Menu
Подробнее на сайте: https://hundrednews.ruhttps://principalnews.ruhttps://newsentire.ruhttps://newscatch.ru https://newsdeliver.ru
https://newsfire.ruhttps://foremostnews.ru https://newsdone.ruhttps://unonews.ru https://bundlenews.ruhttps://allnightnews.ruhttps://mirrornews.ruhttps://stacknews.ruhttps://newsplain.ru https://dashnews.ru

ڪراچي سنڌ جو چمڪندڙ ستارو

 

سنڌڙي جا ڳوٺ ۽ شهر پنهنجي تهذيبي، تاريخي، ثقافتي، علمي ۽ تجارتي رشتن ۾ ايئن جڪڙيا پيا آهن، جيئن انساني جسم جا مختلف عضوا . انهن مان ڪنهن به هڪ شهر يا ڳوٺ کي سنڌ کان جيڪڏهن الڳ ڪيو وڃي ته سنڌ جو تصورئي مشڪوڪ ٿي پئي . جيتوڻيڪ سنڌ جا سمورا ڳوٺ ۽ شهر سنڌ جي ايڪي ۾ هڪ جهڙي حيثيت رکن ٿا، پر ان هوندي به ڪراچيءَ جو شهر انهيءَ سلسلي ۾ سڀ کان وڏي اهميت رکي ٿو. حقيقت ته اها آهي ته ڪراچي سنڌ جي قسمت جو هڪ چمڪندڙ ستارو آهي، ۽ هن شهر کي سنڌ جي ماضي، حال ۽ مستقبل ۾ هڪ وڏي اهميت حاصل آهي. سٻاجهيءَ سنڌ جو هي بخت ڀريو شهر سنڌ جي سسيءَ جي حيثيت رکي ٿو. سموري سنڌ هن شهر کان متاثر ٿيندي رهي ٿي، ۽ ان کي متاثر ڪندي رهي ٿي .

صدين جو ساٿ :

ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ڪراچيءَ جو شهر ماضيءَ قريب ۾ ٻڌو ويو، پر هن شهر جي پسگردائي عظمت ڀرئي ماضيءَ جي يادگارن سان ٽمٽار آهي. سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جي عظمت ۽ قدامت کان ڪو به انڪار ڪري نه ٿو سگهي. پوري دنيا جڏهن تهذيب جي نالي کان به بي خبر هئي، تڏهن به سنڌ هڪ سڌريل ملڪ هو .

تازين کوجنائن جي آڌار تي اهو تصديق سان چئي سگهجي ٿو ته ڪراچي ۽ ان جي پسگردائي به صدين کان وٺي سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جو مکيه ڇيڙو پئي رهي آهي. ان خطي ۾ سنڌ جي ٻن کان وٺي ٽن هزار سالن واري قدامت واري تهذيب جا آثار ملن ٿا. اورنگي، منگهو پير، ڪنٽري ڪلب، نيل بازار ۽ عاملاڻو وارا اڄوڪا هنڌ سنڌ جي عظمت ڀرئيءَ قدامت جي آثارن سان ڀريا پيا آهن . انهن هنڌن جي کوٽائي ۽ تحقيق سنڌ جي رهڻي ڪهڻيءَ جو عجيب مثال پيش ڪري ٿي . هتان جا قديم رهواسي صنعت ۽ حرفت جا ماهر هئا. سندن صنعتي علائقا يا مرڪز رهائش کان الڳ ۽ پر ڀرو آهن . ان مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته هن خطي جي سوسائٽي صنعتي نوعيت جي هئي، ۽ صنعتڪار (جيڪي ساڳئي وقت پاڻ مزدور به هئا) صاف ۽ سٺي ماحول ۾ رهڻ لاءِ صنعتي مرڪزن کان پرڀرو رهندا هئا . منگهو پير، ڊملوٽي ۽ عاملاڻو انهن جا رهائشي مرڪز هئا، ۽ اورنگي توڙي ڪنٽري ڪلب وارا حصا سندن مرڪز هئا . جيئن ته سنڌ جو هيءُ صنعتي علائقو هو، ان ڪري لٽي ۽ اٽي جون ضرورتون باقي سنڌ کي پوريون ڪرڻيون پونديون هيون .

هن خطي ۾ پٿر مان مختلف شيون ٺاهيون وينديون هيون، جن ۾ ٿانءَ، رانديڪا، هٿيار، ۽ عمارت سازيءَ جو سامان قابل ذڪر آهي . ڪراچي ۽ ان جي پسگردائي نه رڳو سنڌ جو هڪ مکيه صنعتي مرڪز هو ، بلڪ بين الاقوامي تجارت ۽ واپار جو ذريعو به . سنڌ هن ئي خطي وسيلي اولاهن ملڪن سان واپار ۽ تجارت ڪندي هئي . مختصر لفظن ۾ ائين چئجي ته سنڌ جو هي حصو صدين کان وٺي تهذيب ۽ تمدن صنعت ۽ تجارت جو مرڪز پئي رهيو آهي، ۽ اڄ به اهوئي تاريخي ڪم سرانجام ڏئي رهيو آهي .

