Menu

ننڍي کنڊ ۾ سنڌي ڇپائي

 

سنڌ جي تڏهوڪي ڪمشنر سر بارٽل فريئر جي ڪوششن سان 1853 ۾ سنڌي لپئي جي سڌارو ۽ واڌارو ٿيو، ليڪن سنڌ ۾ ڇپائيءَ جو آغاز انهيءَ کان اڳ ٿيو. چيو وڃي ٿو ته خانگي شعبي ۾ سڀ کان اول پارسين سنڌ ۾ پريس قائم ڪئي. سرڪار جو ڇاپخانو پهريون ڪوٽڙيءَ ۾ هوندو هو. هن وقت تائين اهو پئي سمجهيو ويو آهي ته ننديرام جو ڪتاب”باب نامو“ پهريون سنڌي ڪتاب آهي، جيڪو شايع ٿيو، ليڪن سنڌ ۾ انهيءَ ڪتاب کان اڳ به سنڌي ڪتاب شايع ٿيا، جهڙوڪ : ”حڪايت الصالحين“ جيڪو اصلي ۾ عربيءَ ۾ هو، ان کي ولي محمد ترجمو ڪيو. هي ڪتاب 580 صفحن تي مشتمل هو ۽ 1851ع ۾ ڪراچي ۾ ڇپيو. ان کان پوءِ 1952ع ۾ ”چٽ جي پاڙ“ نالي خانداس جو ترجمو ٿيل ڪتاب شايع ٿيو، جيڪو اصل ۾ سدا سک لعل جي هندي ڪتب ”اصول نقش“ جو ترجمو هو. هي، ڪتاب ڊرائينگ جي موضوع تي لکيل هو ۽ 35 صفحن تي مشتمل هو. ساڳي سال ”گليڊون جون ڳالهيون“ ڪتاب به ڇپيو. هن ڪتاب ۾ فارسي مان 75 ڪهاڻيون ۽ ڏوسل ڀائي سهراب جا پهاڪا ڏنا ويا هئا . هي ڪتاب اي- پي-آرٿر ۽ منشي غلام علي ترجمو ڪيو هو. بهرحال 1853ع ۾ سنڌي ٻوليءَ کي دفتري ٻوليءَ جو درجو مليو ته سموري سنڌ ۾ پريسن جو ڄار پکڙجي ويو. پر جيئن ته نيپيئر جي چئن سالن جي گورنريءَ کان پوءِ سنڌ کي بمبئي پرڳڻي سان ملايو ويو هو، ۽ انهيءَ ڳانڍاپي سبب سنڌ واسين کي ننڍي کنڊ ۾ اچڻ وڃڻ جو موقعو مليو ته سنڌ کان ٻاهر به ڇپائيءَ جو آغاز ٿيو. سنڌي زبان جو پهريون ديوان ”ديوان گل“ به سڀ کان پهريون بمبئي ۾ ڇپيو. جيستائين سنڌ جو بمبئي سان الحاق رهيو، ان وقت تائين سنڌيءَ جا ڪتاب سنڌ کان ٻاهر به ڇپبا رهيا، پوءِ وري لاهور کي اها مرڪزي حيثيت ملي، جتي هندوستان جي ورهاڱي تائين ڪتب ڇپبا رهيا .

سنڌ کان ٻاهر هند جي جن شهرن ۾ ڪتاب شايع ٿيا آهن، انهن تي هن کان اڳ به لکيو ويو آهي. سيد پيرحسام الدين راشدي ۽ ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ جا مضمون ”نئين زندگي“ ۾ ڇپيا هئا. مرحوم غلام محمد گراميءَ وري ٽه ماهي ”مهراڻ“ ۾ هڪ مضمون لکيو هو. ان کان سواءِ سنڌالاجي طرفان شايع ٿيل ”ديني ڪتابن جو ڪئٽلاگ“ ڪتاب ۾ به اهڙي قسم جي ڪجهه معلومات ڏني وئي آهي .

