Menu

سنڌ کان ٻاهر سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر

هڪ خاڪو

ضروري وضاحت:

”سنڌ کان ٻاهر سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر“ هڪ اهم ۽ تفصيل طلب موضوع آهي ، جنهن جو هڪ مقالي يا مضمون ۾ ته رڳو خاڪو ئي چٽي سگهجي ٿو. منهنجي خيال ۾ اهو خاڪو به هڪ ڌنڌلي عڪس کان مٿي حيثيت نه رکندو . ڇو ته گهربل معلوماتي مواد جي سنڌ ۾ اڻاٺ آهي.

هن مقالي ۾ مون ڪوشش ڪري 1948ع کان وٺي 1980ع جي اڌ واري عرصي کي بحث هيٺ آندو ويو آهي، ۽ اها ئي معلومات ڏني اٿم ، جيڪا منهنجي نظر مان گذري آهي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته مقالو هن موضوع کي پڙهڻ ۽ پروڙڻ جو انوکو نمونو آهي، ۽ سنڌ توڙي هنڌ ۾ ان کان اڳ هن موضوع تي ايئن نه لکيو ويو آهي. پر پوءِ به آءٌ اهو تسليم ڪريان ٿو ته ڪيتريون اهم ڳالهيون مون کان نظر انداز ٿي چڪيون هونديون ۽ ڪن غير ضروري ڳالهين کي مون حد کان وڌيڪ اهميت ڏني هوندي. ان ڪري آءٌ پاڻ ئي هن مقالي کي ”هڪ خاڪي“ کان وڌيڪ حيثيت نه ٿو ڏيان. اميد ته پڙهندڙ به انهن مجبورين کي ذهن ۾ رکي ڪا راءِ قائم ڪندا.

متن

پس منظر:

سنڌي ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻيءَ جو آغاز انگريزن جي راڄ دوران ٿيو. سنڌي علم ادب جي چمن ۾ لڳايل هي سلو انهيءَ ئي عرصي دوران سائو ٿيو، ۽ اڄ اسان جي ادبي گلشن جو هڪ سدا بهار گل بڻجي چڪو آهي. ليڪن سنڌ کان سواءِ اڄ هند ۾ به ساڳيو ئي هڳاءُ ڏئي رهيو آهي. 1947ع ۾ هندوستان جي آزاديءَ سنڌ تي جيڪي سياسي اثر ڇڏيا انهن جو اندازو مون کان وڌيڪ هڪ سياستدان ئي سهڻي نموني لڳائي سگهي ٿو. پر جيتري قدر سنڌي ٻوليءَ تي هندوستان جي آزاديءَ جي اثر جو سوال آهي، ته آءٌ اهو چوڻ ۾ حق بجانب آهيان ته هاڻي سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت بدلجي بين الاقوامي ٿي چڪي آهي. اها ٻولي جا اڳ رڳو سنڌ تائين محدود هئي سا هاڻي هند، سريلنڪا ۽ سنگاپور کان سواءِ ٻين هنڌن تي به ڳالهائي وڃي ٿي. نه رڳو ايترو پر هند ۾ ته انهيءَ کي قومي ٻوليءَ جي حيثيت حاصل آهي.

آزاديءَ کان پوءِ اسان جي علم ادب ۽ ٻوليءَ جي وهندڙ ندي، ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. اسان جي غير مسلم شآعرن، عالم ۽ اديبن جو ڳچ حصو سنڌ ڇڏي هند لڏي ويو . انهن جي ئي ڪوششن سان سنڌ کان ٻاهر جا سنڌي ڪهاڻيءَ جي ترقي ٿي آهي، انهيءَ جو خاڪو ئي پڙهندڙن اڳيان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو.

اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته آزاديءَ کان پوءِ ٿيل لڏ پلاڻ سنڌ جي علمي ۽ ادبي ماحول ۾ هڪ خال پيدا ڪيو هو. 1947ع کان اڳ سنڌ ۾ ”آشا“،”رتن“،”سندر ساهتيه“، ”ڪهاڻي“، ”نئين دنيا“، ”ڀارت جيون “ ، ”سنڌو“ ۽ ”چوڏس“ جهڙا رسالا سنڌ ۾ سنڌي افساني ۾ جا انقلابي ترقي آڻي رهيا هئا، اهي سڀ بند ٿي ويا، ۽ انهن کي هند جي مختلف شهرن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. آسانند مامتورا، آنند گولاڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، جڳت آڏواڻي، ڄيٺانند لعلواڻي، رام پنجواڻي، گوبند پنجابي، تيرٿ سڀاڻي، پارو مل ڪيولراماڻي ۽ ٻيا ڪيترائي ڪهاڻيڪار، جن سنڌ ۾ هن صنف کي نئون روپ ڏنو هو، سي به هتان هليا ويا. انهن ئي هند ۾ وڃي ڪهاڻيءَ کيتر ۾ نئين سر ٻج ڇٽيو.

نئون جنم:

سنڌ جي غير مسلم عالمن، اديبن، شاعرن ۽ دانشورن لاءِ وطن جا وڻ ڇڏڻ ڪا گلن جي سيج ماڻڻي ڪانه هئي. سنڌ ۾ جيتوڻيڪ انهن مان غريب به هئا پر سندن اڪثريت مڇي مانيءَ لائق هئي. ڪي ته ڌن ۽ دولت ، عزت ۽ شهرت جا به مالڪ هئا. کين نه رڳو پرڏيهي ٿيڻو پيو ، پر ڪيترن ئي ڌارين اڳيان اٽي، لٽي۽ اجهي لاءِ محتاج به ٿيڻو پيو. اهو سندن عظيم ڪارنامو آهي ته هنن پنهنجي تهذيب ۽ تمدن، علم ، ادب ۽ ٻوليءَ جي بچاءَ ۽ ترقيءَ لاءِ به اوتري ڪوشش ڪئي، جيتري پنهنجي وجود جي بقا لاءِ . هنن ننگي آسمان هيٺان ڪئمپون هڻي، پنهنجو سر به لڪايو ته پنهنجي تهذيب کي به بچايو. نه رڳو ايترو پر ٻولي ۽ علم ادب کي به وڌايو. انهيءَ چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪو نه آهي ته سنڌ جي عالمن ۽ اديبن، شاعرن ۽ دانشورن پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي من گهري حڪومت هوندي به سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ايتري خدمت نه ڪئي آهي، جيتري هند جي مهاجر سنڌي عالمن ۽ اديبن ڌاريءَ ڌرتيءَ تي ۽ سهولتن نه هئڻ باوجود ڪئي آهي . سنڌ ۾ عالم ۽ اديب سنڌي ٻوليءَ کي ”تعليم جي ذريعي“ طور تسليم ڪرائڻ ۾ ئي رڌل رهيا، ليڪن هند ۾ اتان جي عالمن ان کي ”قومي ٻولي“ جو درجو ڏياري پوءِ صبر ڪيو. سنڌ ۾ رسالا ۽ اخبارون ڪڏهن مالي مشڪلاتن ۽ ڪڏهن سرڪاري نوازشن سبب هڪ ٻئي پٺيان بند ٿينديون رهيون. پر هند ۾ هڪ ٻئي پٺيان اخبارن ۽ رسالن جو اجراع ٿيو. اتان جي عالمن، اديبن، شاعرن، مفڪرن ۽ مدبرن جي رت ولوڙ ۽ جيءَ جاکوڙ سنڌي ٻولي ۽ ادب کي ”عالمي معيار“ تي آڻي بيهاريو آهي. علم ادب جي ڪهڙي به صنف هجي، هنن انهيءَ ۾ ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي.

ڪهاڻي کيتر:

سنڌي ٻوليءَ جي جديد علم ادب تي نظر ڦيرائبي ته مسلم ۽ غير مسلم عالمن جي ادبي خدمتن ۾ هڪ واضح فرق نظر ايندو. ايئن ٿو لڳي ڄڻ مسلمان اديبن شعر جو ميدان والاريو آهي ۽ غير مسلم اديبن وري نثر ۾ جوهر ڏيکاريا آهن. جيتوڻيڪ هن وقت اهو فرق مٽجي رهيو آهي، پر ان هوندي به اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته غير مسلم اديبن کي نثري صنفن ۾ ماهرن ۽ استادن جي حيثيت رهي آهي. پوءِ اها صنف مضمون جي هجي يا ڊرامي جي، ناول جي هجي يا ڪهاڻيءَ جي . خاص ڪري ڪهاڻي کيتر ۾ ته انهن کي ابي امان جي حيثيت حاصل آهي. 1914ع کان وٺي، جڏهن لعلچند امر ڏني مل ”حر مکي جا“ ڪهاڻي لکي ، ان کان وٺي ويندي اڄوڪي دؤر تائين غير مسلم اديبن ترجمي ۽ تخليق وسيلي هن صنف جي بيمثال خدمت ڪئي آهي.

غير مسلم اديبن جيئن آزاديءَ کان اڳ مختلف رسالا ۽ مخزنون جاري ڪري ڪهاڻيءَ جي صنف کي ترقي و‏ٺرائي، تيئن ورهاڱي کان پوءِ به ساڳي ئي تند تنواري آهي (1) نه رڳو ايترو پر سندن ڪيتريون ئي علمي ۽ ادبي جماعتون ۽ انهن جون گڏجاڻيون، هن صنف کي مقبول ۽ مانوس بنائڻ لاءِ ”ورڪ شاپ“ ثابت ٿيون آهن ، جتان ڪيترائي نوان ڪهاڻيڪار ڪڙهي ۽ پڙهي نڪتا آهن. اڄ بزرگ ۽ باني ڪهاڻيڪارن، اخبارن، رسالن، مخزنن، ادبي جماعتن، سيمينارن ۽ اشاعتي ادارن (2)جي گڏيل ڪوشش سان سنڌي علم ادب جو آسمان ڪيترن ئي ڪهاڻيڪار ستارن سان سنوارجي ويو آهي. انهن مڙني ڪهاڻيڪارن جو تعداد منهنجي اندازي مطابق لڳ ڀڳ اڍائي سؤ کن ٿيندو. جيڪڏهن سراسري طور هر هڪ ڪهاڻيڪار جي کاتي ۾ ڏهه ڪهاڻيون لکجن ته پوءِ ٿلهي ليکي ائين چئي سگهجي ٿو ته سنڌ کان ٻاهر ٽيهارو کن سالن ۾ ٻه اڍائي هزار کن ڪهاڻيون لکجي چڪيون آهن.

ڪهاڻيڪار:

سنڌ کان ٻاهر ڪهاڻيڪارن جي ورڇ ڪبي ته اها هن ريت ٿيندي:

(الف) بزرگ ڪهاڻيڪار:

اهي ڪهاڻيڪار، جيڪي آزاديءَ کان اڳ ئي پنهنجو پاڻ مڃرائي چڪا هئا، ۽ جن سنڌ مان لڏي وڃڻ بعد هند ۾ وڃي ڪهاڻيءَ جي ترقيءَ لاءِ ڪوششون ڪيون.

(ب) صاحب ڪتاب ڪهاڻيڪار:

اهي ڪهاڻيڪار، جن جي ڪهاڻين جا مجموعا شايع ٿي چڪا آهن، ۽ جن جو تعداد مني سؤ کان مٿي ٿيندو. (3)

(ج) عام ڪهاڻيڪار:

اهي ڪهاڻيڪار، جن ڪهاڻيءَ جي صنف ۾ ته پاڻ ملهايو آهي، ليڪن سندن ڪهاڻين جا مجموعا اڃا تائين شايع ٿي نه سگهيا آهن. اهڙن ڪهاڻيڪارن جو تعداد به هر حالت ۾ هڪ سؤ کان گهٽ ڪو نه آهي.(4)

(د) عورتون ڪهاڻيڪار:

ايئن ڪو نه آهي ته سنڌ کان ٻاهر سنڌي ڪهاڻيءَ جي ترقي رڳو مردن جي محنت جو نتيجو آهي. حقيقت ۾ اتان جي عورت به مرد سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻيءَ کي دلچسپ بڻايو آهي. انهن جو تعداد به ٽيهن کان گهٽ ڪو نه آهي. تن مان اڌ ڊزن کن جي ڪهاڻين جا مجموعا به شايع ٿي چڪا آهن.(5)

(ه) سنڌ جا ڪهاڻيڪار:

سنڌ کان ٻاهر سنڌي ڪهاڻيءَ جي ترقيءَ ۾ سنڌ جي ڪهاڻيڪارن جي حصي کي به نظر انداز ڪري نه ٿو سگهجي. 1965ع جي جنگ کان اڳ سنڌ ۽ هند ۾ علم ادب جي مٽا سٽا آسانيءَ سان ٿيندي هئي، ۽ انهيءَ عرصي دوران سنڌ جي ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون هند ۾ شايع ٿيون. انهيءَ کان پوءِ هي سلسلو بند ٿي ويو. ليڪن هاڻي ”شمله ٺاهه“ بعد جي حالتن وري انهيءَ آڳاٽي روايت کي نئين حياتي بخشي آهي، ۽ هتان جا ڪيترا ڪهاڻيڪار اتي ڇپجي رهيا آهن.(6)

تخليق ۽ ترجمو

جيئن سنڌ کان ٻاهر جي ڪهاڻيڪارن جي ورڇ ڪري سگهجي ٿي، اهڙي نموني سان خود ڪهاڻيءَ کي به تخليق ۽ ترجمي جي خانن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. ڪهاڻيڪارن جتي پنهنجي تخليقي قوتن کان ڪم وٺندي، ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون آهن، اتي ڏيهه پرڏيهه جي ناميارن ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون به ترجمو ڪري، پنهنجي ادبي چمن ۾ هڳاءَ جو اضافو ڪيو آهي. ترجمو ٿيل ڪهاڻين کي هيٺين حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.

