Menu

اسان جي دور جون ڪي علمي ۽ ادبي جماعتون

 

 

سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي واڌاري ۾ علمي ، ادبي ۽ ثقافتي جماعتن اهم رول پئي ادا ڪيو آهي ، اهي جماعتون هم خيال فردن کي گڏيل پليٽ فارم مهيا ڪنديون رهيون آهن ، جنهن جي نتيجي ۾ اسان جي عالمن ، اديبن ، شاعرن ۽ ٻين قلم ڌڻين پنهنجي صلاحيتن ۽ لياقتن کي گڏيل قوت جي روپ ۾ سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي مفاد خاطر پئي ڪم آندو آهي .

علمي ، ادبي ۽ ثقافتي جماعتون انگريزن جي دؤر ۾ قائم ٿيڻ شروع ٿيون . ”ميڪس ڊينسو هال لٽرري سوسائٽي “ سنڌ ۾ قائم ٿيل پهرين ادبي سوسائٽي آهي ، جيڪا 1885ع جي آگسٽ ڌاران قائم ٿي . پادري بمبرج ان جو پهريون صدر ۽ جيمسٽي آرديشر ان جو پهريون سيڪريٽري ٿيو . سنڌي ٻولي جا ڪيترا ناميارا عالم ، اديب ۽ شاعر هن جماعت جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪندا هئا . انهن مان ڏيارام گدومل ، ڪوڙيمل چندن مل ۽ هيرانند شوقيرام جا نالا ذڪر ڪرڻ لائق آهن . سوسائٽيءَ جون هر هڪ اربع تي شام جو ساڍي ڇهين وڳي ڊينسو هال ۾ گڏجاڻيون ٿينديون هيون .

سنڌ ۾ ادبي سوسائٽين جو قيام آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽي جي ٺهڻ يا ائين کڻي چئجي ته سنڌ مدرسته الاسلام قائم ٿيڻ کان به اڳي ٿيو . هڪ صديءَ جي ان عرصي ۾ سنڌ ۾ هزار کان مٿي علمي ، ادبي ۽ ثقافتي جماعتون قائم ٿيون .

انهن جماعتن ۽ ادارن جو وچور مون تيار ڪري انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ رکيو آهي ته هر هڪ جماعت ، اداري يا تنظيم تي تفصيل سان تحقيقي ڪم ڪري پنهنجي تاريخ جي وڃايل ورقن کي محفوظ ڪري سگهجي .

1885ع کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين ڪيتريون جماعتون جڙيون ۽ ختم ٿي ويون . پر ايڪڙ ٻيڪڙ کان سواءِ ڪن جا نالا به اسان کي ياد نه ٿا اچن . ڪنهن کي پڪ ايندي ته اسان جي دور جي ”سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئشن “ کان اڳ 1912ع ۾” سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئشن“ شڪارپور ۾ قائم ٿي هئي ! تاريخ ته هر دؤر ۽ هر موڙ تي پنهنجو سينو کولي بيهندي آهي ، پر ڪي ڪي ماڻهو ڀاڳ ڀريا انهيءَ سيني جي خوشبو ماڻيندا آهن . هن هيٺ آءٌ پنهنجي دؤر جي ڪن چند جماعتن هن دؤر ۾ به سنڌ جي آئيندي جي تاريخ ”ڏات ڌڻين جي رٿا“ جي آواز سان اسان کي سڏي رهي جو مختصر تعارف پيش ڪريان ٿو . جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان اجتماعي طور تي ٻولي ۽ علم ادب جي ڪيئن ۽ ڪيتري خدمت ڪرڻ جا هيراڪ آهيون .

1. اداره روح ادب (سنڌ) :

هي ادارو مرحوم مخدوم محمد زمان صاحب طالب الموليٰ جي سرپرستيءَ ۾ قائم ٿيو . مرحوم سرشار عقيلي ، اخر هالائي ، عارف الموليٰ ۽ مرحوم محمد خان ”غني“ هن جماعت جا مکيه عهديدار مقرر ڪيا ويا .

”اداره روح ادب“ پنهنجي دؤر جي هڪ ادبي تحريڪ جو روپ ورتو ۽ ان جي حلقي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا شاعر ۽ اديب شامل ٿيا . اداري جو صدر دفتر هالا ۾ هو ۽ ان جون شاخون سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ به قائم ٿيون . هن اداري سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي اوسر ، تبليع ۽ اشاعت لاءِ قابل تعريف ڪم ڪيو آهي .