سنڌي ڪتاب لنڊن ۾ ۽ جرمني جي ليپزگ برڊ شهر ۾ ڇپيا هئا، آئون انهن جي ذڪر ڪرڻ کان سواءِ هند ۾ ڇپيل ڪن ڪتابن ۽ پريسن جو ٿورو احوال ڏيان ٿو :

آگره : هن شهر ۾ ”ابولعلائي اليڪٽرڪ پريس “ نالي هڪ آڳاٽو ڇاپخانو هوندو هو، جنهن ۾ سنڌيءَ جاڪتاب به ڇپيا . اهڙن ڪتابن مان مرزا علي قلي بيگ جو ترتيب ڏنل سچل سائين جو ڪلام ”رسالو سچل سائين“ ذڪر قابل آهي. هي ڪتاب 1902ع ۾ انهيءَ پريس مان ڇپيو هو .

ممبئي : جيئن ته سنڌ لڳ ڀڳ 90 سال ممبئي مرڪز هيٺ رهي، ان ڪري هن شهر مان سنڌيءَ جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا. جهڙوڪ ”ليکي جي پيڙهه“ (خواجه سنڌي خط ڪل صفحا 32- سال 1866ع )، ”سنڌي ابولحسن “ (ابولحسن جو ڪتاب ڪل صفحا 152 سال 1869)، ”نورالابصار“ (عبدالله جو ڪتاب ڪل صفحا 546 سال 1869ع )، ”معراج نامو“ (ڪل صفحا 199 سال 1870ع )، ”هدايت الصالحين “ (ولي محمد جو ڪيل منظوم ترجمو ڪل صفحا 53 سال 1870ع)، ”مجموعه وفات نامو“ (هن ڪتاب ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم، بيبي فاطمه ۽ حضرت عبدالقادر جيلاني جي وفات جو احوال ڏنل آهي ڪل صفحا 80 سال 1871 )، ”مجموعه سڱ نامو“ (شاديءَ بابت ڪتاب- ڪل صفحا 112 سال 1870ع )، ”سئر بوستاني “ (اسحاق نيشاپوريءَ جي ڪتاب ”قصص الانبياءَ“ جو ترجمو، مترجم ميان محمد حسين. هي ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ آهي . پهريون ڀاڱو 276 صفحا ۽ ٻيو ڀاڱو 256 صفحا آهن سال 1871ع )، ”منتخب الفوائد“ (مولوي عبدالرحيم جو ڪتاب صفحا- 40÷240 سال 1871ع)، ”حيات العاشقين“ (عبدالرحمان ولد محمد هاشم جو ڪتاب- صفحا 296- سال 1871ع)، ”بدر المنير“ (مخدوم عبدالله جو ڪتاب صفحا 270 سال 1871)، ”جمجمه جو قصو“ (فتح محمد جو ڪتاب سال 1872ع)، ”مجموعه وفات نامو“ (احوال ڏنل صفحا 96 سال 1872ع )، ”غزوات “ (ميان عبدالله جو ڪتاب ٻه منظوم جلد - صفحا 172+ 132- سال 1872ع) تنبيهه الجاهلين“ (صفحا 52 سال 1872ع)، ”روضه الشهداءِ“ (احمد سنڌي جي شاعريءَ جو ڪتاب صفحا 712 1872ع)، ”عقيق جو رسالو“ (ميان ابراهيم جو ڪتاب جنهن ۾ جهنڊ لهرائڻ جي رسم تي بحث ڪيو ويو آهي. هن ۾ تنبيهه الغافلين ڪتاب به ڏنو ويو آهي. صفحا 64 سال 1872ع)، ”ترتيب الصلوات“ (حافظ محمد عثمان جو ڪتاب. صفحا 104 سال 1872ع)، ”ترتيب الصلوات“ (حاجي محمد جو ڪتاب. صفحا 68 سال 1872ع)، ”مجموعه مد