سنڌ جو بي بدل تختگاهه : صدين ۽ سالن کان وٺي سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن کي ٻن مشڪلاتن سان منهن مقابل ٿيڻو پيو آهي . اهي آهن : ڌارين جو راڄ ۽ سنڌوءَ جي مستي !، سڄي سنڌ ۾ ڪراچي ۽ ان جي پسگردائي ئي اهڙو موزون ۽ مناسب حصو آهي، جنهن ۾ سنڌ جو هڪ بي بدل تخت گاهه بڻائي سگهجي پيو. هن حصي جي اهميت ۽ افاديت کي سنڌ جي حڪمرانن ڪڏهن به نظر انداز نه ڪيو هو. پر وقت جي حالتن ۽ مجبورين کين اهڙي عمل کان روڪي ڇڏيو هو . انگريزن جي سنڌ ۽ هند ۾ حڪمرانيءَ جي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته هنن پرڏيهي فرنگين سنڌ جي هن حصي جي بين الاقومي تجارتي ۽ فوجي اهميت جو گهڻو وقت اڳ اندازو لڳائي ڇڏيو هو. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جا ڪيترائي جاسوس انهيءَ ڪم تي مقرر ڪيا ويا ته سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ هن حصي ۾ دلچسپي ۽ دفاعي اندزو لڳائين . اهو وقت به آيو جو هو تجارتي لاڳاپن رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ ناٿن ڪرو کي ڪراچيءَ ۾ فيڪٽري کولڻ جو موقعو مليو . هن سنڌ دشمن فرنگي تاجر سنڌ جي هن حصي جي مڪمل جاسوسي ڪئي، ۽ پنهنجي آقائن کي ڪراچيءَ تي قبضي ڪرڻ جي تجويز ڏني. جڏهن سنڌ جا حڪمران هن جي انهن ڳجهين ڪارواين کي واقف ٿيا ته انهن وقتائتو قدم کڻي ناٿن ڪرو کي بي عزتو ڪري تڙي ڪڍيو. ناٿن ڪرو کان پوءِ سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي سياسي نمائندن اهو ڪم پاڻ تي کنيو ۽ پنهنجي سرڪار کي سنڌ جي هن حصي تي قبضي ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ تي ناجائز قبضي ڪرڻ کان اڳ فيبروري 1839ع ۾ سنڌ جي هن حصي ۾ (ڪراچي) تي قبضو ڪيو ويو .

1847ع ۾ جڏهن نيپئر سنڌ تي قبضو ڪيو ته هن سڀ کان پهريون جيڪو ڪم ڪيو، سو هو ڪراچيءَ کي گادي بنائڻ ، کيس يقين هو ته ڪراچي ئي سنڌ جي صحيح معنيٰ ۾ موزون ۽ لائق گادي ٿي سگهي ٿي ۽ سنڌ ۾ ڪو اهڙو شهر ڪونهي جيڪو سنڌ جو انتظامي ، تجارتي، تعليمي، ثقافتي ۽ سياسي ضرورتون پوريون ڪري سگهي. سنڌ جي هن حصي جي اهميت ان مان ئي پڌري آهي ته نيپئر جڏهن گورنريءَ جو مدو پورو ڪري سنڌ ڇڏي رهيو هو ته هن ڪراچي بندر تي بيهي اکين مان آب هاري چئي ڏنو ته ”اي پياري ڪراچي ! ڪاش آئون تنهنجو جوڀن ڏسي سگهان ها.“ جيئن آڳاٽي زماني ۾ سنڌ جي تخت گاهه جو سنڌو نديءَ جي ڪناري تي هئڻ ضروري هو، تيئن اڄ سنڌ جي تخت گاهه جو ڪراچيءَ ۾ هئڻ تمام ضروري آهي، اڳيان تخت گاهه اسان جي زرعي دؤر جي نشاني آهن، ۽ موجوده تخت گاهه اسان جي صنعتي ترقي ڏانهن کنيل قدم جو اهڃاڻ آهي ۽ اهو اسان جي سياسي وجود ۽ امنگن جو به مرڪز آهي.

سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جو گهوارو :

سنڌ ۾ علم ۽ ادب جو ڏيئو هر دؤر ۾ ٻرندو رهيو آهي. وقت ۽ حالتن جا طوفان انهيءَ ڏيئي جي لاٽ کي وسائي نه سگهيا آهن بلڪ سنڌ واسين پنهنجي ضرورتن ۽ حالتن مطابق انهيءَ ڏيئي کي هڪ هنڌ کان کڻي پئي ٻئي هنڌ رکيو آهي . اسان جي علم ۽ ادب جو مرڪز ڪڏهن بکر رهيو ته ڪڏهن اگهم ڪوٽ، ڪڏهن ٽپٽ رهيو ته ڪڏهن درٻيلو، ڪڏهن پاٽ رهيو ته ڪڏهن سيوهڻ ۽ ٺٽو رهيو ۽ وري ڪڏهن ڪراچي . فرق رڳو اهو آهي ته ڪراچيءَ ۾ جڏهن علم ادب جي لاٽ روشن ٿي ته انهيءَ ادبي تاريخ کي نئين روشني ڏني .

ڪراچيءَ شهر ۾ ويهي فرنگي سرڪار جي ڪمشنر فريئر غير سنڌي سرڪاري ملازمن لاءِ لازمي طور تي سنڌي پڙهڻ جو حڪم صادر ڪيو . هن ئي ڪمشنر 1853ع ۾ سنڌي الف بي جي نئين سر اصلاح ڪرائي . فرنگي راڄ دوران سنڌ جي هن شهر سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي جيڪا خدمت ڪئي آهي، ان جو مثال نٿو ملي.

سنڌي لپيَ جي اصلاح ڪرائڻ کان پوءِ فرنگي سرڪار ”ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽي“ ٺاهي جنهن طرفان 1936ع تائين سنڌي ادب جي مختلف موضوعن تي اڻ ڳڻيا ڪتاب شايع ٿيا . سنڌ جڏهن ممبئي کان جدا ٿي ته ان کان پوءِ سنڌ سرڪار ”سنڌي ساهت لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ قائم ڪيو، جنهن طرفان به ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا . هي بورڊ اڄ ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي نالي سان سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪري رهيو آهي . فرنگي سرڪار ئي هئي جنهن 1858ع ۾ ”فوائد الاخبار“ نالي هڪ هفتيوار اخبار جاري ڪئي. انهيءَ کان پوءِ ”سنڌ سڌار“ (1866ع) ، ”سنڌ آفيشل گزيٽ“ ۽ ”رساله زراعت“ هن ئي سرڪار جاري ڪيا. انهن ۾ سنڌ جي تاريخ جا ڪيترائي وساريل ورق ملن ٿا .

سنڌي ۾ پهريون ناول “راسيلاس“ هن ئي شهر ۾ ترجمو ٿيو. سنڌ جي پهرين ناٽڪ منڊلي (ڊي- جي سنڌ ڪاليج اميچوئر ڊراماٽڪ ڪلب ) هن ئي شهر ۾ قائم ٿي. نه صرف ايترو پر هن ئي شهر جي شاعر الهه بخش ”اٻوجو“ کي فرنگي راڄ جو پهريون قومي شاعر تسليم ڪيو ويو . ٻين ڳالهين کي ڇڏي صحافت جي ميدان ۾ اچو . اسان اڄ ڏينهن تائين ”الوحيد“ جهڙي روزانه اخبار ڪڍي نه سگهيا آهيون . اسان ”جوت“ جهڙي جوت ڪنهن به پندره روزه اخبار کي ڏئي نه سگهيا آهيون ۽ اسان ”توحيد“ جهڙو رسالو اڄ به ڪڍڻ کان قاصر آهيون . انهيءَ تاريخي اخبارن ۽ رسالن هن ئي شهر ۾ جنم ورتو. سڀ کا وڌيڪ ته سنڌي مشاعرن جو انوکو تجربو پهريون هن ئي شهر م ڪيو ويو ۽ ادبي ادارن جو قيام پهريون هن ئي شهر ۾ وجود ۾ آيو . ”ترقي پسند اديبن جي انجمن “ ۽ ”سنڌي ادبي سنگت“ پهريون هن ئي شهر ۾ قائم ٿيون . مختلف لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته هن شهر اسان کي عالم به ڏنا ته اديب به، شاعر به ڏنا ته مفڪر به، اشاعتي ادارا به ڏنا ته ادبي ادارا به ، ادب به ڏنو ته ادبي نظريا ۽ موڙ به .

ڪراچي بابت مون مطالعي ۽ تحقيق جي آڌار تي ڪجهه نتيجا اخذ ڪيا آهن، جن جو اختصار هيٺ ڏجي ٿو :-

1. ڪراچي ۽ ان جي پسگردائي واپار، تجارت، آمدورفت ۽ جنگي نقطئه نگاهه کان سنڌ، ايشيا، مشرق ۽ مغرب ۾ وڏي اهميت رکي ٿي .