2. الخالق ادبي ادارو (هالا) :

هي ادارو غلام رسول ”غلام“ جي سرپرستيءَ ۾ قائم ٿيو ۽ محسن حسن ”ساز“ ، عثمان سنگراسي ، محمد حسين ”آزاد“ ۽ ”انور“ هالائي ان جي قيام خواهه ڪارڪردگيءَ ۾ اهم حصو ورتو . هن اداري پنهنجين ادبي سرگرمين کان سواءِ پنهنجي ميمبرن ۾ تعليم جي اهميت ۽ عظمت جي احساس ڏيارڻ جي به ڪوشش ڪئي .

3. انجمن آفتاب ادب (دادو) :

هيءَ ادبي انجمن دادو جي استاد شاعر حافظ محمد احسن چنه ۽ رئيس ضياءُ الدين ”ضياء“ جي ڪاوشن جو نتيجو هئي . انجمن اڻڳڻين ادبي نشستن ۽ مشاعرن جو اهتمام ڪيو . حافظ ”احسن“ هن انجمن جو روح روان ٿي رهيو .

4. انجمن علم و ادب (هالا) :

هالا جي هيءَ علمي ۽ ادبي جماعت محمد اسماعيل عرساڻيءَ جي ڪوششن سان قائم ٿي . انور هالائي سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان سالن جا سال هن جماعت جي خدمت ڪئي . هن انجمن ڪيترو وقت سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جا گهڙا ڀريا .

5. انجمن علم و ادب (ڳوٺ صوفي فقير) :

هيءَ انجمن ”معمور“ يوسفاڻيءَ جي علم دوستيءَ جو نتيجو هئي . انجمن ڪيترو وقت ڳوٺ صوفي فقير جي علمي ۽ ادبي ماحول کي روان دوان رکيو .

6. انجمن فروغ ادب (هالا) :

هيءَ انجمن هالا جي علم دوست ۽ ادب پرور اديبن ۽ شاعرن جي ڪوششن جو نتيجو هئي . ڊاڪٽر سليمان شيخ ، عبدالقادر ابڙو ، عبدالرحمان قريشي ، يوسف ابڙو ۽ الطاف شيخ هن انجمن جا مکيه ڪارڪن ٿي رهيا آهن . انجمن طرفان ڪيتريون ئي گڏجاڻيون ٿيون . ان کان سواءِ انجمن اشاعتي پروگرام ذريعي ٻوليءَ جي فروغ لاءِ به تعريف جوڳو ڪم ڪيو .

7. بزم ادب (سکر) :

شروعاتي ڏهاڙن ۾ سکر ۾ پرائمري استادن جي تربيت جو ڪاليج هوندو هو . ان کان پوءِ ئي اتر سنڌ ۾ ٻين هنڌن تي اهڙا ڪاليج قائم ٿيا . سکر ڪاليج ۾ استادن ۽ شاگردن جي تعاون سان ”بزم ادب“ نالي جماعت قائم ٿي ، جنهن طرفان ادبي گڏجاڻيون ۽ مشاعرا منعقد ٿيا .

8. بزم ادب ( شهدادڪوٽ) :

هي بزم گل حسن گوپانگ ۽ سندس شاعر ساٿين جي ڪوششن جو نتيجو هئي . بزم طرفان ڪجهه مشاعرا به سڏرايا ويا .

9. بزم ادب (لاڙڪاڻو) :

هي بزم گل حسن گوپانگ ۽ سندس ساٿين جي تعاون سان قائم ٿي . هن بزم ڪيترن ئي پرائمري استادن کي شعر و شاعريءَ ڏانهن راغب ڪيو .

10. بزم ادب (ميرپور ساڪرو) :

هيءَ بزم پيرل پياسي ۽ سندس شاعر ساٿين جي ڪاوشن جو نتيجو هئي . بزم طرفان اڪثر ڪري مقامي نوعيت سان مشاعرا ٿيندا هئا ، جن ۾ تر جي سيکڙاٽ شاعرن کي فني تربيت مهيا ڪري ڏني .

11. بزم ادب (خيرپور ناٿن شاهه ) :

هي بزم خيرپور ناٿن شاهه جي ادبي شيدائين طرفان قائم ڪئي وئي ، جنهن طرفان مقامي نوعيت جا مشاعرا به منعقد به ٿيا . حڪيم محمد صادق بزم جي قيام ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ اهم رول ادا ڪيو .