حيات“ (صفحا 128- سال 1872)، ”مجمع الفوائد“ (حاجي محمد خطيب جو ڪتاب. صفحا 336 سال 1872ع)، ”سنڌي مداحون“ (ضياء الدين جو ڪتاب. صفحا 156 سال 1873ع)، ”حقوق الزوجين“ (منظوم ڪتاب ”مجموعه“ ۾ ڏنل. صفحا 54 سال 1873ع)، ”هدايت المريدين“ (مخدوم ابراهيم جو منظوم ڪتاب . صفحا 56 سال 1873ع)، ”قمر المنير“ (منظوم . صفحا 280 سال 1873ع)، ”قوت العاشقين“ (مولوي محمد هاشم جو ڪتاب. صفحا 432 سال 1873ع)، ”سئر بوستاني“ (احوال مٿي ڏنل . صفحا 256 + 276 سال 1873ع)، ”بيبي خديجھ الڪبريٰ“ (سوانح تي لکيل منظوم ڪتاب ”مجموعه “۾ ڏنل آهي.۽ 40 صفحن تي مشتمل آهي سال 1873ع)، ”سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال“ (صفحا 288 سال 1873ع)، ”زاد الفقير“ (مولوي عبدالخالق. صفحا 184 سال 1873ع)، ”مجموعه“ (هن ڪتاب ۾ ”نصيحت نامو“، ”حقوق الزوجين“، ”موت نامو“، ”بيبي خديجھ الڪبريٰ“، ” علي ملڪ جو قصو“، ”تميم انصاري جو قصو“ ۽ ”قاضي ۽ چور جو قصو“ ڏنل آهن.“صفحا 220 سال 1873ع)، ”تفسير پاره تبارڪ“ (ميان مهرو جو لکيل تفسير. صفحا 576 سال 1873ع)، ”ٽه وايا آخري“ (عبدالله محمد مقيم جو ڪتاب. صفحا 104 سال 1874ع)، ”سنڌي مداحون“ (ضياء الدين جو ڪتاب. صفحا 104 سال 1874ع)، ”انيس المتقين“ (شيخ عبدالصمد جو تصوف جي موضوع تي منظوم ڪتاب، هن ۾ ”سراج الجاهلين“ به شامل آهي. صفحا 62 سال 1874ع)، ”فرائض الاسلام “ (ميان عبدالله جو ڪتاب. صفحا 120 سال 1874ع)، ”شمائل نبوي“ (صفحا 366 سال 1874ع)، ”مجنون و ليليٰ“ (حاجي عبدالله نظاماڻيءَ جو منظوم ڪتاب. صفحا 96 سال 1874ع)، ”مجموعه مولود“ هن ڪتاب ۾ مولودن کان سواءِ ”معراج نامو“، ”بايزيد بسطاميءَ جو قصو“، ”بابر انصاريءَ جو قصو“ ۽ ڪي ڪافيون ڏنل آهن ( صفحا 88 سال 1874ع)، ”ڪنز العبرت“ (عبدالله سنڌيءَ جو ڪتاب. صفحا 248 سال 1874ع)، ”ليليٰ مجنون“ (سيد فاضل شاهه جو ڪتاب جنهن ۾ ڪي ڪافيون به ڏنل آهن. صفحا 72 سال 1874ع)، ”بيان العارفين“ (شاهه ڪريم جو ڪتاب. صفحا 206 سال 1876ع)، ”مجموعه مدحيات“ (احوال ڏنل.صفحا 152سال 1876ع)، ”ترتيب الصلوات “ (حاجي محمد جو ڪتاب. صفحا 68 سال 1876ع)، ”شاهه جو رسالو“ (ڊاڪٽر ٽرمپ جو ترتيب ڏنل. صفحا 512 سال 1876ع)، ”مختيار نامو“ (ڪربلا جي واقعي تي فارسي ۾ لکيل ڪتاب جو ترجمو جيڪو علي محمد جان ڪيو. صفحا 1072 سال 1882ع- شايد سنڌيءَ ۾ ڇپيل پهريون ضيخم ڪتاب).

