن جا شاهڪار ۽ شهپارا سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ شروع ڪيا . 1911ع ۾ مرزا قليچ بيگ جرمنيءَ جي مشهور اديب ڪرسٽاف وان شمٽ (44)، جي هڪ ناول جو ترجمو ”گلن جي ٽوڪري“ جي نالي سان ڪيو.

1923ع ۾ وري ڄيٺمل پرسرام جڳ مشهور عالم ۽ اديب گوئٽي جي فائوسٽ (Foust) کي سنڌي ناٽڪ جو روپ پهرايو . انهيءَ کان پوءِ 1931ع ۾ احمد غلام علي ڇاڳلا ڊرامو ”خوني“ ترجمو ڪيو جيڪو جرمني جي اديب رچرڊ ووس (Richard Voss) (46) جو لکيل هو . ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ (Sindhi Adabi Board) طرفان ”گِرم جون آکاڻيون“ ڪتاب شايع ٿيو آهي . جيڪو جرمنيءَ جي ٻن ڀائر اديبن جيڪب (Jacob) ۽ وليم (Wiliam) (47) جي محنت جو نتيجو آهي .انهيءَ کان سواءِ سنڌ توڙي هند ۾ سنڌي ٻوليءَ جا عالم ۽ اديب ، شاعر ۽ محقق جرمنيءَ جي معياري ادب جو اڄ به ترجمو ڪري رهيا آهن . مثال طور 1968ع ۾ ، نامور جرمن شاعر پروفيسر ڊاڪٽر گرڊ ليو پڪي۽ سندس اهليه ميڊم ارمگارڊ ليوپڪي گريف جا چند نظم، سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيا، جي مهراڻ، روح رهاڻ ۽ نئين زندگيءَ ۾ شايع ٿيا هئا . ۽ ويجهڙائيءَ ۾ ڊاڪٽر غلام حيدر ٻُرڙي، جڳ مشهور جرمن مستشرق ڊاڪٽر انيميري شمل جي ڪن تحريرن جا سنڌي ترجما ڪيا آهن . جيئن ته هي موضوع اسان جي بحث کان ٻاهر آهي، ان ڪري ان کي اوس ئي نظر انداز ڪرڻو پوي ٿو.

آخر ۾ مختصر طور تي ايئن چئي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ جيئن ڪرستاني مذهب جي تبليغ ٿي آهي، تيئن هتي سنڌي زبان ۾ ڪرستاني ادب جي اوسر به ٿي آهي . عيسائيت جتي اسان جي ٻولي ۽ علم ادب تي اثر انداز ٿي آهي ، اتي انهيءَ کان پاڻ به متاثر ٿي آهي .

)حوالا ۽ وضاحتون (

(مهراڻ نمبر 1981-4 جي ص 166 سان لاڳاپيل )

(1) سنڌ جي ماضيءَ جي اها مايوس ڪن تصوير ڪيترن ئي سببن جو نتيجو آهي . انهيءَ جو پهريون سبب آهي، ”ڌارين جو راڄ.“ آرين کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سنڌ ۾ غير سنڌي قومن جي آمد ۽ ڪن حالتن ۾ ڌارين جي حڪمرانيءَ نه رڳو سنڌ واسين جي رت ۽ ست پئي چوسيو آهي، بلڪ سندن تهذيب ۽تمدن سان به پئي هٿ چراند ڪئي آهي، ان ڪري تاريخ جي سلسلي جون ڪڙيون ٽٽل نظر اچن ٿيون. ٻيو سبب آهي ”سنڌوءَ جي مستي“ سنڌ جي هن مست درياهه جتي هتان جي بنجر ۽ بٺ زمين کي پئي آباد ڪيو آهي، اتي هتان جي آباد ۽ شاداب وستين کي به پئي برباد ڪيو آهي، ۽ ايئن اسان جا جيئر جاڳندا تهذيبي نشان مٽبا رهيا آهن . پوءِ اهي ڪڏهن درياهه جي ٻوڏ جو نشانو بڻيا، يا سندس رخ مٽائڻ جي سزا ڀوڳيائون . سنڌ جي تاريخ جي سلسلن کي ٽوڙڻ ۾ ”سنڌي صورتخطي“ کي به وڏو عمل دخل رهيو آهي . موجودهه لپيءَ کان اڳ سنڌي ءَ جي لپيءَ ۾ ڪيتريون ئي تبديليون آيون آهن، ۽ هر تبديلي ماضيءَ ۽ حال جي وچ ۾ پئي هڪ ديوار اڀي ڪئي آهي .

(2) Maneck B. Pithawala :An Introduction to Karachi” , The Times Press, Karachi 1950, P. 13.

(3) Dr. Dur Muhammad Pathan:Contribution of Karachi District towards development of Sindhi Literature and Language 1843-1947” thesis for Ph. D 1979, P.21 also see : (a) William Vincent, D. D: The voyage of Nearchus”, London .

(b) Dr. Majumdar: The classical accounts of India”, Calcutta ,1960, P. 313.

(c) Tarn, W.W: The Greeks in Bactria & India”, Cambridge ,1951.

(4) مرحوم مولائي شيدائي انهيءَ حڪمران کي سيستان جو پارسي راجا ٻڌايو آهي . ”جنت السنڌ“ ، سنڌي ادبي بورڊ ، ڪراچي / حيدرآباد، 1958ع ص 49.

)5) Fr. Valens Wienk : In the land of the Sindhi and Balouchi”, Rotti press Karachi, 1947, P.17.

(6) پادري برڪت الله : ”قرون وسطيٰ ڪي ايشيائي اور هندوستاني ڪليسائين “ ، پنجاب رليجس بڪ سوسائٽي، لاهور، 1962ع ، ص .45 .

(7) رحيمداد خان : ”جنت السنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، ڪراچي/ حيدرآباد ، 1958ع، ص.51 .