12. بزم اصغر ( ڪراچي) :

هيءَ بزم سنڌ جي نامياري شاعر محمد جمن هالي پنهنجي پُٽ جي نالي پٺيان قائم ڪئي . بزم طرفان ڪيترائي مشاعرا منعقد ڪرايا ويا . جن ۾ ڪراچيءَ کان سواءِ اندرونِ سنڌ جي شاعرن پڻ شرڪت ڪئي .

13. بزم بلبل (ميهڙ) :

هيءَ بزم سنڌ جي نامياري شاعر مرحوم شمس الدين بلبل جي نالي ، سندس ياد ۾ قائم ڪئي وئي ، جنهن جو صدر مرحوم بلبل جو فرزند رئيس ضياء الدين ”ضياء“ هوندو هو . بزم طرفان ڪيترائي مشاعرا سڏرايا ويا .

14. بزم حڪيم (ڪراچي) :

هيءَ بزم محترم عبدالرحمان ”نسيم“ ۽ سندس ساٿي شاعرن جي تعاون سان قائم ٿي . بزم جو نالو سنڌ جي نامياري شاعر ، اديب ، صحافي ۽ عالم حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي نالي پٺيان رکيو ويو هو . هن بزم طرفان ڪيترائي مشاعرا سڏرايا ويا ۽ ڪراچيءَ جي ماحول کي ادبي رنگ ڏنو ويو .

15. بزم صابر (نوان جتوئي) :

هيءَ بزم نوان جتوئي جي شاعر جمال الدين ”مومن“ جي ڪوششن سان قائم ٿي . بزم ڪيترائي مقامي نوعيت جا مشاعرا منعقد ڪرايا ۽ ڪيتري عرصي تائين ڳوٺ جي ادبي ماحول کي معطر رکيو .

16. بزم طالب (خيرپور ناٿن شاهه) :

هيءَ بزم خيرپور ناٿن شاهه جي اديبن ۽ شاعرن جي ڪوششن سان قائم ٿي . هن بزم طرفان ”درسِ ادب“ نالي هڪ شعبو قائم ڪيو ويو ، جنهن ذريعي شاعريءَ جو شوق رکندڙ نوجوان طبقي کي سکيا ڏيڻ جو بندوبست ڪيو ويو . هن بزم جي قيام ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ ”افضل“ مصرپوري ، ”آثم“ ناٿن شاهي ، ۽ محسن ڪڪڙائي ، ”وفا“ ناٿن شاهي ، راز ناٿن شاهي ، وغيره اهم ڪردار ادا ڪيو .

17. بزم طالب الموليٰ (سنڌ) :

هيءَ بزم سنڌ جي نامياري شاعر ۽ روحاني اڳواڻ حضرت مخدوم محمد زمان جي سرپرستيءَ ۾ 1954ع ۾ قائم ٿي . بزم پنهنجي دؤر جي هڪ ادبي تحريڪ بڻجي اڀري ، جنهن جون سنڌ جي مکيه ڳوٺن ۽ شهرن ۾ شاخون قائم ٿيون . بزم سنڌ ۾ شاعريءَ جي شمع کي سالن تائين روشن ڪري رکيو ۽ ڪيتريون ئي ڪانفرنسون منعقد ڪرايون . هن وقت به هيءَ بزم فعال ادبي جماعتن مان هڪ آهي . بزم جون شاخون پنهنجي علمي ، ادبي ۽ ثقافتي خدمت وارين سرگرمين ۾ مصروفِ عمل آهن . هن بزم جي شاخن پنهنجي سرگرمين ۽ خدمتن جو رڪارڊ انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ۾ محفوظ ڪرايو آهي .

18. بزم راشدي (خيرپور ناٿن شاهه ) :

هي بزم حڪيم محمد صادق جي ڪاوشن ۽ سندس ساٿين جي تعاون سان قائم ٿي . بزم خيرپور ناٿن شاهه جي ادبي ماحول ۾ اڃا به وڌيڪ رنگ ڀرڻ جي تعريف جوڳي ڪوشش ڪئي ۽ شاعريءَ جي خدمت ڪئي .

19. بزم رفيق (هالا) :

هيءَ ادبي جماعت منصور ويراڳيءَ جي ڪوشش سان هالا ۾ قائم ٿي ، جنهن جو سيڪريٽري غلام ابڙو هو . هن جماعت ورهاڱي کان پوءِ واري ٻڏتر واري ادبي ماحول کي گرمائي رکيو .