ممبئي ۾ شايع ٿيل ڪن ڪتابن کان پوءِ اسان جيڪڏهن اتان جي ڪن پريسن جو وچور ٺاهينداسين ته اهو هن ريت ٿيندو :

. ممبئي پريس :

هي پريس ممبئي شهر ۾ هئي، انهيءَ مان ”تفسير هاشمي پاره ٽيهون“ ۽ ٻيا ڪتاب شايع ٿيا .

2. ڇاپخانه صفدري :

هن پريس مان فقير عبدالصمد جو ڪتاب ”شرائط الجمعھ“ (1885) ۽ ٻيا ڪتاب شايع ٿيا .

3. مطبع حيدري :

هن پريس مان ميان بن رحمته الله جو ڪتاب ”روضھ شهداءِ“ (1863) ۽ ٻيا ڪتاب شايع ٿيا .

4. مطبع رحيميه :

هي پريس اسطبل اسٽريٽ ممبئي نمبر 8 ۾ واقع هئي. انهيءَ مان ڊاڪٽر دائود پوٽه جو ڪتاب”مرشدي المبتدي“ (1933) شايع ٿيو .

5. مطبع ڪريمي :

هن پريس مان سنڌيءَ جا ڪيترا ئي ڪتاب شايع ٿيا، جن مان مخدوم ابولحسن جو ”مقدمه الصلوات“، قاضي عبدالڪريم جو ”دلائل الخيرات“ ، قاضي عبدالڪريم جو ترتيب ڏنل ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ (1911)،مخدوم ميان عبدالصمد جو ”مفتاح الصلوات“ (1927)، قاضي عزيز الله جو سنڌي فارسي ۾ ترجمو ڪيل ”قرآن مجيد دو ترجمه“ (فارسي ترجمو شاهه ولي الله ۽ شيخ سعدي جو 1935ع) ذڪر ڪرڻ لائق آهن .

6. مطبع نامي ڪريمي :

هن پريس مان ”معراج نامو“ ۽ ٻيا ڪتاب شايع ٿيا.

پونو : ممبئي کان سواءِ سنڌي ڪتاب پوني ۾ به شايع ٿيا. هن شهر ۾ ”ڏاتار برادرس“ نالي هڪ اشاعتي مرڪز به هوندو هو، جنهن سنڌي ۾ ڪيترائي ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا . ساڳي اشاعتي اداري جي ساڳي نالي سان پرنٽنگ پريس به هوندي هئي. هن شهر جي ٻن پريسن ۾ ڪتاب شايع ٿيا.

ڀارت پريس : هن پريس مان 1921ع ۾ سيد علي شاهه گوهريءَ جو ڪتاب ”اذڪار قلندر“ شايع ٿيو . ڏاتار پرنٽنگ پريس : هن پريس ۾ اڪثر ڪري سنڌيءَ جا نصابي ڪتاب شايع ٿيندا هئا .

ديو بند : ورهاڱي کان اڳ هي شهر به هندوستان جي سياست توڙي تعليم جو مکيه مرڪز رهيو. سنڌ جي ڪيترن عالمن ديو بند جي مدرسي ۾ پڙهيو. هن مدرسي خود مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي تعاون سان انگريزن خلاف انڊر گرائونڊ تحريڪون هلايون . هن شهر ۾ ”مطبع قاسم“ نالي پريس هئي، جنهن مان مرزا قليچ بيگ جو ترجمو ڪيل ”ايها الولد“ (1915) ۽ ٻيا ڪتاب شايع ٿيا.

علي ڳڙهه : ديو بند وانگر هي شهر به هندوستان جو سياسي ۽ تعليمي مرڪز رهيو. انهيءَ رشتي سان سنڌ جي ماڻهن کي به شهر ۾ اچڻ وڃڻ جو موقعو مليو. هن شهر جي ”مطبع احمدي“ مان محمد عثمان نورنگ زاده جو ڪتاب ”بينات القرآن“ (1910) ۽ ٻيا ڪتب شايع ٿيا .