(8) جڏهن ٺٽي جي حاڪم مرزا عيسيٰ ترخان، پنهنجي حريف بکر جي حڪمران سلطان محمود بکريءَ سان نه پڄڻ کي خيال ۾ رکي، پورچوگيزن کان مدد پني، جنهن جي موٽ ۾ پيڊرو بريٽو رولن (Pedro Barreto Rolin) 28 جنگي جهاز ڀري اچي ٺٽي ۾ پهتو. انهيءَ وقت مرزا عيسيٰ خان ترخان بکر طرف روانو ٿي چڪو هو ۽ سندس ٻارهن سالن جو پُٽ ”ميرهان بابا“ سندس غير حاضريءَ ۾ ڪاروبار هلائي رهيو هو. پورچوگيزن کي مٺيان لڳي ته مرزا عيسيٰ خان اسان کي سڏ ڏيڻ کان پوءِ انتظار ڇو نه ڪيو. ان وقت کين اهو به ٻڌڻ ۾ آيوته بکر ۽ ٺٽي جي حڪمرانن جي وچ ۾ سمجهوتو ٿي رهيو آهي . اهڙيءَ حالت ۾ کين اوس ئي ڦر مار ڪرن جو موقعو نه ٿي ملي سگهيو، ان ڪري هو بهانا تلاش ڪرڻ لڳا، تان جو هڪ ڏينهن سنڌي گهوريئڙو سندن فوجي ڪئمپ ۾ وڪري ڪرڻ لاءِ ڪي شيون کڻي ويو . پورچگيزي فوجين نه رڳو ان کان اهي شيون ڦري ورتيون، بلڪ ان کي مار ڏنائون. ان جو نتيجو هي نڪتو جو پلاند وٺڻ خاطر انهيءَ گهوريئڙي جي مائٽن ۽ دوستن پورچوگيزي فوجين تي حملو ڪيو. بس، پوءِ ته هنن کي جواز ملي ويو. هنن ٺٽي جهڙي خوبصورت شهر کي باهه ڏني، سنڌو نديءَ تي ٻنهي طرفن ميلن جي ميلن تائين ڦر لٽ ڪئي ۽ اٺ هزار ماڻهن جو بي گناهه قتل عام ڪيو . هنن کي جا شئي ملي، سا کڻي پنهنجي ٻيڙن ۾ سٿيائون، تان جو ڪا شيءَ جون سرون به کڻي ويا . هي واقعو ايشيا جو وڏي کان وڏو ڌاڙو هو . تفصيل لاءِ ڏسو :

(a) Father Achilles: Christianity in Sind & Balochistan” an article published in the journal of Sindh Historical Society, Karachi, Dec 1938, P.84.

(a) A.B. Adwani: “The early British traders in Sind” an article published in the journal of Sind Historical Society, May 1934, P.38.

(9) ”گرم پاڻي“ (Hot Water) جي سياسي ۽ اقتصادي اهميت صدين کان وٺي ، تسليم ڪئي وڃي ٿي ، ۽ جنهن قوم انهيءَ تي قبضو ڪيو، اها دنيا تي قابض بڻجي وئي . مسلمانن جڏهن ”گرم پاڻي “ کي پنهنجي تسلط هيٺ آڻڻ جو ڍنگ سکيو ته انهن طارق بنزياد بڻجي اسپين فتح ڪيو، ۽ محمد بن قاسم سنڌ جو مقدر مٽايو. ساڳي طرح وري اسان جو سمنڊ ننڍي کنڊ جي تاريخ تي اثر انداز ٿيو. پورچوگيزن کان وٺي ويندي ڊچن ۽ انگريزن ننڍي کنڊ تي قبضي ڪرڻ جا اهي مسلمانن جا طريقا استعمال ڪيا . سنڌ جو سدا حيات شاعر، تاريخ جو ڄاڻو، حال کي پرکيندڙ ۽ مسقبل کي ڏسندڙ مفڪر شاهه عبداللطيف گرم پاڻيءَ جي انهيءَ اهميت کان چڱيءَ طرح باخبر هو، ان ڪري جڏهن ڌارين انگريزن کي پنهنجي پاڻيءَ جو سردار ٿيندي ڏ‏ٺائين، تڏهن سندسن ڏات تڙپي اٿي ته :

معلم ماڳ نه اڳئين، ڦلنگي منجهه ڦريا؛

ملاح تنهنجي مڪڙيءَ اچي چور چريا ؛

جتي ڍينگ ڍريا، تتي تاري تنهنجي .

(10) جيڪي فرنگي واپار ۽ تجارت جي سلسلي ۾ واپاريءَ وغيره جي صورت ۾ سنڌ ۾ آيا، تن جو مختصر وچور هن ريت ٿئي ٿو .

ائنٿوني اسٽارڪي (Anthony Starkey) 1612، والٽر پيٽن(Walter Payton ) 1613، سر رابرٽ شيرلي (Sir Robert Sherly) 1613، فرانسس بب (Francis Bubb) 1613، ماسٽر مچل (Master Michael) 1613، ٽامسن پاويل (Tamasin Powell) 1613، ليڊي ٽاميسن پاويل (Lady Tamasin Powell) 1613، نڪولس وٿنگٽن (Nicholas Withnigton) 1613، سر ٿامس رو (Sir Thomes Roe) 1615، جان اسپلر (John Spiller) 1630، فريملين (Fremalen) 1638، رچرڊ مولي (Richard Moyle) 1638، ڊينيل ايلڊر (Daniel Elder) 1644، ريولٽ والون (Revelt Walwyn) 1644، هينري گري (Henry Garry) 1646، نڪولس اسڪريونر (Nicholas Scrivener) 1646، گلبرٽ هيريسن (Gilbert Harrisan) 1646، پيٽر ڊي بائي (Peiter De Bie) 1652، وليم بيل (William Bell) 1658، همڦري فاڪس (Humphery Fox) 1658، ٿامس ايٽڪنس (Thomas Atkins ) 1658، جان وڊ رنگٽن (John Widdrington) 1658، ويلنٽائن نرس (Valentine Nurse) 1660، جان ڪاڪس (John Cox) 1660، ايلگزينڊر هيملٽن (Alexander Hamilton) 1699، ايڊورڊ ڪڪ (Edward Cooke)جنهن 1747ع ۾ سنڌ ۾ وفات ڪئي ، ناٿن ڪرو (Nathan Crowe) 1798 ۽ اَرٿر ڪونولي 1830ع .

(11) مکيه سياحن ۾ نڪولائي منوڪي (Niccolao Manucci)، چارلس ميسن (Charles Masson) 1826 ، ڪئپٽن ليو پولڊ (Capt : Leopold) ۽ هينري واٽر بيليو 1872ع جا نالا ذڪر ڪرڻ جي قابل آهن .

(12) سياسي مقصدن خاطر يا سفير بڻجي آيلن مان :

ڪئپٽن ڊيوڊ سيٽن (Capt: David Seton) 1808، نيڪولس هينڪي سمٿ (Nicholas Hankey Smith) 1809 ، هينري ايلس (Henry Ellis) 1809 ، رابرٽ ٽيلر (Robert Tayler) 1809 ، هينري پاٽينجر (Henry Pottinger) 1809، ڪئپٽن چارلس ڪرسٽي (Capt: Charles Chiristie) 1809، وليم هال (William Hall) 1809، وليم مئڪس فيلڊ (William Maxfield) 1809، ڪئپٽن سيڊليئر (Capt: Sadlier) 1820، ڊبليو - سائمن (W. Simon) 1820، ڊاڪٽر هال (Dr. Hall) 1820، ميجر ووڊ هائوس (Major Wood House) 1820، هينري پاٽينجر (Henry Pottinger) 1831، ۽ ڪئپٽن ايسٽوڪ 1839.