(الف) ننڍي کنڊ جي ٻولين مان ترجما:

جيئن ته سنڌ کان ٻاهر رهندڙ ڪهاڻيڪار گهڻن ۽ گڏيل تهذيبن جي دن ۾ آباد آهن، انهيءَ ڪري هنن پنهنجي ڀر پاسي وارين ڪيترين ٻولين جي ادب جو مطالعو ڪيو آهي، انهن ٻولين مان چونڊ ڪهاڻيون کڻي ترجمو ڪيون آهن.اهڙين ٻولين مان ”آسامي“،”اڙدو“،”اوڙيا، ، ”بنگالي ”پنجابي“ ،”تيلگو “،”گجراتي“،”ڪشميري“ ،”ڪنڙ“،”مرهٽي

”مليالم“، ۽ ”هندي“ ذڪر ڪرڻ لائق آهن. (7)

(ب) ٻين ٻولين مان ترجما:

اهڙي نموني سان هنن ننڍي کنڊ جي ٻولين کان سواءِ ٻين ٻولين مان به ترجما ڪيا آهن. اهڙين ٻولين مان ”اٽالين “، ” انگريزي ، چيني“”فرانسسي“،”روسي“ ، ”زيرڪ“، ”مصري“، ”هنگارين“ ۽ ”يوگوسلاوين“

جا نالا ذڪر ڪرڻ لائق آهن.(8)

ترجمي جي خصوصيت:

ڀارتي اديبن پرڏيهي ادب جون پنکڙيون ۽ ڀارتي ٻولين جي جهولين جا گل کڻي جو ڪهاڻيءَ جو گلدستو سجايو آهي، انهيءَ جون به ڪيتريون ئي خصوصيتون ٻڌائي سگهجن ٿيون. ترجمو ٿيل ڪهاڻين جي گهڻائي اهڙي آهي، جيڪي لافاني اصولن ۽ قدرن تي لکيل آهن. مثال طور مئڪسم گورڪيءَ جي لکيل ”سزا“ ڪهاڻي، جنهن ۾ عورت جي بدڪرداريءَ جهڙي سنگين مسئلي تي پورهيت طبقي جي دانشمنديءَ واري فيصلي جو اپٽار ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف اهڙيون ترجمو ٿيل ڪهاڻيون نظر اچن ٿيون، جن وسيلي مترجم پڙهندڙن کي باقي دنيا جي حالتن ۽ مسئلن کان واقف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيئن ڪوريا جي جنگ تي لکيل ” ايٽ جي راڻي“ ڪهاڻي، جنهن ۾ آمريڪي فوجي سپاهين جي سيول ۽ ان جي شهرين تي ٿيل ظلم جو داستان ٻڌايو ويو آهي. يا ابراهيم جي لکيل ”زار جي محلات ۾“ ڪهاڻي، جنهن ۾ زار شاهيءَ جي جهلڪ پيش ڪئي وئي آهي. ترجمو ٿيل ڪهاڻين جي ٽين خصوصيت اها آهي ته انهن مان ڪيتريون ڪهاڻيون سنڌين جي جيوت جون جهلڪيون پيش ڪن ٿيون. جگمندر تايل جي مرهٽي ڪهاڻي” هڪ واقعو انيڪ افسانا“ مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿي. جنهن ۾ هن نانڪرام لاڙڪاڻائي تي لکيو آهي، جيڪو بدنصيب ٽرڪ جي هيٺان اچي مري وڃي ٿو. ترجمو ڪيل ڪهاڻين جي وڏي خصوصيت اها آهي ته انهن جو بنياد بخل، مذهبي تنگدلي ۽ ڪٽر پڻي تي نه رکيو ويو آهي. ڀارتي سنڌي ڪهاڻيڪارن اهڙيون ڪهاڻيون به ترجمو ڪيون آهن، جيڪي مسلمان ڪهاڻيڪارن لکيون آهن. (9)

ٽيڪنيڪ جي لحاظ کان ترقي:

سنڌ کان ٻاهر سنڌي ڪهاڻي جي ٽيڪنڪ جو بنياد شروع ۾ انهن روايتن تي رکيو ويو، جن جو آغاز 1914ع ۾ ٿيو، ۽ 1932ع کان پوءِ انهن ۾ ڪي قدر جدت آئي. ڀارت ۾ پهريون اهڙي قسم جون ڪهاڻيون لکيون ويون ، جن ۾ ”اڪثر ڪري ماڻهوءَ جي ٻاهرين حالتن کي چٽيو ويندو هو“ ۽ فني نقطئه نگاهه کان اهي روايتي فارمولا مطابق لکيون وينديون هيون. ۽ اهي جديد ڪهاڻيءَ کان ڪي قدر طويل به هونديون هيون.

ڀارت ۾ ڪهاڻيءَ جي فن جو هي روايتي دؤر لڳ ڀڳ 1960ع تائين هليو . ان کان پوءِ ”نئين ڪهاڻي“ وجود ۾ آئي. جنهن مطابق لکڻ جا طريقا به بدليا ۽ ”ڪهاڻيءَ کي بدلجندڙ حالتن کي زوردار نموني ظاهر ڪرڻ جو ذريعو “ به بڻايو ويو.هن دؤر ۾ پير پائيندي ڪهاڻيءَ کي ”بياني“ ، ”آپ بيتي“، ”گفتگو“ ، ”ڊائري“ ۽ ”خط“ جي فارمن ۾ لکيو ويو. “روايتي ڪهاڻي“ ۽ هن ”نئين ڪهاڻي“ ۾ فن توڙي فڪر جو اهو فرق وڃي رهيو ته پوئين قسم جي ڪهاڻيءَ ۾ ”ڪلائميڪس کان وڌيڪ ميسيج“ تي زور ڏنو ويو ۽ ڪردار جي ٻاهرين حالتن کان سواءِ انسان جي اندروني صورت به چٽڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

”نئين ڪهاڻي“ به اڳتي هلي فن ۽ ٽيڪنڪ جي لحاظ کان پنهنجي کل بدلائي ۽ انهيءَ کي هن موڙ تي ”اڪهاڻي“ سڏيو ويو. ”اڪهاڻي“ جو دؤر فن کان بغاوت جو دؤر هو. هن قسم جي ڪهاڻيءَ ۾ ”جڙتو ٻولي ۽ پلاٽ ۾ غير ترتيب“ جون خصوصيتون نمايان طور تي نظر اچڻ لڳيون. ”اڪهاڻي“ کان پوءِ وري ”ننڍڙين“ ڪهاڻين جو دؤر آيو. هن قسم جون ڪهاڻيون گهٽ ۾ گهٽ هڪ پيرا ۾ به لکڻ ۾ آيون.

ڀارتي سنڌي ڪهاڻيڪارن ڪهاڻيءَ جي ٽيڪنڪ ۾ هڪ ٻيو تجربو به ڪيو آهي. هن تجربي هيٺ لوڪ ادب کي بنياد بڻايو ويو آهي، ۽ آکاڻيءَ جي انداز ۾ بادشاهن، وزيرن، ۽ ٻين ڪلاسيڪل ڪردارن کي کڻي پنهنجون ڪهاڻيون لکيون ويون آهن. مختصر طور تي ائين کڻي چئجي ته سنڌ کان ٻاهر هن وقت ٽيڪنڪ جي لحاظ کان ”روايتي ڪهاڻي“ کي ڇڏي ڪري ، باقي ٻين قسمن جون ڪهاڻيون جهڙوڪ: ”نئين ڪهاڻي“، ”اڪهاڻي“، ”ننڍي ڪهاڻي“ ۽ ”آکاڻي نما ڪهاڻي“تي قلم آزمائي ڪئي وڃي ٿي. ٽيڪنڪ جي لحاظ کان ٻين پهلوئن کي به نظر ۾ رکي اتان جي ڪهاڻين جو مطالعو ڪري سگهجي ٿو. مثال طور اتي لکجندڙ ڪلائميڪس واريون ڪهاڻيون تاثرات، ۽ انت جي لحاظ کان ٽن قسمن ۾ ورهائي سگهجن ٿيون . ڪهاڻين جو هڪڙو قسم اهو آهي جن جو انت دکدائڪ اثر ڇڏي ٿو. ٻئي قسم جون ڪهاڻيون پڙهندڙن ۾ خوشي جو احساس جاڳائي ختم ٿين ٿيون. ڪهاڻين جو ٽيون قسم اهو آهي جن کي اسان نه ته ”طربيه ڪهاڻيون“ سڏي سگهون ٿا ۽ نه وري ”حزنيه ڪهاڻيون“ پر انهن تي ”طنزيه ڪهاڻيون“ نالو رکڻ نهايت مناسب ٿيندو، ڇو ته انهن ڪهاڻين ۾ سماج جي اهڙي ته صورت ڏيکاري وڃي ٿي، جنهن جي ڏسڻ سان هڪ ئي وقت ٽهڪ ۽ ڳوڙها نڪري پون ٿا، اها ”حقيقت نگاري“ اتان جي ترقي پسند ليکڪن جي فڪر ۽ فن جي تخليق آهي.

اتي ”حقيقت نگاري“جا به ڪيترا تجربا ڪيا ويا آهن. انهن تجربن جو آغاز ”روايتي حقيقت نگاري“کان ٿيو، جنهن مطابق ڪهاڻيڪار رڳو وقت جي سکي توڙي دکي حالتن جي صورت گريءَ ڪرڻ لڳا. اڳتي هلي ڪهاڻيڪار جذباتي طور تي مسئلن ۽ سماج سان ملوث ٿيڻ لڳو، جنهن جي نتيجي ۾ هو ”حالتن يا مسئلن تي پنهنجي غم يا غصي جو اظهار ”به ڪرڻ لڳو. اهڙي نموني سان ”تنقيدي حقيقت نگاريءَ“ جو آغاز ٿيو. اڳتي هلي ڪهاڻيڪارن پاڻ کي حساس ترين فرد ۽ فيلسوف ڪهاڻيڪار ڄاڻي، پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن مطابق درد جو دارون يا مسئلي جو حل به تجويز ڪرڻ لڳا. ايئن ”تخليقي حقيقت نگاري“ جي ابتدا ٿي. پر جڏهن انهن حساس ترين ۽ فيلسوف ڪهاڻيڪارن مان ڪن کي پنهنجي سوچ غير سائنسي ۽ پنهنجا تجزيا محض وقت ۽ حالتن جو پڙاڏو نظر آيا ته هنن دائمي حل تلاش ڪندي ”سماجوادي حقيقت نگاري“ جو سهارو ورتو. اڄ ڀارت جا ترقي پسند ڪهاڻيڪار هن ئي حقيقت نگاريءَ ۾ ايمان رکن ٿا.

سنڌ ۽ هنڌ جي ڪهاڻي ۾ فرق:

انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ڪهاڻيون سنڌ ۾ لکيون وڃن ٿيون ته هند ۾ به.اتان جا ليکڪ به سنڌي آهن ته هتان جا ليکڪ به سنڌي آهن. پر سنڌ جي ڀيٽ ۾ هند جي ڪهاڻي شروع کان وٺي پنهنجي ٽيڪنڪ ۽ موضوع جا روپ بدلائيندي رهي آهي. ان ڪري سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر سنڌي ڪهاڻي ۾ ڪنهن حد تائين ڪن واضح فرقن ۽ سببن جي نشاندهي ڪري سگهجي ٿي. مثال طور:

(الف) سنڌ کان ٻاهر ڪهاڻيڪارن جي ڀرپور همٿ افزائي ٿئي ٿي. ڪهاڻيءَ جي صنف کي ترقي ڏيارڻ لاءِ ڪنهن خاص رنڊڪ کان سواءِ رسالن ۽ مخزنن جو اجراع ٿيندو رهي ٿو. ان ڪري نفسياتي طور تي ڪهاڻيڪارن کي ”طويل ترين“ ڪهاڻين لکڻ جي ضرورت پيش نه ٿي اچي. ان جي برعڪس سنڌ ۾ رسالن ۽ مخزنن جي کوٽ ڪهاڻيڪارن جي لکڻ واريءَ ضرورت کي پورو ڪري نه ٿي سگهي. جنهن ڪري سنڌ ۾ ”طويل ترين“ ڪهاڻين جو رواج عام جام ٿيو .

(ب) ان کان سواءِ ٻنهي هنڌن جي سماجي جوڙ جڪ، سياسي حالتن ۽ ماحول ۾ زمين آسمان جو فرق موجود آهي. جنهن ڪري ٻنهي هنڌن جي ڪهاڻين ۾ ڪنهن حد تائين موضوعن جو فرق نظر اچي ٿو. (ج) سنڌ کان ٻاهر رهندڙ ڪهاڻيڪارن نئين ۽ اوپري ماحول ملڻ سبب ڪنهن حد تائين ”اجتماعي مسئلن“ تي لکڻ لاءِ مجبور آهن. ليڪن سنڌ ۾ ”اجتماعيت“بدران ”وسيع تر انفراديت“ جو دؤر نظر اچي ٿو. هتان جي سماجي جوڙ جڪ سبب سنڌ جي ڪهاڻين ۾ ”داخليت“ ۽ ”انفراديت “ جا عنصر نظر اچن ٿا.

(د) سنڌ کان ٻاهر رهندڙ سنڌي، سنڌي ٻوليءَ کي “قومي درجي“ تي رسائڻ باوجود ڌارئي ۽ گهڻن ٻولين جي ماحول ۾ رهڻ ڪري، ٻين ٻولين جو به اثر قبول ڪيو آهي. ان کان سواءِ ”هندي“ هنن لاءِ مذهبي ٻوليءَ جي اهميت رکي ٿي، جنهن جو اثر هو آزاديءَ کان اڳ ئي قبول ڪندا پيا اچن. ان کان سواءِ اهي ”سنڌي لپي“ جي سوال تي ٻن گروهن ۾ تقسيم ٿيل آهن. جنهن ڪري شعوري طور تي ”هندي“ ۽ لاشعوري طور تي ٻين ٻولين جو اثر قبول ڪرڻ لاءِ مجبور آهن.اهوئي سبب آهي جو سندن ڪهاڻين جي ٻوليءَ ۾ ٻين ٻولين جو اثر نمايان نظر اچي ٿو. ان جي برعڪس سنڌ جي ڪهاڻي ٻوليءَ جي لحاظ کان گهڻي حد تائين صاف ۽ نج نظر اچي ٿي. البته سنڌ جي نوجوان ڪهاڻيڪارن هاڻي ڀارتي ڪهاڻيڪارن طرفان مجبوريءَ کان استعمال ڪيل غير سنڌي لفظ فيشن طور استعمال ڪرڻ شروع ڪيا آهن.