20. بزم سچل (لاڙڪاڻو) :

شاعر هفت زبان حضرت سچل سرمست جي فڪر ۽ پيغام کي عام ڪرڻ ۽ سندس ياد کي تازي رکڻ لاءِ هي بزم لاڙڪاڻي ۾ قائم ٿي . مرحوم عبدالله ’اثر‘ ، ”محسن“ لاڙڪاڻوي ۽ لقمان حڪيم وغيره جهڙن شاعرن بزم جي جوت کي ڪافي عرصي تائين جلائي رکيو ۽ شاعريءَ جي متوالن نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو .

21 . بزم سرشار (ڪراچي) :

مرحوم الله بخش ”سرشار“ عقيلي ڪراچيءَ ۾ رهڻ واري عرصي دوران اتان جي دل تي علمي ۽ ادبي خدمت ڪئي ۽ ڪيترن نوجوانن کي علم ادب جي دنيا سان مانوس ڪرايو . سندس وفات کان پوءِ ڪراچي واسين سندس ياد ۽ علمي خدمتن کي تازي رکڻ لاءِ هي بزم ٺاهي ، جنهن طرفان وقت به وقت مشاعرا ٿيندا رهيا . صوفي دوست محمد ”ساجد“ سرشاري هن بزم جي قيام ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ اهم حصو ورتو .

22 . بزم سروري (ڳوٺ صوفي فقير) :

سروري درٻار جي ادبي تحريڪ جي نتيجي ۾ جيڪي سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۾ بزمون ۽ انجمنون قائم ٿيون ، هي ”بزم سروري“ به انهن مان هڪ هئي . يوسفاڻي هن بزم جي قيام ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ اهم حصو ورتو .

23 . بزم سروريه (هالا) :

هيءَ بزم پروفيسر محبوب علي چنه جي ڪوشش سان قائم ٿي . ”محبوب“ سروري جماعت جو پهريون جنرل سيڪريٽري بڻيو . هن بزم ڪيترائي مشاعرا منعقد ڪرايا . ادبي خواهه علمي مباحثه ڪرايا . ان کان سواءِ ڪيترا ڊراما به هن بزم اسٽيج ڪرايا .

24 . بزم خليل ( حيدرآباد ) :

هيءَ بزم مرحوم ڊاڪٽر محمد ابراهيم ”خليل“ جي دم سان آباد هئي ۽ 1948ع ڌاري قائم ٿي . هن بزم حيدرآباد جي نون خواه پراڻن شاعرن کي پنهنجي جوت جلائڻ ۽ صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو . مرحوم عبدالله ”خواب“ ۽ بلاول پرديسي هن بزم جي سرگرم ڪارڪنن جي حيثيت سان خدمت ڪئي .

25. بزم فردوس (هالا) :

هيءَ بزم مرحوم طالب الموليٰ جي سرپرستيءَ ۾ هالا ۾ قائم ٿي . هن بزم ڪيتري عرصي تائين هالا جي ادبي ماحول کي معطر ڪري رکيو .

26. بزم گلستان (هالا) :هيءَ بزم منصور ويراڳيءَ جي ڪاوشن سان قائم ٿي . هن جماعت ڪيتري وقت تائين نئين نسل کي ادبي تربيت مهيا ڪئي ۽ نوجوانن ۾ علم دوستيءَ جو جذبو جاڳايو .

27 . بزم لطيف (ڳيريلو) :

سنڌ جي سدا حيات شاعر لاکيڻي لطيف جي نالي تي هيءَ بزم ”ناطق“ ڳيريلائيءَ پنهنجي ڳوٺ ۾ قائم ڪئي . هن بزم ڪجهه عرصي تائين تر جي ماحول ۾ ادبي رنگ پيدا ڪيو ۽ مقامي نوعيت جا مشاعرا منعقد ڪرايا .

28 . بزم مخلص (ڪنڌ ڪوٽ) :

هيءَ بزم ڪنڌ ڪوٽ جي شاعرن ۽ اديبن قائم ڪئي . بزم جي نالي مان ئي ظاهر آهي ته اها سنڌ جي ظرافت جي بادشاهه نامياري شاعر محمد هاشم ”مخلص“ جي نالي سان منسوب هئي . هن بزم ڳچ عرصي تائين سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي خدمت ڪئي .

29 . بزم مولائي شيدائي (محمد پور اوڍو) :

اتر سنڌ جي بي لوث ۽ مگر نامياري اسڪالر مرحوم مولائي شيدائيءَ جي ياد کي تازي رکڻ لاءِ هيءَ بزم محمد پور اوڍي ۾ قائم ڪئي وئي آهي . بزم طرفان وقت به وقت مشاعرا منعقد ٿيندا رهيا .