2. ڪراچي ۽ ان جي پسگردائي پنهنجي بهترين آب وهوا، علمي، ادبي، واپاري، مذهبي ۽ سياسي مرڪز هئڻ سبب سنڌ واسين لاءِ هڪ اهم مسئلو پئي پيدا ڪيو آهي، يعني هي حصو غير سنڌين لاءِ ڪشش جو باعث پئي رهيوآهي، جنهن ڪري هن حصي ۾ سنڌ واسين جي اڪثريت متاثر ٿيندي پئي وڃي . ليڪن اهڙِن حالتن ۾ به هن حصي ۾ رهندڙ مختلف قومن ڪڏهن به ان کي پنهنجي ڪالوني يا جاگير (يا خود مختيار صوبو) نه ڄاتو آهي . ڪراچي جون اڍائي ٽي هزار سال پراڻيون آباديون اهو ظاهر ڪن ٿيون ته هن حصي تي محض ۽ محض سنڌ واسين جي حق کي تسليم ڪري سگهجي ٿو .

3. سنڌي ٻوليءَ کي پهريون دفعو فرنگي راڄ ”سرڪاري ٻولي“ تسليم ڪيو ته ڪراچي ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب حد کان وڌيڪ ترقي ڪئي .

4. سنڌي ٻولي جي سرڪاري سرپرستي فرنگي مفادن تحت ڪئي ويندي هئي ، پر ان هوندي به سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي غير سرڪاري ڪوششن کي وقت جي سرڪار طرفان هميشه همٿايو ويندو هو . هتان جي 75 سيڪڙو سنڌي ليکڪن جا ڪتاب ۽ ايڊيٽرن جون اخبارون يا رسالا ، سياسي، سماجي يا مذهبي اختلاف جي باوجود سرڪاري لئبرريون خريد ڪنديون هيون ۽ لائق تصنيفن کي جيئن جو تيئن درسي ڪتب طور منظور ڪيو ويندو هو .

5. ڪراچيءَ جا عالم ۽ اديب، شاعر ۽ مفڪر ٻن گروهن ۾ ورهائي سگهجن ٿا . پهريان اهي جن جي جنم ڀومي ڪراچي هئي ۽ ٻيا اهي جي ملازمت يا ڪاروبار سانگي اچي ڪراچيءَ ۾ رهيا هئا .

6. انگريزن جي راڄ دوران سنڌ جي باقي سمورن ضلعن جي ڀيٽ ۾ ڪراچي کي مکيه ادبي مرڪز جي حيثيت حاصل رهي .

7. ڪراچي جي سنڌي عالمن، اديبن، شاعرن، ۽ محققن ٻولي جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي ڪارج کي ذهن ۾ رکي پنهنجون تخليقون ۽ تحقيقون ڪيون .

بين الاقوامي تجارتي مرڪز :

ميرن جي زماني ۾ ڪراچي نه رڳو سنڌ پر پنجاب، بلوچستان، خراسان، راجپوتانا ۽ قنڌار جي بين الاقوامي تجارتي مرڪز جو ڪم ڏيندي هئي . هتان ممبئي، يمن، برطانيه، فرانس، ماريطانيه، مسقط ، چين ، ايسٽ انڊيز ، بنگال، جپان، ۽ گجرات سان واپار ڪيو ويندو هو. ڪراچي ان وقت به خشڪي توڙي بحري ذريعن وسيلي پوريءَ ايشيا ۽ ٻين کنڊن سان ڳنڍيل هئي . ڪراچي ڏهن خشڪي رستن ذريعي پوري ننڍي کنڊ سان مليل هوندي هئي ، اهي خشڪي رستا هن ريت هئا :

(1) ڪراچيءَ کان ٺٽو (لانڍي ، ڌاٻيجي، گهارو، گجو، ٺٽو )

(2) ڪراچيءَ کان ڀُڄ . (ڪراچي، ٺٽو، سجاول، مرزو لغاري، مغلڀين، مسافر خانه، لکپت، ڀڄُ)

(3) ڪراچي کان ڪوٽڙي (ڪراچي، ٺٽو، جهوڪ، ڪوٽڙي)

(4) ڪراچي کان سيوهڻ (ڪراچي، سپوران، دمب، کڏيجي، ڌماچ، ٿاڻو بولا خان، بچاڻي، گجور، پکرن، سيوهڻ ) .

(5) ڪراچيءَ کان سيوهڻ (ڪراچي، ڪوٽڙي پيٽارو، مانجهند، سن، آمري، لڪي، سيوهڻ) .

(6) ڪراچي کان پنجاب (ڪراچي، سيوهڻ، لاڙڪاڻو، سکر، ملتان، جهنگ).

(7) ڪراچي کان افغانستان (ڪراچي، لاڙڪاڻو، شڪارپور، افغانستان) .

(8) ڪراچي کان ڪابل (ڪراچي،سونمياڻي، ٻيلو، قلات، قنڌار، ڪابل) .