(ه) 1947ع کان پوءِ سنڌ ۾ سماجوادي سوچ جي پکڙجڻ کان سواءِ اوتري ئي شدت سان رجعت پسند اختلاف به وڌيو. ان کان سواءِ ڪنهن حد تائين مايوسي ۽ ٻڏ تر جا لاڙا به ادب کي ڏسڻا پيا. انهن ڳالهين سنڌ جي ڪهاڻيءَ کي هڪ نئون ۽ الڳ روپ ڏنو آهي. پر ان جي برعڪس لڏ پلاڻ بعد پيدا ٿيل مسئلا ، ڌرتيءَ لاءِ پيار، ماضيءَ ۾ ٿيل وارداتن جون يادون ۽ ڪنهن حد تائين ڪانگريس کان نفرت جهڙين ڳالهين اتان جي ادب کي نوان لاڙا ڏنا آهن، جن جو اثر اتان جي ڪهاڻيءَ به قبول ڪيو آهي. ان ڪري سنڌ ۽ هند جي ڪهاڻيءَ ۾ ڪي قدر فرق نظر اچي ٿو.

(و) سنڌ ۽ هند جي ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ٻيو، مگر واضح فرق اهو نظر اچي ٿو ته هند جا ڪهاڻيڪار دنيا جي ٻين ٻولين مان ڪهاڻيون ترجمو ڪري، پنهنجي ڪهاڻيءَ جي خزاني ۾ اضافو ڪندا رهن ٿا، ليڪن سنڌ ۾ ترجمي جو ايترو رواج ڪو نه آهي. ان ڪري هند ۾ جتي اصلوڪيون ۽ ترجمو ٿيل ڪهاڻيون ڪلهو ڪلهي سان ملائي ادبي تاريخ جا گيت ڳائن ٿيون ته ان جي برعڪس سنڌ ۾ ترجمو ٿيل ڪهاڻيون اٽي ۾ لوڻ برابر نظر اچن ٿيون.

هند جي ڪهاڻيءَ جا مکيه موضوع:

سنڌ کان ٻاهر جي سنڌي ڪهاڻيءَ جو مطالعو هڪ ٻئي رخ کان به ڪري سگهجي ٿو. اهو رخ آهي هند جي سنڌي ڪهاڻيءَ جا مکيه موضوع. ليڪن رخ تي قلم کڻڻ کان اڳ اتان جي حالتن تي نظر ڦيرائڻ نهايت ضروري آهي، ڇو ته اتان جي ڪهاڻيءَ جا موضوع اتان جي حالتن جو پڙاڏو آهن.

هندوستان جي آزاديءَ کان اڳ سنڌ جا ڪيترا غير مسلم عالم، اديب، شاعر ۽ مفڪر مذهب جي محبت يا تحفظ واري احساس هيٺ وطن جا وڻ ڇڏي اڻ ڏٺي مستقبل ۽ آشياني جي تلاش ۾ ڀارت لڏي ويا. اتي پهچڻ کان پوءِ ڳچ جيتري عوام ڪانگريس جي ڏيکاريل سبز باغ جي صحيح صورت ڏسي ورتي. انهيءَ ڪري ڪيترن کي حڪمران پارٽيءَ سان اختلاف ٿي پيا ۽ انهيءَ جي معاوضي ۾ کين ڪنهن حد تائين ڀوڳڻو به پيو. سنڌ ۾ هندو ۽ ٻيا غير مسلم ڪيتري عرصي کان رهڻ ڪري سنڌي سماج ۾ ملي جلي ويا هئا، ليڪن اهي ڀارت ۾ وڃڻ کان پوءِ پنهنجي هم مذهب انسان اڳيان برابريءَ وارو مقام وٺي نه سگهيا. ڀارتي هندو سنڌ جي هندن کي پاڻ جهڙو پوتر ۽ نج هندو طور تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ڪو نه ٿيا. ان کانسواءِ سنڌي هندن ڀارت ۾ وڃڻ کان پوءِ گانڌيڌام ۽ سنڌو نگر ۾ الڳ پرڳڻي حاصل ڪرڻ جي ڪوششون ڪيون. سندن اهڙين ڪوششن کي اتي صوبائي توڙي مرڪزي حڪومت طرفان شڪ جي نگاهه سان ڏٺو ويو. سنڌي ٻولي کي ”قومي ٻولي“ بنائڻ واري تحريڪ ويتر اهڙِن حالتن جي باهه تي گاسليٽ هارڻ جو ڪم ڪيو، سنڌي هندو اتي الڳ پرڳڻو ته حاصل ڪري نه سگهيا، البته پنهنجي ٻوليءَ کي تسليم ڪرائڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿيا. ڪنهن وقت کان پوءِ سندن اها ڪاميابي به باهمي اختلاف جو ٻل ٿيڻ لڳي . خاص ڪري ڪانگريسي ذهنيت وارن سنڌي عالمن ۽ اديبن سنڌي کي ”ديوناگري لپي“ جو ويس ڏيڻ چاهيو ليڪن باقي اڪثريت موجوده لپيءَ جي حق ۾ رهي. هنن لاءِ نه رڳو لپيءَ جو مسئلو ئي مٿي جو سور بڻيو رهيو، پر کين ذريعه تعليم جي مسئلي سان به منهن مقابل ٿيڻو پيو . ڇو ته ڪيترا مهاجر ”ڀارتي سڀيتا“ ۾ ضم ٿيڻ جي حق ۾ هئا ۽ انهن اتي پنهنجي ٻارن کي سنڌي اسڪولن ۾ پڙهائڻ بدران انگريزي ۽ ٻين غير مادري ٻولين جي اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ شروع ڪيو. هن گروهه جي اڳواڻي اڪثر ڪري ڪانگريسن جي هٿ هيٺ رهي، ليڪن عوام ۽ ترقي پسند گروهه انهيءَ طوفان جو ڀرپو مقابلو ڪيو ۽ پنهنجي تهذيب ۽ تمدن ۽ ماضيءَ جي هر شئي سان مذهبي محبت جهڙي عقيدت رکڻ شروع ڪئي. ڀارتي سنڌين کي نه رڳو باهمي اختلاف ۽ سرڪار جي ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ جو نشانو ٿيڻو پيو، ليڪن اتان جي مذهبي ماحول کان سواءِ واپاري طبقي ۾ به مسهائپ جي مصيبت جو منهن ڏسڻو پيو. جيئن ته سنڌ مان لڏي ويندڙ ڪيترا غير مسلم واپاري ۽ تجارتي طبقي سان رکندڙ هئا، ان ڪري کين اتان جي ”وچئين طبقي“ پنهنجي اک جو ڪنڊو سمجهڻ شروع ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ کين”بزنيس مائينڊيڊ “ ، ”ڪولڊ بلڊيڊ“ ۽ ”سنڌي يهودي“ جي لقبن سان نوازيو ويو.

جيتوڻيڪ آزاديءَ کان اڳ سنڌ جي هندن ڪانگريس جي قيادت به ڪئي ته خدمت به ڪئي، پر آزاديءَ بعد اهي مهاجرن جي صورت وٺي ڀارت جي هيڏي ساري سياسي سمنڊ ۾ لهر برابر بڻجي ويا. انهيءَ ڪري منجهائن ڪا به اهڙي قيادت اڀري نه سگهي،جيڪا کين قومي نقطئه نگاهه کان وقت ۽ حالتن جي وير کان بچائي پار پهچائي سگهي. اهڙن سنگين مسئلن جي موجودگيءَ باوجود اتان جو عوام پنهنجي تهذيب، تمدن ۽ قومي تشخص جي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي، وقت ۽ حالتن جو مقابلوڪندو رهيو. انهيءَ صورتحال سندن علم ادب، ۽ ان جي مقبول صنف ڪهاڻيءَ کي به متاثر ڪيو آهي. انهيءَ ڪري سندن ڪهاڻين تي وقت ۽ حالتن جو گهرو رنگ چڙهيل نظر اچي ٿو. سنڌ کان ٻاهر سنڌي ڪهاڻيءَ کي انهن حالتن جي روشنيءَ ۾ مطالعي ڪرڻ کان پوءِ جيڪڏهن ڪن موضوعن جي تلاش ڪجي ٿي ته مکيه موضوع هن ريت نروار ٿين ٿا.

(الف) ياد ماضي:

جيئن هن کان اڳ عرض ڪيو ويو آهي، ته آزاديءَ کان اڳ سنڌ جو هندو سنڌي سماج جو مکيه عنصر هو. هنن کي گهڻي عرصي کان وٺي حڪومتن جي ڪاروبار ۽ سماجي ڍانچي جي جوڙ جڪ ۾ وڏو اثر رسوخ حاصل هوندو هو. سماج جي ارتقائي عمل ۾ تصوف ۽ ويدانيت رت جي اڇن ڳاڙهن جزن جهڙو ڪم ڪيو . سنڌ ۾ جتي مسجدون هيون، اتي مندر به ويران ڪونه هئا.ٽڪاڻا هئا، گردوارا هئا، تيرٿ هئا ۽ هندن کي هڪ درجو هو. هو سياست ۾ اڳرا هئا، علم ادب ۾ اڪابر هئا، ۽ هنر توڙي واپار ۾ ناميارا هئا. ليڪن آزاديءَ کان پوءِ جي لڏپلاڻ نه رڳو سندن وجود کي جهنجهوڙي ڇڏيو، پر هو وطن جا وڻ ڇڏي ويا، ۽ ماضيءَ جي ياد هنن لاءِ عذاب بڻجي پيئي . انهيءَ عذاب جو پڙاڏو سندن ڪيترين ئي ڪهاڻين مان ٻڌي سگهجي ٿو.(10)

(ب) ٻه واٽون:

پرديس ۾ پير رکڻ کان پوءِ سنڌي هندن لاءِ وڃي ٻه رستا بچيا : انهن مان پهريون هو ”ڪانگريسي رستو“ جنهن مطابق هتان لڏي ويل ماڻهن کي ماضيءَ جي هر شئي ڇڏي ”ڀارتي سڀيتا“ ۾ فنا ٿيڻو هو. ٻيو رستو اهو هو ته هو هر طوفان جو مڙس ٿي مقابلو ڪندي، پنهنجي ”قومي وجود“ کي برقرار رکن. يعني هنن اڳيان ”فنا“ ۽ ”بقا“ جا ٻه رستا هئا، ۽ اسان کي سندن ڪيترين ئي ڪهاڻين مان انهيءَ ”فنا“ ۽ ”بقا“ جي جنگ جا ناد ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. اتي ڪيتريون اهڙيون ڪهاڻيون به لکيون ويون آهن، جن ۾ ڪانگريس جي ڏسيل رستي جي تبليغ ڪئي وئي آهي. (11)ان سان گڏ اهڙيون ڪهاڻيون به لکيون ويون آهن، جن ۾ پاڻ بچائڻ جا درس ڏنا ويا آهن.(12)

(ج) نئون رستو:

انهن ٻنهي طبقن کان سواءِ هڪ نئين طبقي به عوام کي پڻ ڏانهن متوجهه ڪيو آهي. اهو آهي ”ترقي پسند گروهه“ . هن طبقي ڪانگريس جي تجويز ڪيل دوا کي ڇاونزم ۽ غير فطري قرار ڏنو ۽ ماضيءَ جي ڪن غير ضروري ريتن رسمن جي لاءِ مرندڙن کي به ڪنهن حد تائين رجعت پسند ڌڙو سڏيو. هن گروهه پنهنجي راءِ ڏني ته وچان ئي ٻي واٽ اهڙي وٺي سگهجي ٿي، جنهن جي سچائي جي تصديق انسان ذات جي تاريخ به ڪري چڪي آهي. اها واٽ آهي ترقي پسنديءَ جي جنهن ۾ اها گنجائش آهي ته ماضيءَ جي ڀلين روايتن ۽ سٺن اصولن کي به کڻي سگهجي ٿو ۽ سماج تي ڇانيل صدين جي جمود کي ٽوڙڻ لاءِ ترقي پسند نظرئي تي به عمل ڪري سگهجي ٿو. اهو ئي اسان جي مسئلن جو حل آهي.اتان جي ڪهاڻين ۾ هنن عقيدن ۽ اصولن جي ڪافي جهلڪ نظر اچي ٿي. (13)

(د) اڌ ڪائنات :

انسان جي اڌ ڪائنات عورت ذات آهي. حقيقت ۾ هوءَ ئي ڪائنات جو مرڪز آهي ۽ انسان ذات جا ڪيترا ئي ڏک ۽ سک ساڻس ڳنڍيل ۽ لاڳاپيل آهن. هن دنيا ۾ جنهن معاشري پنهنجي عورت کي منزل ۽ مقام ڏنو، تنهن کي ترقيءَ جو معراج مليو. ليڪن سنڌي معاشري ۾ اڃا عورت کي اهو جائز مقام نه مليو آهي. هوءَ اڃا به اسان جي نظرن ۾ هيچ ۽ نيچ آهي.زال جي صورت ۾ هوءَ مڙس جي زرخريد ٻانهي آهي. ڌيءَ جي حيثيت ۾ هوءَ والدين جي ڪلهن تي آسمان کان ڳرو بار آهي ۽ ڀيڻ جي روپ ۾ هو قربانيءَ جي ٻڪري آهي. هوءَ گوشت پوشت جو پر جذبن، امنگن، خيالن، ۽ خوابن کان سواءِ پتلو آهي ۽ مردن جي پرماريت لاءِ آسانيءَ سان هٿ ايندڙ مجسمو آهي. سنڌ توڙي هند جي روشن ضمير ۽ روشن خيال ليکڪن ۽ ليکڪائن عورت جي عظمت ۽ اهميت کان ڪڏهن به انڪار نه ڪيو آهي، ۽ هو وقت به وقت سندس مسئلن تي لکندا به رهن ٿا. سنڌ کان ٻاهر لکيل سنڌي ڪهاڻين ۾ عورت کي به هڪ اهم موضوع جي حيثيت حاصل آهي. (14)

انهيءَ کان علاوه ڀارت جي سنڌي ڪهاڻي جا ٻيا به موضوع آهن، جن تي جيڪڏهن تفصيل سان روشني وجهڻ ويهبو ته مقالو طويل تر کان طويل ترين ٿي ويندو. هن مقالي جو مقصد ئي هو هڪ خاڪو پيش ڪرڻ، جنهن لاءِ ممڪن حد تائين ڪوشش ڪئي وئي آهي. هاڻي اهو ٻين محققن ۽ دانشورن جو ڪم آهي ته هن موضوع کي مڪمل بنائڻ جون ڪوششون ڪن.