30 . بزم ناز (خيرپور ميرس) :

خيرپور ميرس جي نالي وٺڻ سان مرحوم ڊاڪٽر عطامحمد ”حامي“ جو تصور خودبخود اکين اڳيان تري اچي ٿو . مرحوم سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سيکڙاٽ شاعرن جي فن کي جلا بخشي ۽ کين ناميارن شاعرن جي صف ۾ آڻي بيهاريو . مرحوم جيتوڻيڪ پاڻ پنهنجي وجود ۾ هڪ مڪمل انجمن هو ، پر پوءِ هن پنهنجي ساٿين جي تعاون سان خيرپور ۾ ”بزم ناز“ به قائم ڪئي . خادم رفيقي انهيءَ ڏس ۾ سندس ڀروسي جهڙو ساٿي بڻيو رهيو . هن بزم طرفان ڪيترن ئي مشاعرن جو انعقاد ٿيو .

31. پاڪستان رائيٽرس گلڊ (سنڌ شاخ) :

هيءَ گلڊ 1959ع ۾ قائم ٿي . جنهن جو قيام ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ سنڌي اديبن ۽ شاعرن به سرگرميءَ سان حصو ورتو . اهڙن ڏات ڌڻين مان شيخ اياز ، مرحوم گرامي ، رشيد ڀٽي ، محمد ابراهيم جويي ، علي محمد شيخ ۽ نياز همايونيءَ جا نالا ذڪر لائق آهن . هن گلڊ سنڌيءَ ۾ شايع ٿيل معياري ادب جي همٿ افزائي ڪئي ۽ سرڪار کان مستحق اديبن کي وظيفي وٺي ڏيڻ ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون .

32 . جميعت الشعراءِ (سنڌ) :

هي شاعرن جي جماعت ورهاڱي کان اڳ جي ادبي جماعتن مان هڪ آهي . جنهن جو 1946ع ۾ باقائدي پايو وڌو ويو . هن جماعت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ادبي ڪانفرنسن جو انعقاد ڪرائي علم ادب ۽ عروضي شاعريءَ کي عام ڪيو .

33 . راءِ چند اڪيڊمي (حيدرآباد) :

اڪيڊمي ٿر جي نامياري استاد ، اديب ، ۽ ليکڪ سرڳواسي رائچند جي ياد کي تازي رکڻ ۽ سندن خدمتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ قائم ٿي. اڪيڊميءَ جي قيام ۾ سرڳواسي رائچند جي فرزند نفيس احمد شيخ جو وڏو عمل دخل آهي .

34. سچل سرڪل (حيدرآباد ) :

سنڌ جي نامياري سرمست شاعر حضرت سچل سرمست جي فڪر ۽ پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ هيءَ سرڪل معتقدن طرفان حيدرآباد ۾ جوڙي وئي . سردار بهادر شيخ محمد بخش صدر ، آغا غلام نبي ، آغا عبدالنبي ، شيخ عبدالعزيز قنڌاري سيڪريٽري ۽ مولانا گرامي ان جو پروپيگنڊا سيڪريٽري مقرر ٿيا .

هن سرڪل هفتيوار گڏجاڻين جو اهتمام ڪيو . گڏجاڻين ۾ سچل سائين ۽ سندس فڪر تي بحث ڪيو ويندو هو.

35 . سنڌ رائيٽرس گلڊ (حيدرآباد) :

هي گلڊ بزرگ شاعر نياز همايونيءَ جي ڪاوشن سان حيدرآباد ۾ قائم ٿي . گلڊ کي رجسٽر به ڪرايو ويو .

36 . سنڌ سڀيتا سنگت (ڪراچي) :

هيءَ ادبي جماعت ”هلالِ پاڪستان“ جي اڳوڻي ايڊيٽر سراج الحق جي ڪوششن سان قائم ٿي . سنگت طرفان سنڌ سينٽر ۾ ادبي گڏجاڻيون ٿينديون هيون جن ۾ قمر شهباز ، انور پيرزادو ،

در محمد پٺاڻ ۽ ٻيا اديب ۽ شاعر شرڪت ڪندا هئا .

37. سنڌ سگهڙ سنگت (لاڙڪاڻو) :

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي سرپرستيءَ ۾ 1975ع ۾ قائم ٿي . جنهن جو ن شاخون سنڌ جي مختلف ضلعن جهڙوڪ : شڪارپور ، دادو ، سکر ، خيرپور ۽ بدين به قائم ٿيون .

