Menu
Подробнее на сайте: https://holdnews.ru https://flarenews.ruhttps://topallnews.ruhttps://newshead.ruhttps://news101.ruhttps://estascredit.ru
https://hotsnews.ru https://automobyle.ru https://maincredit.ruhttps://priornews.ru https://leadingnews.ruhttps://ultimnews.ru https://newsexplore.ru https://prime-pc.ruhttps://pc-room.ru

سکر بيراج جا سنڌ جي عام جيوت تي اثر

 

 

سياڻن سچ چيو آهي ته تهذيبون پاڻيءَ جي ڀر ۾ جنم وٺنديون آهن. انسان جڏهن ۽ جتي به جهوپڙا اڏيا ،تڏهن کان ئي سندس تهذيب جو آغاز ٿيو. اها چوڻي بنهه سنڌ تي به ٺهڪي اچي ٿي. اسان جا ڪيترائي تاريخي دؤر ۽ تاريخي واقعا سنڌو نديءَ سان لاڳاپيل آهن.اسان جا انيڪ شهر، گادي جا شهر ۽ تجارت جا مرڪز هن ڪنڌيءَ تي آباد ٿيا. پوءِ به هي مئي متو مهراڻ اسان جي مقدر جو ستارو آهي ۽ جيوت جو سهارو آهي. جيئن نيل نديءَ کان سواءِ مصر جو ملڪ ڪا معنيٰ نه ٿو رکي، تئين سنڌو نديءَ کان سواءِ سنڌ جو تصور ئي نه ٿو ڪري سگهجي.

جديد آبپاشيءَ جي نظام ،خاص ڪري سکر بئراج جي تعمير کان اڳ سنڌ جي زراعت ۽ معشيت سنڌو نديءَ جي رحم ڪرم تي ٻڌل هئي، جيڪا پنهنجي مرضيءَ جي مطابق، ڪنهن جهل پل کان سواءِ 500ميلن جو وهڪرو وهائيندي ۽ ڦرائيندي رهندي هئي. پر سکر بئراج جي تعمير نه رڳو هن دهشت ڀرئي درياهه کي انساني قبضي ۾ آڻي ڇڏيو، پر دنيا جي عظيم ترين آبپاشيءَ نظام کي به جنم ڏنو. سکر بئراج جي تعير سنڌ جي زرعي ترقيءَ ۾، جو انقلاب آندو آهي. انهيءَ جو مثال ئي نه ٿو ملي. هن بئراج کان اڳ سنڌ ۾ خريف جو فصل ته پوکي سگهبو هو، پر ربيع جوفصل گهڻي ڀاڱي بوسي ٿيندو هو. سکر بئراج جي تعمير ڄڻ ته ربيع جي فصل کي بوسي ٿيڻ کان بچائي ڇڏيو.

بئراج ۽ ان جي ستن ڪينالن جي تڪميل کان پوءِ ڪيتري زمين آباديءَ لائق ٿي، ڪيتري زمين آبادي هيٺ آئي ۽ ڪيتري زرعي ترقي ٿي؟ آئون هتي انهن سوالن جا جوب ڏيڻ بدران سنڌ جي عام جيوت تي پيل سکر بئراج جي ڪن اثرن جي نشاندهي ڪرڻ چاهيان ٿو.

سياسي اثر : جيئن سنڌو جڏهن موج ۽ مستيءَ ۾ ايندو آهي ۽ ان جون ڪنڌيون ۽ ڪنارا ته ڇا وستيون ۽ واهڻ به سندس اثر کان بچي نه سگهندا آهن. تيئن ۽ بلڪل تهڙي ئي نموني هن اسان جي سياست کي متاثر ڪيو آهي. بئراج جي تعمير کان اڳ ۽ ان کان پوءِ اڄوڪي دؤر تائين انهن سياسي اثرن جي ڀلي ڀت نشاندهي ڪرائي سگهجي ٿي.