(13) Discalced Carmelites عيسائيت جو اهو ڌڙوآهي، جنهن ٻارهن صديءَ ۾ وجود ورتو . برٿولڊ (Birthold) کي انهيءَ جو باني سڏيو وڃي ٿو. هن ٻين ڏهن ماڻهن سان گڏجي، فلسطين ۾ جبل مارالياس (Mount Cramel) هتي هڪ جماعت ٺاهي . 1210ع ۾ ان جا قاعدا ۽ قانون جوڙيا ويا ۽ ان تيرهين صديءَ ۾ هڪ تحريڪ جو روپ ورتو . ”Discalced Carmelites“ انهن کي چيو ويندو آهي ، جيڪي پيرين اگهاڙا هوندا آهن . تفصيل سان ڏسو:

{Encyclopaedia Britannica Edition 1949, P. 887}

(14) Augustinians رومن ڪئٿوليڪ جو اهو مذهبي ڌڙو آهي، سينٽ آگسٽائن (St. Augustine) جي رهڻي مطابق زندگي گذارڻ چاهين ٿا . هن ڌڙي 1250ع ۾ منظم ٽولي جي صورت ورتي . ڏسو :

{Encyclopaedia Britannica Edition 1949, P. 686}

(15) Fr. Valens Wienk: “ In the land of the Sindhi and Balochi Rotti Press Karachi, P.19 .

(16) فادر (Ludovicus Franciscus a Matre Die) 1613ع ۾ سنڌ ۾ آيو ته جيئن ٺٽي ۾ فادر (-Joannes a Jusu Maria) لاءِ جاءِ ڀاڙي تي وٺي سگهي . سندس وڌيڪ معلومات ملي نه ٿي سگهي . البت ريڊمپٽس (Redemptus) جي مڪمل ملي ٿي . هو صاحب 1598ع ۾ پورچوگال ۾ ڄائو . اڃا ننڍو ئي هو ته هندوستان اچي پورچوگيزن جي فوج ۾ شامل ٿيو . ڪجهه وقت کان پوءِ فوجي نوڪري ڇڏي عيسائين جي تبليغي جماعت ۾ شامل ٿيو . ڪيترو وقت سنڌ ۾ به ڪم ڪيائين . کيس 29، نومبر 1638ع تي تبليغي مهم دوران پنهنجي زندگيءَ تان هٿ ڌوئڻا پيا . ڏسو :

[Father Achilles: “Christianity in Sindh and Balochistan” an article published in the Journal of Sindh Historical Society Karachi, Dec: 1938, P.38.]

(17) هي صاحب 1639ع ۾ وينس ۾ ڄائو . 1653ع ۾ سير سفر جي شروعات ڪيائين . کيس سمرنا ، ايشيا مائنر ۽ هندوستان ڏسڻ جو موقعو مليو .هندوستان ۾ مغل فوج ۾ به ڀرتي ٿيو .

[William Irvine : “A Pepys of Moghul India”, London, 1907, Vol : I, P . 1]

(18) منوڪيءَ هن مبلغ کي انهيءَ کان اڳ اصفهان ۾ به ڏٺو هو . سندس چوڻ مطابق اهو مبلغ وڏو عالم ۽ فارسي، عربي ۽ هندوستاني ٻولين جو ماهر هو . منوڪيءَ جي جڏهن ساڻس بکر ۾ ملاقات ٿي ، تڏهن منوڪي شهزادي دارا جي فوج ۾ هو ۽ شهزادو دارا اورنگزيب سان اختلافات رکڻ سبب وڙهندو ۽ لڪندو اچي سنڌ ۾ پهتو . شهزادي دارا جڏهن هن عيسائي فقير جي هاڪ ٻڌي ته ان وٽ لنگهي آيو ، کائنس ايترو ته متاثر ٿيو ، جو کيس چوڻو پيو ته : ”جيڪڏهن دنيا ۾ ڪو سچ تي ٻڌل مذهب آهي ته اهو ڪئٿوليڪ مذهب ئي آهي . آءٌ ڪيتري وقت کان وٺي انهيءَ مذهب جي ڪيترن ڌڙن سان ملندو رهيو آهيان، ليڪن هر دفعي انهن هن حقيقت جو پئي انڪشاف ڪيوآهي ته معمولي اختلاف کان سواءِ عيسائي هر ڳالهه ۾ متفق آهن، ليڪن اسان جي مذهبن جهڙوڪ : هيبروز، هندو ۽ اسلام جو اهڙو حال نه آهي. انهن مذهبن ۾ مون کي اختلاف نظر آيا آهن، مان مسيح کان دعا ٿو پنان ته مون کي بادشاهي عطاڪري، آءٌ واعدو ٿو ڪريان ته جڏهن آءٌ بادشاهه ٿيندس ته پوءِ آگري شهر ۾ بيبي مريم جي نالي ۾ ديول ٺهرائيندس . ان کان سواءِ مان پادرين کي اجازت ڏيندس ته هو ڀلي ديولون قائم ڪن ۽ منهنجي شهنشاهيءَ جي حدن ۾ جتي وڻين ، اتي پنهنجي مذهب جي بنا روڪ ٽوڪ تبليغ ڪن . “

ڏسو حوالو ساڳيو، صفحو 324 ۽ :

[Achilles: “Christianity in Sindh & Balochistan” J.S.H.S, Dec: 1938, P.90.]

(19) Fr. Valens Wienk: “In the land of the Sindhi & Balochi”. Rotti Press Karachi, 1947, P.19.

(20) J.W. Smyth: “Gazetteer of Province of Sindhi”.B.Vol .1, Karachi, P.111.

(21) Simon de Graca: “Memorial do convento de santo agostinho de goa”. Portuguez, 1907, P 350.

(22) A.B. Advani : “The early Birtish Traders in Sind ”. An article published in the Journal of Sindh Historical Society, Karachi, Vol.1, P. 43

(23) رحيمداد خان مولائي شيدائي : ”تاريخ تمدن سنڌ“ سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد 1959ع ص 413

(24) سمباسٽن جو انهيءَ سلسلي ۾ بيان آهي ته : سندس (شاهجهان جي سهري آصف خان) دوستيءَ سبب ۽ وسيلي مون اهي ڳالهيون مڃايون ۽ ڪري سگهيس ، جنهن جو تصور به ڪري نه پيو سگهان، سندس دوستيءَ مان فائدو وٺندي ، شهنشاهه کان انهيءَ فرمان وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس، جنهن جي مطابق مون کي سنڌ ۾ انهن مذهبي جاين ۽ پادرين جي رهڻ وارين جاين جي نئين سر تعمير ڪرائڻ جي اجازت ملي. اهي جايون ، جن کي خود شنهشاهه ڍهرائڻ جو حڪم ڏنو هو . ڏسو :

[C. Eckford Luard: “Travels of Fray sebastion manrique, Oxford ,1927, Vol II. P. 152].