وضاحتون

(1) 1947ع کان 1980ع جي اڌ تائين ڀارت ۾ جيڪي اخبارون، رسالا ۽ مخزنون نڪتيون آهن، انهن سڀني جو تفصيل ته هتي ڏئي نه ٿو سگهجي، البته اهڙن رسالن ۽ مخزنن جن مختصر وچور ضرور پيش ڪري سگهجي ٿو جن ڪهاڻيءَ جي اوسر ۾ اهم پارٽ ادا ڪيو آهي.

رسالي جو نالو

نوعيت

شايع ٿيڻ

جو هنڌ

سال

ايڊيٽر

آتم درشن

ماهوار

اجمير

1954ع

ديپچندرتلوڪچند

آدرش

ماهوار

اجمير

1974ع

ايم آر وليچا

آسان راهه

ماهوار

جبلپور

؟

موتي رام منڌياڻي ۽ ڪنهيا لال

آريه پريم

ماهوار

اجمير

؟

موهن لال

آريه وير

ماهوار

اجمير

1977ع

ديپچندرتلوڪچند

اظهار

ٽه ماهي

احمد آباد

1977ع

هوند راج بلواڻي

اسٽيج

ٽه ماهي

احمد آباد

1978ع

ڄيٺو لالواڻي

الڪا

ساليانو

ممبئي

1965ع

رزرو بينڪ سنڌي سڀاپاران

امن - اي هند

ماهوار

ڀوپال

1971ع

ديو جهوڙاڻي

اهار

ساليانو

الهاس نگر

1973ع

صاحب شهاڻي

پرهه ڦٽي

ماهوار

بمبئي

1961ع

لعل پشپ

پشپ

ساليانو

ٿاڻا

1958ع

هولا رام

ڀارت ٽائيمس

ماهوار

الهاس نگر

1978ع

رميش رامچنداڻي

ڀيروي

ماهوار

احمد آباد

1968ع

ڪويتا ارجن ڀمڀاڻي

جاڳو

ماهوار

ممبئي

؟

ڪي-سي-شوراساڻي

جوت

ساليانو

ممبئي

1950ع

جڳتراءِ مولچند

جيجل

ساليانو

ممبئي

1974ع

جسونت ڪمار

جيون جوت

ساليانو

ممبئي

1970ع

لڇو ڀاوناڻي

جيون سنگرام

ساليانو

گانڌيرام

1975ع

رام چند ناڻي

جهاز راني

ساليانو

الهاس نگر

1969ع

لڌا رام

چانڊوڪي

ساليانو

آگرو

1970ع

موهن لال

درويش درشن

ماهوار

احمد آباد

1979ع

رام امباڻي

راج فلمستان

ماهوار

ممبئي

1948ع

سشيلا ڄيٺانند لعلواڻي

رچنا

ٽه ماهي

ڪلڪتو

1979ع

لکمي کلاڻي

زندگي

ماهوار

احمد آباد

1977ع

شيام رام رکياڻي

سرسوتي

ساليانو

آگرو

1954ع

موهن لال

سرسوتي

ماهوار

ممبئي

؟

ساوتري گربخشاڻي

سرهاڻ

ساليانو

الهاس نگر

1965ع

رام جي ڪڪڙيجا

سناتن سارٿي

ماهوار

ممبئي

؟

جڳت آڏواڻي

سنڌ اپڪارڪ

ماهوار

الهاس نگر

؟

ڀاون سنگهه

سنڌي ايڪسپريس

ماهوار

الهاس نگر

؟

نند ڀارتي

سنڌي گلشن

ٽه ماهي

لکنئو

1960ع

راڌا ڪرشن

سنڌيت

ٻه ماهي

لکنئو

؟

ڀڳوان کلناڻي

سورٺ

ساليانو

ممبئي

1968ع

واسديو نرمل

سوکڙي

ساليانو

نيئن دهلي

1972ع

هوند راج سڪايل

شام

ماهوار

پونو

؟

ستي ٿڌاڻي

شڪتي ڌارا

ماهوار

ممبئي

؟

پرشوتم ڀڳتاڻي

شڪنتلا

ماهوار

انڊور

1962ع

ديپڪ ڪوڏواڻي

فلم ۽ فئشن

ماهوار

الهاس نگر

1968ع

اندر لعلواڻي

ڦلواڙي

ماهوار

اجمير

1953ع

ديپچندر تلوڪ چندر

ڪلپنا

ماهوار

لکنئو

1972ع

ساڌو رام

ڪلياڻ سماچار

ماهوار

الهاس نگر

1960ع

ماڌو داس

ڪونج

ماهوار

ممبئي

1960ع

هري موٽواڻي

گلستان

ماهوار

احمد آباد

1966ع

هوند راج بلواڻي

ليڊرآف الهاس نگر

ماهوار

الهاس نگر

؟

ڊي سي گوسوامي

مارئي

ماهوار

احمد آباد

1967ع

رجتي پنجابي

مومل

ساليانو

ممبئي

1953ع

سينٽرل ريلوي سنڌي سڀا

نرگس

ماهوار

پونو

؟

تيج پارواڻي

وندر

ساليانو

الهاس نگر

1968ع

نارائڻ واسواڻي

هلچل

ساليانو

ممبئي

؟

لعل پنجواڻي

انهن کان سواءِ ڪي رسالا ۽ مخزنون هن وقت بند ٿي چڪيون آهن. انهن جو به وچور ٺاهبو ته اهو مختصر طور تي هن ريت ٿيندو:

آکاڻي (ماهوار)، ٻارڙا (ماهوار - احمدآباد)، پشپا نجلي (ساليانه)، پرهه ڦٽي (ٻه ماهي- ممبئي)، پياري سنڌ (ماهوار – احمد آباد)، تمنا (ماهوار- احمد آباد)، چاڻڪيه (ساليانه- الهاس نگر)، چوڏس (ٽه ماهي – احمد آباد)، ڇوليون (ماهوار-احمد آباد)، ڌرم واڻي (ماهوار – الهاس نگر)، رابيل (ماهوار)، راڻي (ماهوار- ممبئي)، ساهت ڌارا(ماهوار- ممبئي)،سڀيتا (ٽه ماهي-بڙودا)،سوجهرو (ماهوار-الهاس نگر)،سونو ڀارت (ماهوار-پونو)،سنڌڙي (ماهوار-الهاس نگر)، سنڌو (ٽه ماهي)، سنڌو ڀارت (ماهوار- راجڪوٽ)،سنڌو جيون ڌارا (ٽه ماهي- ڀوپال)، سنڌو لوڪ (ماهوار- وارنسي)،سنڌو واڻي (ماهوار- انڊور)، سنڌ جي سڪ (ماهوار-دهلي)،سنڌي يوٿ (ماهوار-حيدرآباد دکن)، سهڻي (ماهوار-جيپور)، ڪويتا ( ماهوار)، ڪهاڻي (ماهوار)، گل (ماهوار-الهاس نگر)،گلابي گلڙا (ماهوار- الهاس نگر)، گلشن (ماهوار-احمد آباد)، ملاح (ماهوار-دهلي)، ميار (ماهوار-احمد آباد)، مهراڻ (ماهوار-جيپور)، نيا زمانه (ماهوار-ڪلياڻ ڪئمپ)، ”نئين دنيا“(ماهوار-بمبئي)، ۽ نئين زندگي (ماهوار)، وغيره .

(2) رسالن ۽ مخزنن جيان ڀارت جي اشاعتي ادارن به ڪهاڻيءَ جي ترقيءَ ۾ وڏو حصو ورتو آهي، اهڙن ادارن مان هي ذڪر ڪرڻ جي قابل آهن:

 

اداري جو نالو

اداري جو مالڪ/ پبلشر

هنڌ

ڪهاڻين جا شايع ڪيل ڪتاب

اپسرا پبليڪيشن

هوند راج بلواڻي

احمد آباد

10 ڪتاب

اجنتا پبليڪيشن

ورند همٿاڻي

اجمير

4 ڪتاب

آر-ڪي پبليڪيشن

رميش ڪمار

جهونا ڳڙهه

1 ڪتاب

پرهه ڦٽي

لعل پشپ

ممبئي

10 ڪتاب

ڀارت جيون ساهتيه مالها

ڄيٺانند لعلواڻي

ممبئي

؟

سندر ساهتيه

ميلا رام، رميش

اجمير

؟شايد 2 ڪتاب

سنڌي سپوت ساهتيه پرڪاشن

پورن کٽواڻي

انڊور

؟

سنگيتا پبليڪيشن

آنند ٽهلراماڻي

بڙودا

2 ڪتاب

ڪلپنا ڪتاب گهر

موهن ڪلپنا

الهاس نگر

3 ڪتاب

ڪوڙو مل سنڌي ساهتيه منڊل

هري سندر

اجمير

؟

ڪونج پبليڪيشن

پرڪاش موٽواڻي

ممبئي

؟

ڪويتا ساهتيه مالها

شيام رام رکياڻي

احمد آباد

4 ڪتاب

ڪويتا ساهتيه پبليڪيشن

لاجونتي ڪمل

الهاس نگر

؟

گلستان پبليڪيشن

هوند راج بلواڻي

احمد آباد

؟

نيلم پبليڪيشن

منگها رام ”ديوانو“

جيتپور

2 ڪتاب

نيوسنسار پبليڪيشن

راجا هوند راج

ممبئي

؟

نئين دنيا پبليڪيشن

اتم

ممبئي

؟

(3) هند ۾ ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين جا جيڪي مجموعا شايع ٿي چڪا آهن. انهن کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، هڪڙا ”مشترڪه مجموعا“ جن ۾ مختلف ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون ڏنيون ويون آهن ، ۽ ٻيا ”انفرادي مجموعا“ جيڪي هر هڪ ڪهاڻيڪار جا الڳ مجموعا آهن. ٻنهي قسمن جي مجموعن جو مختصر وچور هيٺ ڏجي ٿو :

(الف) انفرادي مجموعا:

آتما رام لعلواڻي ( مڌيه پرديش). ”زخمي انسانيت“ (1973) ۽

” پتني پلاسٽڪ جي پتلي“(1975).

آنند ٽهلراماڻي (بڙودا). ”سانجهيءَ جا پاڇولا“ (1973).

آنند گولاڻي (ممبئي). ”ڦڙڪ“ (سال؟)، ”راڻيون“ (سال؟) ”چار ڪهاڻيون“ (سال ؟) ۽ ”نئون جنم وٺندس“.

اتم (ممبئي)”ڪشمڪش“(1971)، ”هڪ ڪهاڻي ٻه ڪردار“

(ترتيب 1963)، ”جيئي سنڌ“ (ترتيب 1971) ، وغيره.

ايشور آنچل (ڪلياڻ ڪئمپ). ”پيار ۽ پئسو“(1956).

ايشور ڀارتي(احمد آباد)”زهر“ (1978) .

ايشور رامچنداڻي (اجمير)”مئل ماڪوڙا“ (سال؟) ”ٿڌاچپ“

(سال ؟)، ”پنهنجي ئي گهر ۾ “ (سال؟).

برج موهن (ممبئي) ”پٿر جا ديوتا“ (سال؟).

بهاري لعل ڇاٻرا (بمبئي) ”هن جو پٽ“ (1948) ”پٿر پنجلي“

(سال ؟)، ”انڌڪار“ (1951).

پرسرام ڪمل (الهاس نگر). ”ڪمل جون ڪهاڻيون“ (1955).

پورن ”سمايل“ (انڊور) قيمتي ڪهاڻيون“(1975)

پريم پرڪاش (احمد آباد). ”ولين“ (1976).

ڀڳوان نردوش (احمد آباد)”سوني مڇي“ (1976) .

ڀڳوان تلواڻي (اجمير). ”سرتين جون زنجيرون“(سال؟).

تولا رام وليڇا (اڌيپور). ”جيت ڪنهنجي“(1957).

”تيرٿ سڀاڻي“( اڌيپور) ”سونهري پشپا“( ترتيب 1956).

ٽهلرام ”آزاد“ (ممبئي) ”گهر جي روشني“ (روسي ڪهاڻيون 1979).

ٽيڪچند ”مست“. ”رنگين پڙدا“ (سال؟)، هيءَ بمبئي آ پيارا“ (سال؟)

جڳت آڏواڻي (ممبئي) سندس معلومات ملي نه سگهي.

جڳديش لڇاڻي(الهاس نگر) ”خاموش زندگي“ (1957)، ”هڪ تصوير ٻه پاڇا“(1962)، ”جهرڪي لڌو ٽڪو“ (1979)، ”پيڙا“، ”دنيا دو رنگي، “ ،”منهنجي زندگي“ ، ۽ ”اڌوري پياس“وغيره.

جيوت چاولا(ممبئي) ”مان انتظار ڪندس“ (ڪرشن چندر جي ڪهاڻين جو ترجمو)

جيوت رام ”جوت“ (الهاس نگر). ”ڏاڏيءَ جون آکاڻيون“ (1960) ، ”پرين جون آکاڻيون“(1968)، ”نوانوي آکاڻيون“ (1968)، آکاڻيون ئي آکاڻيون“ (1979).

جيوت رام لالواڻي(احمد آباد).مظلوم (1954).

ڄيٺانند لعلواڻي(ممبئي) سندس معلومات ملي نه سگهي.

ڄيٺو لعلواڻي ( احمد آباد) ”ماضيءَ جا ڌنڌلا عڪس“.

چترو ناگپال(ممبئي) ”جواني چار ڏينهن“(1967) .

چين لال آهوجا(ڄام نگر) ”پاپ جي پاڙ“ (1958).

چيتن ماڙيوالا(ممبئي) ”سنڌي جيون ڪهاڻيون“ (1953)

رام پنجواڻي( ممبئي) (سندس ڪهاڻين جي معلومات نه ٿي سگهي)

رام ڪيسواڻي(؟)”گرفتاريءَ جو وارنٽ“ .

رتن ليلاڻي (ممبئي) ”فٽ پاٿ“ (1966)، ”ستيم شوم سندرم “ (1967).