(9) ڪراچي کان جوڌ پور (ڪراچي، لکپت، امر ڪوٽ، جوڌ پور) .

(10) ڪراچي کان گوادر (ڪراچي، ٻيلو، گوادر).

انهيءَ خشڪي رستن کان سواءِ پنجاب ۽ سنڌ سنڌو نديءَ جي وسيلي به پاڻ ۾ ڳنڍيل هئا، ۽ سنڌو نديءَ جا ڏاکڻيا بندر خشڪي ذريعن وسيلي ڪراچيءَ سان مليل هئا .

ڪراچيءِ جو بندر جو ان وقت اڃا جديد بندرگاهن جي سهولتن کان محروم هو . سو ان وقت به فطري ۽ قدرتي طور تي هڪ لاجواب بندر هو . ميرن پنهنجي دور ۾ هن ڏانهن وقت ۽ حالتن مطابق چڱو ڌيان ڏنو . 1799ع ڌاري هنن منوڙي تي لائٽ هائوس ۽ قلعو ٺهرايو . 1839ع ۾ هن بندر تي 50 کان 150 ٽنن جي وزن وارا وڏا ٻيڙا هئا، ان کان سواءِ ننڍين ۽ وچولين ٻيڙين جو ته ڪو ڪاٿو ئي ڪو نه هو .

ڪراچيءَ جي تجارتي ۽ واپاري اهميت جو اندازو هن مان ئي لڳائي سگهجي ٿو ته 1809ع ۾ هتان جيڪا ڪسٽم ڊيوٽي حاصل ٿي ان جو انگ 99000 روپيا هو . 1838ع ۾ ساڳي آمدني وڌي وڃي 150000 روپيا ٿي . انهيءَ ساڳي سال ڪراچي بندر تان جملي 5894000 روپين جو واپار ٿيو .

تاريخ ساز شهر :

انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته سنڌ کي سدائين اتر کان خطرو پئي رهيو آهي ، تاريخ شاهد آهي ته سنڌ انهن اتر وارن خطرن کي ته منهن ڏيندي پاڻ بچائيندي پئي آئي آهي . پر ڏکڻ (ڪراچي ۽ ان جي پسگردائي )طرفان ٿيندڙ حملا هن لاءِ هميشه موتمار پئي ثابت ٿيا آهن، ۽ انهن حملن جا اثر انقلابي ۽ دور رس پئي رهيا آهن . تاريخ ٻڌائي ٿي ته مدد خان لٽ ڪئي ۽ نادر خان قهر بڻجي آيو ته به سنڌ پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي لائق ٿي وئي. ان کان سواءِ ارغون، ترخان، ۽ مغل جي سڀ اتر طرف کان آيا، تن سنڌ جي آزاديءَ کي متاثر ڪيو، ليڪن ان هوندي به سنڌ جي تاريخ ۾ انهن دؤرن کان پوءِ ڪلهوڙن ۽ ميرن جو دؤر اچي ٿو . يعني وري به سنڌ انهن کان آزادي حاصل ڪئي. ساڳي نموني سان يونان ۽ ايران به هميشه لاءِ سنڌ تي حڪومت هلائي نه سگهيا، پر ڏکڻ طرف (ڪراچي ۽ ان جي پسگردائي )طرفان سنڌ جي تاريخ ۾ محض ٻه حملا ٿيا، جن صدين تائين سنڌ جي سماج، مذهب ۽ سياست کي بدلائي ڇڏيو . 712ع ۾ محمد بن قاسم هن طرف کان ئي آغاز ڪري سنڌ تي قبضو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ذري گهٽ سنڌ جو پورو معاشرو تبديل ٿي ويو. ٻيو واقعو ميرن جي آخري دؤر ۾ واقع ٿيو. ان عرصي دوران سنڌ هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ هو، جنهن ۾ سياست جو هڪ نئون ۽ ڪامياب تجربو ڪيو ويو ، ۽ گڏيل جوابداريءَ تحت حڪومت هلائي ويئي . ان زماني ۾ ننڍي کنڊ تي قابض فرنگي سامراج کي بين الاقوامي سطح تي وڏا وڏا خطره درپيش هئا . نيپولين بونا پارٽ جي فتحن ۽ ڪاميابين، فرنگي سامراج کي بدحواس ڪري ڇڏيو هو، افغانستان ، ايران ۽ روس به هن ست سمنڊ پار واري پرماريت ۾ ايمان رکندڙ حڪومت لاءِ نيڪ جذبا نه ٿي رکيا . انهيءَ وقت سنڌ ئي هڪ اهڙو ملڪ هو جو انهيءَ دور جي ٽڪر کائيندڙ مفادن ۾ مفاهمت پيدا ڪري ٿي سگهيو، ۽ هن امن پسند ملڪ جو اهو ئي پارٽ ادا ڪيو ، جنهن جي نتيجي ۾ انهن ڌوڪيل حڪومتن جي وچ ۾ اهڙا تصادم نه ٿيا. ليڪن توسيع پسند ۽ استحصال پسند فرنگي سامراج کي انهيءَ وقت تائين سک ۽ سڪون نه ٿي آيو جيستائين ايران ۽ روس جي اتحادي افغانستان سان نه ٿي اچايائين . فرنگي سرڪار لاءِ سنڌ ٽپي افغانستان سان وڙهن کان سواءِ ڪو چارو ئي ڪونه هو. پر سنڌ هڪ خودمختيار ملڪ هئڻ جي صورت ۾ ٻئي خودمختيار ملڪ خلاف استعمال ٿيڻ کان قاصر هو . انهن حالتن کي ڏسي فرنگي سرڪار هڪ نئين چال کيڏي، ۽ پنهنجيون اکيون ڪراچيءَ تي کوڙي ڇڏيون.