(25) انهيءَ سلسلي ۾ ڪيترن ئي يورپين ماڻهن جا نالا پيش ڪري سگهجن ٿا. مثال طور : رابرٽ ڊڪ (Robert Dick) اڳ ۾ شاهه شجاع جي فوج ۾ ملازم هو، سو پوءِ ميرن جي فوج ۾ داخل ٿيو . اهڙي نموني سان 1843ع واري جنگ ۾ ڪئپٽن جان هاول (Capt. John Howel) ميرن جي طرفان وڙهيو . جڏهن کيس فوجي قيديءَ جي حيثيت سان نيپيئر اڳيان آندو ويو ته هن اقرار ڪيو ته جيتوڻيڪ ميرن جو ملازم هو، پر جنگ دوران ميرن جي خلاف ئي ڪم ڪيائين . هنن نيپئر جي فوج تي رڳو هوائي فائر ڪيا ۽ ڪنهن به گوري سپاهيءَ کي نه ماريائين . اهڙي ماڻهوءَ کي ميرن مياڻيءَ ۽ حيدرآباد ۾ هڪ فوجي جٿي جو اڳواڻ بڻايو هو .تفصيل لاءِ ڏسو :

[Burton: “Scinde of the unhappy valley of the Indus,” London, 1851, Vol I. P.P. 152-153].

(26) رومن ڪئٿولڪ عيسائين جي هڪ پراڻي فرقي کي (Jesuites) چيو ويندو آهي .

(27) Fr. Valens Wienk : “In the land of the Sindhi & Balochi , Rotti Press Karachi, 1947, P.20.

(28) سنڌ ۾ عيسائي مبلغن کي ڀرپور سرڪاري سرپرستي ملي، وقت جا حڪمران سندن تنظيمن ادارن ۽ گرجائن جو افتتاح ڪندا هئا، کين ٿوري تڪليف وٺڻ تي زمينون ۽ پلاٽ الاٽ ڪندا هئا . سند ن تنظيمن ۽ ادارن جا سرگرم ڪارڪن بڻيا هئا ۽ ڏکئي وقت ۾ سندن بچاءُ به ڪندا هئا . مثال طور جڏهن سنڌ ۾ ”حر تحريڪ“ زور ورتو ۽ حرن سانگهڙ کي مرڪز بڻائي ، پنهنجي روحاني رهبر جي عقيدت جو اظهار ڪيو ته اتان جي عيسائين کي بچائڻ لاءِ اطلاعن ڏيڻ ۾ وقت جي سرڪار ڪا به گهٽتائي نه ڏيکاري . اقتدار ۽ عيسائيت جو پاڻ ۾ چولي دامن جهڙو لاڳاپو هوندو هيو . عيسائين جا مرڪز فوجي ڇاوڻين يا وڏن سرڪاري ڪامورن جي دفتر جي نزديڪ هوندا هئا ۽ اهي اڄ ڏينهن تائين انهن جاين تي موجود آهن.

(29) ڪن مذهبي ادارن ، جماعتن ۽ تنظيمن مان هي ذڪر ڪرڻ جي قابل آهن :

The Pious Association.

Board of Apostleship of prayer.

St. Vincent de paul’s society.

The lepers’ committee.

Catholic Association of sind.

Daughters of the cross of liege.

The Franciscan Missionaries of Mary.

Catholic Goan’s Association.

St. Elizabeth’s Association.

Franciscan Missionary of South America.

Franciscan Missionary of Christ king.

The st. Salesius Siwak sabha.

Sodalities of virgin Mary (1868)

The league of Night Adoration (1931)

Karachi Catholic Propaganda Committee (1932)

Students Missionary League.

The Catholic Association.

St. Vincent de paul’s Conference.

Young men’s Christian Association.

Young Women’s Christian Association.

St. Josph’s Association.

(30) سنڌ ۾ پهريون انگريزي اسڪول ڪئپٽن پريڊي (Capt: Preedy) 1846ع ۾ قائم ڪيو، جيڪو پوءِ 1853ع ۾ ”چرچ مشن سوسائٽي“ جي حوالي ڪيو ويو . هن اسڪول ۾ بائبل کي لازمي طور پڙهايو ويندو هو. ان کان پوءِ سنڌ ۾ عيسائين پنهنجي مذهب جي تبليغ لاءِ جيڪي اسڪول کوليا، انهن مان هي ذڪر ڪرڻ جهڙا آهن:

St. Patric School, Karachi.

St. Joseph’s Convent Girls High School, Karachi.

St. Paul’s Urdu School, Karachi. (1936)

Catholic Primary School, Karachi (1923).

Catholic Urdu Primary School,Kiamari (1945).

Philomena’s School, Karachi.

Catholic School, Kotri.

St. Joseph’s School, Hyderabad.

St. Bonaventure Boy’s High School, Hyderabad.

St. Mary’s Convent Girl’s High School, Hyderabad.

Primary School, Nawabshah.

Punjabi Primary School, Sanghar.

St. Mary’s School, Sukkur.

] وڌيڪ تفصيل لاءِ -ڏسو ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ:”ادبي اوسر جو تاريخي جائزو“ٽائپ ٿيل 1980ع، ص 81. [

(31) ڪراچي ڊويزن ۾ جيڪي ٿوري وقت اندر ديولون قائم ڪيون ويون ، تن ۾ : ”سينٽ پئٽرڪ چرچ“ (1845) ، ”دي ٽرنٽي چرچ“ (1855)، ”چرچ مشنري سوسائٽي چرچ“ (1856) ، ”سينٽ پائولس چرچ“ (1865)، ”ميٿوڊسٽ اپسڪويل چرچ“ (1875) ۽ ” اسڪاٽش چرچ“ (1888) ذڪر ڪرڻ لائق آهن. باقي ٻين هندن تي قائم ڪيل مڙهين ، ديولن ۽ گرجائن جو ذڪر مناسب هند تي ڪيو ويندو .

(32) عيسائين جي مذهبي مبلغن جيڪي اسپتالون يا سماجي خدمتن لاءِ تنظيمون قائم ڪيون، تن مان هي مکيه آهن :

St. John Bosco’s Orphanage, Karachi.

St. Teresa’s Nursing Home, Karachi.

Kunwari Mariam ji Hospital, Nawabshah.

(33) ڪراچيءَ ۾ وري سندن ڪيترا مرڪز هئا ، جهڙوڪ : ڊرگ روڊ، ڪياماڙي، منوڙو ، ڪئٿولڪ ڪالوني، صدر، فريئر هال ايريا، لڳ ڪوس گهر ۽ حاجي ڪئمپ . حيدرآباد سندن آڳاٽو ۽ مکيه مرڪز رهيو ، هن ئي مرڪز معرفت پرمانند ميوا رام عيسائي ٿيو ۽ اتان ”جوت“ نالي اخبار جاري ڪيائين. اشاعت جي سلسلي ۾ به هتان جي ”سنڌي ڪرسچين لٽرري سوسائٽي“ جي شاخ ڪيترو ڪم ڪيو . هن مرڪز سنڌ ۾ مذهبي ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ ۾ اهم پارٽ ادا ڪيو. الله جي ڪتاب جي شان ۾ گستاخي ڪندي، هتان جي ئي هڪ سنڌي ڪرستان ڪتاب لکيو، جنهن جي جواب ۾ حڪيم مولوي فتح محمد سيوهاڻيءَ ”فتح محمدي“ ڪتاب لکيو . 1946ع ۾ هتي ڪل 151 ڪئٿولڪس هئا، جن ۾ 128 هندوستاني ۽ 11 سنڌي ڪرستان به هئا.