سريچند ”سنگدل“ (پونو) ”سرڳ جي آغوش ۾“ (1968)

سڳن آهوجا(سرڳواسي) ”عيش جي قيمت“ (1954)، (سال؟)، ”بي آگ جلن ٿا پروانا“، ”سمودٽ“ ،”لوڀي اکيون“.

سنتداس جهانگياڻي(نئين دهلي) ”پاپ جي مايا“ (1967).

سندر اگناڻي (جئپور) ”ننگا پٿر“.

سريچند هوند راج(جهونا ڳڙهه) ”بهادر راج ڪمار“ (1972)

شيام جئسنگهاڻي (ممبئي) ”ننگو آسمان“ (1966) ۽”ٺونگو “ (1970).

فتح چند واسواڻي (اجمير) ”ٽيگور جون ايڪيهه آکاڻيون“.

ڦتن سکواڻي ( ؟ )”پيار ڌڪار“ ۽ ”ننگي“.

قيمتراءِ هري سنگهاڻي (ڀوپال) ”سنڌ جي اتهاس جا ست سونهري ورق“ (1977) ”ڪلپنا لوڪ جو آواز“ (1978) ۽ ”ودروهي آتمائون“.

ڪشور پهوجا (الهاس نگر) ”فيصلو“ ۽ ”منهنجي ناني“ .

ڪمل ”پياسي“ (بڙوچ) ”سهڻا سهڻا گل“ ۽ ”سمنڊ سمايون بوند ۾“

ڪرشن کٽواڻي (انڊور) ”ٽٽل تارون“ ، ”مٺڙي تو نه سڃاتو“ ، ”وندري ۽ ٻيون ڪهاڻيون“

ڪي ايس بالاڻي ( ؟ ) ”ڪاٺ جي سانچي ۾“ .

ڪيرت ٻاٻاڻي (ممبئي) ”هوءَ“ ”درد جو دل ۾ سمائجي نه سگهيو“( ؟ ) ”نووا“ (1956) ۽ ”هڪ ڪهاڻي ٻه ڪردار“ .

ڪيرت مهر چنداڻي (احمد آباد) ”جيون ڌارا“، سندس ٽي مجموعا ٻيا به هئا جن جا نالا ملي نه سگهيا.

کيمچند سمن ( ؟ ) ”سونهري ڪرڻا“ .

گرداس آهوجا (راجڪوٽ)”سپنو هي سنسار“ (1974).

گرڌر لعل ڏوڏيجا(ممبئي) ”کرمغز“ (1955).

گنو سامتاڻي (ممبئي) ”اڀمان“ (1964)، ”اپراجتا“(1971)، ۽ پرليه.

گومل دوداڻي ( ؟ ) ”ڦينگون“

گوبند پنجابي (ممبئي) ”سورج مکي (1960) سندس سؤ کن ڪهاڻيون مختلف رسالن ۾ شايع ٿيون آهن.

گوپ ”ڪمل“ (دبئي) ”چورايل خوشيءَ جو سک“ (1979)

گورڌن تنواڻي (جل گانءِ) ”مٺو درد“ (1962)، ”درد ۽ درد“ (1965).

لعل ”پشپ“ (ممبئي) ”واريءَ جا محل“، ”پنر ملن“ ، ”وشواش اوشواش“، ”دائرو“، ”خالي ئي خالي“ ، بنڌن ۽ نرماڻ“، ”تنهنجي منهنجي وچ ۾“.

لعل هوچنداڻي (گانڌيرام)”سنگتراش“ (1970) ۽ ”چتر ڪار جي ڪلپنا“(1969).

لڇمڻ ڀمڀاڻي(جئپور) ”سپنا ۽ سڏڪا“ (1968) ، مرڪندڙ مکڙيون“

لوڪ ناٿ ڄيٽلي ( ؟ ) ”وساريان نه وسرن“.

لوڪ نوتاني (بڙودا)”ماڻهو ڇا چوندا؟“ ۽ ”شراب جي بوتل“.

ليلا رام رچنداڻي( احمد آباد) ”سنڌي لوڪ ڪهاڻيون“ (1979) ليکراج ڄيٺانند ( ؟ ) ”نيتم“ .

مرلي ڀلوناڻي (نئين دهلي)”سنڌي لوڪ ڪهاڻين جو انتخاب“

(ترتيب) منوهر بيدي. (الهاس نگر)”هراسيل پيڙهي“ (1975)

موتي لعل جوتواڻي(نئين دهلي) ”پرامپراهيڻ“

موتي رام لڇيرام (ممبئي) ”ڪور جون ڪهاڻيون“

موهن ڪلپنا (الهاس نگر) ”موهي مر موهي“(1960)، ”فرشتن جي دنيا“ ۽ ”چاندي ۽ زهر“.

موهن ”ديپ“ (ممبئي) ”پرائي عورت“ (1972).

ميلا رام واسواڻي (اجمير) ”راجپوت ٻيلوان“(1973).

موهن لعل ”ڪوٽائي“ (ممبئي) ”دلجي گهڙي “ (1975)، ”جهلڪ“

(هندي ۾ 1960) ۽ ”چنانون ڪي راڻي“ (هندي ۾ 1962).

نارائڻ ٻڌراڻي(ناگپور) ”خاموشيءَ جا دائرا“ (1972)

نانڪ مدناڻي(نئين دهلي) ”ٽهڪ ۽ سڏڪا“(1958)، ”نوان پئمانا“ (1960)، ”ڪنات پئلس ۾ هڪ شام“ (1969)، ”هڪ ٽٽل شخص“ (1974).

نند لعل (ممبئي)”اڪيلو چنڊ“

واشديو ڀارتي (جئپور)(سندس مجموعن جي معلومات ملي نه سگهي.)

وشنو ڀاٽيا(بمبئي)”دل جي بستي“(1965)، ”سج جا ٽڪرا“ (1972) ”ديوار ۽ تاس جا پتا“(1977)، ”چندر مکي“، ”ٽٽل عڪس جو جوڙ“ ۽ ”احساس جي انڊلٺ“ (1977).

وليرام ڪشناڻي (گوپال پري)”فرض جي صدقي“ (1968).

هري همٿاڻي (اجمير) ”ڀنگ جا رنگ“ (1968) ۽ ”ارچنا رچنا“(1977) هري موٽواڻي (ممبئي) ”هڪ لهر“ (1976).

هري سندر روپ چند (اجمير) ”پنکڙيون“ (1969).

هوندراج ٻلواڻي(احمد آباد) سندس ٻارن لاءِءَ لکيل ڪهاڻين کان سواءِ. ”هوءَ روئي ويٺي“(1968)، ”ڇتو ماڻهو“(1977)، ۽ ”هڪ مرڪ ۽ ٻه لڙڪ“.

هيرو شيوڪاڻي (الهاس نگر)”زندگي ۽ ڪئڪٽس“ (1975).

(ب) مشترڪ مجموعا :

آخرين پريتا“: هي ”نئين دنيا آفيس“ طرفان شايع ٿيل يارهن ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جنهن ۾ اصلوڪيون ڪهاڻيون به ڏنيون ويون آهن ته ترجمو ٿيل به . ليکڪن مان سندري اتم چنداڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، ڪلا پرڪاش، ڦتن پرسواڻي، او-هينري، هاوورڊ فاسٽ، ڪرشنچندر ۽ ابراهيم عبدالين جا نالا ذڪر لائق آهن.

”آلوچا“: هي مجموعو 1956ع ۾ ”بينا“ مخزن طرفان شايع ٿيو جنهن ۾ ڪل ست ڪهاڻيون ڏنيون ويون آهن، اهي آهن: ”آلوچا“ (ڪرشن چندر-سدرشن)، ”شيطان ڇوڪري“ (گوبند پنجابي)، ”شهنائيءَ جا سر“ (موهن سنگهه/ش. راجپال)”سائمن جو پيءَ“ (موپاسان/ بهاري لعل)”ڀڳوان ڀڄي ويو“، ”هرديه ايش/ سدرشن)، ”بادل، شام ۽ تون مٺڙي“ (آنند/ ش. راجپال) ۽ ”انتقام“ (شبداش بئنرجي/ سدرشن)

”بڙودي جا سنڌي ساهتڪار“:

هي مجموعو ”سنڌي ساهت مالا“ بڙودا طرفان شايع ٿيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر لکميچند”پريم“، هاسارام شرما، گورڌن شرما”گهايل“، ڪمل ”پياسي“، ايم آءِ تيجواڻي، ميول آهوجا، ۽ هري ڪڪڙيجا”ناز“ جي شاعري کان سواءِ ليکراج موهنداس جو هڪ ناٽڪ”نڪري ٿيا نروار“ دريانو ٺرياڻيءَ جو مضمون ”سارتر جي ڪلا“، رام فتحچند جو ادب لطيف ”ٻه پاڇا“ ۽ ڪهاڻيون ڏنيون ويون هيون، ڪهاڻيون ۽ ڪهاڻيڪار آهن: تيرٿ پرڪاش (واپس)، ڪيرت مهرچنداڻي(جيون-ڌارا)، باروي لڇواڻي(۽ شآم گذري وئي)، رام ٿولاڻي (واسنا ۽ قرباني)، راجڪماري–ايم (خط-هڪ الجهن) ۽ ڪڪڙيجا گوپي(جنگ-صلح ۽ ٽهڪ). ان کان سواءِ مجموعي ۾ آنند ٽهلراماڻي جو اسڪٽ”ايڪسيڊنٽ“ به ڏنو ويو هو.

”بهترين سنڌي ڪهاڻيون“:

”پرهه ڦٽي“ طرفان آزاديءَ کان پوءِ ڀارت ۾ شايع ٿيل بهترين ڪهاڻين جا چار مجموعا شايع ٿيا. پهريون مجموعو گوبند مالهي ۽ ٻين جو ترتيب ڏنل هو.جيڪو 1975ع ۾ شايع ٿيو، هن مجموعي ۾ ”پياري چيز“ (سڳن آهوجا)، ”محمد رام“ (ڪيرت ٻاٻاڻي)، ”ٽاٽا“ (آنند گولاڻي)، ”مرڪ ۽ ممتا“ (ڪلا پرڪاش)، ”ڊگها وار“ (ڪرشن کٽواڻي)، ”تپسيا“ (موهن ڪلپنا)، ”غوراب“ (شيام جئسنگهاڻي)، ”پريا ۽ ڪرانتي“(ڪي ايس ٻاراڻي)، ”پتني فرض“(لعل پشپ)۽ ”ٿڌا چپ“ (ايشور چندر) ڪهاڻيون ڏنيون ويون آهن. ٻيو جلد به 1975 ۾ شايع ٿيو، جنهن جو مکيه مرتب ڪرشن راهي هو. هن مجموعي ۾ جي ڪهاڻيون ڏنيون ويون هيون، اهي هيون:”ٻڌيمان“(لعل پشپ)، ”ٻنڌن“ (گنو سامتاڻي)، ”نراشا“ (آنند گولاڻي)، ”نه لئليٰ نه مجنون“ (ڪيرت ٻاٻاڻي)، ”محبت جو مينهن“ (مايا راهي)”خانواهڻ“(ڪلا پرڪاش) ۽ ”پٿر جو دشمن“ (موهن ڪلپنا). ٽئين جلد جو خاص مرتب هو موهن ڪلپنا ۽ ان ۾ ”فرنيچر“(تيرٿ وسنت)، ”رعب “(سڳن آهوجا)، مان نئون جنم وٺندس“(آنند گولاڻي)، ”ڇهاءُ“(ايشور آنچل )، ”عزت کپي اڌاري“ (ڪرشن راهي)، ”شڪست“ (گنوسامتاڻي)، ”قرض جي درخواست“(لعل پشپ)، ”پورٽريٽ هڪ پيءُ جو“ (هيرو شيوڪاڻي)، ۽ ”نه مرڻ جو ڏک“(ايشور چندر) ڪهاڻيون ڏنيون ويون هيون. چوٿون مجموعو 1976ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جو مکيه مرتب هو گنوسامتاڻي. هن مجموعي ۾ ”سلسلو“ (هريش واسواڻي)، ”نئين شروعات“(ابند کيماڻي)، ”لهندڙ چڙهندڙ ڏاڪا“ (شيام جئسنگهاڻي)، ”بس مان ڪريل انسان“(موهن ڪلپنا)، ”۽ روشني جو گم ٿيل هڪ ٽڪرو“(لعل پشپ) ڪهاڻيون ڏنيون ويون هيون.

”پتنگن پهه ڪيو“:

هي مجموعو ”نئين دنيا پبلشرس“ طرفان شايع ٿيو، جنهن ۾ ڪل اٺ ڪهاڻيون ڏنيون ويون هيون. ”پتنگن پهه ڪيو“(اتم)، ”سون ورني دل“(ڪرشن کٽواڻي)، ”هڪ گهڙي“(منو گدواڻي)، ”ٻوڙن جو سهارو“(نند لعل)، ”جڳو“ (ڪشور لعل پهوجا)، ”شهنائي“ (گوبند پنجابي)، ”پيار جي جيت“ (ڪلا پرڪاش) ۽ ”فيصلو“( جيسي رامناڻي).

”پياريون باتيون، جيون باتيون“:

هن مجموعي ۾ چيخوف، او هينري، موپاسان، ڪرشن چندر، گالسودي، ٽئگور، منشي پريم چند ۽ سندري اتم چنداڻي جون ڪهاڻيون ڏنيون ويون هيون.

”جهلڪ“:

هن مجموعي ۾ هڪ ناٽڪ، تاج صحرائي، آنچل، اياز، شيام ۽ موتي پرڪاش جي شاعريءَ کان سواءِ ست ڪهاڻيون به ڏنيون ويون هيون. مجموعي جا ڪهاڻيڪار آهن: گوبند مالهي، گوبند پنجابي، آنند، سندري، ڪرشن هميراجاڻي، داس”طالب“، نهچل واسواڻي ۽ ڪشور پهوجا.