سگهڙ سنگت سنڌ جي سگهڙن کي پهريون دفعو منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اهي مختلف هندن تي هفتيوار خواهه ماهوار گڏجاڻيون ڪرڻ لڳا . هن جماعت سگهڙن جي فن ۽ فڪر کي محفوظ ڪرڻ ۽ شايع ڪرڻ ڪوشش به ڪئي آهي . سنگت شڪارپوري اديبن جي تعاون سان سنڌ سگهڙ ڪانفرنس به سڏائي .

38 . سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئشن (سنڌ) :

سنڌ جي هن سماجي ، علمي ۽ ثقافتي جماعت جنهن نموني سان وطن واسين جي خدمت جي فضا قائم ڪئي سا ڪنهن کان به ڳجهي ڪانهي ، ليڪن ستت ئي جماعت کي نظر لڳي وئي۽ سرڪاري عذاب ۽ عتاب سهڻو پيس . هن جماعت وڏي پئماني تي لاکيڻي لطيف ۽ سچل سرمست تي سيمينار سڏرايا ۽ سنڌ جي ناميارن شخصيتن جا ڏينهن ملهايا . جماعت سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جي اشاعت ، اوسر ۽ تبليغ لاءِ تعريف جوڳي نموني ۾ پاڻ پتوڙيو . ليڪن پاڪستان ۽ سنڌ سرڪار طرفان پنهنجي ملازمن کي هن سماجي جماعت کان پري رکڻ واري عمل هن جماعت جي ڪارڪردگيءَ کي بري طرح متاثر ڪري رکيو آهي . 39 . سنڌ ڪلچرل اينڊ ايجوڪيشن ويلفيئر سوسائٽي (ڪراچي) :

هيءَ سوسائٽي ڪاڪا صديق ۽ سندس ساٿين جي تعاون سان قائم ٿي ، جنهن طرفان ڪجهه عرصي تائين ڪراچيءَ جي علمي ، ادبي ۽ ثقافتي ماحول ۾ گرم جوشيءَ جي فضا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي . سوسائٽي ليڪچر به منعقد ڪرايا ۽ ٻه ٽي ادبي نوعيت جا جلسا به سڏرايا .

40 . سنڌي ادبي محفل (باڊهه) :

هيءَ ادبي محفل غلام رسول ”راز“ ۽ گل حسن ”بيڪس“ جي ڪوشش سان قائم ٿي . هن محفل باڊهه جي شاعراڻي ماحول کي ڪنهن عرصي تائين قائم ۽ دائم رکيو .

41. سنڌي ادبي سنگت (سنڌ) :

هيءَ سنگت ورهاڱي کان اڳ جي ترقي پسند ادب واري تحريڪ جي نشاني آهي . سنگت سڀ کان پهريون 1927ع ۾ سوڀي گيانچنداڻي ، ڪيرت ٻاٻاڻي ، گوبند مالهي ، ۽ ٻين سندن ساٿين جي ڪوششن سان قائم ٿي . ليڪن ستت ئي پوءِ غير مسلم اديبن جي لاڏاڻي سبب ان جي ڪارڪردگي متاثر ٿي . 1956ع ۾ وري انهيءَ کي نئين سر منظم ڪيو ويو .

”سنڌي ادبي سنگت“ هڪ مؤثر تحريڪ ۽ تنظيم جو نالو آهي، جنهن جو ن شاخون سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن تائين ڦهليل آهن ، هن سنگت سنڌيءَ کي آئين ۾ سرڪاري زبان طور تسليم ڪرائڻ واري تحريڪ ۾ بي مثال ڪارناما سرانجام ڏنا . سنگت جي شاخن جون هفتيوار گڏجاڻيون سنڌ ۾ علمي ، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين کي قائم ۽ دائم رکنديون اچن ٿيون . سنگت نئين نسل لاءِ هڪ تربيت گاه جي حيثيت رکي ٿي .

42 . سنڌي ادبي سوسائٽي (سکر) :

هيءَ سوسائٽي اسلاميه ڪاليج سکر جي سنڌي شعبي جي استادن ۽ شاگردن جي ڪوشش سان قائم ٿي . سوسائٽي شيخ راز ، ڊاڪٽر شريف ۽ ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ جي ڪوششن سان ڪيترن شاگردن لاءِ ادبي ماحول پيدا ڪيو ، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي اديب پيدا ٿيا . هن سوسائٽي هڪ اڌ ادبي ڪانفرنس به سڏائي .