نواب شاهه کي 1936ع کان وٺي عيسائيت جي تبليغ جو مرڪز بڻايو ويو. هتي سندن هڪ اسڪول، اسپتال، چرچ، پئرش هائوس، ايگريڪلچرل سوسائٽي فار ڪئٿولڪ هاريز ۽ مارواڙي هائوسنگ سوسائٽي هوندو هئي . هتي هنن ڪيترا ڀيل عيسائي بڻايا. سانگهڙ ۾ وري ديهه بکرو ۾ پنهنجي زرعي ڪالوني ٺاهيائون. 1938ع ۾ پير پاڳاري جي مريدن کين ايترو تنگ ڪيو جو هو تبليغي ڪم ڇڏي هليا ويا . اتر سنڌ ۾ سکر سندن مکيه تبليغي مرڪز رهيو . اتي سندس ٻه اسڪول ۽ هڪ سماجي تنظيم هئي . هتي کين پنجابي ڀنگين ۾ مقبوليت حاصل ٿي .

(34) Fr. Valens Wienk : “In the land of the Sindhi and Balochi”. Rotti Press Karachi, 1947, P.8.

(35) هن جماعت جو پهريون اعزازي سيڪريٽري اين. جي . وي هاءِ اسڪول جو تڏهوڪو هيڊ ماستر جيمسٽجي آرديشر هو . هن ادبي جماعت جون هفتيوار گڏجاڻيون هر هڪ اربعا شام تي ٿينديون هيون . سنڌ جا ڪيترا ئي نامور اديب جهڙوڪ : ڏيارام گدو مل ، ڪوڙو مل چندن مل، هيرانند شوقيرام وغيره هن ئي جماعت جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندا هئا . تفصيل لاءِ ڏسو :

]ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ: ”ڪراچي ضلعي جو سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ حصو“ ، پي .ايڇ. ڊيءَ لاءِ لکيل مقالو، 1989، ص 445.[

(36) سنڌ جي عيسائين جيڪي غير سنڌي اخبارون يا رسالا جاري ڪيا، اهي هي هئا : (a) ”The Rotti“ نالي ڪوڪانين لاءِ ماهوار اخبار ، جيڪا 1932ع ۾ ڪراچيءَ مان جاري ڪئي وئي. هن اخبار جو پهريون ايڊيٽر ونسينٽ لوبو ( Rev. Vincent Lobo) ٿيو. ان کان پوءِ فادر پيريرا(Fr. Perira) ۽ فادر اي. مونز (Fr. A. Moniz) ان جا ايڊيٽر ٿيا. هيءَ اخبار سنڌ ۽ هند کان سواءِ آفريڪا تائين پڙهي ويندي هئي .

(b) ”St. Anthony in India“ هي انگريزي ماهوار اخبار 1939ع ۾ ڪراچيءَ مان جاري ٿي . ائنٿوني الميڊيا (Rev. Anthony Almeida) ان جو پهريون ايڊيٽر ٿيو .

(c) ”Standard“ : هي هفتيوار اخبار اڳتي هلي ماهوار ٿي . جنگ جي زماني ۾ ان کي بند ڪيو ويو ۽ ان کان پوءِ ”The Catholic Chronicle“ نالي پندره روزه اخبار جاري ڪئي وئي .

(37) پرمانند ميوارام جا وڏا هندن جي منشياڻي آڪھ مان هئا . سندس جنم 1866ع ۾ حيدرآباد ۾ ٿيو. سندس ڏاڏو مور جمل پهريون عامل هو جنهن دين اسلام قبول ڪيو . هن جي عمر جڏهن ننڍي هئي ته سندس والد به مسلمان ٿيو ، جيڪو پوليس کاتي ۾ ملازم هو. پرمانند ابتدائي تعليم مسلمان آخوند وٽان ورتي . ان کان پوءِ انگريزي تعليم حيدرآباد، شڪارپور ۽ ڪراچيءَ جي تعليمي ادارن مان ورتائين . کيس 1884ع ۾ ”ماريپور سالٽ ورڪس“ ۾ ملازمت ملي. انهيءَ سلسلي ۾ سکر ۽ ڏيپلي به وڃڻو پيس. ٽن سالن بعد تعليمي ادارن ۾ نوڪري ڪيائين. “ليکراج ۽ کيمچند اسڪول“ حيدرآباد ۽ ”يونين اڪيڊمي“ حيدرآباد ۾ استاد ٿي رهيو. 1891ع ۾ عيسائي ٿيو ۽ سندس نالو ”فيلڪس“ رکيو ويو . مذهب بدلائڻ سبب کيس ”يونين اڪيڊمي“ ڇڏي، ڪجهه وقت لاءِ ”ڊسٽرڪٽ ڪورٽ“ ، حيدرآباد ۽ پوءِ 1894ع کان 1897ع تائين ”سينٽ پيٽرڪ اسڪول“ ڪراچي ۾ استاد جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻو پيو .

هن نه رڳو ”جوت“ اخبار جاري ڪئي، پر ”گل ڦل“ ۽ ”دلبهار“ ڪتاب به مرتب ڪيائين . سندس لکيل ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن مان ”سنڌي انگريزي لغت “، ”انگريزي سنڌي لغت“ ، ”ڪرست جي پيروي“، ”يوسف مصري“، ”هيري جي منڊي“، ”ڌرم مورتي“، ”آتمڪ امرت“، ”مياڻيءَ جي جنگ بيتن سميت“، ”اپائڻهار جي هستي“، ”هيرو ۽ گلو“، ”لڇڻ وڌيڪ ڪين لڌو“، ”لورڊ جي ناري“، ”سر ڪاپائتي“ ۽ ” سنڌ باد سيلاني“ ڪافي مشهور آهن .

سندس وفات 29-نومبر 1938ع تي ٿي . ] تفصيل لاءِ ڏسو منهنجو زير ترتيب ڪتاب”ايڊيٽر نامو“[

(38) فادر ڪوٽواڻي جو جنم 16 آڪٽوبر 1944ع تي ڳوٺ عظمت تعلقي سکر ۾ ٿيو . ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ ۽ انگريزي تعليم ”نيو ماڊل هاءِ اسڪول“ ڪراچي ۽ ”نؤ ود ياله اسڪول“ حيدرآباد ۾ ورتائين. ارڙهن سالن جو هو ته سندس والد لاڏاڻو ڪري ويو .انهيءَ موقعي وارين ”اگني سنسڪار“ ۽ ” گنگا اَشنان“ جهڙين مذهبي رسمن کيس هندو ڌرم کان متنفر ڪري ڇڏيو . پرمانند ميوا رام جي اثر هيٺ 1933ع ۾ عيسائي ٿيو . هي پهريون سنڌي ڪئٿولڪ آهي، جيڪو 1944ع ۾ پادريءَ جي منصب تي رسيو .