”چوڏهن ڀارتي ڪهاڻيون“:

هن ۾ ڀارت جي سنڌي ڪهاڻيڪارن کان سواءِ ٻين غير سنڌي ڀارتي ڪهاڻيڪارن جهڙوڪ يشپال(هندي)، ڪرشن چندر(اردو) ، امرتا پريتم (پنجابي)، ٽي-شنڪر پلي (مليالم)، برين گنگو پاڌيه (بنگالي)، انا ڀائو ساٺي(مرهٽي)، نندني شئپٿي(لڙيا)، ۽ ڪي- اين- سبرمنيم(تامل) جون جملي چوڏهن ڪهاڻيون ڏنيون ويون هيون.

”راڄڌاڻيءَ جا ساهتيڪار“:

هن مجموعي ۾ دهليءَ جي 32 اديبن جا ڪلام ، مضمون ۽ ڪهاڻيون آهن: ليکراج-هنس(لوڪ جو وات)، پرسرام وليڇا(انسانيت جي اوٽ ۾)، شيام ڀاڳيا(امر راڌان)، ۽ ٻالاڻي آشآ(مان ڪاري).

”ساگر ۽ لهرون“ :

هن مجموعي ۾ لوڪ ناٿ، سندري اتم چنداڻي، ڪلا پرڪاش، بلرام وڪيل، پشپال، کانڌيڪر ، پربوڌ ڪمار، امرتا پريتم ۽ هيوگر جر بنسيڪ جون ڪهاڻيون ڏنيون ويون هيون.

”سارنگ“ :

هي مجموعو ”سنڌو ساهت سنگت“ اجمير طرفان شايع ٿيو، جنهن ۾ شعرن، مضمونن ۽ هڪ ناٽڪ کان سواءِ ڪهاڻيون به ڏنيون ويون هيون. مجموعي جي شاهڪار ڪهاڻي پوپٽي هيراننداڻيءَ هي لکيل آهي، جنهن ۾ هن هٿ ڦاڙ عورت جو سهڻو ڪردار چٽيو آهي.

”سپنو ۽ موتي“ :

هي مجموعو”نئين دنيا پبلشرز“ طرفان شايع ٿيو، جنهن ۾ اصلوڪيون توڙي ترجمو ٿيل ڪل يارهن ڪهاڻيون ڏنيون ويون هيون، مجموعي جي ڪهاڻيڪارن ۾ مئڪسم گورڪي، چيخوف، هاورڊ فاسٽ ، پشپال ، ڪرشن چندر ، وشنو پرڀارڪر ، بلونت گارڪي ، ڦتن پرسواڻي، اتم ۽ سندري اتم چنداڻيءَ جا نالا ذڪر ڪرڻ لائق آهن.

”غيرن جي هٿ ۾“:

هن مجموعي کي لڇمڻ ساٿي ترتيب ڏنو ۽ ”راڻي پبليڪيشنز“ شايع ڪرايو. هن ۾ موتي پرڪاش ۽ ڀڳوان ميواڻيءَ جي شاعريءَ کان سواءِ وشنو ڀاٽيه، جيرام، لڇمڻ ساٿي ۽ ٺاڪر چاولا جون ڪهاڻيون ڏنيون ويون هيون.

کير ڀريا هٿڙا“:

ڪهاڻين جو هي مجموعو سيپٽيمبر 1960ع ۾ شايع ٿيو جنهن ۾ ڪي- ايس- ٻالاڻي، (پريا ۽ ڪرانتي) ، گنو سامتاڻي (ٻنڌن) ۽ ٻين جون ڪهاڻيون ڏنيون ويون هيون.

”ڪارو سورج“: هي مجموعو ”سهڻي ڪتاب گهر“ طرفان شايع ٿيو، جنهن ۾ ڪرشن چندر جي چئن ڪهاڻين جو ترجمو ڏنو ويو آهي . مترجم آهن:- جيوت چاولا، پارو چاولا ۽ اندرا پنجابي .

”ڪوشان“:

هي مجموعو ”ڪهاڻي ناول مالا“ طرفان شايع ٿيو، جنهن ۾ ارجن ”حاسد“، نارائن شيام ۽ آنچل جي شاعريءَ کان سواءِ ٽي ڪهاڻيون به ڏنيون ويون آهن. اهي ڪهاڻيون آهن، ”ڪوشان“ (سندري اتم چنداڻي)، ”مان وڃان ٿي“ (ٽئگور)، ۽ ”هي پيار“ (هندي ڪهاڻي).

”گل ۽ مکڙيون“ :

هي مجموعو ”سنسار ساهتيه منڊل“ بمبئي طرفان شايع ٿيو، جنهن ۾ ٻين ٻولين جي مشهور ليکڪن جهڙوڪ ، ملڪ راج آنند، ڪنيا لعل ڪپور، او هينري ، ۽ سعادت حسن منٽو ، ۽ سنڌي ترقي پسند ڪهاڻيڪارن جهڙوڪ اتم، ڪيرت ٻاٻاڻي، ڄيٺانند جادواڻي، سندري ۽ ڪلا پرڪاش جون ڪهاڻيون ڏنيون ويون هيون، ڪهاڻين جو تعداد نوَ آهي.

”گهونگهٽ ۾ گوري چلي“ :

هن مجموعي ۾ ڪهاڻيون ۽ مضمون ڏنا ويا آهن. ڪهاڻيون آهن؛ ”ڀومي دان“ (ڪرشن چندر)، ”مان جيڪر ڪتو هجان ها“ (پاچن ) ۽ ”گمنام خط “ ( چيخوف).

”لاٽ“ :

هن مجموعي کي ڪشور ڀوڄواڻيءَ ترتيب ڏنو ۽ ”نيلم پبليڪيشن“ وارن شايع ڪرايو. مجموعي ۾ داس ”طالب“ جي ناٽڪ ، ”بيدرد“، ”اياز“ شيخ ۽ موتي پرڪاش جي شاعري،گوبند مالهي ۽ لعلچند جي مضمونن کان سواءِ سندري اتم چنداڻي (تفاوت)، گوبند مالهي (پاپ جو گهڙو) . ڪيرت ٻاٻاڻي (لچي)، ڪرشن راهي (مائٽي) ۽ آنند گولاڻي (سپنو)، جون ڪهاڻيون ڏنيون ويون هيون.

”نئون ساهتيه “ :

هي مجموعو گوبند پنجابيءَ ترتيب ڏنو هو، جنهن ۾ شعرن، مضمونن ۽ هڪ ناٽڪ کان سواءِ ڪرشن چندر جي لکيل ۽ ٺاڪر چاولا جي ترجمو ڪيل ”مرڻ واري ساٿي جي مسڪراهٽ“، گوبند پنجابيءَ جي ”ساس ۽ گراس“ ، مهيندر ناٿ جي لکيل ۽ جيوت چاولا جي ترجموڪيل ”هڪ ڏينهن جو عيش“ ڪهاڻيون به ڏنيون ويون هيون.

(4) اهڙن ڪهاڻيڪارن جو مختصر وچور هن ريت ٿئي ٿو:

ارجن سچاڻي(راجڪوٽ)، آسانند ويلو مل(جهونا ڳڙهه)، اشوڪ ڀارتي ( ؟ ) ايشور چندر (اجمير) ايشور پرمانند (ممبئي) ٻڌر مل لڇواڻي(بڙودا)، بلرام وڪيل (بڙودا)، پارو چاولا ( ؟ ) پرڀداس ”ونيت“ (پونو) ، پرسرام وليڇا ( ؟ )، پرشو تم ڀيڊا ( ؟ )، پرمانند ريجهسنگهاڻي ( ؟ )،پريم ابيچنداڻي (نيو دهلي)، ڀڳوان پشت (ممبئي) ڀوڄراڄ وڇاڻي ( ممبئي)، ڀيشم ملڪاڻي ( ؟ )، تولا رام رهيجا (پونو)، ٿيرٿ بسنت (نيو دهلي)، تيرٿ ”پرڪاش“(بڙودا)، تيرٿ چانڊواڻي (جهونا ڳڙهه)، ٺاڪر چاولا ( ؟)، ٿڌيرام ”انپڙهه“ (نندر پار)، ٽمل ”سروپ“ (ممبئي)، ٽيئون ”موجي“ (الهاس نگر)، جڳت پرڪاش (راجڪوٽ)، جڳتراءِ مل (الهاس نگر)، جڳديش ”نماڻو“ (الهاس نگر)، جيرام روهڙا (الهاس نگر)، جيوت رام ستپال (ممبئي)، ڄيٺا نند ”تاب“(ممبئي)، ڄيٺانند جادواڻي ( ؟) جهمون ڇڳاڻي (بئرا ڳڙهه)، چترو ناگپال (ممبئي)، چرنداس ٺاڪرداس (ممبئي)، چندرو پنجابي (ممبئي)،چمچنداس رائسنگهاڻي (پونو)،حشو پارواڻي (الهاس نگر)، داس ”طالب“ ( ؟ ) دوارڪا راڄ ”سروج“ (داهور)، دولترام ڪلياڻي(الهاس نگر)، ديال پيرواڻي( ؟ )، ديو جهوڙاڻي (ڀوپال)، ديو راج ”پياسي“ (الهاس نگر)، ديوداس (ممبئي)، راڌا ڪرشن عالمچنداڻي (لکنئو)، رام گلراج مل (گانڌيرام)، رام گيانچنداڻي (نئين دهلي)، رام ايسر داس (الهاس نگر)، رام روچيرام (ممبئي)، رام داس لکاڻي(احمد آباد)،راهي آڏواڻي (ممبئي)،راملال ”رمل“ (گونڊيا)، رمڻ لال راجپال(الهاس نگر)، رميش مهتا (ممبئي)، روپ ڪمار روهڙا (الهاس نگر)، ريلو مل چوڌري (جهونا بلاسپور)، ريوا چند اجواڻي (ممبئي)، سدرشن ”ناچيز“ (ممبئي)، سريچند ڪيسواڻي (احمد آباد)، سريش روهڙا(الهاس نگر)، سکومل باگائي (ممبئي)، بسمن ڌيرواني (راجڪوٽ)، سندر نيڀواڻي (بئنگلور)، سنتوش ڀاڳيا (احمد آباد)، سيتل ڪمار (ممبئي)، شيام ڀاڳيا( ؟ ) ، شيوڪ ڀوڄراج (باپوگانءِ)، ش راجپال( ؟ ) فتحچند شرما (ڪلڪتو)، ڦتن پرسواڻي (الهاس نگر)، ڪان آهوجا (الهاس نگر)، ڪانجي لعل ”قاصد“(گوپال پوري)، ڪرانتي ڪمار (الهاس نگر)، ڪرشن ”ساٿي“ (رائپور)،ڪرشن هيمراج ( ؟ ) ، ڪرمچند تيجواڻي (الهاس نگر)، ڪشنچند ”مسرور“(انڊور)، ڪوڏو مل بولچنداڻي (بئرا ڳڙهه)، ڪيولرام نرسنگهاڻي (کنڊوا) ، کيمن مولائي (بئرا ڳڙهه ) ، کئلداس آڏواڻي (ممبئي)، گرداس گولاڻي (الهاس نگر)، گوبند پارواڻي(احمد آباد)، لعل جي رامناڻي (گانڌيرام)، لعل پنجواڻي(ممبئي)، لڇمڻ ”داس“(الهاس نگر)، لڇمن ”ساٿي“ ( ؟ )، لڌارام ڇابڙا (الهاس نگر)، لکميچند ناگراڻي(بڙودا)، ليکراج پرياڻي (بڙودا)، ليکراج ”هنس“ ( ؟ )، ماڏو آسنداس(الهاس نگر)، مرليڌر سکواڻي (احمد آباد)، منو گدواڻي( ؟ )، موتي گلراجاڻي (ممبئي)، موهن گيهاڻي ( ؟ )، ميگهراج وليڇا (بڙودا)، ميول آهوجا (بڙودا)، نارائن ڪيسواڻي (نڙيار)، نارائڻ گنگولي ( ؟ )، امديو تاراچنداڻي (ڀاونگر)، نندلعل (احمد آباد)، نهچل واسواڻي ، وشو مهتاڻي (الهاس نگر)، ونود ليکاڻي (راجڪوٽ)، ويڙهو رفيق(احمد آباد)، هري تنواڻي ”نماڻو“ (الهاس نگر)، ۽ هيرو شيوڪاڻي وغيرهه.

(5) مرد ڪهاڻيڪارن سان گڏ جن عورت ڪهاڻيڪارن هن صنف ۾ پاڻ ملهايو آهي . تن کي به ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهرين حصي ۾ اهي ليکڪائون اچن ٿيون جن جي ڪهاڻين جا مجموعا شايع نه ٿيا آهن، ٻئي حصي ۾ اهي ليکڪائون اچي وڃن ٿيون جن جي ڪهاڻين جا مجموعا شايع ٿيا آهن. ٻنهي قسمن جي ليکڪائن جو مختصر وچور هن ريت ٿئي ٿو.

(الف) اهي ڪهاڻيڪارائون جن جي ڪهاڻين جا مجموعا شايع نه ٿيا آهن:

اندرا پنجابي( ؟ )، انيتا ڪمل ڪيولراماڻي (بروچ)، ٻالاڻي آشا ( ؟ )، پدمڻي- بجارام (ممبئي)، ڀڳونتي لڇمڻ (الهاس نگر)، چندرا آڏواڻي (بمبئي)، ديپا درياناڻي (احمد آباد)، راجڪماري. ايم (بڙودا)، رڪي پنجابي (گانڌيدام)، ستي ڪيسواڻي (ممبئي)، سرلا ڪان آهوجا (الهاس نگر)، سشيلا رائسنگهاڻي (احمد آباد)، سشيلا لعلواڻي (ممبئي)، سيتا سامتاڻي (بمبئي) ڪماري جسي رامتاڻي ( ؟ )، ڪماري ڪوشي آڏواڻي ( ؟ )، ڪماري وشو هنگوراڻي ( ؟ )، گلي سرارٽگاڻي (ممبئي)، گوپي موٽواڻي (ممبئي)، گوپي نرموهي (بڙودا)، لڪشمي ”جيوتي“ (الهاس نگر)، مايا راهي (ممبئي)، هير ڀاڳچنداڻي (گانڌيدام)، ۽ يشودرا واڌواڻي (پونو) وغيرهه.

(ب) جن ليکڪائن جا ڪهاڻين جا مجموعا شايع ٿي چڪا آهن : پوپٽي هيراننداڻي (ممبئي) ”پڪار“ (1954) ، ”رنگين زماني جون غمگين ڪهاڻيون“، ”ڪلي گلاب جي ساغر شراب جو “ ، ”خزان جو دور پورو ٿيو“، ۽ ”مون توکي پيار ڪيو“.