انگريزن جي راڄ دوران سنڌ ۾ جيڪي به سياسي جماعتون قائم ٿيون، انهن مان ”سنڌ زميندار ائنڊ جاگيردار ايسوسيئشن“ هڪ فعال جماعت طور سنڌ جي امير طبقي جي ڪافي وقت تائين خدمت ڪئي. پر جڏهن سکر بئراج جي تعمير حقيقت جو روپ وٺڻ لڳي، تڏهن اها منظم ۽ متحد جماعت ”اپر سنڌ زميندار ائسوسيئشن“ ۽ ”لوئر سنڌ جاگيردار ائينڊ زميندار ائسوسيئشن“ جي نالن ۾ ، ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي. زميندارن جون اهي ٻئي جماعتون بئراج جي تعمير جي آغاز تائين هڪ ٻئي جي حريف طور ڪم ڪيو.

”اپر سنڌ زميندار ائسوسيئشن“ جي انهيءَ عرصي دوران، اها ڪوشش رهي ته بئراج جي تعمير بنا دير ٿيڻ گهرجي، ۽ لوئر سنڌ وارا وڏيرا وري ان ڪوشش ۾ هوندا هئا ته بئراج جي تعيمر نه ٿيڻ گهرجي. ڇو ته اپر سنڌ وارا ماڻهو کين ئي قربانيءَ جو ٻڪرو بڻائي اقتصادي طور وڌيڪ آسودا ٿي ويندا.

زميندارن جي انهيءَ اختلافن تنهن وقت جي سياسي حالتن ۾ فرنگي سرڪار کي وڏي کان وڏي سياسي اخلاقي امداد پهچائي. جو جڏهن ”خلافت ڪاميٽي“ ۽ ”ڪانگريس ڪاميٽي“ ”عدم تعاون“ جي تحريڪ هلائي ته اپر سنڌ ۽ لوئر سنڌ جي زميندارن سرڪار کي راضي ڪرڻ لاءِ ”امن سڀائن“ قائم ڪرڻ جي چٽا ڀيٽي شروع ڪري ڏني. ليڪن جيئن چيو ويندو آهي ته : ”اُڻي اها جا ڪورئي جا من ۾“ سو سندن وفادارين جتائڻ يا ڏيکارڻ جو حڪومت تي ته اثر ڪونه پيو، ويتر متاثر اهي پاڻ ٿيا. ٿيو ايئن جو پاڻ انهيءَ عوام اڳيان ڏٺا ٿي پيا، جيڪي انگريزن کي ملڪ مان نيڪالي ڏيڻ لاءِ عمل جي ميدان ۾ اچي چڪا هئا.

اهو فطري عمل آهي ته ٻن ڌرين جي اختلاف سبب وچان ٽين پارٽي وجود ۾ ايندي آهي. سو سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ به ايئن ٿيو. آڪٽوبر0 192ع ۾ سنڌ ۾ ”سنڌ ليگ آف پروگريس“ نالي هڪ جماعت وجود ۾ آئي. جنهن سنڌ جي ترقيءَ جي نالي ۾ سکر بئراج جي تعمير جي حمايت ڪئي ۽ انهيءَ کي حقيقت جو روپ وٺرائڻ لاءِ عملي قدم کنيا. بئراج جي تعمير جي مسئلي نه رڳو هڪ جماعت کي ٻن ڌڙن ۾ تقسيم ڪيو ۽ هڪ نئين جماعت کي جنم ڏنو، پر سنڌ جي ممبئيءَ کان علحدگيءَ واري تحريڪ کي به متاثر ڪيو. هن تحريڪ کان باخبر ماڻهن کي خبر آهي ته سنڌ جي ڪن هندن سنڌ جي ممبئي کان علحدگي واري تحريڪ جي مخالفت مذهبي ۽ سياسي بنيادن کان وڌيڪ اقتصادي سببن ڪري ڪئي هئي. ڪي هندو جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان مضبوط زميندار بڻجي چڪا هئا، تن کي اهو احساس ٿي چڪو هو ته سکر بئراج جي تعمير کان پوءِ سنڌ ۾ زرعي انقلاب ايندو ۽ زمين جي زرخيزي جڏهن سنڌ جي مسلمانن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري ڇڏيندي ته سنڌ جا مسلمان پنهنجي مرضيءَ مطابق سنڌ اسيمبليءَ کي پنهنجي مفادن خاطر استعمال ڪندا، جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو هندن کي زرعي آباديءَ لائق زمينون نه ملي سگهنديون، پر کين اهو به خطرو آهي ته اڳ ۾ قبضي هيٺ آندل زمينون به سندن هٿن مان نڪري وينديون. انهيءَ احساس کان مجبور ٿي ڪن هندن سنڌ جي ممبئيءَ کان علحدگيءَ واري تحريڪ جي مخالفت ڪئي. ليڪن تاريخ ڪنهن جي احساسن ۽ خدشن ڏسڻ کان سواءِ پنهنجو فيصلو صادر ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ الڳ ٿي وئي.