پاڻ 1938ع ۾ ”جوت“ جو ايڊيٽر ٿيو .]حوالو ساڳيو[

(39) انهن کان سواءِ سنڌ جو هڪ ٻيو سنڌي عيسائي عالم هو (B. Animananda)

(40) ڪارسن 1913ع ۾ آشريٽن ، نيوزلينڊ ۾ ڄائو . هي صاحب 1940ع ۾ سنڌ ۾ آيو . ڪيترو وقت ”چرچ مشنري پريس“ ۽ ”سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽيءَ “ جو سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو . هن ”خدا جو ڪٽنب“ ۽ ٻيا ڪتاب لکيا . ] تفصيل لاءِ ڏسو ، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ : ”پرڏيهي عالمن جا خط“ ، هفتيوار ”آزاد“ ، ڪراچي، مؤرخه 3 ڊسمبر ، ص 2[.

(41) چارلس وليم هسڪل 1905ع ۾ بريڊ فورڊ، انگلينڊ ۾ ڄائو ۽ تعليم نيوزي لينڊ مان ورتائين. هي صاحب 1930ع ۾ ”چرچ مشنري سوسائٽي“ جي ڪارڪن جي حيثيت سان سنڌ ۾ آيو . 1933ع کان وٺي ”سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي“ جو سيڪريٽري ٿيو . ان کان پوءِ ”گرامر اسڪول“ ڪراچيءَ جو پرنسپال ٿيو . 1955ع ۾ نيو زي لينڊ هليو ويو .

هن ڪرستاني ادب تي ڪيترائي ڪتاب انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا . انهيءَ موضوع تي اصلي ڪتاب به لکيائين . هن صاحب سنڌي انگريزيءَ ۾ هڪ گرامر به مرتب ڪيو . ان کان سواءِ ”سنڌي انگريزي لغت “ مرتب ڪرڻ ۾ هڪ سنڌي هندو اديب(؟) جي مدد به ڪيائين . ] تفصيل لاءِ ڏسو ، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ:”پرڏيهي عالمن جاخط“هفتيوار”آزاد“ڪراچي. مؤرخه 19- نومبر 1979، ص 4[

(41) See: Daily Gazette, Karachi, dt: 7.4.1928, P 9 to 10.

(42) ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ: ”ڪراچي ضلعي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو“ ، پي . ايڇ . ڊي ءَ لاءِ مقالو ، 1979، ص . 516 .

(43) ڊاڪٽر اَرنيسٽ ٽرمپ 3-مارچ 1828ع تي ايلز فيلڊ (Elezfield) جرمنيءَ ۾ ڄائو . سندس والد هڪ غريب هاري هو . هي صاحب 1848ع واري جرمنيءَ جي آزاديءَ جي تحريڪ (Liberal Movement) ۾ شريڪ ٿيو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ جيل به ڀوڳڻو پيس . جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ برطانيه آيو، جتي کيس ”انڊيا آفيس ”۾ ملازمت ملي وئي ، اتان هيءُ ”چرچ مشن سوسائٽي“ جي سنگ ۾ آيو ۽ آخرڪار پادري بڻجي اچي بمبئي پهتو . هن ڪجهه وقت لاءِ”ٽيومنگن يونيورسٽي ۾ مشرقي زبانن جو ريڊر ۽ اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو . 1883ع ڌاري ميونخ (Munich) يونيورسٽي ۾ سامي ٻولين جي تعليم جو پروفيسر ٿيو . سندس وفات 5-اپريل 1885ع تي ٿي .

ڊاڪٽر ٽرمپ جرمنيءَ کان سواءِ انگريزي، فرانسي، لاطيني، حبشي، سنڌي، عربي، پارسي، پنجابي، پشتو، سنسڪرت ۽ بروهي ٻولين تي به دسترس رکندو هيو . سندس لکيل ڪتابن ۾ ”ڪامن پرائمر بڪ“ (Common Primer Book)، ”شاهه جو رسالو“، ”سنڌي ريڊنگ بڪ ان دي سنسڪرت اينڊ عربڪ ڪرئڪٽرس (Sindhi Reading Book in the Sansikrat and Arabic Characters.) ، ”گروگرنٿ جو انگريزي ترجمو“ ۽ ”سنڌي گرامر“ ذڪر ڪرڻ جي قابل آهن. ]تفصيل لاءِ ڏسو : حبيب الله مولابخش ڀٽو : ”سنڌي ساهت ۽ مشهور مشترقين “ ، شڪارپور، 1973ع ، ص 85-78[.

(43) هي صاحب سيپٽمبر 1942ع ۾ سنڌ ۾ آيو. ڪراچيءَ کان حيدرآباد، سيوهڻ ۽ سکر کان ٿيندو، پنجاب ويو . ان جو سفر نامو جرمني زبان ۾ ڇپيو . ان جو انگريزي ترجمو ايوانس لائڊ ڪيو ، جيڪو (Travel in India including Sindh and Punjab) جي نالي سان ٻن جلدن ۾ شايع ٿيو . ]تفصيل لاءِ ڏسو : ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ” سنڌ مغربي ليکڪن ۽ سياحن جي نظر ۾ “ ، ٽه ماهي مهراڻ، ڄامشورو3-4/1979، ص 117[ .

(44) ڪرسٽاف وان شمڊ 1768 ع ۾ فرانڪونيا پرڳڻي جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڄائو ۽ سنه 1854ع ۾ وفات ڪيائين . هو وڏو پادري هو ۽ ڪجهه وقت سرڪاري اسڪولن جو انسپيڪٽر به ٿي رهيو . هن ٻارن لاءِ گهڻائي ڪتاب لکيا، جن مان ”انجيل جي تاريخ“، ”خدا جي بابت پهرين تعليم“ ۽ ”گلن جي ٽوڪري“ ذڪر ڪرڻ جي قابل آهن .

(45) يوهان ولف گينگ فان گوئٽي 28 آگسٽ 1749ع تي فرينڪرٽ اون ۾ پيدا ٿيو . ڄمڻ وقت ايترو ته ضعيف هو ، جو سندس مائٽن کي هن ٻار جي بچڻ جي ڪا ئي به اميد ڪا نه هئي، پر ڪنهن ٿي ڄاتو ته اهو ڪمزور ٻار اڳتي هلي ڪهڙا ڪارناما سر انجام ڏيندو . سندس والد بنيادي طور تي ڪاريگر هو ، جو ترقي ڪري وڃي”امپريل ڪائونسل“ جو ميمبر ٿيو هو . هن جي والده وري وڪيلن جي خاندان مان هئي .