سندري اتم چنداڻي: ”ڪوشان“ (1954)، ”اڇا وار ڳاڙها گل“ (1965)، ”تو جنين جي تات“ (1970).

ڪلا پرڪاش : ”مرڪ ۽ لڙڪ“.

ڪلا رائسنگهاڻي : ”سنگم“ (1953).

لکمي گلاڻي : (ڪلڪتو) ”رت جا داغ“ ۽ ”اڌوري رچنا“.

6. سنڌ جي ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون ڀارت جي مختلف رسالن ۾ شايع ٿينديون رهيون آهن، مثال طور ڪجهه نالا هيٺ ڳڻائجن ٿا :

آغا سليم (”ڌرتي روشن آهي“ ۽ ”اکيون آرسيون“).اقبال جتوئي (”تخليق جو درد“). امر جليل (”هن جڳ ۾“ ، ”ساجن منهنجو دوست“ ۽ ”جلاوطن“)انور عباسي (”بنا رسيد وڏيرو“).بشير مورياڻي (”تنهنجي قابل ناهيان“) ثميره زرين (”رمندا بادل“).جمال ابڙو (”مهرباني“ ۽ ”ڪارو پاڻي“).جمال رند (”واريءَ سندو ڪوٽ“)دائود بلوچ (ڏاند“ ۽ ”ستا اٿي جاڳ“)شوڪت حسين (”آئيني جيان سپنا“ ۽ ”شريف ماڻهو“)رسول بخش (”وڍيو هيئن ته ويهه“)رشيد ڀٽي (”ڪوڙو“، ”خون چور“ ۽ ”جيئي سنڌ“)طارق اشرف (”ڦرلٽ“)عبدالقادر جوڻيجو (”اجهايل مچ اڏندڙ رک“)ع - ق- شيخ (”ناڙو“)گلزار احمد (”انسانيت“)منير احمد (”شيرو“) مدد سنڌي (”پکا پکن- سامنهڙي اوري اچي اڏ)مشتاق ڀٽي (”جيجي ! جيئي سنڌ“)ناصر مورائي (”پيچرو“) نجم عباسي (”بلندي“)

(مرحوم)نسيم کرل (”گذريل واردات “) وغيرهه.

(7) ننڍي کنڊ جي جن ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون ترجمو ڪيون ويون آهن. ، انهن مان مثال طور ڪجهه نالا هيٺ ڄاڻائجن ٿا:

آرؤدر (تيلگو) جي ڪهاڻي ”ڳوٺ مان ٿي ويو“، مترجم اتم.

آلمينسا پيار(آسامي) جي ڪهاڻي”آڌي رات روئندڙ تارا“ مترجم رتن ”دلبر“ .

آڊري باپياجو (تيلگو)جي ڪهاڻي ”خوشنصيب ڪير؟“مترجم ديوداس.

اسرائيل (هندي) جي ڪهاڻي ”ويران واٽون، بي معنيٰ ماڻهو “

اروند ڪمار جي ڪهاڻي”نئين راهه“ مترجم سندري.

امرتا پريتم (پنجابي) جي ڪهاڻي ”گيت جو جنم“ مترجمه سندري.

”رازدارين“ مترجم اتم.

ان کان سواءِ هنن ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون ”ساگر ۽ لهرون“ ، ”درد “۽ ”نئين دنيا“ ۾ به ڇپيون آهن.

ايم –ڪي- واراگري (ڪنڙ) ڪهاڻي: ”پيار“ مترجم اتم.

اڻاڀائو ساٺي(مرهٽي) ڪهاڻي: ”شيطان“ مترجمه سندري.”شڪار“ مترجم واسديو نرمل.

برين گنگو پاڌيه (بنگالي) ڪهاڻي: ”هڪڙو هو ماڻهو“ مترجم وشنو ڀاٽيه ۽ هڪ ڪهاڻي مجموعي ”چوڏهن ڀارتي ڪهاڻيون “ ۾ بلونت گارگي(پنجابي) جي ڪهاڻي ”پاڻيءَ جي بوند“، مترجم نانڪ تاريجا. ”مٺي“ مترجم ڦتن پرسواڻي ۽ هڪ ڪهاڻي مجموعي ”سپون ۽ موتي“ ۾ .

ٽي شيو شنڪر(مليالم) ڪهاڻي : ”هڪ رات“ مترجم موهن گيهاڻي ۽ هڪ ڪهاڻي” چوڏهن ڀارتي ڪهاڻيون“ مجموعي ۾ .

ٽئگور (بنگالي): هن مهاڪلاڪار سنڌي علم ۽ ادب تي تمام وڏا اثر ڇڏيا آهن، ۽ هند جي سنڌي اديبن دل کولي کيس داد ڏنو آهي، آزاديءَ کان اڳ يا پوءِ سندس مختلف ڪتابن جا ترجما ڪيا ويا آهن. هند ۾ جيڪي به ڪهاڻين جا مجموعا شايع ٿيندا رهن ٿا، انهن مان هن جي ڪهاڻين کي به جوڳي جاءِ ڏني وڃي ٿي. جهڙوڪ مجموعي” پياريون باتيون جيون جهاتيون“۾ ، ۽ مجموعي ”ڪوشان“ ۾ هڪ هڪ ڪهاڻي، ان کان سواءِ فتحچند واسواڻي سندس ايڪيهه ڪهاڻيون ترجمو ڪيون، جيڪي ” ٽئگور جون ايڪيهه ڪهاڻيون“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيون. سندس هڪ ڪهاڻي ”تارا پرسن جو شاهڪار“ ماهوار ”نئين دنيا“ ۾ شايع ٿي.

ان کان سواءِ آنند وري سندس هڪ ڪهاڻي ”وڌوا“ به ترجمو ڪئي.

پرٻوڌ ڪمار: سندس هڪ ڪهاڻي مجموعي ”ساگر ۽ لهرون“ ۾ ڏني وئي آهي.

پشپال(هندي) ڪهاڻي: ”ڪمبل دان“ مترجم داس طالب.”شاهوڪار ۽ چور“ مترجم جيوت چاولا، ”جيل جي شادي“مترجم لوڪ ناٿ. ”ڪلا ڪنهن لاءِ“مترجم ڪشور جيون. ”جن گن من“ مترجم ڀارتي. ۽ ان کان سواءِ هڪ ڪهاڻي رسالي ”نئين دنيا“ ۾ هڪ ”سپنو ۽ موتي“ مجموعي ۾ ۽ هڪ”ساگر ۽ لهرون“ ۾.

جگمندر تايل: (مرهٽي) ڪهاڻي :”ڦرڙي ۽ فرائڊ وادي ڇيد“ مترجم گوبند پنجابي.

ڌرم وير ڀارتي : ڪهاڻي : ”انسان جو گوشت“ مترجم گوبند پنجابي.

رامانند ساگر :ڪهاڻي : ”۽ انسان مري ويو“ مترجم ڪوشي ڇڳاڻي.

زيو چند مينگهاڻي (گجراتي) ڪهاڻي : ”چوٿين قسط“ مترجم گوبند پنجابي

سبر منيم (تامل) ڪهاڻي: ”پريکيا“ مترجم سندري اتم چنداڻي ۽ هڪ ڪهاڻي ”چوڏهن ڀارتي ڪهاڻيون“ ۾ .

شرت چندر : هن نامور اديب جا ڪيترائي ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن، سندس ڪهاڻيون ٻين رسالن کان سواءِ ”نئين دنيا“ ۾ به ڇپيون آهن.

ڪنعيا لال ڪپور(هندي) ڪهاڻي: ”لال آفت“ مترجم نارائڻ ڀارتي، ”مرزا ازبڪ“ مترجم موهن گيهاڻي، ”فلو “ مترجم وشنو ڀاٽيه ۽ ”هندوستان ڏسو “ مترجم گوبند پنجابي.

ڪاشناٿ گپت (هندي) ڪهاڻي: ”وڌندڙ آدمشاري“ مترجم هيرو –ٽي شيوڪاڻي.

ڪتل پرڀاڪر جي ڪهاڻي: مئجسٽريٽ صاحب“ مترجم وشنو ڀاٽيه.

ڪرشن چندر: (اردو)

ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون سنڌي ۾ گهڻي تعداد ۾ ترجمو ٿي چڪيون آهن، ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا.

ڪهاڻي: ”مرڻ واري ساٿيءَ جي مسڪراهٽ“ مترجم ٺاڪر چاولا.”عش بازي، الله راضي“ مترجم سومدٽ. ”ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي“ مترجم نارائڻ ڀارتي ، بيگم“ مترجم جڳت آڏواڻي، ”ايٽ جي راڻي“ مترجم بهاري لال. ”منهنجي دوست جو پُٽ“مترجمه سندري،”پنجين روپئي جي آزادي“ مترجمه سندري،”سپنن جو قيدي“ مترجم اتم، ”مڱڻو“ مترجم اتم،”شيشي جا ٽڪر “ مترجم لڇمڻ ساٿي. ”درياهه وهندو رهي ٿو“ مترجم اتم، ”هي داغ داغ اجالو“ مترجم ڪشور جيون، ”منهنجي آلوچڪا“ مترجم وشنو ڀاٽيه، ”امن جون آڱريون“ مترجم ارجن شرما، ”آلوچا“ مترجم سدرش، ”پنهنجو گهر“ مترجم ڊي-ايس-اجواڻي. ان کان سواءِ سندس ٻه مجموعا ”ڪارو سج“ ۽ ”مان انتظار ڪندس“ به شايع ٿي چڪا آهن. آخري مجموعو جيوت چاولا ترجمو ڪيو هو، جنهن م ”ايراني پلاءُ“ ، ”سو روپيا“ ، ”سوال“ ۽ ”مان انتظار ڪندس“ ڪهاڻيون ڏنل هيون.

منشي پريم چند ، ڪهاڻيون : ”جادو“ مترجمه ڪلا پرڪاش، ”سياري جي رات“ مترجمه مسز گارگي لالواڻي، ”نشو“ مترجم راهي ۽ ان کان سواءِ مجموعي ”پياريون باتيون، جيون جهاتيون“ ۾ هڪ ڪهاڻي.

مهيندر ناٿ جي ڪهاڻي : ”نئون ساهتيه“ مترجم جيوت چاولا.

ملڪ راج آنند جي ڪهاڻي: جان بچي ته لک کٽيا سين“ مترجم ڦتن پروسواڻي، ۽ هڪ ڪهاڻي مجموعي ”گل ۽ مکڙيون“ ۾.

ماڻڪ بئنرجي (بنگالي)ڪهاڻي: ”گهورڙيو“ مترجمه سندري، ۽ ان کان سواءِ مجموعي ”انڌڪار“ (مترجم بهاري لال) ۽ مجموعي ”پٿر پنچلي“(مترجم بهاري لال) جون سڀ ڪهاڻيون.

منوج باسو(بنگالي)ڪهاڻي: ”مانيٽر“ مترجم سورج ٺارواڻي.

نارائڻ سيتارام ڦڙڪي: ڪهاڻي: ”غير شرنارٿي غنڊو“مترجمه وشو هنگوراڻي.

نؤتيج (پنجابي)ڪهاڻي :”کيتن جي خوشبوءِ“ مترجم سورج ٺارواڻي، ”بي سکان ٻيڙي“ مترجم سورج ٺارواڻي.

نانڪ سنگهه(پنجابي) ڪهاڻي :” لڪشمي پوجا“ مترجم موتي پرڪاش.

نندني شئپٽي(اڙيا) ڪهاڻي:”مجموعي چوڏهن ڀارتي ڪهاڻيون“ ۾ هڪ ڪهاڻي.

وشنو پرڀاڪر: ڪهاڻي:” ڌرتي اڃا به ڦري ٿي“ مترجم لوڪ ناٿ، ۽ مجموعي ”سپون ۽ موتي“ ۾ هڪ ڪهاڻي.

و-پ-دانڊيڪر(مراٺي) ڪهاڻي:”سائين آسمان ئي ڦاٽي پيو“ مترجم گوبند پنجابي.

وي-ايس کانديڪر (مرهٽي) ڪهاڻي:”پراڻا بليڊ“ مترجم وشنو ڀاٽيه، ”انسان“ مترجم موهن گيهاڻي، ۽ مجموعي ”ساهر ۽ لهرون“ ۾ هڪ ڪهاڻي.

هريشٿڪر پرسائي(هندي) ڪهاڻي:”استري ۽ پرش“ مترجم پيتامبر جوڌواڻي.

(8) ٻين ٻولين جي جن ڪهاڻيڪارن جو ڪهاڻيون ترجمو ڪيون ويون آهن، انهن مان ڪي هي آهن.

ابراهيم (روسي)ڪهاڻي:”زار جي محلات ۾“ مترجم ڪرشن کٽواڻي، ۽ مجموعي ”آخري پريتما“ ۾ هڪ ڪهاڻي.

اوهينري(آمريڪي) ڪهاڻي:”جڏهن پتني پري آهي“مترجمه پوپٽي هيراننداڻي، ”ٻه پاسا“ مترجم جڳديش لڇماڻي، ”عيسيٰ ۽ شيطان“ مترجمه ڪلا پرڪاش .۽ ان کان سواءِ مجموعن ”پياريون باتيون“، ”آخري پريتما “ ۽ ”گل ۽ مکڙيون“ ۾ هڪ ڪهاڻي.

ايديشر ڪپياني(روسي) ڪهاڻي:”هٿ“ مترجم موهن گيهاڻي.

ايمليا جوهان(اٽلين) ڪهاڻي:”واپس“ مترجم لڇمڻ ساٿي.

بالزاڪ(فرانس) ڪهاڻي:”جو ديري“ مترجم رميش ساٿي.

پاچن(چيني) ڪهاڻي”مان جيڪر ڪتو هجان ها“ مجموعي ”گهونگهٽ ۾ گوري چلي“ ۾ ڏنل.

جري مارڪ(زيڪ) ڪهاڻي:”ماءُ جي تمنا“ مترجم گوبند مالهي. چيخوف(روسي) ڪهاڻي:”ڪلا جي مورتي“ مترجم موتي پرڪاش، ۽ مجموعن ”پياريون باتيون“، ”سپون ۽ موتي“، ”گهوگهٽ ۾ گوري جلي“ ۽ رسالي ”نئين دنيا“ ۾ ڏنل ڪهاڻيون.