لاهور : ممبئي جو شهر سنڌ جي مسلم خواه غير مسلم جو هڪ اهڙو گڏيل مرڪز هو، جتي کين سرڪاري ڪمن ڪارين لاءِ وڃڻو پوندو هو. ديو بند وري سنڌ جي مذهبي ذهنيت واري ماڻهن جي تعليمي مرڪز هو. علي ڳڙهه کي وري انگريزي تعليم جي خواهش مند نوجوان مسلمانن جي مرڪز جو درجو ڏنو. اهڙي نموني سان سنڌ جي سکن وري لاهور کي پنهنجو مذهبي، ثقافتي ۽ سماجي مرڪز بڻايو . سنڌي سکن ۽ ٻين غير مسلم رهواسين جي انهيءَ مذهبي ۽ تجارتي لاڳاپي اسان جي سياست تي به اثر وڌا. سنڌ کي جڏهن ممبئي کان الڳ ڪرڻ جون ڳالهيون شروع ٿيون ته انهيءَ اثر هيٺ سنڌ واسين اڳيان هي تجويز به پيش ٿي هئي ته سنڌ کي ممبئي کان ڌار ڪري لاهور سان ملايو وڃي. هي بحث اڳتي هلي تون ڇا تون ڇا ۾ تبديل ٿي ويو هو . خاص ڪري مير ايوب جنهن لاهور ۾ تعليم ورتي هئي، تنهن پنهنجي تجربي جي بنياد تي انهيءَ راءِ جي مخالفت ڪئي هئي ته سنڌ کي لاهور سان ملايو وڃي . مير ايوب جي انهيءَ راءِ تي چڱو خاصو ”اخباري هنگامو“ برپا ٿي ويو ۽ خاص ڪري ”سنڌگزيٽ“ اخبار ۾ اهڙا خط شايع ٿيا، جن مان تنهن زماني جي سنڌي پنجابي جي لاڳاپن جي خبر پوي ٿي . سنڌ آزاد ٿيڻ کان پوءِ لاهور سان ته نه ملي پر سنڌ جي غير مسلم طبقي ۽ خاص ڪري سکن جا انهيءَ مرڪز سان لاڳاپا رهيا . سکر جو ناميارو پبلشر ”هريسنگ اينڊ سنز“ پنهنجي پريس قائم ڪرڻ کان اڳ پنهنجا ڪتاب لاهور مان ئي شايع ڪرائيندو هو . لاهور مان سنڌيءَ جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا، انهن مان ڪي هي آهن :

”درود هزاه ۽ درود ارواحي“ (صفحا 26- سال 1873ع)، ”ڌرم تتويه“ (گر مکي خط صفحا 32- سال 1876ع)، ”هندوستان جي مختصر تاريخ“ (مترجم گل محمد خان صفحا 48- سال 1883ع)، ”گلستان بي خزان“ (مترجم وطڻمل ”محزون“-مذهبي شاعري صفحا 128- سال 1892ع)، ”عاملن جا نقل“ (خواجه سنڌي خط صفحا 32- سال 1992ع)، ”مورتي پريکشا“ (منوهر لعل صفحا 24- سال 1893ع)، ”حاتم طائي جو قصو“ (ترجمو صفحا 244- سال 1893ع)، ”چار درويش“ (مترجم احمد خان صفحا 248- سال 1893ع)، ”مداح“ (امرلعل- خواجا سنڌي خط صفحا 22- سال 1893ع)، ”تاريخ سنڌ“ (محمد اسلم صفحا 60- سال 1894ع)، ”مجموعه سه نثر“ (مولوي عبدالڪريم صفحا 60- سال 1896ع)، ”طب سڪندري“ (سڪندر علي صفحا 255- سال 1897ع)، ”طب سنڌي“ (پوڪر داس صفحا 38- سال 1897ع)، ”داستان امير حمزه“ (مترجم محمد حسن ڀاڱو پهريون صفحا 257- سال 1899ع)، ”حاتم طائي“ (ترجمو صفحا 244- سال 1900ع)، ”سچ جا ڳولهيندڙ“ (گر مکي خط صفحا 18- سال 1900ع)، ”نادر شاهه“ (مرزا قليچ بيگ صفحا 124- سال 1900ع) .

لاهور جي جن پريسن ۾ سنڌي ڪتاب شايع ٿيا، انهن مان ڪي هي آهن :

1. آريا اسٽيم پريس : هن پريس مان درمحمد ۽ هيمراج جو ترتيب ڏنل ”رسالو سچل سائين جو “ (1910) ۽ ٻيا ڪتاب شايع ٿيا .

2.اسلامي پريس : هن پريس مان لال منوهر لعل جو ڪتاب ”نت منش ڪرم سنڌيا گائتري جاپ “ (1893)، بولچند ۽ گوڪلداس جو ڪتاب ”پوئي گرڀ گيتا سنڌي ٻولي ۾ “ ، سانوڻ مل خانچند جو ڪتاب ”مدح گرو نانڪ شاهه جي الف بي وار ۽ ڪٿا ست نارائڻ جي“ ۽ مسڪين فيض ڪريم جو ”حب الحرمين“ وغيره ڪتاب شايع ٿيا .