ميرن جي آخري زماني ۾ ڪراچي وڏي اوج ۽ عروج تي پهچي چڪي هئي . جڏهن ته 1813ع ڪراچيءَ جي آدمشماري 13000 هئي، پر هيءَ ته ان کان به پوءِ جي ڳالهه آهي . ان وقت سنڌ جا ڪيترائي (سنڌو نديءَ جا ڏاکڻيا) بندر ڦٽي چڪا هئا، ۽ ڪراچي سنڌ جو بين الاقوامي تجارتي ۽ دفاعي مرڪز بڻجي چڪي هئي . 1839ع ۾ انگريزن ڪراچيءَ تي قبضو ڪيو . سنڌ جي تاريخ ۾ سنڌ تي ڏکڻ طرفان هي ٻيو حملو هو . ان جي نتيجي ۾ ڪراچي ۽ ان جي پسگردائي باقي سنڌ کان ڪٽجي ويئي . انهيءَ وقت ڪراچيءَ جي اها حيثيت ٿي ويئي جيڪا اڄ ”اسرائيل“ کي آهي . سنڌ جو ڌڙ ڄڻڪ ان کان ڌار ڪيو ويو ۽ باقي سنڌ جي حالت نازڪ بڻجي وئي. ان وقت سنڌ کي اتر طرفان پنجاب ، رنجيت سنگهه جي روپ ۾ اکيون ڏيکارڻ لڳو . ڏکڻ اڳيئي فرنگي سرڪار والاريون بيٺي هئي، باقي اولهه واري حڪومت بلوچ، ان وقت سنڌ جي تڪڙي مدد ڪرڻ جي حيثيت ۾ نه رهيا. ڪراچيءَ جي کسجي وڃڻ ڪري سنڌ جو ٻاهرين دنيا سان لاڳاپو ٽٽي پيو، ان جو بين الاقوامي تجارتي ۽ واپاري راهون بند ٿي ويون ۽ خود سندس ٽڪرو ڪراچي هن لاءِ اسرائيل بڻجي ويو، جنهن ڪري سنڌ جون سموريون دفاعي قوتون رتيءَ برابر رهجي ويون، ۽ ان جي قومي آزادي خطري ۾ پئجي وئي، ۽ پوءِ اهو ثابت ٿيو ته ڪراچي کسائڻ جو سودو سنڌ واسين کي مهانگو پيو. انگريزن پنهنجا عهد ناما مڙهيا، سنڌ کي پنهنجي جاگير ڄاڻي لتاڙي وڃي افغانستان سان اٽڪيا . اتي جڏهن سندن دال نه ڳري ته واپس ايندي آسانيءَ سان سموري سنڌ کي ڳڙڪائي ويا. يعني ڪراچي وڃائي سنڌ واسين پنهنجي آزادي تان هٿ ڌوئي ويٺا . 1839ع ۾ هن شهر ۽ ان جي پسگردائي سنڌ جي تاريخ کي متاثر ڪيو ، جنهن جي نتيجي ۾ 1843ع ۾ سنڌ ۾ فرنگي راڄ جو آغاز ٿيو . هن ڌارئي راڄ دؤران به هي شهر سنڌ جي سياست کي متاثر ڪندو رهيو . نئين دؤر جي شروعاتي ٽئين سال ۾، يعني 1846ع ۾ ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر ڪئپٽن پريڊي هتي ”ڪراچي فري اسڪول “ قائم ڪيو ، جيڪو 1853ع ۾ ”چرچ مشن سوسائٽي“ جي حوالي ڪيو ويو . مختصر لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي ته هن دؤر ۾ ڪراچي مغربي تعليم جو مرڪز به ٿيڻ لڳو . جنهن ڪري اڳتي هلي اسان جي سماج ۾ انقلابي تبديليون آيون . 1852ع ۾ وقت جي ڪمشنر بارٽل فريئر غير سنڌي عملدارن کي لازمي سنڌي سکڻ جو حڪم ڏنو . انهيءَ حساب سان به ڪراچي کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن ئي شهر مان سنڌي ٻولي ۽ علم، ادب جي عظمت ۽ اهميت جي مڃتا جي صدا بلند ٿي .