43. سنڌي ادبي سوسائٽي (شڪارپور ) :

هيءَ ادبي سوسائٽي شڪارپوري اديبن ۽ شاعرن جي ڪوششن سان قائم ٿي . صوفي جهامنداس ۽ مرحوم حبيب الله ڀٽي هن سوسائٽيءَ جي قيام ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ اهم حصو ورتو . سوسائٽي ڪيترن ئي ادبي نشستن جو اهتمام ڪيو ۽ نون اديبن ۽ شاعرن کي ادبي ماحول پيدا ڪر ڏنو .

44 . سنڌي ادبي سوسائٽي (ڪراچي ) :

هيءَ سوسائٽي سنڌ جي نامور محقق ۽ عالم ڊاڪٽر

داؤد پوٽي جي ذاتي شوق سان 1949ع ۾ قائم ٿي . هن سوسائٽيءَ جو مکيه مقصد قديم ۽ عظيم ادب جي اشاعت هو . ڊاڪٽر مرحوم جي وفات کان پوءِ سيد ميران محمد شاهه هن سوسائٽيءَ جو چيئرمين ۽ ڊاڪٽر غلام حسين جعفري ان جو سيڪريٽري مقرر ٿيو . هن سوسائٽيءَ سنڌيءَ ۾ مکيه نادر ۽ اهم ڪتاب شايع ڪرايا . 1965ع ۾ هن ئي سوسائٽيءَ طرفان ”اديون“ رسالي جو اجراءُ ٿيو .

45 . سنڌي سڌار سوسائٽي (ڪڪڙ) :

سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جي واڌاري لاءِ هي جماعت احمد خان ”آصف“ ۽ سندس علمي و ادبي دوستن جي ساٿ سان ڪڪڙ ۾ قائم ٿي . سوسائٽي طرفان ڪيتريون ئي ادبي گڏجاڻيو سڏرايون ويون .

46. سنڌي رائيٽرس گلڊ (ڪراچي ) :

ڪراچيءَ جي اديبن علي نواز وفائيءَ جي تحرڪ سان ”سنڌي رائيٽرس گلڊ“ قائم ڪئي . جنهن جي قيام ۾ تاج بلوچ ۽ يوسف شاهين اهم حصو ورتو . ان کان ڪجهه عرصو پوءِ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي صدارت ۾ ساڳئي ئي نالي سان ادبي جماعت جڙي . جنهن ۾ بدر الدين اڄڻ ، مظهر الدين سومري ۽ منير چانڊئي وغيره به ڊاڪٽر پٺاڻ جو ساٿ ڏنو . هن گلڊ ڪراچيءَ جي گوئٽي انسٽيٽيوٽ ۾ ليڪچر ۽ ورڪشاپ منعقد ڪرايا ۽ سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ پهريون دفعو سگهڙ ڪانفرنس به ڪراچيءَ ۾ سڏرائي .

ستت ئي پوءِ محترم نياز همايونيءَ حيدرآباد ۾ ”سنڌ رائيٽرس گلڊ“ قائم ڪئي . ۽ اخبارن ۾ اشتهار ڏئي ۽ خطن وسيلي ”سنڌي رائيٽرس گلڊ“ جي وجود تي ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو . بزرگ اديب جي خواهش جو احترام ڪندي ڊاڪٽر پٺاڻ ”سنڌي رائيٽرس گلڊ“ کي ختم ڪري ڇڏيو .

47. سنڌي سرڪل (سکر) :

سنڌي سرڪل 1952ع ۾ شيخ مبارڪ اياز جي صدارت ۾ قائم ڪئي وئي . سرڪل جي سرگرم ڪارڪنن مان شيخ راز ۽ آفاق صديقي وغيره جا نالا ذڪر لائق آهن. هن سرڪل جي سهاري مرحوم شيخ راز جي جاءِ تي سنڌي خواه اڙدوءَ ۾ ادبي نشتون ٿيڻ لڳيون . سرڪل طرفان هڪ ادبي ڪانفرنس به ٿي ، جنهن ۾ڪراچيءَ ، حيدرآباد ، اندرنِ سنڌ ۽ لاهور ۽ ملتان کان ڪيترن اديبن شرڪت ڪئي . بعد ۾ سرڪل ساليانه مشاعرا به ڪرايا.