گوئٽي انهن ٽن عظيم انسانن مان سڀ کان پهريون ڄائو، جن اڳتي هلي جرمنيءَ جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو . باقي ٻن شخصيتن ۾ شيلر، 1759ع ۾ ۽ نيپولين ڏهه سال پوءِ پيدا ٿيو . گوئٽي پنهنجي اکين سان ڪيترائي اهم واقعا ڏٺا . هن انهيءَ ”جرمن پارليامينٽ“ کي ختم ٿيندو ڏٺو، جيڪا قرونِ وسطيٰ کان وٺي هن قوم جو مضبوط ادارو ٿي رهي هئي . کيس آمريڪا جي جنگِ آزادي جي مشاهدي ماڻڻ جو به موقعو مليو . فرانس جو انقلاب، نيپولين جو عروج ۽ زوال ۽ آخر ۾ 1830ع وارو پئرس جو انقلاب به ڏٺائين .

گوئٽي پنهنجي تعليم ليبزگ ۽ اسٽر بيرگ ۾ ورتي . قانون جي سند وٺڻ کان پوءِ ويزلر جي سپريم ڪورٽ ۾نوڪري ڪيائين . 1776ع ۾ ويمر ويو ، جتي پريوي ڪائونسلر ۽ وزير بڻجي ويو . هو هڪ ئي وقت وزير، مصور، سائنسدان ۽ اديب هو . هن جرمنيءَ جي شاعريءَ کي عوامي رنگ ڏنو، هتان جي ناٽڪي دنيا ۾ نئون روح ڦوڪيو ۽ پنهنجي قلم جي قوت سان پنهنجي علم ادب جي تاريخ کي سينگاريو . سندس لکيل ڪتابن جو تعداد چاليهن جي لڳ ڀڳ آهي ، جن مان ”پوئٽري اينڊ ٽرٿ “ (شاعري) ، ”گوز فان برلي شنگين“ (ڊرامو)، ”ميٽ امار فوسس آف پلانٽس“ (سائنس) ۽ ”فائوسٽ“ ذڪر ڪرڻ جي قابل آهن . سندس وفات 1833ع ۾ ٿي . ]تفصيل لاءِ ڏسو : سيد سعيد احمد: ”مشاهيرِ جرمني“ڪراچي، 1970ع ، ص ص 97-105[ .

(46) رچرڊ ووس: هي صاحب نيو گريپ لڳ پرٽز ۾ 1851ع ڄائو. سندس والد ٻهراڙيءَ جو رهاڪو هو . هن 1870ع وري جنگ ۾ شرڪت ڪئي . جينا ۽ روم ۾ پڙهڻ کان پوءِ علم ادب ڏانهن توجه ڏنائين . ڪجهه وقت لاءِ لائبريرين به ٿي رهيو . سندس لکيل ناٽڪن ۾ ”انفيهلبار“ (Unfehlbar) 1874ع ، ”رگولا برينڊ“ (Ragula Brand) 1884ع ، ”اسڪلڊگ“ (Schuldig ! ) 1892ع ۽ ناولن ۾ ”ولا فالڪونيئري“ (Villa Falconieri) 1896ع ، ”رومسڪز فائيبر“ (Romisches Fiebor) 1902ع ، ”زوي مينسڪين“ (Zwei Menschen) 1911ع ، ”مٽ ونلئب ان هار“ (Mit weinloub in hoar) 1915ع ، ”ڊاءِ سيبنيرين“ (Die sabinerien) 1890ع ، ”سڊليچز بلٽ“ (Sudliches Blut ) 1900ع ۽ سندس شاعريءَ ۾ ”ڊاءِ اسڪريبن گيساميلٽ ون اينم مڊن مئن“ Die Scherben gesammelt Von einem muden mann)) 1847ع ۽ يادگيرين ۾ ”اس اينم فانٽيسٽيڪن ليبن“ (Aus einem Phantastischen Leben) 1920ع وغيره تفصيل لاءِ ڏسو :

Henry & Mary Garland: “ The Oxford Companion to German literature, Oxford, 1976, P. 906.

(48) جيڪب، وليم کان وڏو هو. هو 4- جنوري 1755ع تي ڄائو ۽ 78 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين . وليم 1786ع ۾ ڄائو ۽ جيڪب جي وفات کان چار سال اڳ 1786ع ۾ وفات ڪيائين . هو پاڻ جيتوڻيڪ غريب هئا، ليڪن وطن جي حب جي جذبي سان سرشار هئا . انهيءَ جذبي تحت هنن جرمني جي قديم اتهاس، تاريخ، قانون، موسيقي ۽ اڳوڻي ادب ۾ گهري دلچسپي ورتي ، انهن موضوعن تي ڪتاب لکيائون . قومي شاعريءَ ۾ کين اعليٰ مقام حاصل هو . هنن 1816ع کا وٺي 1818ع واري عرصي دوران جرمن قوم جي قديم رزميه شاعري گڏ ڪري شايع ڪرائي . 1812ع ۾ لوڪ ڪهاڻين جو پهريون جلد ” ڪنڊر انڊهاس مارچن“ نالي سان ڇپرايو . پوءِ 1815ع ۽ 1822ع ۾ انهن ڪهاڻين جا ٻيا جلد به ڪڍيائون . سندس وفات کان پوءِ 1870ع ۾ جيڪب جي وڏي پُٽ هرمئن، سندس اڍائي سو ڪهاڻيون گڏي شايع ڪرايون . انهيءَ جلد مان پنجاهه ڪهاڻيون پوءِ انگريزيءَ ۾ ”Fair Tales Grims“ جي نالي سان شايع ٿيون. گرم خاندان جي هنن فردن جي انهيءَ ڪاوش مان 19 ڪهاڻيون چونڊي ، خانصاب مريد علي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون . اهي ڪهاڻيون پهريون ”گل ڦل“ سنڌي رسالي ۾ شايع ٿيون. جن کي پوءِ ”گرم جون آکاڻيون“ نالي ڪتاب جي صورت ڏني وئي . ]ڏسو : ناشر طرفان به ٻه لفظ ڪتاب”گرم جون آکاڻيون“ سنڌي ادبي بورڊ، ص .5[ .

ضميمو نمبر- 1

(1) سنڌ ڪرسچن سوسائٽيءَ طرفان شايع ڪرايل ڪن ڪتابن جو وچور: ”سانجهيءَجي دعا ۽ لٽانيا ۽ ڪي زبور“ (1916)، ”انجيل“