1857ع ۾ جڏهن ننڍي کنڊ جي عوام فرنگي سرڪار خلاف جنگ جوٽي ته سموري سنڌ هن تحريڪ ۾ حصو ورتو پر انهيءَ تحريڪ جي تاريخ هن ئي شهر ۾ لکي ويئي . يعني امپريس مارڪيٽ جي محل وقوع وٽ آزاديءَ جي سپاهين کي توب جي منهن ۾ ڏئي شهيد ڪيو ويو .

1885ع ۾ ”مجمع محمدي سنڌ“ (سنڌ محمدن ايسوسيئشن) طرفان ”سنڌ مدرستھ الاسلام“ نالي هڪ تعليمي ادارو قائم ٿيو . ليڪن ڪراچيءَ جو اعزاز ته اهو آهي جيڪو ”سنڌ مدرستھ الاسلام “ جي ڦل ۾ ظاهر ٿيو . هن مدرسي اهڙين شخصيتن کي جنم ڏنو جن، هن ننڍي کنڊ جي سياست ۾ اهم پارٽ ادا ڪيو . اهڙين شخصيتن مان پاڪستان جو باني محمد علي جناح، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، سر شاهنواز ڀٽو، غلام حسين هدايت الله، رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، محمد هاشم گذدر، مير ايوب خان، محمد ايوب کهڙو، قاضي فضل الله، ۽ قاضي خدا بخش جا نالا قابل ذڪر آهن. هن ئي شهر جي تاريخي اداري نه رڳو نامور سياستدان پيدا ڪيا، پر ناميارا عالم ۽ اديب، شاعر ۽ مفڪر به پيدا ڪيا. جن ۾ علامه آءِ .آءِ قاضي، دائود پوٽو، محمد ابراهيم جويو ۽ قابل ذڪر آهن .

هن شهر جي مدرسته الاسلام مان پڙهي نڪتل سياستدانن ننڍي کنڊ جي سياست کي جهڙي طرح متاثر ڪيو، ان جي ڄاڻ سمورن سنڌ واسين کي هوندي . ان کان سواءِ مسلم ليگ جو باني ، بين الاقوامي شهرت جو مالڪ ۽ خواجن جو روحاني رهبر هزهائينس آغا خان به هن ئي شهر ۾ جنم ورتو . سنڌ جو پهريون ڪاليج 1887ع ۾ قائم ٿيو . جنهن کي اڄ ”ڊي . جي سنڌ ڪاليج“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو . سنڌ جو پهريون سول انجنيئرنگ ڪاليج (اين .اي .ڊي ) به هن ئي شهر ۾ (1921ع) ۾ قائم ٿيو. ان کان سواءِ سنڌ جو پهريون لا ڪاليج (ايس .ايم . لا ڪاليج) ۽ سنڌ جو پهريون ڪمرشل ڪاليج (ڪارنوڪيشن ڪاليج) به هن ئي شهر ۾ قائم ٿيا . سڀ کان وڏي ڳالهه ته ”سنڌ يونيورسٽي“ به پهريون هتي ئي قائم ڪئي وئي .

سنڌ کي ممبئي کان الڳ ۽ علحده ڪرڻ جو باعث به هي شهر هو ته خلافت تحريڪ دوران خالق ڏني هال ۾ بائيڪاٽ ۽ هجرت جا ٺهراءَ پاس ڪرائيندڙ شهر به هي هو . پاڪستان جو پهريون ٺهراءُ به هن ئي شهر ۾ پاس ٿيو . ننڍي کنڊ جي پهرين سياسي پارٽي ”سنڌ سڀا“ به هن ئي شهر ۾ قائم ٿي ته ”سنڌ محمدن ايسوسيئشن“ به هن ئي شهر ۾ بڻائي وئي . سنڌ مسلم ليگ جي پهرين شاخ به هن ئي شهر ۾ قائم ڪئي وئي . ۽ مسلم ليگ جو پهريون صدر به هن ئي شهر ۾ ڄائو . ڪانگريس جا ڪوڏيا به هن ئي شهر پيدا ڪري ڏنا ، ته تحريڪ آزاديءَ جا متوالا به هن ئي شهر ڏنا . مولانا عبيد الله سنڌيءَ پنهنجي ”سنڌ ساگر پارٽي“ به هن ئي شهر ۾ قائم ڪئي ته سر غلام حسين هدايت الله پنهنجي”مسلم پوليٽيڪل پارٽي“ به هن ئي شهر ۾ ٺاهي . ”سنڌ اتحاد پارٽي“ به هتي ٺهي ته “سنڌ آزاد پارٽي“ به هتي ٺهي .