سکر بئراج جي وجود هاري ۽ زميندار جي حيثيت ۽ لاڳاپن کي به متاثر ڪيو. اهي حالتون وري سنڌ جي سياست تي به اثر انداز ٿيون. جنهن جي نتيجي ۾، بئراج جي تڪميل کان پورا ٻه سال اڳ ”هاري پارٽي“ قائم ٿي.ان کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪي به سياسي پارٽيون جڙيون تن پنهنجي پنهنجي منشور ۾ زراعت، زميندار، زمين ۽ هاري جي حقن جهڙن مسئلن کي جوڳي جاءِ ڏني. اهي پارٽيون جڏهن اسيمبلي جي ايوان تائين پهتيون ، ته ات به سکر بئراج سڌيءَ ۽ اڻ سڌيءَ طرح سياست خواهه حڪومت تي اثر انداز ٿيندو رهيو.

ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سنڌ جي علحدگي کان پوءِ سنڌي مسلمانن جو مٿئيون طبقو ڪنهن حد تائين پنهنجو سياسي تسلط قائم ڪري چڪو هو. ليڪن گڏيل هندوستان ۾ پوءِ به هندن کي پنهنجي هم مذهب اڳواڻن جو ن همدرديون حاصل هيون. ان ڪري مسلمان زميندارن، زر، زور ۽ زمين متعلق پنهنجي مرضي مطابق فيصلي ڪرڻ جي طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي قيام جي تحريڪ کي زور وٺرايو. کين يقين هو ته پاڪستان ٺهن کان پوءِ هو بنهه آزاديءَ سان پنهنجي معيشيت جا ملڪ پاڻ ٿي سگهندا. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته سکر بئراج ڪنهن حد تائين پاڪستان جي تحريڪ تي به اثر انداز ٿيو.

مذهبي اثر:

خلافت تحريڪ جي آغاز سان گڏ مذهب ۽ سياست جو هڪ ٻئي سان ميلاپ ٿيو. ان کان پوءِ ئي مذهبي واقعا سياسي روپ وٺڻ لڳا ۽ سياست وري مذهب جي سهاري سان اڳتي وڍڻ لڳي. بئراج ۽ ان جي ڪئنالن جي تعمير سنڌ ۾ مذهبي جوش پروان چاڙهيو ۽ اهو مذهبي جوش اڳتي هلي سياست لاءِ ڪم آيو.

واهن جي کوٽائي دوران روهڙي، سکر ۽ ڳڙهي ياسين تعلقن جي هڪ هڪ مسجد کوٽائي جي ضد ۾ ٿي آئي. اپر سنڌ جي مسلمانن مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ انهن مسجدن کي بچائڻ لاءِ ”تحريڪ حفاظت مساجد“ جو آغاز ڪيو هو. هن تحريڪ کي پوءِ سڄي سنڌ جي مسلمانن هٿي ڏني. تحريڪ ايترو ته زور ورتو جو وقت جي گورنر کي وضاحتي پريس نوٽ جاري ڪرڻا پيا، ليڪن سنڌ جي مسلمانن سرڪاري وضاحتن کي بي وزن قرار ڏئي، پنهنجي تحريڪ کي جاري رکيو. سنڌ جي مختلف هنڌن تي گڏجاڻيون ڪيون ويون ۽ اخبارن خواهه رسالن جا خاص نمبر ڪڍيا ويا. جن ۾ نه رڳو مسجدن کي بچائڻ جا جتن ڪيا ويا، بلڪ وقت جي گوري حڪومت تي به ڇوهه ڇنڊيا ويا. آخر ڪار مسلمانن کي هن تحريڪ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي ۽ سنڌ جي عوام اهو ثابت ڪيو ته ننڍي کنڊ ۾ هو ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ مذهبي جائين ۽ عبادتگاهن جي چڱي ريت حفاظت ڪري سگهن ٿا.