سگمند مورس (هنگارين)ڪهاڻي”ست پئسا“ مترجم هيمراج.

سمرسٽ ماهم (انگريزي)ڪهاڻي:”سپنو“ مترجم لال پشپ.

سئي-پا-وا (چيني) ڪهاڻي:”ڪتا“ ماهوار رسالي ”نئين دنيا“ ۾ .

صالح حافظ (مصري)ڪهاڻي:”انڌي وشواش جو موت“ مترجم موتي پرڪاش.

فرنيج مورا(هنگارين) ڪهاڻي:”سو سونا سڪا هڪ ضد“ مترجم وشنو ڀاٽيه

ڦينگ سي ڦينگ(چيني) ڪهاڻي:”جنتا جا دوست“ مترجم واسديو نرمل.

گالسوردي(روسي) ڪهاڻي:”همٿ“ مترجم ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ هڪ ڪهاڻي مجموعي”پياريون باتيون، جيون جهاتيون“ ۾.

گورڪي(روسي) مئڪسم گورڪي به سنڌي ٻولي ۽ ادب کي بي حد متاثر ڪيو آهي ۽ سندس ڪيترائي ڪتاب ترجمو ٿي شايع چڪا آهن، پر سندس ڪهاڻيون ڪجهه هي آهن ، ڪهاڻي : ”طوفان ۽ انسان“ مترجم اتم ، ”سرنگهه“ مترجم اتم.”نماءُ“ مترجم ڪمل پياسي، “سزا“ مترجم ڪيرت ٻاٻاڻي ، ”جيسي ۽ پيٽر“ مترجم نارائڻ ڀارتي، ”ڪروڙ پتي“ مترجم گوبند پنجابي.

لايوش جلاهي(هنگارين)ڪهاڻي:”انت يا ڪو واچ جو“ مترجم هيرش.

لوهسون(چيني) ڪهاڻي:”افواهه“ مترجم ڪشور پهوجا.”لغڙ“ مترجم منوهر لال.

موپاسان(فرانسيسي)ڪهاڻي:”سونهن جي ديوي“ مترجم موهن گيهاڻي.”خطاب جي قيمت“، ”هوءِ وري نه آئي“ مترجم ايم سڳن، ”سائمن جو پيءُ“ مترجم بهاري لال. ۽ مجموعي ”پياريون باتيون جيون جهاتيون“ ۾ هڪ ڪهاڻي.

مئڊم دوستو وسڪي (روسي) ڪهاڻي:”هيرو ملي ويو“ مترجم وشنو ڀاٽيه.

مئڪسم رلسڪي(روسي) ڪهاڻي:”پيار“ مترجم ڪرشن کٽواڻي.

نووڪ نودا ڪووچ(يوگوسلاوين) ڪهاڻي:”فرصت به هجي، محبت به ڪجي“ مترجم ارجن سڪايل.

وليم سارويان(آمريڪي)ڪهاڻي:”هوئڻهار هئري“ مترجم گوبند پنجابي.۽ ڪهاڻي”ڪافي ۽ سئنڊوچ“ رسالي نئين دنيا ۾.

هاورڊ فاسٽ(آمريڪي) ڪهاڻي:”سؤ مان“ مترجم هيمراج ناگواڻي.”پنهنجو گهر“ ڦتن پرسواڻي، ۽ مجموعن ”سپون ۽ موتي“، ”آخري پريتما“ ۾ هڪ هڪ ڪهاڻي.

هيوگوجرنسبيڪ(انگريزي) مجموعي ”ساگر ۽ لهرون ۾ هڪ ڪهاڻي.

(9) هند جي سنڌي ڪهاڻيڪارن جن مسلمان ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون ترجمو ڪيون آهن، انهن مان ڪي هي آهن:

اختر معين(ڪشميري) ڪهاڻي:” چوري جو موت“ مترجم ارجن سڪايل، رضيا سجاد ظهير(اردو) ڪهاڻي:”نيري هڙ“ مترجمه سندري.

حميدالله ڀارتي(اردو)ڪهاڻي:”هوءَ هڪ پتورتا“ مترجم رميش ساٿي.

خواجه احمد عباس(اردو) ڪهاڻي”نئون زمانو، نئين زندگي“ مترجم ديال ڀيرواڻي.

سعادت حسن منٽو(اردو)ڪهاڻي:”ڦوجو“ مترجم لوڪ ناٿ، ۽ مجموعي ”گل ۽ مکڙيون“ ۾ هڪ ڪهاڻي.

سراج الدين”شيدا“(اردو)ڪهاڻي:” آزاديءَ جو ڏينهن“ مترجم آءِ-پي- آسناڻي.

سردار جعفري(اردو)ڪهاڻي:”گلينا“ مترجم ڦتن پرسواڻي.

ڪوثر چاند پوري(اردو)ڪهاڻي:” زندگيءَ جي شاهراهه“ مترجم وشن تلريجا.

مظفر پوري(اردو)ڪهاڻي:”هي به هڪ ڪهاڻي آهي“ مترجم ڦتن پرسواڻي.

(10) هند جي سنڌين انهيءَ موضوع تي ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون آهن، جن مان ڪن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:

”انساني جذبو“ (ليکڪ اتم).”خان واهڻ“(ليکڪا ڪلا پرڪاش)؛ هن ڪهاڻيءَ ۾ خان واهڻ جي ياد کي دهرايو ويو آهي .”دستاويز“ (ليکڪ نارائڻ ڀارتي) ”ڏاچي واليان“(ليکڪ نارائن ڀارتي).”رحمون موالي“(ليکڪ موتي پرڪاش).”سنڌو“(ليکڪ آنند گولاڻي).”سنڌو جو روپ“(ليکڪا سندري اتم چنداڻي).”سنڌڙي تنهنجا ڳوٺ وسن“(ليکڪ آنند گولاڻي).”ڪليم“(ليکڪ نارائڻ ڀارتي).هن ڪهاڻيءَ ۾ سنڌ مان لڏي ويل هڪ وطن دوست پنهنجي پياري سنڌ جو ڪليم ڀرائي ٿو، ڪهاڻيءَ ۾ وطن جي حب جو دردناڪ منظر آهي. ”گامڙو“(ليکڪ آنند گولاڻي) هن ۾ گجرات جي هڪ ڳوٺ گامڙو جي ماحول ۾ سنڌ جي ”ڀاڳو ديري“ کي ياد ڪيو ويو آهي.”محمد ٽانگي وارو“ (ليکڪ رام پنجواڻي). ”ممتا“ (ليکڪا سندري اتم چنداڻي).

(11) نئين ماحول ۽ نئين سماج ۾ ملي وڃڻ لاءِ تمام ٿورن ڪهاڻيڪارن قلم کنيو آهي. ان ڪري اهڙين ڪهاڻين جا مثال آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن. ٻه مثال هيٺ ڏجن ٿا:

”انوکو ميلاپ“(ليکڪ ڄيٺانند جادواڻي): هن ڪهاڻيءَ کي مرهٽي ۽ سنڌيءَ کي ڀائي ڀائي ڪري پيش ڪيو ويو آهي.

”نئون سال“ (ليکڪ رام امر لال پنجواڻي)؛ هن ڪهاڻيءَ ۾ جيڪب آباد جي دکي رتنا کي ممبئي جي ماحول ۾ غرق ٿيندي ڏيکاريو ويو آهي.

(12) هن قسم جي ڪهاڻين ۾ ، ڪهاڻيڪار هڪ طرف سنڌي جيون جي ڏکوئيندڙ جهلڪ پيش ڪئي آهي، ۽ ٻئي طرف پنهنجي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ راهه به ٻڌائي آهي. اهڙين ڪهاڻين جا ڪجهه مثال هي آهن:

”ٽي تصويرون“ (ليکڪ لڇمڻ راڄپال): هن ۾ نانڪ جي زندگيءَ جا ٽي رخ ڏيکاريا ويا آهن. 1942ع ۾ جڏهن هو سنڌ ۾ هو ته جوشيلو جوان هو. 1946ع ۾ پيءُ مئس ته ڪٽنب جي بار چيلهه ڀڃي رکيس. 1947ع جي سال وطن جا وڻ ڇڏايس، 1949ع ۾ وري ڀارت ۾ اهو حال ٿيس جو خاڪي نڪر، ڦاٽل لٽن، ۽ اڻڀن وارن سان به سندس ماضي سڃاڻپ ۾ ڪو نه ايندو هو.

”سبز نوٽ جو پاڇو“(ليکڪ سڳن آهوجا): هي سنڌ جي سيتل ۽ رام سروپ جي ڏکوئيندڙ ڪهاڻي آهي، جيڪي تقدير ۽ ليڊرن جي هٿان لٽجي پنهنجي وطن جا وڻ ڇڏي وڃي دلتپور ۾ حياتي بچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.پر سيتل ڪارين ڪوڏين تي عصمت ۽ زندگيءَ جو سودو ڪري اٿي ۽ رام سروپ پاڻ پالڻ جي تلاش ۾ ٻڏي مري ويو.

”سپنو“ (ليکڪ آنند گولاڻي) هن ڪهاڻيءَ ۾ ڀارتي سنڌين جي ماضي، حال مستقبل جي سپنن جي هڪ جهلڪ پيش ڪئ وئي آهي.

”سنڌي جيون ڪهاڻيون“ (ليکڪ چيتن ماڙيوالا): هي ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جنهن م ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ڀارتين جي مسئلن جي هڪ جهلڪ پيش ڪئي وئي آهي.

”مان نئون جنم وٺندس“ (ليکڪ آنند گولاڻي): ورهاڱي کان پوءِ ڀارت ۾، جي سنڌين سان ڪيس ٿا، هن ڪهاڻيءَ ۾ انهن مان هڪ جهلڪ ڏيکاري ٻڌايو ويوآهي ته اتي سنڌين کي پنهنجي وجود بچائڻ لاءِ سروٽي جو جواب پٿر سان ڏيڻ گهرجي.

(13) ٺيٺ نظرياتي قسم جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون ويون آهن، جن مان ڪي مثال هت ڏجن ٿا :

”اٺ سؤ اکيون“ (ليکڪ گوبند مالهي)،”اسٽرائيڪ“ (ليکڪ لڇمڻ راڄپال)”افق وٽ“ (ليکڪ رامداس): هن ۾ مصيبت ماريل ڪارخانن ۾ پسجندڙ مزدورن جي حالت جي هڪ جهلڪ پيش ڪئي وئي آهي.

”ترس! ايندو محبت جو زمانو“ (ليکڪ ڪيرت ٻاٻاڻي) : هي ڪهاڻي پريم جي بکايل انسانن لاءِ آٿت مثال آهي.”پيريءَ جو توشو“ (ليکڪ اتم ) . ”چريو“ (ليکڪ آنند).”روشن مستقبل“ (ليکڪ ڪشور پهوجا): هن ڪهاڻيءَ ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته محبت ئي عقيدن کي بدلائڻ جو مکيه ذريعو آهي،ڪيئن نه چندر انقلابي دوست جي صحبت ۾ مارڪسوادي سوچ قبولي ٿو.

”زندگي ۽ موت“ (ليکڪ ڪرشن کٽواڻي) : هن ۾ بنگال ۾ ايندڙ تبديليءَ جي جهلڪ پيش ڪئي وئي آهي.”شردا جا ڦول“ (ليکڪ ڪيرت ٻاٻاڻي): هي انهيءَ نظرياتي مارئي جي ڪهاڻي آهي، جيڪ پنهنجو انت ته آڻي ٿي، پر رسم و رواج جوقيد نٿي قبولي. ”قافلو وڌندو رهيو“ (ليکڪ اتم)”ڪامريڊ“ (ليکڪ لڇمڻ راڄپال): هيءَ انهيءَ عام انسان جي ڪهاڻي آهي، جنهن کي وقت ۽ حالتون سراپا انقلاب بڻائي ڇڏين ٿيون. ”گيت“ (ليکڪ ڪرشن کٽواڻي):هيءَ انهيءَ عورت جي ڪهاڻي آهي، جيڪا تن بدران من کي سينگاري ٿي.”لال آفت“ (ليکڪ ڪنعيا لعل/ نارائن ڀارتي) انهيءَ بدنصيب نئين نسل جي ڪهاڻي آهي، جن کي رڳو انهيءَ ڏوهه ۾ جيل ۾ وڌو ويندو آهي ته هو لال پوش وارا ڪتاب پڙهندا آهن.”مان سوچيندو آهيان“ (ليکڪ سڳن آهوجا).”مائي باپ“ (ليکڪ سڳن آهوجا).”محمد رام“ (ليکڪ ڪيرت ٻاٻاڻي): هن ڪهاڻيءَ ۾ مذهب جي تشريح پيش ڪئي وئي آهي.”نوان پورهيت“ (ليکڪ ڄيٺانند تاب).”هوءَ موٽي آئي“ (ليکڪ گوبند مالهي) .

(14) هن موضوع تي به ڀارتي سنڌي ڪهاڻيڪارن ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون آهن. ڪجهه مثال هت ڏجن ٿا.

”پرڀا ۽ ڪرانتي“ (ليکڪ ڪي – ايس- ٻالاڻي): هيءَ وڌوا جي مسئلن تي روشني وجهي ٿي.

”پاپ جو گهڙو“ (ليکڪ گوبند مالهي): هيءَ زوري شادي ڪرائڻ واري مسئلي تي لکيل آهي.

”پتني ۽ فرض“ (ليکڪ لعل پشپ): هن ۾ زال ۽ مڙس جي حقن ۽ فرضن جي جهلڪ ڏني وئي آهي.

”سرتين جي ڪڙي“ (ليکڪ گورڌن تنواڻي): هن ۾ شڪي مڙس۽ مظلوم عورت جو داستان ٻڌايو ويو آهي.

”سوکتي“ (ليکڪ لوڪ ناٿ): هيءَ عورت ذات جي ممتا پڻي جي ڏکوئيندڙ تصوير آهي .

(”پيغام“ ، ڪراچي ، مارچ / اپريل 1983ع)

 

 

Menu
Go to top