مختصر لفظن ۾ ايئن چئي سگهجي ٿو ته هي شهر سنڌ جي سياست جو روح ، تاريخ جو جسم، ۽ تعليم جو مرڪز آهي . هن ئي شهر سان سنڌي جي اهميت به آهي ته عظمت به .

شهر جي پسگردائيءَ جي اهميت :

سنڌ جو هي حصو سياسي، سماجي، مذهبي، ۽ اقتصادي نقطئه نگاهه کان نه رڳو سنڌ، مگر باقي دنيا لاءِ به وڏي اهميت رکي ٿو . ڪراچي جو شهر ”مشرق جي راڻي“ ان جو بندر ننڍي کنڊ پاڪ و هند ، افغانستان ، روس ۽ چين جو “ليور پول“ ۽ پورو حصو ”مشرق جو لنڊن“ آهي .

هن حصي کي سنڌ جي لاءِ وڏي اهميت حاصل آهي . سنڌ جو هي حصو سمنڊ جي ڪناري تي آهي . ان جي ٻنهي پاسن تي ويجهڙائي ۾ هڪ طرف ڪڇ ۽ ٿر، ٻئي طرف بلوچستان ۽ مڪران جا خشڪ علائقا واقع آهن. جڏهن سامونڊي هوائون لڳن ٿيون، ته اهي ڪڇ، ٿر، بلوچستان ۽ مڪران جي خشڪ هوائن سان ملي هڪ وڻندڙ ماحول پيد ڪري ڇڏين ٿيون ، انهيءَ ڪري هتان جي آب وهوا پنهنجو مٽ ۽ ثاني نه ٿي رکي . جيڪڏهن ايئن چئجي ته هي حصو سنڌ جي جنت آهي، ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو .

هي حصو نه رڳو آب وهوا جي لحاظ کن وڏي اهميت رکي ٿو ، بلڪ سنڌ جي معيشت لاءِ به ڪرنگهيءَ جي هڏيءَ جي حيثيت رکي ٿو. سنڌ ۾ جيڪڏهن ڪراچي ۽ ان جو بندر نه هجي ها ته سڄي سنڌ سڃي ۽ بکي لڳي ها ۽ هتان جي واپار توڙي تجارت کي ڪاپاري ڌڪ لڳي ها. سنڌي ڪڏهن به سرانديپ جي سونهن ڏسي نه سگهن ها ۽ ڪڏهن به جاوا ۾ جاوا ڪري نه سگهن ها .

هن حصي کي نه رڳو سنڌ ۾ بلڪ دنيا ۾ به اهميت حاصل آهي. سنڌ جو هي حصو پنهنجي محل وقوع سبب وڏي جاگرافيائي اهميت رکي ٿو . هي حصو دنيا جي ٽن ننڍن کنڊن ايشيا، آمريڪا ۽ يورپ جو مرڪز آهي . ڪراچي تي دنيا جي وڏي کان وڏي ٻين برِ صغيري (ننڍي کنڊ جي وچ ۾) آمدورفت جو هوائي ، خشڪي، ۽ پاڻيءَ وارن ذريعن جو مرڪز آهي . سنڌ جي هن ئي حصي ۾ ننڍي کنڊ پاڪ و هند جو الاهون بندر واقع آهي ، جتان وچ ايشيا ۽ باقي دنيا سان تڪڙو ۽ سستو واپار ڪري سگهجي ٿو .

جنگي ۽ دفاعي نقطئه نگاهه کان سنڌ جو هي حصو پوري ننڍي کنڊ ۽ ايشيا لاءِ مرڪزي حيثيت رکي ٿو . هي حصو بين الاقوامي مفادن ۽ طاقتن جي وچ ۾ توازن يا بگاڙو پيدا ڪرڻ جو مکيه ڪارڻ جي حيثيت رکي ٿو . دنيا جي ڪا به طاقت سنڌ جي هن حصي جي اهميت کان انڪار ڪري نه ٿي سگهي، انهيءَ آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته ڪراچي ۽ ان جي پسگردائي سنڌ جي تاريخ، تمدن، تهذيب، سياست، تجارت ۽ علم ادب جي ميدان ۾ اهم جاءِ والاري ٿي . ان ڪري جيڪڏهن ان کي سنڌ جي قسمت جو چمڪندڙ ستارو چئجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو .

 

(روزانه ”هلال پاڪستان “ ، ڪراچي ، مورخه : 1 ، جون 1979ع )

 

 

Menu
Go to top