(1923)،”متي رسول جي معرف پاڪ انجيل “(1930)،”مسيحي مسافرجو احوال“(1933)،”هڪڙي جاپانيءَ جو قصو“(1934)،”سچو سڄڻ“(1934)، ڪگاوا جا آتمڪ آزمودا“ (1936)، ”دلپسند زندگي“ (1936)، ”معرفت جو راز“ (1939)، ”مسيح جي حقيقت“ (1940)، ”شروعاتي مٺا ميوا “(1943)،”اڳڪٿين جيتڪميل“(1943) ، ”خدا جو خاندان “ (1944) ، جئسنگهه بهادر“(1945)، ”ڪنهنپهڻ کي هٽايو (1945)، ”ناتال“ (1946)، ”پرتما جي بادشاهت ۽ ان جا قائدا “ (1946) ”موت کان پوءِڇا ٿيندو؟ “ (1946)، ”هڪڙو عجيب خواب“ (1946)، ”ڪاشيءَ جي ٻن تيرٿ واسين جو قصو “ (1947)، ”دنيا جي اميد“ (1947)، ”افضل راز“ (1947)، ”خدا جي هستي“ (1947)، ”دعائن جو گلدستو “ (1947)، ”هڪڙو عجيب ڪرڪيٽئر“ (1947)، ”جهاد جو سوجهرو“ (1947)، ”هڪڙو عجيب مڪاشفو “ (1947)، ”پتا جو پيار“ (1947)، ”مقدس لوقا جي معرفت پاڪ انجيل“(1947)”رڻ پٽ جي مسافري“ )1947( هدايت نامو“ (1947)، ”پولس هڪڙو غلام“ (سال ؟)، ”پنڊتا راما ٻائيءَ جو قصو“ (1947) ”معصوم شفيع جي سوانح عمري“ (سال ؟)، ”سلطان ۽ سلطانه“ (سال ؟)، ”نئون عهد نامو“ (سال ؟)، ”خدا جو پدرانه سلوڪ“(سال ؟)،”مختصرمقدس بائبل“(سال ؟)، ”صليب جو نشان“ (سال ؟)، ”پولس بهادر“ (سال ؟)، ”عبدالله“ (سال ؟)، ”هڪڙو عجيب پيچرو“ (سال ؟)، ”سوانح عمري“ (سال ؟) .

ضميمو نمبر - 2

(2) مسيحي ادب جون صنفون

سنڌي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيل ”سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي“ جي ڪتابن تي نظر ڦيرائجي ٿي ته اهي اسان کي مختلف صنفن ۾ ورهايل معلوم ٿين ٿا . سنڌيءَ ۾ مسيحي ادب نثر توڙي نظم تي مشتمل آهي . صنف جي لحاظ کان اهو مضمون، ڊرامي ، افساني ، قصي ۽ شاعريءَ تي مبني آهي .

جيئن : افساني جا ڪتاب : ”جئسنگهه بهادر“، ”هڪڙو عجيب ڪرڪيٽئر“ وغيره .

ڊرامي جا ڪتاب : ”ناتال“

قصي جا ڪتاب : ”پنڊتا راما ٻائيءَ جو قصو“، ”جاپاني قيديءَ جو قصو“ وغيره .

مضمون جا ڪتاب : ”دلپسند زندگي“، ”سانجهيءَ جي دعا“، ”معرفت جو راز“، ۽” مسيح جي حقيقت“ وغيره .

شاعريءَ جا ڪتاب: ”معصوم شفيع جي سوانح عمري“ .

ضميمو نمبر - 3

(3) 1947ع ۾ سنڌ اندر عيسائين جا ادارا ۽ انهن جو تعداد

ادارا تعداد

1 . پئرشسز ۽ ريزيڊنس 13

2. فريئريز 1

3. ڪنوينٽس 9

4. هاءِ اسڪول 6

5. مڊل اسڪول 2

6. پرائمري اسڪول 10

7. اسپتالون 1

8. ويم گهر 2

9. يتيم خانا 3

10. پريسون 1

( هي مقالو ٽه ماهي مهراڻ نمبر 1981- 4 ۽ 1981 1-2 ۾ ڇپيو)

4- اپريل، 1980ع بروز سومر سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئشن ، گوئٽي انسٽيٽيوٽ جي سهڪار سان آنجهاني ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جو ڏينهن ملهايو. نامور پرڏيهي آنجهاني اديب ۽ عالم جي هن ورسي جي صدارت جڳ مشهور سنڌي سپوت جناب جي الانا ڪئي . سندن فصيح ۽ معلوماتي صدارتي تقرير کان اڳ ترتيبوار منير چانڊئي ، عنايت بلوچ ۽ راقم مقالا پڙهيا .مون ڊاڪٽر ٽرمپ جي اوٽ وٺي ۽ خود ڊاڪٽر ٽرمپ کي خيال ۾ رکندي هڪ اهم موضوع کي هٿ ۾ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي . منهنجي خيال ۾ اهو موضوع بنهه نئون ۽ الڳ آهي، جنهن تي هن کان اڳ سنڌي زبان ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر لکيو ويو آهي .

مجلسن ۽ مذاڪرن، ورسين ۽ ڪانفرنسن جي ، موقعن تي مقالي نويسن کي پنهنجي محنت کان وڌيڪ حاضرين جي موڊ کي به ذهن ۾ رکڻو پوي ٿو. اسان جي روايتن مطابق جيئن مقالي نويسن کي موقعي کان اڳ مقالي لکڻ لاءِ مناسب وقت يا مهلت نه ڏني ويندي آهي ، تيئن موقعي تي وري کيس تفصيل ۾ وڃڻ جي به اجازت نه ڏني ويندي آهي . مون انهن مجبورين کي ذهن ۾ رکي پنهنجو مقالو تيار ڪيو آهي .

منهنجو مقالو ٽن حصن ۾ ورهايل آهي . پهرين حصي ۾ سڌو سنئون موضوع کي هٿ ۾ کنيو ويو ( جو هيءَ قسط- 1، طور شايع ٿي رهيو آهي ) ۽ جو ئي رڳو ڊاڪٽر ٽرمپ جي ورسيءَ جي موقعي تي پڙهيو ويو . ٻيو حصو ”حوالن ۽ وضاحتن “ تي ٻڌل آهي . حقيقت ۾ هن ئي حصي جون وضاحتون منهنجي نيت کان سواءِ تاريخ جي ڪن ڍڪيل ورقن تان پردو هٽائن ٿيون . انهيءَ ڪري وضاحتن کي ذهن م رکڻ کان سواءِ هن مقالي مان ڪوبه لاڀ پرائي نه ٿو سگهي . مقالي جو ٽيون حصو ”ضميمن“ تي مشتمل آهي ، ۽ اهي ضميما هن موضوع تي اضافي معلومات ڏين ٿا .

مقالو جيتوڻيڪ هن موضوع تي حرف آخر جي حيثيت نه ٿو رکي، ان هوندي به هن ڏس ۾ بنيادي معلومات ضرور پهچائي ٿو . موضوع کي مڪمل ڪرڻ لاءِ هنن پهلوئن تي اڃا وڌيڪ لکي سگهجي ٿو :

(1) سنڌ ۾ آيل مسيحي مبلغن جي سوانح، (2) سنڌ ۾ مسيحي مرڪزن جو تفصيلي احوال، (3) سنڌ ۾ مسيحي ادارن جو تفصيلي احوال ، (4) سنڌ ي غير مبلغ عيسائين جو احوال ، (5) سنڌ جي مکيه ديولن جو ذڪر ، (6) مسيحي ادب ۽ تحريڪ جو اسان جي علم ادب تي فڪري اثر ، (7) سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جو مسيحي تبليغ تي فڪري اثر .

بهرحال چند ڏينهن جي محنت هڪ بنيادي خاڪي جي صورت ۾ پڙهندڙن اڳيان حاضر آهي .- د . م . پ)

 

 

Menu
Go to top