مسجدن بچائڻ جو هي واقعو نج مذهبي نوعيت جو هو، پر اهو اڳتي هلي مثال بڻيو ۽ سياست لاءِ ڪم آيو. هن ئي مثال کي اڳيان رکي سنڌ ۾ مسلم ليگ 1929ع ۾ سکر جي مسجد منزل گاهه جي مسئلي کي هٿ ۾ کنيو هو. شهيد الله بخش سومري جي وزارت ڊاهڻ ۾ ڪامياب وئي هئي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته بئراج جي تعمير ۽ واهن جي کوٽائي سنڌي مسلمانن ۾ مسجدن بچائڻ جي مسئلي تي نئون جوش ڏنو ۽ اهو مثال اڳتي هلي سياست ۾ تبديل ٿي ويو.

سماجي اثر:

سکر بئراج جي تعمير سنڌ جي عوام جي زندگيءَ جي سمورن پهلوئن تي اثر انداز ٿي آهي، بئراج جي تعمير ۽ واهن جي کوٽائيءَ کان اڳ سنڌو ندي ڪنهن جهل پل کان سواءِ شهرن جا شهر ۽ آبادين جون آبديون تباهه ڪري ڇڏيندي هئي. نه رڳو ايترو پر ٻوڏ کان پوءِ جڏهن پاڻي لهڻ لڳندو هو تڏهن مليريا، ڪالرا ۽ ٻيون وچڙندڙ بيماريون ڦهلجڻ لڳنديون هيون. گذريل زماني ۾ اڄڪلهه جهڙي طبي سهولتن نه هجڻ ڪري انهن آفتن جي لپيٽ ۾ آيل ماڻهن جي حالت رحم جوڳي هوندي هئي.

مئڪڊونلڊ 1875ع ۾ انهيءَ جو نقشو جنهن طرح چٽيو آهي، ان مان ان زماني جي حالتن جو اندازو چڱيءَ طرح لڳائي سگهجي ٿو. سندس چوڻ مطابق :”جڏهن درياهه سڪي ويندو آهي ۽ سيلاب هٽندو اهي، تڏهن هڪ عجيب قياس جوڳي حالت پيدا ٿي پوندي آهي. گهر گهر جا ماڻهو بي چاڪ ۽ بيمار، گهٽين ۾، ڳوٺن ۾، ۽ شهرن ۾ تپن ۽ بيمارين جا ماريل انسان، منهن پيلا، چپ سڪل، ۽ اڇا اڇا، جسم ڏٻرا ۽ ڏڪندڙ- مطلب ته ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ ته مڙدا ريڙهيون پائن. سال به سال اها حالت ٿيندي آهي ۽ ڀريا ٻه مهينا سڄو ملڪ انهيءَ نحوست ۽ آفت ۾ گهريل هوندو آهي.“

اها هئي بئراج جي تعمير ۽ واهن جي کوٽائي کان اڳ جي حالت. ليڪن ان کان پوءِ سنڌوءَ جي مستي ۾ وڏي ڪمي واقع ٿي آهي. انهيءَ جي ستن ڪئنالن ذريعي لڳ ڀڳ 45763 ڪيوسڪ يا 457630گيلن پاڻي في سيڪنڊ جي رفتار سان ورهائجي وڃي ٿو. جنهن ڪري گذريل زماني جيان شديد قسمن جي ٻوڏن اچڻ جا انديشا گهٽجي ويا آهن. نتيجو هيءُ نڪتو آهي ته بئراج جي تعمير کان پوءِ سنڌو درياهه نه ته وڏي پئماني تي انساني آبادي ٻوڙي آهي ۽ نه وري هي ملڪ ڪنهن وبا جو شڪار بڻيو آهي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته سکر بئراج جي تعمير اسان جي تهذيب، تمدن ۽ معاشري کي ڪنهن حد تائين استحڪام ڏنو آهي.

ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته منهنجي ڀيٽ ۾ هڪ معاشيات جو ماهر انگ اکر پيش ڪري بئراج جي تعمير کان پوءِ واري اقتصادي ۽ معاشي خوشحاليءَ جي تصوير سهڻي نموني چٽي سگهي ٿو. ان ڪري آئون هتي الڳ زاويو ۽ الڳ ذريعو ڪم آڻيان ٿو. منهنجو ذريعو آهي لوڪ ادب. اهو ادب جيڪو عوام جو هوندو آهي، ۽ عوام لاءِ هوندو آهي، جنهن جي مطالعي ڪرڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته عوام جي نظر ۾ سکربئراج سندس جيوت تي ڪهڙا ڪهڙ اثر ڇڏيا آهن.

سکر بئراج جي تعمير سنڌي ٻولي ۽ ادب کي به ماثر ڪيو آهي. اسان جي ڪيترن اديبن ۽ شاعرن انهيءَ واقعي ۽ ان جي اثرن تي تفصيل سان لکيو آهي، سندن تخليقون تصوير جو اهو رخ پيش ڪن ٿيون، جيڪو حقيقت تي ٻڌل آهي.هنن بئراج جي جن اثرن کي جيئن ڏٺو، ۽ محسوس ڪيو آهي، تيئن ئي ان کي چئي ڏنو آهي. هنن جتي بئراج جي تعمير جي تعريف ڪئي آهي ۽ عام زندگيءَ تي پيل ان جي اثرن جي نشاندهي ڪئي آهي، اتي انهيءَ جي آندل خراب تبديلين تي تنقيد به ڪئي آهي.

شاعر خانو پهنور سکر بئراج جي تعمير جي تعريف ڪندي ملڪي حالت تي روشني هينئن ٿو وجهي:

اڀرو سڀرو آسودو، اڄ ڍائو منجهه ڍون،

جن کي جتي جڙي هئي ڪا نه ڪا، سي ڀڻا منجهه بوٽن،

جن کي منگهو، مني ملي ڪانه ڪا، سي گهوڙن تي گهمن،

جن کي ڪپڙو مليو ڪو نه ڪو، سي پٽ ٿا پهرن،

جن ڏيو ڏٺو ڪين ڪو، اتي بجليون ٿيون ڀڙڪن،

مثال

جن کي تري نه ملي تيل جي، سي مرڪيو مشڪ مکين،

جيڪي پنيو پئي پُرندا هئا، سي پنهنجي پچائين،

جن کي رٻ ملي هئي روڀن سان، سي خشڪا ٿا کائين،

جن کي رکي رسي هئي ڪانه ڪا، سي پلاءُ تي پرچن،

جن کي تنگي هئي طباخ جي، سي ڍاڪن مرن ڍون،

جن پئي ٿڏا جهليا ٿوم لاءِ، اتي ڪڪڙ پيا ڪسن،

جن کي ٻٽڪو ڪونه ٻيڙي ملي، اتي سيل سگريٽ سڙن،

جن کي ڪوڙو ڇلو ڪو نه مليو، اهي سڀئي منجهه سونن،

جن ڏندڻ ڏٺو ڪو نه ڪو، کنيون سوپاريون سڀن،

جن کي ٽپ نه ٽاري ملي، ان تي آ ڇانو ڇٽن،

جن عمر نه عيش اکين ڏٺو، وٽ ريهه به رڪا ٽن،

فونا هارمونا، هئا موسٽ ، سائيڪلن،

سکر بئراج آئي سڀ سکيا ٿيا، ڪريو ٽنڊ ٽلن،

ماڻهن جا مون حال ٻڌا، ته اهڙا حال هئن،

پاڻيءَ آئي ”پنهور“ چئي، ٿي بهاري برن،

عالم آ سودو ٿيو، ڪئي موج ماڻهن،

رب جڏهن آ راضي ٿيو، تڏهن مليو مسڪينن،

پوءِ اهڙي طاقت ٻي ناهي ڪن، ٿا ساراهيون سبحان کي.

ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سکر بئراج جي تعمير ماڻهن جو مقدر بدلائي ڇڏيو. ليڪن اهي ڀاڳ ڀريا انسان ٿورا هئا، ڇو ته پهرين ڏهن سالن ۾ نيون زمينون ”هارپ گرانٽ“ مطابق هارين کي ملي سگهيون، ليڪن بعد ۾ اهي دروازا غريب هارين لاءِ بند ٿي ويا. ۽ پوءِ “ڀريا مٽ پيا ڀرجن“ جي مصداق زميندارن کي ئي ڏيڻ ۾ آئي.

جڏهن دولت هڪ هنڌ گڏجڻ لڳندي آهي، ۽ ان جو وهڪرو بند ٿي ويندو آهي، تڏهن اُها ڪيترين ئي براين کي جنم ڏيندي آهي. بنهه ائين جيئن رت وهڻ ڇڏي بيهي رهندو آهي ته ڦٽن کي جنم ڏيندو آهي، سو جڏهن بئراج خوشحالي آندي ته ڪيترا ماڻهو انهيءَ جو ڍؤ جهلي نه سگهيا، جنهن ڪري ڪيترين گندين رسمن جنم ورتو. جيئن جيئن بئراج جو پاڻي واٽرن ۽ واهن ذريعي ڏورانهن هنڌن تي پهچندو ويو، تيئن تيئن ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ مزاج ۾ ڦيرو ايندو ويو. ماڻهن جي ٻولي به بدلجندي ويئي. ووڻن ۽ ڦٽين جي ڪمائي ڀاءُ کي ڀاءُ جو دشمن بنائي ڇڏيو. عزيز مائٽ هڪ ٻئي کان جدا ٿي ويا. عام جهيڙن جهڳڙن ۽ زمينداري ظلمن ۾ اضافو ٿيڻ لڳو...... .

مڙسن ڏاڙهيون مڇون ڪوڙائي ڇڏيون. ٻيڙي ۽ چرس جي عادت عام ٿيڻ لڳي. وڏيرا ۽ زميندار پنهنجي ڪمائي عيش ۾ وڃائي مقروض ٿيڻ لڳا.

پوءِ پانڌي آريسر جهڙي شاعر کي چوڻو پيو ته :

وهيا واٽر ناليون ناليون،

ماڻهن مٽايون چاليون چاليون،

ڪن ڳجهيون ٿا ڳالهيون ڳالهيون،

وسري ويون سس ساليون ساليون،

کيسا خالي وچ بازار..........

ماڻهو مٽيا ۽ مٽي ٻولي ٻولي،

ٺلهي ياراڻي لوڀ لولي لولي،

ريت رسم تن رولي رولي،

چڻنگ ٻري منجهه چولي چولي،

ڇني سڀ ٿيا ڌارون ڌار.....

ظلم زمينداري زوران زور،

ابتي اٽل سان توران تور،

چورت چغلي چوران چور،

سر تي پاڻي ٻوڙان ٻوڙ،

ڪرٽ ڪهاڙا هٿ ڪمدار.....

هاري جو ته اڳ ئي حال ڪونه هو پر زميندار پنهنجو پاڻ کي حال مان بي حال ڪيو. باقي جا ڪمي رهيل هئي، اها شاعر حاجي روشن علي شاهه ڪي چوڻ مطابق هينئن پوري ٿي:

ڍلون سڀ ڊگهيون ٿيون، آهي تاءُ تکو تپيدارن ،

آيا آفيسر ملڪ ۾، ڪاهه، ٻڌي ڪامورن،

انجنيئر، ايسٽيا، ٻيا چيف ٿا چون،

ڪينال ڪتاب هٿن ۾، ڏاڍي آڪڙ آبدارن،

سروير بندن تي سدائين، رشوت تي رڙهن،

داروغا درن تي، وهريا سي وتن،

مقدمن بيلدارن جو، آهي شور مٿي شاخن.........

اهي هئا ڪي عوامي شاعر جن پنهنجي ڍنگ ۽ رنگ سان بئراج جي اثرن جي نشاندهي ڪئي. اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪيل هن مختصر خاڪي مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سکر بئراج جي تعمير ۽ ان جي واهن جي کوٽائي عام جيوت جي مڙني پهلوئن تي اثر ڇڏيا آهن، جيڪي وقت گذرڻ سان گڏ وڌيڪ پڪا ۽ پختا ٿي ويندا.

 

 

Menu
Go to top