48. سنڌي ليکڪن جي يادگار ڪاميٽي (شڪارپور) :

هيءَ ادبي جماعت شڪارپوري اديبن ۽ شاعرن جهڙوڪ ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ ، خليل مورياڻي ، غلام رسول ميمڻ ، نقش ناياب منگي ، پروفيسر غلام حسين ڀٽي ‏، نعمت الله ڀٽي ، انور هڪڙي ، بدرالدين اڄڻ ۽ گر ڏني مل ”گرل“ ۽ ٻين دوستن جي ڪوششن سان قائم ٿي. هن ڪاميٽي شامون ملهايون ۽ ”سنڌ سگهڙ سنگت“ جي تعاون سان شڪارپور ۾ ”سنڌ سگهڙ ڪانفرنس“ منعقد ڪرائي وئي .

49. سنياسي ادبي سنگت (هالا) :

هيءَ سنگت منصور ويراڳيءَ جي ڪوششن سان قائم ٿي ۽ عبدالقادر ”منور“ ، علي محمد ”ناز“ ، ۽ عبدالله ”بيوس“ هن جماعت جي ڪارڪردگيءَ ۾ اهم حصو ورتو . هن سنگت نه رڳو ٻوليءَ ۽ ادب جي اوسر ۽ تبليغ جو ڪم ڪيو ليڪن اشاعت جي سلسلي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو .

50.شاهه عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي (ڪراچي):

هيءَ سوسائٽي سنڌ جي وڏ گهراڻي جي هڪ ڌن ڌڻي سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي ڪوششن جو نتيجو آهي . هن سوسائٽيءَ پاران ڪڏهن ڪڏهن وڏي پئماني تي ڪانفرنسون ۽ مشاعرا ٿيا . هن سوسائٽيءَ پاران 1981ع ۾ هڪ شاندار ساهتيه ڪانفرنس ٿي ، جنهن ۾ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ، ڊاڪٽر غلام علي الانا ، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ، دولت ميهتاڻي ۽ محمد ابراهيم جوئي وغيره سندس سهڪار ڪيو . 1982ع جي آغاز ۾ وري هن سوسائٽيءَ پاران ڪراچيءَ ۾ ئي ”عورت ڪانفرنس“ ٿي ، جيڪا پڻ ڪامياب وئي . مارچ 1987ع ۾ هن سوسائٽيءَ پاران هڪ وڌيڪ ڪانفرنس ٿي.

51 . شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊمي (ڪراچي ) :

هيءَ اڪيڊمي سنڌ جي نامياري بي لوث تحريڪ آزاديءَ جي اڳواڻ مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي حياتيءَ ۾ ڊاڪٽر

در محمد پٺاڻ جي صدارت ۾ قائم ٿي . هن اڪيڊميءَ جو روح روان خان محمد پنهور ئي رهيو آهي . هن اڪيڊميءَ سنڌ جي مشهور شخصيت جي ڪارنامن کي تازي رکڻ لاءِ ڪيترائي سيمينار منعقد ڪرايا آهن ۽ ان کان سواءِ اشاعتي ڪم به ڪيا آهن .

52. لطيف ادبي ائسوسيئشن (ڪراچي ) :

هي جماعت عبدالڪريم سعدي ، ڪاڪا صديق ، آزاد جتوئي ۽ سندس دوستن جي لطيف دوستيءَ جو نتيجو هئي . ائسوسيئشن ڪراچيءَ ۾ ڪجهه جلسا به منعقد ڪرايا .

53. لطيف اڪيڊمي (سکر) :

هيءَ اڪيڊمي مرحوم عبدالرزاق ”راز“ ۽ سندس ساٿين جي ڪوششن سان قائم ٿي . هن اڪيڊميءَ سکر ۽ شڪارپور جي اديبن ۽ شاعرن کي ادبي ماحول مهيا ڪري ڏنو .

54 . مجلس احباب (نوان جتوئي ) :

هيءَ ادبي جماعت نوان جتوئيءَ جي ناميارن شاعرن جي ڪوشش سان قائم ٿي . مجلس مقامي نوعيت جا مشاعرا منعقد ڪرايا . محترم نجيف جتوئي هن مجلس جي قيام ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ اهم حصو ورتو .

55 . محفل احسن ادب (دادو) :

 

هيءَ محفل دادوءَ جي علم دوست اديبن ۽ شاعرن جي ڪوشش سان قائم ٿي . محترم ”محسن“ ڪڪڙائي ڪيترو وقت محفل جو جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو . هن محفل ڪيترو عرصو دادو جي ادبي ماحول کي معطر ڪري رکيو ۽ نون شاعرن کي پنهنجي ڏات جي جوت جلائڻ جو موقعو ڏنو .

Menu
Go to top