3. خادم التعليم پريس: هن پريس مان محمد بچل حاجي ڇٽن همون پوٽي جو ڪتاب”حضرت امام مسلم بن عقيل“ ۽ ٻيا ڪتاب شايع ٿيا .

4. سيوڪ اسٽيم پريس: هن پريس مان ڪراچيءَ جي “سناتن ڌرم سڀا“جي ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا. هوتچند ٽيڪواڻيءَ جو ڪتاب ”امرت ڦل“ به پهريون دفعو هن پريس مان 1911ع ۾ شايع ٿيو .

5. ڪاشي رام پريس : سنڌ جي مشهور پبلشر ڄيٺانند ٿڌو مل واسواڻيءَ جا ڪتاب اڪثر ڪري هن پريس جا ڇپيل آهن. انهن ڪتابن مان ”جوزف ولمٽ“ (1919) ۽ ”لوز آف دي حرم“ (1919) قابل ذڪر آهن .

6. ڪريمي پريس : هن پريس مان مولانا عبدالخالق ڪنڊياروي جو ”تفسير ڪوثر“ (1929) ۽ ٻيا ڪتاب شايع ٿيا .

7. مجتبائي پريس: هن پريس مان ڄيٺانند جو ڪتاب ”انڌير نگري“ (1888)، منشي پنجومل جو ڪتاب ”ٻارهه ماهه موتيرام ۽ جمناداس“ (1888)، لال منوهر لعل جو ”ست ڌرم جي پالنا جي خوشخبري“ (1890) وغيره شايع ٿيا.

8. مصطفائي پريس : هن پريس مان بابو سيتارام جو ڪتاب ”شراب پيئڻ جو نتيجو“ (1889)، ”هندڪيون گڏيل ويهه مداحون“(1890)، ڪشنچند ڪيولرام جو ”نرموهه ڪٿا“(نثر نظم) آوت راءِ ديوان نيڻومل جو ڪتاب ”ڪٿا پرهلاج جي“، لال منوهر لعل جو ”جيوڻ چرتر ڀڳت پورن جي ڪٿا“ وغيره شايع ٿيا .

9. مفيد عام پريس : هن پريس مان ميان محمد اسماعيل جو ڪتاب ”بحرالحڪمت“ (1905) ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا.

10. نولڪشور اسٽيم پريس: هن پريس مان هوتچندٽيڪواڻي جو ڪتاب ”ڪٿا شري ستيه نارايڻ سوامي“ (1910)، ڏيا راج هيمراج جو ڪتاب”سري ڀڳوت گيتا“ (1910) ڌرم داس سڌاڻي جو ”آتم رس“ (1911)، ”ڪبير صاحب جا دوها“ (1912)، خوشي رام هيراننداڻيءَ جو ڪتاب ”مس جون“ (1912)، ڪندن مل ڏيپچند جو ڪتاب ”پيپي ڀڳت جا چرتر“ (1912)، تيجورام شرما جو ترجمو ”مختصر مها ڀارت“ (1912) پهريون دفعو هن ئي پريس مان ڇپيا .

11. وڪٽوريا پريس : هن پريس مان عبدالله ۽ محمود جو ڪتاب”قصو شادي ۽ ٻڍاپڻ جو“ (1988)، ڄيٺا نند جو ”قصو دل جي وندر جو يا ڀل چوڪ“ (1987)، ۽ ساڳي ليکڪ جو ڪتاب ”گيتا جو ارڙهون اڌياءُ“(1987)، سڀ کان پهريان هتي شايع ٿيا .

لائلپور : لاهور کان سواءِ پنجاب جي هن شهر ۾ به سنڌي ڪتاب شايع ٿيا. لائلپور جي ”نريندر اسٽيم پريس“ ۾ 1927ع ۾ قاضي محمد پريل جو ڪتاب ”مسلماني آساني“ شايع ٿيو .

لڌيانه : لڌيانه ۾ به سنڌيءَ جا ڪتاب شايع ٿيا ۽ اهي اڪثر ڪري عيسائين شايع ڪرايا، اهڙن ڪتابن مان ”سچي ساهمي“ (صفحا 35-سال 1968) جو نالو مثال طور ڏئي سگهجي ٿو .

(ماهوار ”پيغام“ ، ڪراچي ، نومبر / ڊسمبر 1983ع)

 

 

 

Menu
Go to top